3. سُر“کنڀات” جو فلسفو
هي شاھ جي رسالي جو محبت سان مالامال ۽ مخموري سُر آهي، البت ڪٿي ڪٿي حقيقت جا جلوا به جرڪندي نظر اچن ٿا. مثلا؛ “ڀلا، ڀلائيءَ پانهنجي، ڀلا ئي آهين ”. يا “جھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين ”.
ڀٽائي صاحب هن سُر ۾، چوڏهينءَ جي چنڊ ۽ چانگي سان، گھڻائي عاجزين وارا ڏوراپا ۽ ڏک اوريا آهن. پاڻ چنڊ کي چون ٿا “اي چنڊ ! جي تون مٿي چڙهي ٿواچين، ته اسان ۽ پرين جي وچ ۾، وڇوڙو ٿو وجھين. ” “چنڊ ! چٽائي تنهنجي، سهائيءَ مون سُور. ” “قمر ! ڪارو نانگ، توکي کائي ڪڏهين”. “چنڊ ! مَ اُڀر سنجھ، ته اُونداهيءَ اجھو ڪريان”.
آيو چنڊ چڙهي، چاريءَ جو چيو ڪري،
بيٺو اُتِ اڙي، جِتِ ڏٺائين پرينءَ کي.
ڀٽائي صاحب، اُداس البيلي عاشق جي پاران، چانگي کي منٿون ۽ ايلاز ڪندي چوي ٿو“ اي اُٺ ! مون کي ايئن کڻي هل، جو اڃان رات بيٺي هجي، ته هُتي هلي، مٺڙي محبوب سان ملون ”. “ايئن اُٺ ! اُٺاءِ، جيئن هُونديءَ رات ھُتِ مڙون ”. “ ميا ! تو مهار، سڄي پايان سونَ جي ”. “ ڪرها ! اسان ساڻ، ڪي چانگا ! ڪِج چڱائيون ”.
اڄ منهنجي ڪرها ! ميا ! مڃ منٿ،
جھاڳيندي جھرپٽيون، متان ڪريين ڪٿ!
سُپيريان جي سٿ، مون کي نيئي ميڙيين.
هندوستاني موسيقيءَ جي روايت م “کماچ” 7 “سنڌ” جي سنگت سان، سنڌ ۾ نئين “کنڀات راڳني” وجود ۾ آئي. جنهنکي هندوستاني ڳائيندڙن “سنڌ کماچ” ڪري سڏيو. “کنڀات” شاھ جي رسالي جو ٽيون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 96 بيت، 08 وايون ۽ 05 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون نمبر بيت “ پيشانيءَ ۾ پِريَنِ جي، ڀلائيءَ جا ڀير ” ۽ آخري وائي “ توڻي تڙين تُون، تو در توءِ نه ڇڏيان ” آهي،
[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
هينئڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي هُوندم هير ؟
اچي لالڻ ! نه ڏيين، مٿي پلنگن پير !
ٿي ورونهڻ وير، ڳُجھ ڳرهيان ڪَنِ سين؟
من ۾ محبوب مٺا ياد آيا، هينئر، هن وقت هوندا ته الاءِ جي ڪٿي ؟ اي منهنجا لال پرينءَ ! تُون اچي نه ڏيين، پلنگن تي پنهنجا پدمڙا پيرڙا، هيءَ ڳل لڳي ڳالهيون ڪرڻ جي مهل آهي، دل جا راز ٻيو ڀلا آئون آخر ڪنهن سان ويهي اوريان ؟
اڄ پُڻ اڇائي، چوڏهينءَ ماھ چنڊ جي،
مون ڏونهن مون پِريَنِ جي، اچڻ جي وائي،
مون گھرِ واڌائي، پيئي کام کرنِ ۾،
مهيني جي چوڏهينءَ رات جي ڪري، اڄ اڃان وري وڌيڪ چانڊوڪيءَ آهي، مون ڏانهن منهنجي محبوب پِريَنِ جي، اڄ اچڻ جي وائيءَ ۽ پچار پيئي هلي. منهنجي گھر ۽ اڱڻ تي، مبارڪون پيون ملن، رقيبن جي دل ۾، ساڙ ۽ حسد شروع ٿي ويو آهي،
ڪرها ! ڪسر ڇڏ، وک وڌندي پاءِ،
منهنجو هلڻ اُتهين، جتي جانب جاءِ،
توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻي کاءِ،
اِيَهين اُٺَ!اُٺاءِ، جئن هُونديءَ راتِ هُتِ مڙون.
اي البيلا اُٺ! اِها ڀڳل دل واري وک کڻڻ ڇڏي ڏي. تيز، تکي ۽ تڪڙي تڪڙي وک کڻ، منهنجي هلڻ جو ارادو اڄ اتي آهي، جتي منهنجو سُهڻو سڄڻ رهي ٿو، تو هڪڙي کي، آئون چندن جون سُرهيون چوٽيون چاريان، ٻيو سمورو وڳ ڀلي پيو کاري لاڻي کائي، اي البيلا اُٺ! مون کي ايئن کڻي هلي رساءِ، جيئن راتو رات هلي، هُتي مٺڙي محبوب سان ملون،
ڪرهي کي ڪئين، وڌمِ پينڌ پلڻ جا،
ليڙو لاڻيءَ کي چري، نير ساڻ نئين،
چانگي سندي چِتَ ۾، صاحب! وِجھ سنئين،
اوباهيوسِ ائين، لُطف ساڻ لطيفُ چئي،
ڪرهي کي قابو ڪرڻ جي لاءِ، سندس پيرن ۾، مون ڪيترائي ڏکيا ڏانوڻ وڌا، اهو چريو ڀورو چانگو، سنگھرن سوڌو وڃيو کاري لاڻي کائي ٿو. اي الله پاڪ ! (اي سچا صاحب !) هن منهنجي ميي جي من ۾، ڪا سنئين، سڌي ۽ سُريلي سوچ سمجھ وجھُ، سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ پنهنجي خاص لطف ۽ ڪرم سان، هن کي سالم سوچ ڏيئي، اوهين سُرخرو ڪريو،
ميي ماڳائي، وڌو وات ولين کي،
خبر کيٽ ڌڻين ٿي، وِڏوڻا واهي،
ڪرهي ڪاڪت ڇڏي، وَرِيَسِ نه وائي،
چانگي چريائي، ويئي ويچاري وسري.
منهنجو مٺڙو ميو، ماڳ کان ئي، (شروع کان ئي) انهن پَراينِ ولين ۾ وات وجھڻ سکيو آهي، (پرايون وليون چِنيون اٿس) جڏهن خبر پيئي پوک ڌڻين کي، تڏهن (سنڀاليندڙ) گھڻو ڪاوڙيا ۽ ڏاڌو ڏمر ڪيائون، پوءِ ته البيلي اٺ کان لڪڻ ۽ ڀڄڻ جي طاقت ئي ڇڏائي ويئي، ڪنهن کي سڏ ۽ پُڪار به ڪري ڪونه سگھيو، ان منهنجي ميي ويچاري کي، من مستي ڪرڻ ۽ جان بچائن جي، پوءِ ته ٽل به وسري ويئي،
اهڙيءَ ريت شاھ جي رسالي جو ٽيون نمبر سُر، سُر “کنڀات ” محبتي ميا سان مالامال ۽ عاشقانه التجائن سان آراسته، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو، جنهن مان ڪيتريون ئي دکايل دليون، سراسر سيراب ٿين ٿيون ۽ سُڪون حاصل ڪن ٿيون،