لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
  • 4.5/5.0
  • 2005
  • 581
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر 128
[b]حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
[/b]
ڪتاب جو نالو: شاھه لطيف جا ڇٽيهه سُر
موضوع: تعارف ۽ فلسفا
محقق ۽ شارح: استاد لغاري
ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2018ع
ڪمپوز ۽ لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ
ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس ويجهو دُوابا پوليس لائين، گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966

مُلهه: 300 روپيا

[b]ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
[/b]www.sindhsalamat.com


SHAH LATIF JA CHATIAH SUR
(Introduction and philosophy)
Researcher By : Ustad Laghari
Sambara Publication Hyderabad
03003513966

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاھ لطيف جا 36 سُر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ڪيڪرِي ڪَنڊن، ڪوڪن جي نوڪن ۽ ڪِرچُون ڪِرچُون شيشن جي نالي.
جن تي اُگھاڙين پيرين ادبي سفر ڪندي، مون پوئتي مُڙي، اهو ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو آهي، ته منهنجن پيرن مان ڪيترو خُون وُڙهو آهي! پر ماڻهو آهن، جيڪي منهنجن ادبي راهن ۽ رستن تي، ڪنڊا، ڪوڪا ۽ ٽُٽل شيشا، مسلسل اُڇلائيندا ٿا اچن ۽ آئون آهيان، جيڪو اڃان تائين، اُهي لتاڙيندو، رت ورتو ٿيندو ۽ نوان نوان ڪتاب لکندو ٿو اچان.

پبلشر نوٽ

لطيفي فلسفي سان عميق عشق جون ڪٿائون جتي محدود پنن تي پٿارڻ ممڪن ناهن، اتي انساني صحيفن جا راز پروڙڻ به ايترو سولو ناهي، شاهه لطيف جي شاعري، شخصيت ۽ پيغام کي نسل در نسل رسائيندي لطيف سرڪار جا انيڪ پارکو، شارح، محقق ۽ شائق پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جا حسين ڏينهن ۽ راتيون وقف ڪري ڇڏڻ کي پاڻ لاءِ خوشقسمتي سمجهن ٿا. ايئن ئي ڀٽائيءَ جي رچنائن جي گهرائي ماپيندي استاد لغاري نه ڄاڻ پنهنجي وجود ۾ڪيترين صدين جو ٿَڪ سموئي اڃان به منزل رسائي جي اميد کي هٿان وڃائڻ ناهي ڏنو، ان کان وڌيڪ استاد لغاري جي لطيف سرڪار سان عشق جي انتها ٻي ڪهڙي چئجي جو سندس هر گذرندڙ ڏينهن لطيفي لات جي ورد سان سرشار ٿي سندس شاعريءَ جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کي اڀارڻ جي جستجو ۾ نمايان طور سامهون اچي ٿو، موجوده دور ۾ لطيفيات تي جيتري جاکوڙ ۽ کوجنا استاد لغاري جي قلم ذريعي نمودار ٿي ڪتابي صورت ۾ پڌري ٿي آهي، شايد ڪنهن شاهه جي دعويدار محققن ۽ شارحن اهڙا جتن ڪيا هجن.
لطيف شناس محقق ۽ شارح سائين استاد لغاري روايتي ۽ حسد ڀري تنقيد کي درگذر ڪري پنهنجي فقرائي طبيعت سان وت آهر لطيفيات جي مڙني رخن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري سفر تي ساڳئي عشق ۽ عقيدت سان نڀائيندو پيو اچي، اهوئي سبب آهي جو سندس لطيفيات جي موضوع تي تيرنهن تصنيفون نه فقط سنڌي ادب جي جهول ۾ بي بها موتين جي صورت ۾ چمڪنديون رهنديون پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ ڪردار سان بي پناهه محبت ۽ اُنسيت رکندڙ عشاقن لاءِ به سرير ۾ سموئڻ جهڙيون سوکڙيون ثابت ٿينديون، توڻي جو استاد لغاري جهڙا ڪردار اسان جي معاشري ۾ بنهه گهٽ ۽ نه هئڻ جر برابر آهن پر افسوس پوءِ به الائي ته ڇو قدرشناسي واريون اکيون کين ڏسڻ کان غافل آهن، يقينن استاد لغاري جو قلم ڪڏهن به نه ٿڪبو. سمبارا پبليڪيش پاران استاد لغاري جي شاهه جي رسالي جي ڍاٽڪي ترجمي کانپوءِ سندس هيءَ ٻي سوکڙي بعنوان” شاهه لطيف جا ڇٽيهه سر“ شايع ڪندي دلي مسرت محسوس ڪجي ٿي.

[b] ساجد سنڌي
[/b] سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

مهاڳ: ڳالهيون پيٽ ورن ۾...

[b]پهرين ڳالھ.
[/b] هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.
واضح رهي ته “لطيف شناسيءَ” تي ڪيل منهنجو هر هڪ ڪم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي، شاھ جي رسالي تي ڪيل تحقيق کان شروع ٿئي ٿو. يعني منهنجي تحقيق، تخليق، ترتيب، تشريح توڙي ترجمي جو، پهريون ڏاڪو ۽ بنياد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقي جلد نمبر 8/9 جو، مون سرائيڪي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو هو، جنهن کي پاڻ ڏاڍو پسند ڪيائون ۽ ان رسالي جي مهورت به پنهنجن مبارڪ هٿن سان ڪرڻ فرمايائون. ان کان پوءِ، مون جيڪو شاھ جي رسالي جو، آخري رنگين قلمي نسخو، ڇهن رنگن سان، ڇٽيهن سُرن تي آڌاريل ويهي لکيو آهي، اُهو به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي 2009ع واري، سڄي سموري صحيح رسالي کي آڏو رکي لکيو آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي، ته هن ڪتاب ۾ شامل معلومات، بيتن، واين، داستانن ۽ سُرن جو تعداد ۽ بيهڪ وغيره ڏيکارڻ به، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق ئي آهي. هتي هڪ دفعو وري، اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ته منهنجي ترتيب ڏنل وڏي ( واحد) رسالي جي مقدمي ۾، صفحي نمبر 6 تي، واشگاف، عالمِ آشڪار ۽ ڪِليئر ڪٽ لفظن ۾ لکيل آهي ته “ هن رسالي ۾ شامل ڪلام بابت، منهنجي پنهنجي ڪا به خواهش يا تحقيق شامل نه آهي، ان لاءِ ڏسڻ گھرجن ڊاڪٽر بلوچ صاحب وارا تحقيقي جلد نمبر 8 ، 9 ۽ 10 ”. پر پوءِ، “ نيڪ ني نيڪ، اور بد ني بد جانا مُجھي، جس ڪا جتنا ظرف ٿا، اُس ني اُتنا پهچانا مُجھي”.

[b]ٻي ڳالھ.
[/b] منهنجي طرفان، شاھ جي رسالي جا لکيل منظوم ترجما، رنگين قلمي نسخا، تشريحي، تخليقي، تحقيقي ۽ ترتيبي نسخا ڏسي، ڪن مشفق مهربانن کي شڪ پيدا ٿيو ته، “هي ماڻهو اسان جهڙن اديبن کي ڪراس ڪري، اڳتي نڪري ويندو”. اهو ظرف ذهن ۾ رکي، انهن منهنجي خلاف، اخبارن جا قيمتي ڪالم ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا. خاص ڪري سنڌ جي هڪ وڏي ۽ مشهور اخبار، منهنجي خلار ڌُر بنجي بيٺي. جيڪو به ماڻهو منهنجي خلاف لکي پيو، ته اُها اخبار، ان کي فورن باڪس ڏيئي، شاندار نموني سان شايع ڪرڻ لڳي.
آئون پاڻ تي لڳل اهڙن اجاين الزامن جي جواب ۾ ۽ صفائيءَ ۾، جيڪا به مدلل وضاحت لکي، ان اخبار کي موڪليان پيو، ته اها اخبار، منهنجي ان وضاحت کي ڪُلي طور تي نظرانداز ڪندي رهي. ماڻهن ۾ هاهاڪار مچي ويئي، ته “ تون وضاحتي بيان ڇو نٿو جاري ڪرين؟ شايد واقعي ئي تون چور، چور جو پُٽ آهين!” آئون ان اخبار جي جانبداري ۽ بي حسيءَ تي حيران ۽ دنگ رهجي ويس.
اخباري ادارن تي به ڪي صحافتي، اخلاقي ۽ قانوني ذميواريون عائد ٿينديون آهن. اخباري فرضن تي، اها ڳالھ قطعي طور لاڳو ٿيندي آهي، ته هڪ ماڻهوءَ جي خلاف لکيل آرٽيڪل جي جواب ۾، ٻئي ماڻهوءَ جو موقف به ضرور ڏيکارڻو پوندو آهي. نه ته اخبار جي صحافتي ذميواري ۽ غير جانبداري متاثر ٿيندي آهي. ليڪن ان اخبار، منهنجي موقف ڏيکارڻ کان ڄڻ قسم کڻي ڇڏيو. آخرڪار منهنجو ۽ منهنجن دوستن جو رابطو، ان اخبار جي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر صاحب سان ٿيو، جن کي اسان سموري صورتحال کان آگاھ ڪيو. ان کان پوءِ، ٻئي ڏينهن تي، منهنجي لکيل مدلل آرٽيڪل جو صرف چوٿون حصو شايع ڪري، ان اخبار پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي.
اخبارن بابت جانبداريءَ جا قصا، گھڻو اڳ ٻُڌندا هئاسين، پر ان اخبار منهنجي خلاف جيڪو نيچپڻي جو مظاهرو ڪيو، ان جو اهو ڪردار، آئون ڪڏهن به وساري نه سگھندس. اُها اخبار، اڄ به منهنجي لکيل ڪنهن به مضمون، مقالي يا آرٽيڪل کي، پاڻ وٽ جڳھ نه ڏيندي آهي، ڇو جو اها اخبار، پنهنجي پاڻ کي صحافتي ذميوارين کان مُبرو ۽ آجو سمجھي ٿي. آئون دعاڳو آهيان، ته “ شال! ان اخبار جي اَنا، وڏائي ۽ جانبداري قائم رهي، منهنجي لاءِ اخبارون ٻيون به گھڻيون!”.

[b]ٽين ڳالھ.
[/b] هي جيڪي وڏا وڏا دبنگ ۽ نام ڪٺيا سنڌي اديب آهن، اهي سڀيئي هڪٻئي جا دوست ۽ ساٿاري آهن. اهي غريبن، مسڪينن ۽ ننڍڙن ننڍڙن نون اديبن، شاعرن ۽ سگھڙن کي، مٿي اچڻ کان روڪين ٿا. انهن جا پير ڪڍن ٿا ۽ انهن کي اڳتي ايندي ڏسڻ پسند نٿا ڪن. اديبن جو هڪ خاص طبقو ۽ گروھ آهي، جيڪو پنهنجي پاڻ کي، ملڪي ( وفاقي ) ليوَل تي پيش ڪري ٿو ۽ واري واري سان صدارتي ايوارڊ وٺي ٿو. اگر ڪو ٻيو ورڪر ڪلاس جو ماڻهو ۽ اديب اُڀري ٿو، ته ان جي خلاف ڪات ڪُهاڙا اُڀا ڪيا وڃن ٿا. ان جي ڪتابن جا احوال ۽ انهن جون داخلائون، “ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا” جهڙن تاريخي جلدن ۾ به شامل نه ٿيون ڪيون وڃن. جهڙي ريت، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي، شاھ جي رسالن تي آڌاريل جلد ڏهين ۾، ترجمن واري ڀاڱي ۾، منهنجي سرائيڪي ڪتاب “ شاھ دا رسالا” کي شامل ناهي ڪيو ويو. قلمي نسخن واري ڀاڱي ۾، منهنجي آخري لکيل رنگين قلمي نسخي کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ شرح لکيل شاندار شاھ جي رسالن جي احوالن ۾، منهنجي سِٽ وار سمجھاڻيءَ سان لکيل، شاھ جي رسالي جي احوال کي به هاسيڪار ( بلڪه بدنيتي ذهن ۾ رکي ) شامل نه ڪيو ويو آهي. ڇو جو اهي رسالا، مون مسڪين جي تخليقي، تحقيقي، تشريحي، ترجماتي ۽ ترتيبي محنت جو، تاريخي ۽ اڻ مٽ ثمر آهن.
اڳي، حسد انسان کي اُڏوهيءَ وانگر، اندرو اندر کائيندو رهندو هو، پر هاڻي اهو حسد، ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري پيو آهي. جيڪو پاڻ سان گڏوگڏ، ٻين به سمورن عالمن، اديبن ۾ محققن کي، سرِ عام ساڙي ۽ ڀسم ڪري رهيو آهي. نفرت جِي باھ جو هڪ درياھ آهي، جيڪو علم دوست ۽ ادب شناس انسانن کي، سُڪل ڪاٺين وانگرساڙي، ڪوئلو ۽ ڪيرِي ڪندو پيو وڃي.
ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ صاحب، منهنجي منظوم ترجمو ڪيل شاهڪار ڪتاب، “ شاھ دا رسالا ” جي مهورت ڪري رهيو هو. ان منهنجي تاريخي ترجمي بابت، محترم ع ع لغاري صاحب اڌ ڪلاڪ جي تقرير ڪئي. هو پنهنجي تقرير دوران، منهنجي انهيءَ ادبي پورهئي ۽ اوجاڳن جي، سخت لفظن ۾ مذمت ۽ نندا ڪندو رهيو. تقرير دوران، محترم قلندر شاھ لڪياري صاحب جن کيس روڪيندي چيو، ته “ ڇوھ ڇنڊڻ بند ڪر! توکي هن ترجمي بابت جيڪي به اعتراضات آهن، اُهي لکت ۾ ڏي، اسان انهن کي شايع ڪرائينداسون”. پر پاڻ ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنائون، ڳالهائي، ڳاهي، لتاڙي، هڻي وڃي هنڌ ڪيائون. ليڪن “شاھ دا رسالا” بابت، هڪ لفظ به همت افزائي ۽ تعريف جو ڪو نه ڳالهايائون ۽ اسٽيج تان لهي هليا ويا.
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
مون ڀانئيو تنهين وير، هي ڪوجھي ڪندو پريڙي.
اهو ڏينهن اڄ ڏينهن، هُن همراھ جيڪا ڪلايل ڪاتي اُڀي ڪئي، اُها وري واپس هيٺ رکي ناهي. اُن جي ٻين، ٻن ساٿين به هن کي جيڪو سهڻو ساٿ ڏنو، اُهو به ڪنهن کان ڍڪيو ڇپيو ڪونهي. هاڻي منهنجو هر هڪ ادبي پورهيو ۽ ڪم، ڄڻ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جي چوري آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪا پوک پوکي ويو آهي، هي ڄڻ اُن جي لاءِ، لٺ ۽ لوڙهو آهن ۽ آئون ڄڻ اُن لوڙهي مان لوگھو ٺاهي، اُن جي مسلسل چوري ڪندڙ آهيان.

[b]چوٿين ڳالھ.
[/b] سنڌي لئنگئيج اٿارتي جو هڪ ملازم، رٽائر ٿيندي ٿيندي، “ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ” جي جلد نمبر ڏهين مان، منهنجن تحقيقي، تخليقي، تشريحي، ترجماتي، ترتيبي توڙي قلمي رسالن جي احوالن کي، ٻاهر ڪڍي، انهن کي اڇلائي هليو ويو. فقط هڪڙي ترتيبي شاھ جي رسالي جي احوال کي ان ۾ شامل ڪري، ان جي آخر ۾ لکي ويو ته “ گل محمد عمراڻي ۽ ٻيا اديب چون ٿا، ته استاد لغاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جِي تحقيق جو چور آهي”. اهو رٽائر ٿيندڙ ملازم، منهنجو اهڙو ته پيارو ۽ ڀروسي وارو دوست هيو، جو مون هڪ شاندار شاھ جو رسالو، سندس ئي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. پر پاڻ ويندي ويندي، منهنجي محبت جو جواب، اهڙي انداز سان ڏيئي ويو، جو جنهن لاءِ، ڪنهن شاعر چيو آهي، ته “ دشمن نه ڪري ڪام، جو دوست ني ڪيا هئي”. آئون پورا پنجاھ سال، لفظ “ منافق ” جي معنيٰ کي، ڳوٺ ڳوٺ ڳوليندو رهيس، پر مون کي ڪٿان به هٿ نه آئي. سنڌي لئنگئيج اٿارتي جي هڪڙي ملازم ۽ اديب، پنهنجي عمل ۽ ڪردار وسيلي، مون کي هڪ منٽ ۾ سمجھائي ڇڏي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو اهو ئي ساڳيو رٽائر ٿيندڙ ملازم ۽ اديب، ان وقت “ مفصل سنڌي لغت” جي لاءِ، ايڊيٽري جا فرائض به سرانجام ڏيئي رهيو هو. هن موصوف “ مفصل سنڌي لغت ” ۾، شاھ جي گنج کان وٺي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ صاحب تائين ۽ جھمٽ مل خوبچند ڀاوناڻيءَ کان وٺي، محمد قاسم راهمون ساڪري صاحب ۽ استاد امير علي خان مڱڻهار تائين، شاھ جي رسالي جي هر هڪ مرتب نگار ۽ محقق جو نالو، حوالي طور شامل ڪيو. توڙي جو منهنجن رسالن ۾، شاھ جي ڪلام جون لغتون ۽ معنائون موجود آهن، پر منهنجي ڪنهن هڪ به رسالي کي، ان ۾ حوالي طور شامل نه ڪيائين.
جڏهن اهڙي اَنياءُ ۽ انڌير جي خلاف، اٿارٽي جي چيئرمين صاحب کي لکت ۾ درخواست ڏني ويئي، ته پاڻ واعدو ڪيائون، ته “ انسائيڪلو پيڊيا جي ايندڙ جلد ( نمبر يارهين ) ۾، اوهان جي ڪُل ٽوٽل ڪتابن ۽ رسالن جي احوالن کي ضرور شامل ڪيو ويندو. بلڪه اوهان جي خلاف داخل ڪيل شيطاني فقري کي به، ان مان حذف ڪيو ويندو”. ۽ پوءِ جڏهن جلد يارهون آيو، ته ان ۾، منهنجي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي جو احوال شامل ڪو نه هيو.

[b]پنجين ڳالھ.
[/b] منهنجو ڪو به ڪتاب يا شاھ جو رسالو، اڄ ڏينهن تائين، ڪنهن به سرڪاري پبلشرز اداري شايع ناهي ڪيو. مثلا؛ ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ، شاھ لطيف چيئر ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وغيره. جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ هيءَ ته “آئون انهن ادارن جي مٿان مقرر ماڻهن جو دوست نه آهيان” ۽ ٻيو هيءَ ته “ آئون وڏو ماڻهو نه آهيان”.
حوالو نمبر؛ ڊي جي/سي ڊي 814 / book – 15 – 1 / 2014 ، تاريخ 15-7-2014 ع موجب، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ، مون کان “ شاھ جو رسالو__سِرائيڪي ”جو، شاھ مُکي لپِيءَ ۾ ڪنورٽ ڪيل، اصل مسودو گھرايو هو. ليٽر ۾ لکيو هئائون ته “ اسان هي رسالو ترت شايع ڪرڻ چاهيون ٿا”. ان ليٽر جي روشنيءَ ۾، مون فورن مسودو موڪلي ڏنو. ان بعد، اداري جي سيڪريٽري صاحب کي، هر ڇهين مهيني، معلومات وٺڻ جي لاءِ، آئون فون ڪندو آهيان، ته اردو ٻوليءَ ۾ ڪو شخص چوندو آهي “ صاحب ميٽنگ ۾ هئي”. اهڙيءَ ريت ڪيترن ئي سالن کان وٺي، صاحب اڃان تائين، مسلسل ميٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ منهنجو ان سان رابطو ٿي نه سگھيو آهي. ان ڪري منهنجو منظوم ترجمو ڪيل ڪتاب “شاھ جو رسالو_سرائيڪي”، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پليٽ فارم تان، اڃان تائين شايع ٿي نه سگھيو آهي. اگر اهو منهنجو رسالو، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران، منهنجي مرڻ کان پوءِ شايع ٿيو، تڏهن به آئون ايئن سمجھندس ته “مون کٽيو”.
ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ، شاھ لطيف چيئر ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، اسان جا عظيم ادارا آهن. اهي ادارا جن عظيم مقصدن خاطر قائم ڪيا ويا هئا، اُهي مقصد انتهائيءَ اهميت جا حامل هئا. ليڪن آهستي آهستي، انهن ادارن کي، سياسي اُڏوهي کائڻ شروع ڪيو. اُن بعد، اُنهن ادارن جي مٿان، سياست جا ڪارا ڪاريهر ۽ نيرانا نانگ مقرر ٿيندا ويا. جن انهن ادارن کي، پنهنجن پيچدار ور وڪڙن ۾ وڪوڙڻ شروع ڪيو. هاڻي ته اُهي اُڏوهيون ۽ نيرانا نانگ به نڪري ويا آهن. اسان جي انهن مقدس ادارن جي مٿان، هن وقت راڪاس برڙ باڪاس قبضو ڪري ويا آهن، جن کي اها خبر ئي ڪانهي، ته سنڌي لوڪ ادب ۽ لطيف شناسيءَ تي، هن وقت ڪير ڪير ڪم ڪري رهيا آهن؟ جن کي همٿائجي ۽ انهن جا شاهڪار شايع ڪرائجن. بس! انهن کي فقط هڪڙو ئي فڪر فنا ڪيو ٿو وڃي، ته “ ڪهڙو ماڻهو اسان جو يار آهي؟ ۽ ان جو ڪتاب ضرور شايع ڪرڻو آهي!” ۽ ٻيو هيءَ ته “ ڪهڙا ڪهڙا فنڊز، ڪٿي ڪٿي ڏيکارڻا آهن؟”۽ ٻيو بس!

[b]ڇهين ڳالھ
[/b] منهنجو جڏهن به ڪو نئون ڪتاب شايع ٿيندو آهي، ته ڀَونتريُون ڀرڙاٽ، ڦُوسيُون ڦرڙاٽ ۽ ٽِٽِڪُٽڻيُون ٽرڙاٽ ڪنديون آهن. هڪٻئي کي چونديون آهن، ته “ استاد لغاريءَ هي هي غلطيون ڪيون آهن، مون فلاڻي چُڪ پڪڙي ورتي آهي ۽ هي ڪتاب غلطين سان ڀريو پيو آهي” وغيره وغيره”. هو پنهنجي پاڻ کي، سقراط ثاني، افلاطون جو استاد ۽ رُوميءَ جو رهبر سمجھنديون آهن. آئون اهڙيءَ ريت، سدائين جھنگلي جيتامڙن جون ٻوليون ۽ گٽرن ۾ گڏ ٿيل، ڪِنِي ڪَسِيءَ جي ڪِيڙن جِي ٻُلڪاٽ ٻُڌندو آهيان ۽ وري نوان نوان ڪتاب لکي، انهن کي وري ويتر وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو آهيان.
نتيجو
مٿي ڏيکاريل ڇهن ڳالهين کان پوءِ، هي نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو، ته “سنڌي ادب ۾، پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جي لاءِ، وڏي ويڙھ ۽ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. سنڌي ادب ۾ مٿي ويٺل، مها مانگر مڇن، بُکايل بگھڙن ۽ برڙ باڪاسن سان، باقاعده جنگ جوٽڻي پوي ٿي. نفرت، حسد ۽ بُغض جِي باھ جو هڪ درياھ آهي، جنهن ۾ ٽُٻيءَ هڻي، هُن پار پهچڻو پوي ٿو. نه ته ماڻهو، پنهنجو حقيقي ۽ مانائتو مقام قطعي ڪو نه ٿو ماڻي سگھي”.
يي عشق نهين آسان ، بس اتنا سمجھ ڊالو،
اِڪ آگ ڪا دريا هئي، اور ڊُوب ڪي جانا هئي.

علم جو خادم

[b] استاد لغاري
[/b] پوسٽ آفيس کپرو، وايه ميرپورخاص سنڌ.
03332888300 / 03453721300
ustadlaghari333@gmail.com
02 سيپٽمبر 2018ع

1. سُر“ڪلياڻ”جو فلسفو

دنيا جي ڪيترن ئي عالمن، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ رسالي کي، سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ ان کي آسان بنائڻ جي لاءِ قلم کنيو آهي. ان سلسلي ۾اسان اڄ شاھ جي رسالي جي سُر“ڪلياڻ” جو تعارف ۽ ان جي ڪن به چئن بيتن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اُميد ته شاھ جي رسالي جا شيدائي ۽ طالبِ علم اُن مان چڱو چوکو لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ اسان کي پڻ دُعاءِ خير ۾ ياد رکندا.

[b]سُر“ڪلياڻ”
[/b]“ڪلياڻ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي خير، سُک ۽ من جو قرار.
هي شاھ جي رسالي جو وحدانيت وارو سُر آهي، هن سُر سان، شاھ جي رسالي جي ٻين سُرن بابت، فڪر، فهم ۽ فراست جا دروازا کُلن ٿا. جن ۾ شاھ صاحب، وحدت ۽ ڪثرت جو مسئلو، صوفياني طريقي سان سمجھائڻ ۽ سُلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن سُر ۾، الله پاڪ جي وحدانيت ۽ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم جن جي رسالت سان گڏوگڏ، ٻين به ڪيترن ئي نقطن تي پُڻ بحث ٿيل آهي. جهڙوڪه ابتدا ۽ انتها، احد ۽ احمد، اڏي ۽ سِر، الف۽ ميم، بود ۽ نابود، ٻُڪيءَ ۽ ٻاجھ، ٻيلپ ۽ ٻيائي، پتنگ ۽ پروانو، پچڻ ۽ پچائڻ، پريت ۽ پريتڻو، ڄيرو ۽ ڄڀيءَ، خدا ۽ خوديءَ، درد ۽ دارونءَ، دوئيءَ ۽ دليل، راز ۽ رمزون، روميءَ ۽ رهاڻيون، سُجود ۽ وُجود، سچ ۽ مچ، سڏ ۽ پڙاڏو، سُرڪيءَ ۽ سڌ، سسيءَ ۽ ساھُ، سڪڻ ۽ سُور، سُوريءَ ۽ سيڄ، شرڪ ۽ شيطان، صورت ۽ سونهن، صوفي ۽ لاڪوفي، طالب ۽ مطلوب، عاشق ۽ معشوق، عبد ۽ معبود، فنا ۽ بقا، قيام ۽ قعدو، ڪاتيءَ ۽ ڪسڻ، ڪافر ۽ ڪُفر، کورو ۽ کامڻ، لوھ ۽ لچڪڻ، لھس ۽ لُڏڻ، محبت ۽ مامرو، مورت ۽ موھ، نفيءَ ۽ اثبات ۽ نوڙت ۽ نماز وغيره تي پڻ روشنيءَ وڌل آهي.
ڪري طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هنيون حقيقت هيرتون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
هوئج ثابوتيءَ ساڻ، ته پُسڻ کان پالھورهين.

هندوستاني موسيقيءَ جي روايت موجب “ڪلياڻ” هڪ مکيه ٺاٺ آهي، جنهن مان ٻيا راڳ پنهنجو رستو ٺاهي نڪرن ٿا. سُر“ڪلياڻ” جا پنج جدا جدا قسم آهن، هڪ “شام ڪلياڻ”، ٻيو “ايمن ڪلياڻ”، ٽيون “ڀوپالي ڪلياڻ”، چوٿون “حمير ڪلياڻ” ۽ پنجون “ڪيدار ڪلياڻ”.
“ڪلياڻ” شاھ جي رسالي جو پھريون سُر آهي، جنهن ۾ 147 بيت، 6 وايون، ۽ 5 داستان شامل آهن. الله تبارڪ وتعالي جي تعريف سان شروع ٿيندڙ هن سُر جو پهريون بيت “اَوَلُ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلي عالَمُ جو ڌَڻِي” ۽ آخري وائي “سُپيريان جي سُونهن جي، ڳالھ ڪِيئن نه وڄي؟” آهي.

[b]چند بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
اَوَلُ، اَللهُ، عَلِيمُ، اَعلي عالَمُ جو ڌَڻِي،
قادرُ پنهنجي قُدرت سين، قائمُ آھ قَديمُ،
والي، واحد، وحده، رازقُ ربُ رحيمُ،
سو ساراھِ سچو ڌڻي، چئي حمدُ حڪيمُ،
ڪري پاڻ ڪريمُ، جوڙون جوڙ جھان جي.
سڀ کان اول الله پاڪ جي ذات با برڪات آهي، جيڪو وڏي علم رکڻ وارو، مڙني کان مٿانهون ۽ پُوريءَ ڪائنات (جھان) جو ڌڻي آهي. اُهو ئي قدرت وارو، پاڻ پنهنجي طاقت ۽ توانائي سان، ازل کان وٺي موجود ۽ قائم آهي. اُهوالله پاڪ، جيڪو يڪتا آهي، جنهن جو ڪوئي به شريڪ ڪونهي، اڪيلو ۽ واحد آهي ۽ هر شئي کي روزي رسائيندڙ، پالڻهار مهربان آهي. (اي انسان!) تون فقط اُنهيءَ هڪ سچي ڌڻيءَ جي ساراھ ڪر، جيڪو سدا حڪمت وارو ۽ تعريف جي لائق به آهي. اُهو بنا گھرڻ جي، پنهنجو ڪرم پاڻ ڪري ٿو ۽ سڄي جڳ جهان جي ٺاھ جوڙ ڪندڙ ۽ خلقيندڙ آهي.

صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير،
منجھائين منجھ وڙهي، پڌر ناهس پير،
جني ساڻس وير، ٿئي تني جو واھرو.
صوفي (سالڪ) کي، پنهنجو ڪو به فرقو يا حسب نسب ناهي هوندو ۽ هُن (صوفيءَ) سان ڪنهن کي ئي محبت ڪانهي هوندي. هُن سچي سالڪ جي لڙائي، پنهنجي من اندر جي نفساني خواهشن سان هوندي آهي، هُو پنهنجي وجود کان ٻاهر پير نه پائيندو آهي. جيڪي به صوفيءَ جا مخالف هوندا آهن، هي (صوفيءَ) وري اُنهن جو ئي واهرو ۽ مددگار پيو ٿيندو آهي.

سِر نايو سَجدا ڪرين، تَنُ تَواضعو تو نه،
هُوجو مڻڪو من جو، سُوڌو سورين سو نه،
ڪُوڙا ! ٿيندئي ڪو نه، ڦُوڪئي ڌوتي فائدو.
(اي سالڪ!) سِر جھُڪائي، سَجدا پيو ڪرين، پر حقيقت ۾ تو پنهنجي جند جان کي، نياز، نوڙت ۽ ادب ۾ اڃان آندو ئي ناهي. جيڪو تنهنجي ساھ ۽ من وارو اندريون مڻڪو آهي، تنهن کي تُون سڌي سليقي سان سورين ڪو نه ٿو. اي قلب جا ڪُوڙا ! انهيءَ ٻاهرين ڇنڊ ڦُوڪ ۽ مڻ مڻ ڪرڻ سان، تو کي ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو،

عاشق ايئن نه هُونِ، جيئن تون سڄي اڱڙين،
وڃيو درِ دوستن جي، رَتُ ڏينهاڻي رُونِ،
ٻِيءَ پرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سِين.
سچا عاشق ايئن ٿوروئي هُوندا آهن، جيئن تُون ٿُلهو متارو، ڳاڙھو ڳٽر ۽ ڏنڊو مُٽو لڳو پيو آهين. اُهي (عاشق) روزانو پنهنجي پرينءَ جي در تي پهچن ٿا ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي، “هئي هئي” واريون هنجھون هارين ٿا. ڇو جو اُهي ٻئي ڪنهن به حيلي بهاني سان، پنهنجي مٺڙي محبوب وٽ، مقبول ۽ منظور نٿا ٿي سگھن.

محبت جي ميدان ۾، سِر جو سانگ مَ ڪرِ،
لاهي سِرُ لطيفُ چئي، اڳيان دوستن ڌرِ،
وڍئين ته واھ ٿئين، سندي دوسان درِ،
عشق نانگ اَپرِ، خبرِ کاڌنِ کان پوي.
(اي البيلا عاشق !) جي محبت واري ميدان ۾ پير پاتو اٿئي، ته پوءِ پنهنجي سِرُ جو سانگو صفا لاهي ڇڏ، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “پنهنجو سِرو وڍي، تِرِيءَ تي کڻي، مٺڙن محبوبن جي اڳيان آڻي رک، جي ايئن پنهنجو سُڳنڌو سر وڍي ڏيندين، ته دوستن جي در تي، “واھ واھ” ٿي ويندئي. نينهن هڪ خطرناڪ نانگ ۽ وڏو عذابي اجگر آهي، جنهن جي خاص خبر صرف اُهي ٻُڌائين ٿا، جيڪي اُن جا ڏنگيل ۽ ڏنڀيل هُوندا آهن،

2. سُر“يمن”جو فلسفو

شاھ جي رسالي ۽ ڪلام کي، ڪنهن به زاويي ۽ رخ کان پڙهنداسين ته ان ۾وحدانيت ۽ رسالت سان گڏوگڏ، جدوجهد جو جذبو ۽ پاڻ ارپڻ جو پيغام پسڻ ۾ايندو. هتي سُر “يمن” جو مثال وٺون ٿا ته ڪيترا ئي بيت، اصطلاح ۽ جملا رڳو جدوجهد جي حوالي سان، اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. مثال طور؛ “سِرڏيئي سٽِ جوڙِ، ڪنهن پرِ ڪلاڙنِ سين”، “منهن ۾ معشوقنِ جا، جھالو ٿي جھليجِ”، “اڄ پُڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي”، وري پاڻ ارپڻ جو جذبو به هن سُر ۾ نمايان نظر اچي ٿو. مثال طور؛ “ڪانڊيين، ٽانڊيين، ٻاٻرين، پچان مر پيئي”، “ مر مران، مارين مون، پُرزا پُرزا ڪنِ”، “پريمِ! تنهنجي گھاءِ، مران ته مان لهان”،
هن کان هيٺ شاھ جي رسالي مان، سُر “يمن” جي فلسفي ۽ تعارف کي، بيتن جي سمجھاڻين سميت سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جن ۾ وحدانيت، رسالت، جدوجهد ۽ پاڻ ارپڻ جا اصطلاح نه رڳو پوشيده آهن، پر ڪٿي ڪٿي پڌري پٽ بيٺل آهن.

[b]سُر“يمن”
[/b] “يمن” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي، “من کي روڪڻ”، “پُر سُڪون ٿيڻ ” ۽ “دل جو اطمينان حاصل ڪرڻ”، سُر“يمن” گھڻي ڀاڱي سُر“ڪلياڻ ” ۾ سمايل فڪر ۽ فهم جي تصديق ۽ ان جو وڌيڪ تفسير آهي. هن سُر ۾ نج حقيقي عشق ۽ صوفيانه سُلوڪ جي رمزن جِي، مختلف مثالن ۽ تمثيلن سان اُپٽار ڪئي ويئي آهي، جھڙوڪه ؛ آڳڙين ۽ اڱارن، اگھن ۽ سگھن، باھ ۽ بُڪين، بٺين ۽ بُٺين، ٻُڪيءَ ۽ ويڄن، تير ۽ نيشانن، پرکا ۽ پيڙن، پياڪ ۽ پيالين، جيري ۽ جونشن، چاڪ ۽ چُٽڪن، حبيبن ۽ طبيبن، خُلت ۽ خنجرن، دارون ۽ دردن، دوڳ ۽ ديڳن، ڏاتر ۽ ڏُکندن، ڏنڀ ۽ ڏڏن، رڳن ۽ ربابن، رُڻڪ ۽ رنجورين، سيخن ۽ سڄڻن، عاقل ۽ اٻوجھن، قاضي ۽ ڪتابن، ڪانڊن ۽ ٽانڊن، ڪان ۽ ڪماڻن، ڪڪوھ ۽ ڪلاڙن، ڪنڌ ۽ ڪٽارن، ڪڻهيءَ ۽ ڪڙڪن، کُوري ۽ ماڳن، لُونئن ۽لُھارن، ماڳ ۽ مستانن، مُترڪي ۽ سانداڻن، مڌ ۽ ميڙاڪن، مرڻ ۽ مُشاهدن، موريسر ۽ اکين، موکي ۽ متارن، مئخاني ۽ ماڪُن ۽ وِھُ ۽ وٽين وغيره جي ڳالھ ڪئي ويئي آهي،
مَ ڪرِ سڌ سري جِي، جي تُون ٽاريين ٽُروھ،
پيتي جنهن پري ٿئي، منجھان رڳن روح،
ڪاٽي چک ڪَڪُوھ، لاهي سِرُ لطيفُ چئي.
هندوستاني موسيقيءَ جي روايت موجب، “راڳ ايمن” سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان رائج ٿيو، هڪ راءِ موجب “ايمن” جيڪو“ڪلياڻ ٺاٺ” جو پھريون راڳ آهي، سو اصل ۾ خالص عرب ايراني راڳ آهي ۽ “يمن” جو ئي بگڙيل نالو آهي. هي راڳ هندوستاني راڳ “نٽ ڇايا” سان لڳي ٿو ۽ راڳ “جيجونتي” سان مشابھ آهي.
سُر “يمن ” شاھ جي رسالي جو ٻيو نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 161 بيت، 07 وايون ۽ 06 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون نمبر بيت، “حبيب تُون، طبيب تُون، تُون درد جي دوا ” ۽ آخري وائي “وسارج مَ ويڻ، آهي جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا ” آهي.

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
پاٻوهي هيڪار، مون کان پُڇيو سڄڻين،
“الستُ بِربڪُم”، چيائون جنهن وار،
سندي سُورڪنار، تڻ تڏهانڪون نه لهي.
منهنجي سهڻي سڄڻ، هڪ ڀيرو مُرڪي، پنهنجيءَ ٻاجھ ۽ مهر منجھان، مون کان سُوال پڇيو. “ ڇا آئون اوهان جو ربُ نه آهيان؟” ( ۽ منهنجي روح اقرار ڪيو “هائو !”) جڏهن ايئن فرمايائين. اُن ويل کان وٺي، ذاتِ حق کان، منهنجي روح جي جدائي واري سختي، اڃان تائين نه ٿي لهي.

سگھنِ سڌ نه سُور جي، ته گھايل ڪيئن گھارينِ،
پيل پاسو پٽ تان، وڍيل نه وارينِ،
پرِ ۾ پچي پرينءَکي، هئي هنجھون هارينِ،
سڄڻ جي سارينِ، سي نه رون، نه چون ڪين.
ٿُلهن متارن کي (ڏنڊن مُٽن بي دردن کي ) وڇوڙي جي سخت سور جي ڪهڙي خبر؟ ته درد ۽ فراق جا ماريل عاشق، ڪيئن ٿا گھڙيون گھارين؟ جيڪي ويچارا ورھ جا وڍيل هوندا آهن، اُهي پٽ تي پاسو کوڙي پيا رهندا آهن. سي اُٿلي پُٿلي ۽ چُري سُري به ڪو نه سگھندا آهن. هُو پنهنجي مٺڙي محبوب سان ملڻ لاءِ، پنهنجيءَ پر ۾ پيا پچندا آهن ۽ “هاءِ هاءِ” ڪيو پيا هنجھون هاريندا آهن. جيڪي پنهنجي پرينءَ کي، دل جي گهراين سان سارين ٿا، اُهي نڪي ٿا پڌرو روئن ۽ نڪي ٿا ڪنهن کي دانهن ڏين،

سَر جو سڃيوسڄڻين، ٻنگان ٻاڻ ڀري،
ويو وجودان نڪري، “ڪڙ ڪڙ” ڪان ڪري،
پُڇو پير ڀري، ته ڪين ٺريو هٿ حبيب جو؟.
گوڏو کوڙي، وجھ وٺي، مٺڙن محبوبن، جيڪو تير تڪي، مون (البيلي عاشق) کي وهائي ڪڍيو. اُهو(تير) اهڙو ته سڌو سنئون لڳو، جو منهنجي ڪرنگھي مان، “ڪڙ ڪڙ” ڪندو، جسم مان آر پار نڪري ويو. (اي دوستو !) منهنجي مٺڙي محبوب کان وڃي پُڇو، ته اهڙي زورائتي ڌڪ هڻڻ سان، هُن جو هٿ ٺريو يا ڪو نه ٺريو؟.

سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گھر لُهار جو،
ڌڪنِ هيٺ ڌري، مانَ گڏيئي رُڪ سين.
(اي البيلا عاشق!) پهريان پنهنجو ثابت سِرُ (هجر جي هٿوڙي هيٺان رکڻ لاءِ) سانداڻ ڪري، پوءِ ڪنهن لُهار(مٺڙي محبوب) جي گھر جي پُڇا ڪر. من ڌڪن مٿان ٻيا ڌڪ هڻي، صفا سچي رُڪ ساڻ ملائي، توکي ان سان گڏي هڪ ڪري ڇڏي.

اٿئي سَڌ سُرڪ جِي، ته ونءُ ڪلاڙين ڪاٽي،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تِڪ ڏيئي پِڪ پيءُ تون، گھُٽ منجھان گھاٽي،
جو ورنھ وهاٽي، سوسِر وٽ سرو ساهنگو،
(اي البيلا عاشق !) جيڪڏهن توکي سري جي سُرڪ چکڻ جِي خواهش آهي، ته پنهنجو سِرُ سينگاري، قُربدار ڪلاڙن جي ڪانٽي ڏانهن هليو وڃ، سُهڻوشاھ لطيف چوي ٿوته جنهن ماٽي ۾ چڱو چوکو شراب چِڪائجي ٿو، تون پنهنجو سينگاريل سِر وڍي، وڃي اُن جي آڏو رک، تُون اُن محبت جي گھاٽي مڌ مان، گھُٽ گھُٽ ڪري، ڳيتون ڏيئي، پوءِ ويهي پيار جون پِڪون پيءُ، جيڪو سچائي ۽ صداقت وارو سَرو، الهڙ البيلن کي وڍي، ڍيرِيءَ ڪري ٿو رکي، سو سِر جي سودي (عيوض) ۾ به صفا سستو آهي،
اهڙيءَ ريت سُر “يمن”، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي پيغام ۽ فلسفي واري پالوٽ سان، اختتام پذير ٿئي ٿو، جنهن مان ڪيترا ئي معني جا ماڻڪ ۽ موتي ميڙي، پائي ۽ پُروئي سگھجن ٿا،

3. سُر“کنڀات” جو فلسفو

“کنڀات” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي“کنڀ وارو” يا “ٿنڀ وارو”. هندوستان جي صوبي گجرات ۾، اولهندي طرف، هڪ ننڍو ۽ قديم شهر موجود آهي. جنهن تي اهو نالو “ستمڀاوت” يعني “ٿنڀن واري” مهاديوَ جي نالي پُٺيان پيو.
هي شاھ جي رسالي جو محبت سان مالامال ۽ مخموري سُر آهي، البت ڪٿي ڪٿي حقيقت جا جلوا به جرڪندي نظر اچن ٿا. مثلا؛ “ڀلا، ڀلائيءَ پانهنجي، ڀلا ئي آهين ”. يا “جھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين ”.
ڀٽائي صاحب هن سُر ۾، چوڏهينءَ جي چنڊ ۽ چانگي سان، گھڻائي عاجزين وارا ڏوراپا ۽ ڏک اوريا آهن. پاڻ چنڊ کي چون ٿا “اي چنڊ ! جي تون مٿي چڙهي ٿواچين، ته اسان ۽ پرين جي وچ ۾، وڇوڙو ٿو وجھين. ” “چنڊ ! چٽائي تنهنجي، سهائيءَ مون سُور. ” “قمر ! ڪارو نانگ، توکي کائي ڪڏهين”. “چنڊ ! مَ اُڀر سنجھ، ته اُونداهيءَ اجھو ڪريان”.

آيو چنڊ چڙهي، چاريءَ جو چيو ڪري،
بيٺو اُتِ اڙي، جِتِ ڏٺائين پرينءَ کي.

ڀٽائي صاحب، اُداس البيلي عاشق جي پاران، چانگي کي منٿون ۽ ايلاز ڪندي چوي ٿو“ اي اُٺ ! مون کي ايئن کڻي هل، جو اڃان رات بيٺي هجي، ته هُتي هلي، مٺڙي محبوب سان ملون ”. “ايئن اُٺ ! اُٺاءِ، جيئن هُونديءَ رات ھُتِ مڙون ”. “ ميا ! تو مهار، سڄي پايان سونَ جي ”. “ ڪرها ! اسان ساڻ، ڪي چانگا ! ڪِج چڱائيون ”.

اڄ منهنجي ڪرها ! ميا ! مڃ منٿ،
جھاڳيندي جھرپٽيون، متان ڪريين ڪٿ!
سُپيريان جي سٿ، مون کي نيئي ميڙيين.
هندوستاني موسيقيءَ جي روايت م “کماچ” 7 “سنڌ” جي سنگت سان، سنڌ ۾ نئين “کنڀات راڳني” وجود ۾ آئي. جنهنکي هندوستاني ڳائيندڙن “سنڌ کماچ” ڪري سڏيو. “کنڀات” شاھ جي رسالي جو ٽيون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 96 بيت، 08 وايون ۽ 05 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون نمبر بيت “ پيشانيءَ ۾ پِريَنِ جي، ڀلائيءَ جا ڀير ” ۽ آخري وائي “ توڻي تڙين تُون، تو در توءِ نه ڇڏيان ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
هينئڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي هُوندم هير ؟
اچي لالڻ ! نه ڏيين، مٿي پلنگن پير !
ٿي ورونهڻ وير، ڳُجھ ڳرهيان ڪَنِ سين؟
من ۾ محبوب مٺا ياد آيا، هينئر، هن وقت هوندا ته الاءِ جي ڪٿي ؟ اي منهنجا لال پرينءَ ! تُون اچي نه ڏيين، پلنگن تي پنهنجا پدمڙا پيرڙا، هيءَ ڳل لڳي ڳالهيون ڪرڻ جي مهل آهي، دل جا راز ٻيو ڀلا آئون آخر ڪنهن سان ويهي اوريان ؟

اڄ پُڻ اڇائي، چوڏهينءَ ماھ چنڊ جي،
مون ڏونهن مون پِريَنِ جي، اچڻ جي وائي،
مون گھرِ واڌائي، پيئي کام کرنِ ۾،
مهيني جي چوڏهينءَ رات جي ڪري، اڄ اڃان وري وڌيڪ چانڊوڪيءَ آهي، مون ڏانهن منهنجي محبوب پِريَنِ جي، اڄ اچڻ جي وائيءَ ۽ پچار پيئي هلي. منهنجي گھر ۽ اڱڻ تي، مبارڪون پيون ملن، رقيبن جي دل ۾، ساڙ ۽ حسد شروع ٿي ويو آهي،

ڪرها ! ڪسر ڇڏ، وک وڌندي پاءِ،
منهنجو هلڻ اُتهين، جتي جانب جاءِ،
توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻي کاءِ،
اِيَهين اُٺَ!اُٺاءِ، جئن هُونديءَ راتِ هُتِ مڙون.
اي البيلا اُٺ! اِها ڀڳل دل واري وک کڻڻ ڇڏي ڏي. تيز، تکي ۽ تڪڙي تڪڙي وک کڻ، منهنجي هلڻ جو ارادو اڄ اتي آهي، جتي منهنجو سُهڻو سڄڻ رهي ٿو، تو هڪڙي کي، آئون چندن جون سُرهيون چوٽيون چاريان، ٻيو سمورو وڳ ڀلي پيو کاري لاڻي کائي، اي البيلا اُٺ! مون کي ايئن کڻي هلي رساءِ، جيئن راتو رات هلي، هُتي مٺڙي محبوب سان ملون،

ڪرهي کي ڪئين، وڌمِ پينڌ پلڻ جا،
ليڙو لاڻيءَ کي چري، نير ساڻ نئين،
چانگي سندي چِتَ ۾، صاحب! وِجھ سنئين،
اوباهيوسِ ائين، لُطف ساڻ لطيفُ چئي،
ڪرهي کي قابو ڪرڻ جي لاءِ، سندس پيرن ۾، مون ڪيترائي ڏکيا ڏانوڻ وڌا، اهو چريو ڀورو چانگو، سنگھرن سوڌو وڃيو کاري لاڻي کائي ٿو. اي الله پاڪ ! (اي سچا صاحب !) هن منهنجي ميي جي من ۾، ڪا سنئين، سڌي ۽ سُريلي سوچ سمجھ وجھُ، سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ پنهنجي خاص لطف ۽ ڪرم سان، هن کي سالم سوچ ڏيئي، اوهين سُرخرو ڪريو،

ميي ماڳائي، وڌو وات ولين کي،
خبر کيٽ ڌڻين ٿي، وِڏوڻا واهي،
ڪرهي ڪاڪت ڇڏي، وَرِيَسِ نه وائي،
چانگي چريائي، ويئي ويچاري وسري.
منهنجو مٺڙو ميو، ماڳ کان ئي، (شروع کان ئي) انهن پَراينِ ولين ۾ وات وجھڻ سکيو آهي، (پرايون وليون چِنيون اٿس) جڏهن خبر پيئي پوک ڌڻين کي، تڏهن (سنڀاليندڙ) گھڻو ڪاوڙيا ۽ ڏاڌو ڏمر ڪيائون، پوءِ ته البيلي اٺ کان لڪڻ ۽ ڀڄڻ جي طاقت ئي ڇڏائي ويئي، ڪنهن کي سڏ ۽ پُڪار به ڪري ڪونه سگھيو، ان منهنجي ميي ويچاري کي، من مستي ڪرڻ ۽ جان بچائن جي، پوءِ ته ٽل به وسري ويئي،
اهڙيءَ ريت شاھ جي رسالي جو ٽيون نمبر سُر، سُر “کنڀات ” محبتي ميا سان مالامال ۽ عاشقانه التجائن سان آراسته، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو، جنهن مان ڪيتريون ئي دکايل دليون، سراسر سيراب ٿين ٿيون ۽ سُڪون حاصل ڪن ٿيون،

4. سُر“بروي”جو فلسفو

“بروو” نج سنڌي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “برھ وارو” يا “برھ جو بيمار”، چون ٿا ته دهليءَ جي شهر ۾، بادشاهيءَ محلات جي اڳيان، دريءَ تان بيهي، هڪ شهزاديءَ بازار جو نظارو ڪندي هئي. بازار ۾ هڪ ڪاسائيءَ جي گوشت وڪڻڻ جو دڪان هو. جتي “بروو” نالي نوڪر گوشت وڪڻندو هو. دريءَ منجھان شهر جو ديدار ڪندي، شهزاديءَ ۽ بروي جون اکڙيون اٽڪي ويون. شهزاديءَ گوشت وٺڻ لاءِ، ٻانهيءَ کي ٻاهر موڪليندي هئي. گوشت ختم ٿي وڃڻ جي صورت ۾، بروو چوري چوري پنهنجي جسم تان گوشت ڪپي، ٻانهيءَ کي ڏيئي ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري دڪان تي گوشت ختم ٿي ويو۽ بروي جي بت تي به گوشت جو ذرو باقي نه رهيو ته بروي، ٻانهيءَ کي ڪاتي ڏيئي چيو “وٺ ڪاتي، وڍ انگڙا، ادب ڪرِ م ڪوءِ ”. تڏهن شهزاديءَ کي وڃي خبر پيئي ته، “بلي ! بروو منهنجي لاءِ ڪيڏي قرباني پيو ڏئي؟” پوءِ انهن ٻنهيءَ جي دوستي عروج تي پهتي ۽ سندن شادي ٿي،
هن سُر ۾ سنڌي شاعرن جيڪو ڪلام چيو، اُن کي “بروو سنڌي” ۽ هندي شاعرن جيڪو ڪلام چيو، اُن کي “برووهندي” يا “بيراڳ” ڪري سڏيو ويو. مثلا؛ هنديءَ جي هڪ شاعر چيو آهي؛
ساجن هماري پاس رهي، دن ٿوڙي دس بيس،
ايڪ ايڪ هووي لاک برس ڪا، ايسي هوون دن تيس،
هن سُر ۾ شاھ صاحب، مجازي محبت جي مثالن جا واهڙ وهايا آهن. ڪڏهن ڪانگل کي ڪورنشون، زاغ کي زاريون، ويندڙن کي وينتيون، عاجزيون، منٿون، حيلا ۽ ايلاز ٿو ڪري، ته ڪڏهن چوي ٿو، “ ڪانگل ! ڪتابت جي، آنديئي خُوب خبر ”، “ ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين ”، “ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا ”.
هندوستاني موسيقيءَ ۾ “راڳ بروو” موجود آهي، پر سنڌ ۾ “بروو” شروع کان ئي سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقامي راڳ يا راڳڻي طور ڳايو ويو، “برووسنڌي” ڄڻ هندوستاني موسيقيءَ جو“نٽ ملهار” آهي.
“بروو” شاه جي رسالي جو چوٿون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 80 بيت، 06 وايون ۽ 04 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون نمبر بيت “ جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سُپيرين جي، ۽ آخري وائي “ مولو ڪندو ماڙ، منهنجي الله ڪندو ماڙ ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
جانب ! تون جيڏو، آهيين شان شعور سين،
مون تي ڪرمنهنجا پرين!توھ تُسي تيڏو،
ايءُ ڪامل!ڪم ڪيڏو، جيئن نوازيمِ نگاھ سين.
اي منهنجي جيءَ جا جانب! تون جيڏو وڏو شان ۽ شعور وارو آهين. اي منهنجا محبوب پرين ! تون ايڏو ئي وڏو، مون تي کلندي کڻي ڪرم ۽ احسان فرماءِ. اي چڱا ۽ اشراف ! اهو ڪيڏو نه وڏو ڪم ٿي پوي ! جو تون مون کي، پنهنجي نرم نگاھ سان کڻي نوازين !

تون صاحبزادو سُپرين، آئون نسورو نوڪر !
بيحد ڪريان بندگيون، هٿ ٻڌي حاضر،
ڇنان هڏِ نه ڇڏيان ! دوست! تنهنجو در،
مون تان مهرنظر، پرين! لاھ مَ پانهنجو،
اي منهنجا سهڻل سُپرين! تون صاحب جو اولاد آهين ۽ آئون (اوهان جو) خاص خادم ۽ نسورو نوڪر آهيان ! ٻيئي هٿڙا جوڙي، تمام گھڻيون خدمتون ڪريان ٿو ۽ اوهان جي حاضري ڀريان ٿو، اي دل جا دلبر! تنهنجي در کي ڇڏي، دوستيءَ ٽوڙي، قطعي ڪونه ويندس مان ! اي منهنجا پيارا پرينءَ! مون تان پنهنجيءَ مهر واريءَ نظرِڪرم، ڪڏهن به نه ھٽائجانءِ تون،

زاغ ! تنهنجيءَ ذاتِ جو، ٿورو مٿي مون،
اُڏامج، عبداللطيف چئي، صبح سيڻن ڏون،
ڪِجِ وينتيون وِتريون، ٻاجھائيجِ ٻهون،
ته لالڻ ! ڪو نه لهون، جهو تو جهانَ ۾،
اي قربدار ڪانگل ! تنهنجي پياري ذات جو، مون وڇوڙي جِي ويراڳڻ مٿان، وڏو وڙ ۽ احسان آهي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “منهنجي مٺڙي محبوب جي پار ڏي، اڄ صبح ساڻ، وري ٻيهر اُڏامي وڃ، اڄ وڃي ان عجيب جي اڳيان، تمام گھڻيون ٻاجھ ڀريون ٻوليون، عاجزيون ۽ وڌيڪ وينتيون ڪر،
(کيس وڃي چئو ته ) اي لالڻ ! هن جهان ۾، تو جهڙو سهڻو ۽ پيارو، اسين ٻيو ڪو ڏسون ئي ڪونه ٿا ”.

ڳاڙها ۽ ڳُوڙها، سڄڻ ڊاک ڇُڳن جيئن،
مُڪائون مُحبت جا، جھاٻا ۽ جھُوڙا،
سچُ ڪِه سنڀوڙا ! سڄڻ اچي سامُهان.
منهنجا محبوب پرينءَ، تيز، تکي ۽ گھاٽي رنگ جهڙا ڳاڙها ۽ ڊراک جي ڇُڳن وانگر ڳُوڙها آهن، مون ڏانهن (مٺڙن محبوبن) محبت جا، ٽونرن وارا رنگين جھاٻا ۽ جھُوڙا، اڄ سُوکڙيون ڪري موڪليا آهن، (شايد) سچي پچي (مون ڏانهن) سهڻا سڄڻ اڄ سنبريا آهن، اُهي اِجھي ڄاڻ ته سامُهان آيا !

اڄ پُڻ انگيمِ انگ، هٿان حبيبن جي،
ساجن رءَ سرتيون ! رُوح نه رُچنِ رنگ،
جاني آيو جوءِ ۾، منجھان نينهن نسنگ،
جا پَرِ ساٽيءَ سنگ، سا پَرِ سُورنِ ساڻ ٿي.
اڄ وري مٺڙن محبوبن جي هٿان، منهنجا انگ ۽ عضوا، سندن ڀريل ڀاڪرن ۾ اچي ويا آهن، (نظر ۽ حفاظت هيٺ آيا آهن) اي سُهڻيون سرتيون ! سهڻي ساجن کان سواءِ، هاڻي روح کي ٻيا رنگ ۽ روپ وڻن ئي ڪو نه ٿا، منهنجو جانب جاني، نينهن نسنگ سان نروار ۽ چٽو پٽو ٿي، دل جي ديري تي موٽي آيو آهي، جيڪا ريت، (حالت) ساٽيءَ سنگن کي سونٽي سان سٽڪڻ مهل ڪري ٿو، اُها ساڳي ريت اڄ سُورنِ ساڻ ٿي ويئي آهي،
اهڙيءَ ريت شاھ جي رسالي جو سُر“بروو” انساني اُمنگن، آرزوئن ۽ التجائن جا اڻ کٽ انبار کڻي، دُکايل دلين جي سر زمين سيراب ڪري، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو، جنهن کي پڙهندڙ، پيار سان پڙهي، پُورو پُورو سُڪون ۽ حض حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجيون اُڃايل اکڙيون ٺارين ٿا.

5. سُر“سريراڳ” جو فلسفو

“سريراڳ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “نهر”، “جھرڻو”، “ پاڻيءَ جو نمونو” يا “ پاڻيءَ وارو راڳ ”. “دنيا سڀ درياھ، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾”.
هي شاھ جي رسالي جو وحدانيت وارو ۽ انتهائي۽ ڳُوڙهو سُر آهي، جنهن ۾ انسان کي، آخرت جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍڻ، اُونهون اوڙاھ اُڪرڻ، ٻاجھ لاءِ ٻاڏائڻ، سُبحان جي سيوا ڪرڻ، توبھ جي تسبيح سورڻ ۽ معرفت جا موتي ميڙڻ جو درس ڏنو ويو آهي،
اُٿي اور الله سين، ڪُوڙ ڪماءِ مَ ڪچ،
تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرھو،
هڪيو هوئج هُشيار، کنوڻ کوندي اوچتي،
لهرين ليکو ناھ ڪو، ڪپر ڪُن ڪارا،
آهين آر اکيُنِ ۾، ناکئا ! ڪِجُ نگاھ،
جوڙي جُنگ جهاز کي، ڪوڏ هڻائج ڪِير،
جي لُنڊا منجھ ليکي، وِير وڙهندي تن سين،
ٻيڙي پُراڻي، وکر پاءِ مَ وترو،
وِير ورنديئي ويسرا ! ويھُ مَ ويڳاڻا!
جت ٿيندو رب قاضي، اُت توريندئي تجويز سين.
۽ وري الله پاڪ جي ڪرم، رحم، ٻاجھ، فضل ۽ بخشش جو بحرِ بيڪنار اهڙو، جو ان جو ٻيو ڇيڙو ته آهي ئي ڪونه ڪو،
هيڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله !
ڪڍي اُونهي ڪُن مان، اُڪاري اوڙاھ،
تنهن واحد کي واھ ! جو سُتَڙُ سڀيئي ڪري،
هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي هڪ روايت موجب، ڇھ وڏا راڳ آهن، ڀيرو، مالڪوس، هنڍول، سِرِي، ميگ ۽ ديپڪ، سِرِي اُنهن ڇهن وڏن راڳن مان هڪ آهي،
هي شاھ جي رسالي جو پنجون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 84 بيت 7 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت “ جيڪين منجھ جھانَ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي ” ۽ آخري وائي “ عُمِر سڀ عبث، ويل وڃايمِ پانهنجي ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
سي پُونجيارا پُرِ ٿيا، سمونڊر سيويو جن،
آندائون عميق مان، جھوتي جواهرن،
لڌائون، لطيفُ چئي، لعلون مان لھرن،
ڪانهي قيمت تن، مُل مهانگو اُنِ جو،
جن سُهڻن سمونڊر جي سيوا ڪئي ۽ اُن کي پنهنجي حلال رزق جو وسيلو بنايو، اُهي پُونجيءَ وارا صفا پُرِ ٿي ويا ! اُنهن اُونهي اوڙاھ پاڻيءَ مان، جھوتون ڏيئي ۽ ٽٻيون هڻي، چلڪندڙ ماڻڪ ۽ موتي چُونڊي ٻاهر آندا، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ سانداري سمونڊر جي لهرين منجھان، اُنهن وڃي لعلون ڳولي لڌيون ”. اُهي( لعلون) ايڏيون ته انمول ۽ قيمتي آهن، جو مُهانگي مُلھ ۾ به ٻيو ڪٿان کان نٿيون ملي سگھن،

سيويو جن سُبحان، وير نه وڙهي تن سين،
ٻڌي توڪل تُرهو، آر لنگھيا آسان،
توبھ جي تسبيح سين، تري ويا طوفان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو،
جن سُهڻين سامونڊرين الله پاڪ جي عبادت، عاجزي ۽ سيوا سچيءَ دل سان ڪئي، اُنهن کي، سٽاڻي سمونڊر جي وڏي ڇوليءَ به نقصان نٿي پهچائي، توڪل جو تُهلو ( مُوڙو ) ٻڌي، پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو، اُهي آسانيءَ سان اُڪري هليا ويا، توبھ جي تسبيح پڙهي، ( استغفار جو ورد ڪري ) تيز ۽ تکي طوفان مان به اهي خير سلامتيءَ سان تري پار هليا ويا، وڏو ڄاڻو ( ناکئو ) سٽاڻي سمونڊر جي وچ سير ۾ اچي، اُنهن جو واهرو، مددگار، ساڻي ۽ ساٿي ٿيو،

ڪرڦُل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون، تر ۾ تاڪيائون،
بَيرقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
لاڄُن منجھ، لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
نذرُ نبيءَ ڄامُ جو، چڙهندي چيائون،
جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين.
لَونگ، ڦوٽا، قسمين قسمين قيمتي ڪپڙا، جدا جدا عرق ۽ ٻيا سهڻا سُريلا سامان ٻيڙن ۾ وڌائون، ٻيڙن جي ترن وارا تھ خانا، قيمتي سامان سان ڀري، پوءِ طاق ڏيئي، ڀچائي بند ڪيائون، ٻيڙن جون رنگ برنگي جھنڊيون، پاڻيءَ ۾ کولي، (ٻيڙن تي ) هلڻ لئي ڦڙڪايائون، سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ پنهنجا ٻيڙا چئني طرفن کان، رسن سان ڏاڍا مضبوط ڪري ٻڌائون ”، ٻيڙن تي چڙهندي ( سُوار ٿيندي ئي ) حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نالي مُبارڪ جو نذرانو باسيائون، ( اي الله پاڪ ! ) جيڪي وڏا وڻجارا هلندي طوفان ۾ روانا ٿي ويا، اُنهن جون ٻيڙيون پنهنجيءَ ٻاجھ، مهر، رحم، ڪرم ۽ فضل سان سلامت رکجانءِ !

اَتِ اُبتو آرُ، منهنجي موج نه سهي مڪڙي،
ميڙي مَٺايُن جو، بيحد چاڙهيم بارُ،
چوڻ چارو ناھ ڪو، بديون بيشمارُ،
ڪپرُ ڪارونڀارُ، اُڪاريين احسان سين.
تمام گھڻي پاڻيءَ جو اُبتو ڦيرو ۽ وهڪرو آهي، منهنجي ٻيڙيءَ، اُتي پاڻيءَ جي مَوج ۽ تک جي سٽ نٿي سهي سگھي، خسيس ۽ بيڪار سامانن کي گڏ ڪري، مون ٻيڙيءَ تي کڻي وڏو بار سٿيو آهي، ڳالهائڻ جي ڪا گھٽي ئي ڪانهي، (رستو ئي ناهي ) مون وٽ بُرايون ايتريون بيشمار آهن، ( اي الله پاڪ ! ) هي ڪپر جي ويجھو، جيڪو عميق اوڙاھ پاڻيءَ آهي، سو پنهنجي ڪرم ۽ ٻاجھ سان، مون کي پار ڪرائجانءِ،

ويٺو تُن تُنينس، مکُ ڏينهاڻي مڪُڙي،
سنباهي، سيد چئي، مٿي ناءُ نئينس،
وٽائي وڏاندرا، لاڄُو لڳائينس،
آخرِ اُهرائينسِ، ته جوکو ٿئي نه جڙاوَ کي.
پنهنجي پُراڻي ٻيڙيءَ جي تري وارا سوراخ ويٺو ڀر ۽ اُن ٻيڙيءَ کي روزانو تيل مکي تيار ڪندو رھ، سُهڻو سيد چوي ٿو ته “ اُن کي اول پُوريءَ طرح تيار ڪري، پوءِ پاڻيءَ ۾ لاهي، سمونڊر ۾ هاڪارڻ لاءِ کاڏي تي آڻ، پهريان وڏا مضبوط، سگھا ۽ نوان رسا وٽائي، چوٽيءَ تي چمڪندڙ جھنڊيون ٻڌينس، مڪمل تياريءَ ڪري، پوءِ تارينس، ته تنهنجي ٻيڙيءَ جي بناوت ۽ جڙاوت کي ڪو به نقصان نه پهچي ”.

ويا سي وينجھار، هيرو لعل ونڌين جي،
تني سندس پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪُٽ لُهار، هاڻي اُني ڀيڙيين.
اُهي موتي وينجھڻ وارا ئي مري کپي ويا، جيڪي ماڻڪ ۽ لعلون ونڌڻ (سوراخ ڪڍڻ) جو ڪم ڪندا هئا، اُنهن جا جيڪي پونير آهن، تن کي شيهي جي به پُوري خبر، پرک ۽ ڄاڻ ڪانهي ڪا، هاڻي اُنهن ماڳ مڪانن تي، ( اُنهن جاين ۽ دُڪانن تي ) لوهار فاسد، ڪوڙو ۽ ڪٽيل لوھ پيا ٿا ڪُٽين،

اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلءِ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
ڪُوڙو ۽ ڪچو شيشو وڪامي ويو، ( اگھامي ويو) بازارن مان سچا ۽ اصلي ماڻڪ واپس موٽي آيا، ( سچا موتي ڪو نه وڪاڻا )
هاڻي سچو سون پلئي ۾ پايو، (رومال ۾ کنيو ) وڪڻڻ جي لاءِ، آڇيندي ( ڏيکاريندي ) شرم اچي ٿو،
شاھ جي رسالي ۾ سُر “سريراڳ ” جو فلسفو، انسان ذات کي نيڪ عملن ۽ انسانيت لاءِ آماده ڪري ٿو، اڳوتر ۾ آڏو ايندڙ آزمائشن ۽ مصيبتن کان هوشيار ڪري ٿو، غفلت، ويسر ۽ سستيءَ کان پاڻ پلڻ جي هدايت، نصيحت ۽ تلقين ڪري ٿو، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا ماڻڪ صرف اُهي ئي ماڻهو ميڙي سگھن ٿا، جيڪي هن جهان جو سٽاڻو ۽ سُورائتو سمونڊر سيوين ٿا، باقي جيڪي اسان جهڙا غافل ۽ جاهلڙا هوندا آهن، اُنهن جي نصيب ۾ صرف سانگوٽا ۽ سُوندڪيون اچن ٿيون،
شال ! اسان، سُر “سريراڳ ” جي نصيحتن مان، نيڪ عملن جا ماڻڪ ۽ موتي ميڙي سگھون ۽ پنهنجي اڳوتر سنوارڻ لاءِ، مانائتي منزل ماڻي سگھون،

6. سُر “سامونڊري” جو فلسفو

“سامونڊري” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “سمونڊر جو”، “سمونڊرسان واسطو رکندڙ ”، “سمونڊر تي سفر ڪندڙ ”، “ خلاصي ” يا “ ناکئو ” وغيره،
هي شاھ جي رسالي جو بظاهر مجازيءَ محبت وارو سُر آهي، البت اُونهائيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ، هن سُر ۾ حقيقت جا اشارا به ملن ٿا، جهڙوڪهِ؛
حاصل ڪريين حاج، واحد ! وڻجارن جي.
کارو تني کي، جيڪس وھ وري ويو.

سامونڊري جڏهن وڻج واپار سانگي، سڙھ سنڀالي، ٻيڙا ٻار ۾ ڇوڙي، سڻائي سفر تي هليا ويندا هئا، ته پويان اُنهن جون پياريون گھرن واريون، ورن جي خيرسلامتيءَ سان واپس ورڻ لاءِ، سالن جا سال اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ هونديون هيون، ڳوڙهن سان ڳل پُسائينديون، سيَڪارا ۽ سُڏڪا ڀرينديون، ڪانڌن لاءِ ڪُونجن وانگر ڪُڻڪنديون، ڦوڙائي، فراق ۽ وڇوڙي جا وڍ سهنديون رهنديون هيون،
آيل ! ساريو اُن کي، اوڇنگارون اچن،
سرتيون ! سامونڊرين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مون سِر اُٺا جيڏيون ! سندا محبت مينهن،
لطيف جي سُر سامونڊري ۾، جتي وڻجارن ۽ وائٽين، لهرين ۽ لعلن، مهراڻ ۽ موجن، ملاح ۽ مُعلمن، ڇتر ۽ ڇوهن، سِڙھ ۽ سُکاڻين، پڳھ ۽ پاتڻين ۽ درياھ ۽ دنگين جو ذڪر اچي ٿو ته اُتي، سامونڊرين جي سنگت لاءِ، تڙن تي تڪيندڙ آسائتين البيلين عورتن جي انتظارين ۽ اشڪبارين جا انوکا انداز ۽ مثال پڻ مطالعي جي لاءِ ملن ٿا، سُر “ سريراڳ ” ۽ سُر “ سامونڊري ” هڪٻئي جا ساٿي سُر آهن، فرق فقط ايترو آهي جو “ سريراڳ ” ۾ حقيقي ۽ معنوي ماحول جو مضمون سمايل آهي ۽ “ سامونڊري ” ۾ وري بظاهر مجازي محبت وارو مانڊاڻ منڊيل آهي،
سُر “ سامونڊري ” يقيني طور مقامي سُر آهي، سنڌ جو اهو آڳاٽو راڳ هاڻي فقط “ شاھ جي راڳ ” ۾ ئي سلامت وڃي بچيو آهي،
هي شاھ جي رسالي جو ڇهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 128 بيت 6 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت “ کُوها ڪالھ کڻي، وڌائون اُتر آسري ” ۽ آخري وائي “ هُوءِ جا ويا هڻي، آئون تنهن جڙ جڏي ڪِي ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
لڳي اُتر هير، سامونڊرين سڙھ سنباهيا،
ننگر کڻي ناکُئا، ٿيا سڻائي سير،
هنيڙي نت اُڪير، کاري کيڙائُن جي،
جيئن ئي اُتر جي هير لڳي، ( گھُلي ) تيئن ئي سُهڻن سامونڊرين، ٻيڙن تي ٻڌڻ لاءِ، سڙھ تيار ڪيا، ناکئا ( ٻيڙيون هلائيندڙ ) ننگر کڻي، سڻائي ۽ سولي سير تي روانا ٿي ويا، منهنجي هينئڙي کي، کاري سمونڊر ۾ سفر (هلچل ) ڪندڙن جي، هر هر سڪ ۽ اُڪير لڳل آهي،

دنگي منجھ درياھ، ڪِين ٻُڏي ! ڪِين اُپڙي !
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهڻ سڀ سڙيا،
مُعلم ماڳ نه اڳيين، فرنگيءَ منجھ ڦريا،
ملاح ! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي،
ٻيڙيءَ درياءُ جي لهرين جي اندر، نڪين ٿي ٻُڏي ! نڪين ٿي تري ! ڪاٺ جا پڪا ۽ پُختا تختا، جيڪي واڍي ٺاهي ٺوڪي ڀچائيا هئا، انهن ۾ لڳل ڪاٺيءَ جا ڪِل بُٿا ( ڪمزور ) ٿي ويا آهن، ديسي ناکئا، اڳيين ماڳ تي ناهن، هاڻي فرنگي ( يُورپي انگريز ) اُن پاڻيءَ ۾ پيا هلچل ڪن، اي ناکئا ! ( خبردار ! ) تنهنجي ٻيڙيءَ تي، چور چڙهي آيا آهن، ( اي الله سائين ! ) جتي پاڻيءَ جا وڏا ڇول اچي ڇُليا آهن، اُتي آسرو فقط تنهنجو ئي آهي،

ٿي ڏياري ڏيٺ، ڍوليو هلڻ جي ڪري،
مکيو پنهنجي مڪڙي، چيٺي چڱيءَ چيٺ،
رُئان رهن نه سُپرين، جان ڪين جھليان بيٺ،
مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا،
ڏياريءَ وارو مهينو ڏٺو آهي، منهنجو محبوب پرين، هلڻ جي تياري بيٺو ڪري، پنهنجي مڪڙيءَ کي ( تيل ) مکيو، چڱيءَ ريت بيٺو چيٺي، (پُوريءَ طرح سنڀالي تيار ڪري ) روئان، منٿون ۽ حيلا ڪريان، محبوب تِل نٿا ترسن، توڙي جو اُنهن جي چيلھ واري ڪمرپٽي کي، سوگھو ڪري ٿي جھليان، مون سان محبت واريون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهڙيون ڪري، منهنجا محبوب پرين، نيٺ سفر تي روانا ٿي ويا آهن،

اڄ پُڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جيون،
هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رهن،
آئون جھليندي ڪيترو ؟ آيل ! سامونڊرين،
پڳھ ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻارِ ۾،
اڄ وري پيا پاڻ ۾ صلاحون ڪن، وڻجارا واپار لئي پرديس وڃڻ جيون، هي پرديس وڃڻ وارا سُهڻل سُپرين، جي زاروزار روئان ٿي، ته به وڃڻ کان ڪو نه ٿا مُڙن، اي منهنجي مٺڙي امڙ ! آئون ڪيستائين روڪي روڪيندي ڀلا ؟ اُنهن سُهڻن سامونڊرين کي، جن پڳھ جا رسا ڇوڙي، کڻي پنهنجا ٻيڙا اُونهي اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ اُتاريا آهن،

اسان اُڌارا ، آڻي آونگ چاڙهيا،
منهن ڏيئي مون آئيا، سَمهان سيارا،
اُڀَرَنِ سِيَڪارا، پسيو ور ٻين جا،
اسان سُڪل مڇيءَ جا ٽڪرا ( ٻيرا ) اُڌارا آڻي، ( گذاري خاطر ) چُلھ تي چاڙهيا آهن، مون ولهيءَ کي، سخت سياري وارا ڏاڍا ڏکيا ڏينهنڙا، اکيون ڏيکاريندا آئيا، ٻين سرتين جا ور، پنهنجي پنهنجي گھر پهتل ڏسي، منهنجيءَ سرير مان، سيسڙاٽ نڪريو ٿا وڃن،

اڳينءَ جان آئون، جر پلءُ ٿي پائيان،
ته آيل!وڻجارن جيون، ٿيون ڌئنڪن ڌڄائون،
منجھان روح رءِ ٿيا، مُحمدُ مڃيائون،
پُنِيُنِ مُدائون، کنڊ کيڙائُو آئيا،
اڳينءَ نماز ( ظُهر ) جي وقت، جيئن ئي آئون سٽاڻي سمونڊر کي ڀيٽا (مڃتا ) ڏيڻ جي لئي ويئي، ته اي منهنجي مٺڙي امڙ ! ( آئون ڏسان ته ) وڻجارن جي ٻيڙن جون، کُوهن مٿان ٻڌل رنگ برنگي جھنڊيون، پري کان ٿورو ٿورو نظر پيون اچن، منهنجا سهڻا سامونڊري روح اندر رچي، صفا سچا ٿيا ۽ حضرت مُحمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم تي پاڪ ڪلمون پڙهيائون، اُنهن جي من جون مرادون پُوريون ٿيون، کاري سمونڊر جا کيڙيندڙ ( جھاڳندڙ ) خيرسلامتيءَ سان اِجھو موٽي آئيا،
سُر “ سامونڊري ” پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا سامونڊري سوداگر، جڏهن لنڪا، جاوا ۽ سُماترا وغيره ملڪن ڏانهن، وڻج ۽ واپار سانگي هليا ويندا هئا، ته پويان اُنهن جيون پياريون، سندن اوسيئڙي ۽ انتظار ۾، وڇوڙي جا وڍ سهنديون هيون، سندن خيرسلامتيءَ سان وري واپس ورڻ جي لاءِ، سٽاڻي سمونڊر تي اچي اکا ۽ باسون باسينديون هيون،
البت جڏهن انهن جا پيارا پرديسي ۽ کاري کيڙائُو، اَمُل اَتوريا آڻي، پنهنجي اڱڻ تي ڍير لائيندا هئا، ته اُها وير ۽ خوشيءَ جي گھڙي، ڏسڻ جهڙي هوندي هئي،

ماءِ ولاتي موٽيا، تڙ ٿا توارين،
وايون وڻجارن جيون، جيءَ کي جيارين،
کليو کيڪارين، جن سيڻ سلامت آئيا،

7. سُر“گھاتُو” جو فلسفو

“گھاتو” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “ ماريندڙ ”، “ شڪار ڪندڙ ”، “ مڇي جي گھور ڪندڙ ”، “ مڇي کي ڳوليندڙ ” ۽ “جانچيندڙ ” وغيره،
هي شاھ جي رسالي جو، گھاتوئڙن جي تمثيل سان، حقيقت ۽ نصيحت ڀريو سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب گھاتوئڙن کي خبردار ڪندي چوي ٿو ته، “ جيڪڏهن اوهين مڇ کي مارڻ چاهيو ٿا ته پهريان پنهنجن رڇن کي ريٽو رنڱ ڏيو ”. “ جان گھڙنداهُ گھاتوئا ! تان رڇن ڏهو رنڱ ”. اوهين جيڪا لاکيڻيءَ لوڏ لُڏندا ٿا وتو، يا هري هري هلندا ٿا وتو، ته اها رسم، ريت، پرِ، هلڻي، نمونو يا اهو ڀير گھاتوئڙن جو ته آهي ئي ڪو نه !
اَئِين جا لُڏو لوڏ، ايءَ پرِ نه گھاتوئڙن جي،
ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُک نه سُتا ڪڏهين،
گھاتوئڙن جون اکڙيون ڪَڪَڙيون هونديون آهن، اُهي ڪلاچيءَ واري ڪُن تي، ڪڏهن به سُک ۽ سانت سان سُمهي ڪو نه رهندا آهن،
گھوريندي گھور پيا، اَگھور گھوريائون،
مانگرُ ماريائون، ملاحن مُونهن سنرا،
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾، ڪلاچيءَ ( ڪراچيءَ ) جي ماڳ تي، اوڀايو نالي هڪ ميربحر رهندو هو، جنهن کي ست پُٽ هئا، انهن ۾ مورڙو سڀني کان ننڍو ۽ ڪمزور هو، باقي ڀائر جُنگ جوان هئا جي سمونڊر ۾ مڇيءَ مارڻ جو ڪم ڪندا هئا، ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، هڪ مست مانگر مڇ رهندو هو، هڪ لڱا، شڪار ڪندي، هي ڇھ ئي ڀائر اُن جي ور چڙهي ويا ۽ مڇ کين هڪ هڪ ڪري ڳهي ويو، جڏهن اها خبر مورڙي کي پيئي، ته اُن وڃي مڇ کي ماريو ۽ اُن جي پيٽ مان ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا،
لطيف سُر “گھاتو ” ۾ مانگر مڇ کي للڪاريندي چوي ٿو ته “ تُون جنهن اڇي اوڙاھ پاڻيءَ ۾ مچي مواڙ ٿيو آهين ۽ من مستيون ڪندو ٿو وتين، ته هاڻِ اُن پاڻيءَ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا اٿئي ! اهو اڇو اوڙاھ پاڻي ڄاڻ ته سُڪو !
متو آهين مڇ ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هڻين !
جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
سُر “گھاتو ” خالص مقامي سنڌي راڳ آهي، جيڪو فقط شاھ جي راڳ ۾ ڳايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو هندوستاني راڳ ۾، گھاتو جي نالي سان، ڪو به راڳ موجود ڪونهي،
هي شاھ جي رسالي جو ستون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 25 بيت، 1 وائي ۽ 2 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت “ گھنگھريا گھڻ ڄا ڻ، مُوڙهي مت مهائيين ” ۽ آخري وائي “ گھاتوئڙا ادا ! متان اَئِين رڇ وڃائيو ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
ماڪ ڀِڄاينِ مولهيا، مٿان رات پئي،
اُجھڻ لڳيون اوليون، وئن ونجھ وهي،
ڪلاچيان ڪهي، ڪڏهن ڪو نه آئيو.
مٿان رات پئجي ويئي، ( گھاتو واپس ڪو نه وريا ) اُنهن جا پڌر تي پيل پٽڪا، ماڪ پُسائي ڇڏيا، ( گھمجي ويا ) ٻيڙن کي، اڳتي اولجڻ ( ڌڪڻ ) وارو ڪم ختم ٿي ويو، اُنهن جي هٿن مان ونجھ ڇڏائي، پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويا، جيڪي به گھاتو، هيل تائين ڪلاچيءَ جي قهري ڪُن تي ڪاھ ڪري ويا، اُنهن مان اڄ ڏينهن تائين، واپس ڪوئي ڪو نه وريو آهي،

ڪالھ ڪلاچيءَ ويا، ڇتيون کڻي ڇُڳير،
ڀائُن ڀيرو نه ڪيو، ادن ڪي اوير،
اهڙي خاصي کير، ڪُن ورائي جھلئي.
طُرن وارا بگا پٽڪا ٻڌي، وڏي تياريءَ ڪري، مڇيءَ مارڻ جون ڇتيون کڻي، ڪالھ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ڪاهي ويا، ( روانا ٿي ويا ) اُنهن ادن اوير ڪري ڇڏي، ڀائُرن گھرن ڏانهن وري ڀيرو ئي ڪو نه ڪيو، ( اچڻ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو )، اهريءَ سُهڻي سنگت ۽ ڀائُرن جي ٽلندڙ ٽولي، ڪُن ورائي کڻي قابُو ڪئي،

ڏيهاڻي جن ڏنڀرا، ماريو ڏنم موڪ،
گھر ۾ گھاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪ،
لڏي وچان لوڪ، اُونهي ويا اوهري.
جن روزانو ڪلاچيءَ جي قهري ڪُن وٽان، ڪيترائي ڪُرڙا ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ مڇين جا شڪار ڪري مُون کي آڻي ٿي ڏنا، هاڻي اُنهن گھاتوئڙن جي گھرن ۾، سندن استعمال جون شيون ۽ ٻيا سامان ڏسي، منهنجا ڳوڙها ڳڙيو ٿا پون، ( جيءَ جھُريو ٿا پون )، هي سارو سنسار ۽ لوڪ ڇڏي، ڪنهن عجب جهڙي اُونهي اوڙاھ عميق ۾ اوجھل ٿي ويا آهن،

جيئن جھُڳا پائيين جھول ۾، ايئن نه مرن مڇ،
سٻر ڍار سمونڊر جا، ڪي راوان رڱج رڇ،
هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃان اوڙاھ اڳاهون ٿيو،
( اي گھاتوئڙا ادا ! ) جيئن ننڍڙيون ڄاليون ( ڄاريون ) جھول واري پِڇ پِڇ پاڻيءَ ۾، روز وڃي ٿو وجھين، وڏا خونخوار ۽ مهمير مانگر مڇ ايئن ڪو نه ٿا مرن ! اڳيان سٽاڻي سمونڊر جي اوڙاھ پاڻيءَ جا، وڏا اٿاھ اُٿندڙ ڇول آهن، تون پنهنجن رڇن ( وڏن ڄارن ) کي، اول رائي جهڙو ميٽڙو رنڱ ڏي، هي ته سامونڊري ڍورن جون پُوڇڙيون ۽ ڪسيون آهن، عميق، اوڙاھ ۽ اُونهون پاڻيءَ اڃان اڳتي آهي،

جان واهُڙ ۾ وھُ، تان تون مڇ ! نه موٽيو،
ڪائي ۾ ڪوھ ڪريين؟ پوءِ موٽڻ جو پھُ،
سِر مٿي ٿو سھُ، مهميزون ملاحن جيون.
اي مست مواڙ مانگر مڇ ! جيستائين جو درياء ( سمونڊر ) ۾، پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو جاري هو، تيستائين تو واپس ورڻ جي ڪا نه ڪئي، پاڻيءَ جي لهي وڃڻ کان پوءِ، هاڻِ ڇا جي لاءِ پيو واپس ورڻ جي ڪوشش ڪرين ؟ ۽ سٽون کائين، هاڻي ته ملاحن جون مارون، مهميزون ۽ سختيون پيو پنهنجي سِر تي سھُ ! ( پنهنجو ڪيتو لوڙ! )

جان جرُ هُئڙو جال، تان تون مڇ ! نه موٽيو،
پُونَئِي اڄ ڪهِ ڪال، سانڀويون سانگُنِ ۾.
اي مست مواڙ مانگر مڇ ! تو تيستائين واپس ورڻ جي ڪا نه ڪئي، جيستائين جو پاڻي ڀرپور، جام ۽ ججھو هُيو، درياءَ جي ڦاٽن ۽ واهڙن ۾، ( جتي تون گھُمين ڦِرين ٿو ) اڄ، سُڀاڻي يا اِجھو هينئر وڏا مها ڄار لڳڻ وارا اٿئي !
ڪُنڍي ڪَلِيَنِ وچ ۾، جڏهن هنيائون،
موتُ نه ماريائون، ڏور ڏيئي ويا ڏُک جي.
منهنجن مٺڙن محبوبن، سِڪ جو سَگھو ڏورو وٽي، رُڪ جِي ڏوڙِي ڏُنگھڙِي ڪُنڍيءَ ۾ ڏاڍو ٻَڌِي، منهنجي ڪاڪڙي وارين ڪلين ۾ آڻي، زور سان ٻاهر ڇِٻڪي ڏني، مون کي ايئن نه ماريائون، جيئن مري وڃان ها، ( اڌ مُئل حالت ۾ ڇڏي ڏنائون ) مون کي ڏُک جي ڏور ۾ ڦاٿل ۽ ڦٿڪندو ڇڏي، ( پاڻ مُسڪرائيندا ) هليا ويا،
اهڙيءَ ريت شاھ جي رسالي جو سُر “ گھاتو ”، مانگر مڇ ( نفس ) ماريندڙن جي مذڪور سان، انسان ذات جي لاءِ، نهايت گھڻيون نصيحتون، حقيقتون ۽ علامتون پنهنجي دامن ۾ سمائي، اختتام پذير ٿئي ٿو، جنهن جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان، دل کي تمام وڏو ڏڍ ۽ سُڪون ملي ٿو،

8. سُر“ کاهوڙي” جو فلسفو

“ کاهوڙي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” کهي وارو”،” کهِيڙي وارو”،” واهولي وارو”،” ڏُٿ تي گذران ڪندڙ”،” جبلن تي ڏُٿ ڳوليندڙ”،” ڏُٿ ڏوريندڙ” يا” ڏوٿي” وغيره،
“ کاهوڙي” اُن پورهيت کي چئبو آهي، جيڪو کهو کڻي، ڪنڊن وارو ڏکيو جھنگ وڍي صاف ڪري يا جبلن ۽ پهاڙن جي ڏُکين پيچرن مان ڏُٿ ڳولي ۽ چونڊي، پنهنجي پيٽ گذران لاءِ ڪشالا ڪڍي، جبلن ۾ ڪِن ٻُوٽن ۽ ٻُوڙن جون پاڙون کهيڙي ۽ ڪُهاڙين سان کوٽي، گاھ جا ٻج ۽ داڻا گذران لاءِ چونڊي،
هي شاھ جي رسالي جو تمام وڏو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، هن سُر ۾ تمثيلي طور کاهوڙين پاران، تتي ڏينهن جو ڏُٿ لئي ڏُونگر ڏورڻ، جھنگلن ۾ جھُڻڪڻ، سختيون سهڻ، جيءُ کي جوش ڏيڻ، سُڪل سنڊر کڻڻ، کرڪڻا پيرن ۾ پائڻ، راتيون رُڃ رهڻ، ڀڪُليا ڀُوڻڻ، دُونهيون دُکائڻ، هُئڻ حرام ڪرڻ، سُڃ ۾ سنڌرا ٻڌڻ، ور ڏيئي وڻ چونڊڻ، لُڪن ۾ لُوساٽجڻ، ڪُواٽ ڏي ڪَهڻ ۽ گُنگن جيئن گھُمڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيو ويو آهي.
مثلا؛
مون کاهوڙي لَکيا، مُوران ۾ ماتام!
سُڪا سَنڊر ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُڻي نه ٻُڌي،
کاهوڙين اُهڃاڻ، انگ نه سُڄي اَڳڙي،
سندا کاهوڙين، پري سُجھن پيچرا،
خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سُڪي نه ڳل تان،
ڪُپيريان پري ٿيا، اَٻُڌي ٻُڌائون،
سُک نه سُتا ڪڏهين، کرڪڻا لاهي،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪُندر سِر ڪُلهن.

معلوم ٿئي ٿو ته سُر” کاهوڙي” ڄڻ هندوستاني موسيقيءَ جي راڳ” ديوَگنڌار” سان ملي ٿو،
هي شاھ جي رسالي جو اٺون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 59 بيت، 4 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت” کاهوڙين خفيءَ کان، سوجھي لڌو سُبحان” ۽ آخري وائي” جاڳي اکڙين، ڪوھُ اوجاڳو نه ڪِيو ؟” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
مون سي ڏٺا ماءُ ! جن ڏٺو پِرينءَ کي،
تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
اي منهنجي مٺڙي امڙ ! مون اڄ اُهي ( انسان ) ڏٺا، جن پنهنجي پياري پرينءَ کي ( روبرو ) ڏٺو، اُنهن عظيم ۽ خوش نصيب انسانن جي، آئون ڪا ڳالهڙي ڪري ئي نٿي سگھان !

مون کاهوڙي لَکيا، گھرين نه گھارين،
واحد لڳ ولهن ۾، رويو جر هارين،
گُوندر گُذارين، تن ڏوٿين ڏُکوئي نه لهي.
مون کاهوڙي صحيح ڪيا، ته” اُهي پنهنجن گھرن ۾، ويهي ڪو نه ٿا رهن. هڪ الله پاڪ جي محبت خاطر، سخت سيءُ ۽ سردين ۾، رويو رويو، اکڙين مان آب هارين ٿا. غم ۽ گُوندر ۾ گڏ گُذارين ٿا، اُنهن ڏُٿ چونڊيندڙن تان، ڏک ۽ درد ڪڏهن لهي ئي ڪو نه ٿو”.

سُڪا سنڊر ڪڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽرمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟
“سُڪل ساندارا بغلن ۾ لڙڪيل ۽ ڇنل ٺيڳرا( جُوتا) پيرن ۾ پاتل اٿن، اکين ۾ ( الله جي خوف جو ) پاڻي وهندڙ”، اهڙين آرين پارين اوهان کي گس ۾ ڪي کاهوڙي گڏيا ؟

خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سُڪي نه ڳل تان،
حُزُن ڏيهن حشر جو، توڙان لٿو نه تن،
ڪِيائون، ڪِي ڪن، آجڪو اُخرا جو.
کاهوڙين کي، ڪنهن خُدائي خوف جي ڪري، ڳل تان ڳوڙهو ( لُڙڪ ) ڪڏهن سُڪي ئي ڪو نه ٿو، جزا ۽ سزا واري ڏينهن جو دائمي ڏک، سڄي حياتيءَ ۾، اُنهن جي دل تان ڪو نه لٿو،
آخرت جو توشو ۽ ثمر، ڪُجھ ڪيو اٿن ۽ ڪِي ڪُجھ اڃان ڪندا ٿا وتن،

گنجي ڏونگر گام ۾، ڪهڙو اٿئي ڪام ؟
پسيو تنهن پهاڙ کي، اچي نه آرام،
متان ڏونگر ڏوريين ! اُجھي جيئن عوام،
“هُئڻ” ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين،
(اي کاهوڙي!) گنجي ٽڪر واري گام يا علائقي ۾، تنهنجو ڪهڙو ڪم پئجي ويو آهي ؟ جڏهن به هن جبل کي، جانچي ٿو ڏسجي، ته انسان کي سُک ۽ آرام ئي نه ٿو اچي. متان اجايو ۽ فضول ڏونگر ڏوريندو وتين ! جيئن عام ماڻهو پيو اجايو اُجھي ۽ مُنجھي، تون پنهنجي هستيءَ، هوڏ ۽ هٺ کي حرام ڪر، پريت ۾ پچ، جلُ، سڙُ ۽ فنا ٿي وڃ، ته تون”سچو کاهوڙي” سڏجين،

هُو ڏوٿي، هُو ڏينهن، هُو ڏونگر، هُو لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن ڀُڻا لُوسن لُڪ ۾.
اُهي ئي ساڳيا ڏوٿي، اُهي ئي ساڳيا ڏينهن، اُهي ئي ساڳيا اُوچا پهاڙ، اُهي ئي ساڳيا سَنَهڙا سوڙها پيچرا آهن، اُهي ( ڏوٿي ) ڪنهن اهڙي عجيب عشق ۽ قرب ۾ قابو ٿيل آهن، جو ( اڄ به ) گرم جھولي ۾ اُتي وتن ٿا جھُلسندا،

ڏوري ڏسي ڏونگرين، واٽ وڃائي جن،
اُوءِ بصير برن ۾، انڌا ٿيو اُڀين،
ڪنن آڏيون تاڙيون، گُنگن جيئن گھُمن،
فراقي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لڱا ٿيا، لطيف چئي، سُتا پيا سِڪن،
کپت کاهوڙين، آه اُتي پِي نه لهي.
جن ( ڏوٿين ) ڏاڍا ڏکيا جبل ۽ پهاڙ ڏوري ڏٺا آهن، اُنهن آسانَ ۽ سولين واٽن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، اُهي ( اندر جي اکين وارا ) بيابانن ۾ به سڀ ڪجھ ڏسن ٿا، باقي ظاهر ۾ انڌن ۽ نابينن وانگر ٿيا پيا هلن، ڪنن کي ڄڻ تاڙيون آيل اٿن ۽ گُونگن وانگر گھُمندا ٿا ڦِرن، سِڪ، فِڪر۽ الله پاڪ جي حُڪمن جو، اُنهن ٻوڙن کي، ڄڻ ٻَرُ ۽ ڏڍ ڏنل آهي، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” توڙي جو اُهي لڱائيءَ ۾ لاچار ۽ بيمار آهن، پر پوءِ به الاهيءَ عشق ۾ سُتل به سِڪايل ۽ سُڄاڻ آهن”. اوسيئڙي، سِڪ، فڪر، ۽ فراق واريءَ وائي، اُنهن کاهوڙي فقيرن تان هڪ لحظي لاءِ به نه ٿي لهي،
اهڙيءَ ريت، شاھ جي رسالي جو سُر“کاهوڙي”، جبلن ۾ڏُٿ ڏوريندڙ، پاهڻن تي پاسا کوڙيندڙ، مٿي پاڻيءَ پير ڪڙيندڙ، انگ نه اڳڙيءَ اوڍيندڙ، سُڪا سنڊر کڻندڙ، ڀَڪُليا ڀُوڻندڙ،”هُئڻ” حرام ڪندڙ، ور ڏيئي وڻ چُونڊيندڙ،”پاڻ” پڻيءَ ڪندڙ ۽ لوچي لاهوتي ٿيندڙ کاهوڙي فقيرن جي فڪري فلسفي، بيانن، احوالن ۽ افڪارن سان ڀرپور سُر پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو. جنهن مان ڪيترائي معنيٰ جا موتي معلوم ڪري سگھجن ٿا.
اسان کي گھرجي ته هن سُر مان، ڪو سُهڻو سبق پرايون ۽ پنهنجي حقيقي ڪاميابي ۽ ڪامراني لاءِ اڳتي قدم وڌايون،

9. سُر“ڪاپائتي” جو فلسفو

“ڪاپائتي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”ڪپھ ڪتيندڙ” يا”ڪاپو۽ پورهيوڪندڙ”.
هي شاھ جي رسالي جو حقيقت سان ٽمٽار ۽ معنوي سُر آهي. جنهن ۾ شاھ صاحب پورهئي ۽ ڪاپي جي عظمت کي ساراهيو آهي.
ڄانتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
ڪتُ ڪنبندي آءُ، متان ڀاڳ ڀر ڏيين !
سُٽُ اُني جو سَڦَرو، جي پَرِ ۾ پِڃائين،

چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نُور محمد ڪلهوڙي جِي گھر واري، مائي ڄامان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون. جن مان هڪڙي پُراڻي چوٽياريءَ ۾ ( جوڳين واريءَ ڀٽ تي) به ٺهرايائين. جنهن جو هڪڙو گُنبذ، اڄ به پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڪن عالمن راءِ ڏني ته هي بادشاهي پئسن سان، هڪ عورت جي جوڙايل مسجد شريف آهي. اِن ڪري هن ۾، نماز پڙهڻ بهتر نه آهي. اهو ٻُڌي مائي ڄامان کي افسوس ٿيو ۽ اُن، من ۾ محبت پائي، پنهنجي محلات يا گھر جي اندرويهي، سُٽ ڪتي، اُن جا ڍيرا بازارن ۾ وڪڻي، اُنهيءَ هٿ جي پورهئي واريءَ رقم مان، ٻي مسجد شريف جوڙائي، جيڪا اڄ به موجوده چوٽياريءَ ۾ موجود ۽ صحيح سلامت آهي. اُن ۾ عالمن نماز پڙهي ۽ اڃان تائي قائم، دائم ۽ آباد آهي.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جڏهن هتي، درسگاھ چوٽياريءَ جي باني ميان مخدوم محمد مُبين ڪيريي ٿرائيءَ وٽ آيو، ۽ اهو ڪاپي وارو قصو معلوم ٿيس، ته اُن، هن عورت جي پورهئي کي وڏي مڃتا ڏني. سندس پورهئي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ، پاڻ پورو سُر ڪاپائتي لکندي فرمايائين؛
مُحبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اَڻ توريو اگھائيو،

سُر“ڪاپائتي” شاھ جي راڳ ۾ هلندڙ آهي، پر راڳ جي وڏي ڄاڻو فقيرن جي گذاري وڃڻ سببان،”ڪاپائتي راڳ” کي مسلسل نٿو ڳايو وڃي.
هي شاھ جي رسالي جو نائون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 41 بيت، 2 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُرجو پهريون بيت” توڻي تون ڪاتار، جِمَ! هيڪلي ڀيريين” ۽ آخري وائي” آئون جا ويندڙي پار پرين جي، مون کي آيل! جھل مَ پاءِ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
جان ڪتين تان ڪتِ، هيءَ هڏ! وهاڻي،
ڪاپائتي سڀڪا، ڪتي سيباڻي،
ڄانتو جن ڄاڻي، تن پهي هٿان نه ڇڏي.
(اي قربدار ڪاپائتي !) جي ڪپاھ ڪتڻ چاهين ٿي، ته هينئر ئي ڪتي وٺ، هي ويل به ڄاڻ هٿن مان ويئي ! هر هڪ ڪاپائتي، جڏهن به ڪتي ٿي، تڏهن وڻي ٿي ۽ مانائتي ٿئي ٿي. جن ڄاڻ منجھان ڄانتو، (جن ڪتڻ منجھان ڪمائيو) تن ڪپھ جي پوڻي، هٿن مان هيٺ ڪڏهن رکي ئي ڪا نه ڪا.

ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، سُتي ساهين هڏ،
صُباح اينديئي اوچتي، عيد اُگھاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪنديون سڏ، اُت سڪندينءَ سينگار کي.

ڪپھ ڪتڻ جي ڪوشش ئي ڪو نه ٿي ڪرين، رڳو سُتي سُتي پئِي آرس ڀڃين، سُڀاڻي عيد ملهائڻ واريءَ گھڙي، اُگھاڙن سان گڏ، اچانڪ اچي ويندئي ! جتي سُهڻيون سرتيون هڪٻئي کي (سِهرن ڳائڻ لاءِ) سڏ ڪنديون، اُتي تون سُهڻي سينگار لاءِ ويٺي سڪندين،

سونَ ساريکا هٿڙا، ڪُھُ نه ڪتين رڏ !؟
ويهي ڪُنڊ ڪاپوڪر، گٽيين گوهيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سڏ، مَرڪِيو هُوند مَٽائيين.
اي رڏي ڪندڙ ڪاپائتي ! تنهنجا سونَ جهڙا سُهڻا ۽ پورهيو ڪندڙ پيارا پيارا هٿڙا آهن، پوءِ به تون ڪتين ڇو نه ٿي ؟ ڪنهن اڪيلي ڪُنڊ ۾ ويهي، ڪتڻ جو پورهيو ڪر، گھٽين ۽ بازارن ۾، گھُتون ۽ گوهيون هڻڻ ڇڏي ڏي، ته جيئن (سُڀاڻي) صراف ۽ پارکُو جي سڏ تي، تون خوش ٿي سُٽ جو سودو ڪري سگھين،

ڀيريين ۽ ڀانئيين،”ڀانئڻ” ڀڃي ڇڏ،
ڪِتو وِتو پورهيو، هوڏ وجھنديئي هڏ،
هِتِ ڏيڍومٽين ڏڏ ! هُتِ ڏڪن ڏهسي واريون.
(اي ڪاريگرڪاپائتي !) تون پنهنجو چرخو چورين به ٿي ۽ اُن تي ناز ۽ غُرُور به ڪرين ٿي، اِهو”پنهنجي پاڻ کي سڀ ڪُجھ سمجھڻ” وارو خيال، ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏ ! اِهو اَجايو سَجايو ڪيل پورهيو، (هوڏ ۽ هستيءَ وارو خيال) هڪ ڏينهن هيٺ هاڃي ۾ وڃي هڻندئي ! اي اَياڻي ۽ ڏڏ ! هت ڏيڍوڻو سُٽ ٿي مٽائين، هُتِ ڏهوڻي ( تاڃي پيٽي ) واريون به ڏڪنديون ٿيون وڃن،

سُٽُ اُني جو سڦرو، جي پَرِ ۾ پڃائين،
آواز اُو ارٽ جو، ساھُ نه سُڻائين،
لِڪايو، لطيف چئي، ڪنبيو ڪتائين،
جي ماڻڪ مٽائين، توءِ مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
سُٽُ (جو ڌاڳو ) اُنهن جو صفا سُٺو ۽ صاف سُٿرو هوندو آهي، جيڪيون پنهنجيءَ پَرِ ۾ اڪيليون ويهي ٿيون ڪپھ ڪتائين، اُهي قُربدار ڪاپائتيون چرخي چورڻ جو آواز، پنهنجي ساھ ۽ سرير کي به ڪو نه ٿيون سُڻائين، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي پنهنجيءَ ڪپھ کي، ٻين کان لڪايو، ( خُدا جي خوف کان ڪنبيو ) پوءِ ٿيون پنهنجو پورهيو ڪن”. جي اُهي، اُن سُٽ جي عيوض ۾ ماڻڪ ۽ موتي به وٺن، ته به اُنهن جو سُٽ مُلھ ۾ اڃان وڌيڪ مهانگو هوندو آهي،

تاڃي توريائون، ته عيب نکتا اڳيان،
ڪوٺي ڪاپاتين کي، پر ۾ پُڇيائون،
اگلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا،
جانچي جُونچي (ڦورو ڦولي) پوءِ وزن ڪيائون، ته ڦوري جي اندران، کوڙ سارا عيب نڪري آئيا، صرافن، سڀني سُٽ ڪتڻ وارين کي سڏي، اُنهن کان مخفيءَ طور معلوم ڪيو، ( اي اديون ڀينر ! ) آئون ميرڙي، گندڙي ۽ عيبن هاڻي ٿي، مون کان تندُن ۾ ڪپھ جون ننڍيون ڳنڍيون ۽ ڳوڙها، لسا ڪيا ڪو نه ٿيا،

“نفيءَ” جي”نانهن” سين، پهي پڃيائون،
ڀِڙا جي”ڀانئڻ” جا، ڀيري ڀڳائون،
هُو جو وڻ”هُئڻ” جو، وڍي وڌائون،
“اسين” ۽”آئون”، آتڻ ناھِ اُن جي.
“نفيءَ” ۾ جيڪا”نانهن” موجود آهي، اُن سان ڪپھ جي پوڻيءَ ويهي ڪتيائون، (پِڃِي صاف ڪيائون) ڌاڳن جا”پاڻ ڀانئڻ” (تڪبر ۽ خُوديءَ) وارا ڳوڙها ۽ور وڪڙ، ورائي ورائي کڻي صاف سُٿرا ۽ لِسا ڪيائون، اُهو وڻ جيڪو”هُئڻ”،”هستي” ۽”هوڏ” وارو، من ۾ موجود هُين، سو وڍي، ڪپي ۽ ڪيرائي وڌائون،”اسين اسين” ۽”آئون آئون” واري ٻولي ۽ لولي هاڻِ اُنهن جي ڪتڻ واريءَ جاءِ تي آهي ئي ڪانه ڪا !
مٿي ڏيکاريل شاھ جي رسالي جي سُر“ڪاپائتي” مان، ارٽ اورڻ، چرخو چورڻ ۽ سُٽ ڪتڻ جهڙن قيمتي عنوانن ۽ مثالن مان، اسان تيستائين قرب جو ڪاپو ڪندا رهون، جيستائين وڃي رتو راس ٿئي، جن انسانن،”نفيءَ” ۽”نانهن” ( يعني فنا ۽ نابُود جي فلسفي ) سان پنهنجي پهي پڃي، ته اُنهن کٽيو، باقي”هُوند” وارا ته هر حالت ۾هارائيندا ئي رهندا آهن، بقول ڀٽ ڌڻي” اٺئي پهر ارٽ سين، جي ڪتن ۽ ڪنبن، تن جو صرافن، ڦورو ڦوليو ڪينڪين”.

10. سُر“بلاوَل” جو فلسفو

“بلاول” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جيڪو اسم خاص ۾ ماڻهوءَ جو نالو ۽ راڳ جي اصطلاح ۾، هڪ”ٺاٺ” يعني راڳڻي جو نالو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو نصيحت ڀريو، سخا ۽ ساراھ وارو سُر آهي. هن ۾ بظاهر سمن قبيلن جي سردارن ۽ سربراهن جي سخا ۽ ساراھ وارا بيت چيل آهن. اُنهن ڄامن جي خاص خُوبي اِها هُوندي هُئي جو هُو وڏن ڄاڻو فنڪارن، منگتن ۽ مڱڻهارن کي ته نوازيندا هئا، پر وڏن ڏڏن ۽ جڏن کي به دل کولي دان ڏيندا هئا. اهڙا سخي سردار ۽ هيڻن جا همراھ، هونئن ته ٻيا به گھڻا ئي هئا، پر مختصر جيڪي نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، اُنهن ۾ سخي جادم جکرو ولد سام، اوڍر پُٽ نوتيار، سمو پُٽ لاکو، جکرو پُٽ سمو، جکرو پُٽ اُڍو، مُهڙ پُٽ لاکو، ابڙو پُٽ رائيڌڻ ۽ ڪرڻ پُٽ لاکو جهڙن جوانن جا نالا اچي وڃن ٿا،
شاھ صاحب جي ڪلام جي خاص خوبي اها آهي، جو اُن ۾، نِج ديسي ڪردارن ۽ لوڪ داستانن وسيلي، حقيقي ۽ معنوي ڪردارن جون ڳالهيون ڳايون ويون آهن، مثلا؛
جکري جهو جوان، ڏسان ڪو نه ڏسين ۾،
مُهُڙُ مڙني مُرسلين، سَرسُ سندس شان،
ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيُمِ ههڙو.
جھُڙَ تنهنجي جھپيا، هزارين حاتم،
ڪوجھن سندا ڪم، ڪامل ري ڪير ڪري؟
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سُهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽيءَ اِن مُرسل، اصل هئي ايتري،
سما ! تو سِر ڇٽُ، نا ته پاڳارا پُرس ٻيا،
ڳُهُڙُ ! تنهنجي ڳڃڙي، اچي جال جڳٽ،
جنهن جيهو ئي پٽُ، تنهن تيهائي بِکيا،

هندوستاني موسيقيءَ ۾،”بلاولي” هڪ جدا راڳني ۽”بلاول” جدا راڳ آهي، شاھ جي راڳ ۾، سُر“بلاول” آهي، جيڪو هڪ خاص ٺاٺ آهي، جنهن مان ٻيا راڳ نڪرن ٿا،
هي شاھ جي رسالي جو ڏهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 55 بيت، 4 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت” الله ! جُنگ جِيَنِ، اَجھي جني گھاريان” ۽ آخري وائي” ڍڪ ڍڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيعُ شافعُ سُپرين” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

پانڊپ سين نه پاڙيان، سَئين ٻيا سردار،
آهي مثل مينهن جي، سخي ! تنهنجي سار،
حاتم هڙد هزار، جھُڙ تنهنجي جھپيا،
وڏي سخي سردار سان، ٻئي ڪنهن کي به برابر ڪري نه ٿي سمجھان، توڙي جو سوين ٻيا به سُهڻا سردار آهن، اي سٻاجھا سخي ! تنهنجيءَ (غريبن جي مٿان) سار سنڀار، مينهن جي ڀرپور وسڪاري وانگر آهي، سخي حاتم جهڙا ارڙنهن هزار ( هزارين هزار ) تنهنجي جھُڙ (رحمت جي ڪڪر ) ڇانهن ۾ ڍڪي ڇڏيا آهن،

راهُو ! تنهنجي ريت، پرکنڊين ئي پڌري،
گھڻا گھوڙي چاڙهيا، تو مسافر مسيت،
پُڇين ڪا نه وڏيت، جي آيا، سي اگھيا،
اي سخي راهُو ! تنهنجيءَ سخا واري ريت، پرڏيهن ۾ به پڌري آهي، مسيت ۾ ٽڪندڙ، گھڻن ئي مسڪين مسافرن کي، تو گھوڙن جو مالڪ بنائي، اُنهن تي چاڙهي پوءِ روانو ڪيو، تون ته ڪنهن کان ذات پات ئي ڪونه پڇين، جيڪي به سُوالي آيا، اُنهن جا عرض اگھامي ويا،

سر نهارج سڀرو، تڙ تڙ ڪيم ترسُ،
ڏيندئي لک لطيف چئي، راڄ راهُوءَجي رسُ،
وِلها جنهن ونهيان ڪيا، پاڳ تنهين جي پسُ،
ڪوڙيين لاهي ڪسُ، جي ڳالهائي ڳاٽ کڻي.
( اي چڱا چارڻ !) پاڻيءَ سان سُٺوڀريل، ڪو وڏو شاهي تلاءُ وڃي جانچ، هِتي هُتي ۽ هر هڪ تڙ تي نه پيو ڀٽڪ، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو، ته” توکي لکن جي ڏات ملي ويندي، هيڪر راهُوءَ جي راڄ ڀاڳ واريءَ حد ۾ تون پهچ ته سهي !جنهن بُکيا ڏُکيا، سُکيا ستابا ڪيا، تون اُنهيءَ سُهڻي جي سرداريءَ ۾ وڃي پڄ، ڪروڙين ڪروڙ غريبن جي کوٽ پوريءَ ڪري ٿوڇڏي، جڏهن ڪنڌ مٿي ڪري، حُڪم ڏئي ٿو”.

جکري جهو جُوان، ڏسان ڪو نه ڏِسينِ ۾،
مُهُڙ مڙني مُرسلين، سرسُ سندس شان،
ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيُم ههڙو.
جانب جکري جهڙو سُهڻو ۽ سخي جوان، ٻين سڀني طرفن ۾، آئون ڏسان ئي ڪو نه ٿو، سڀني پيغمبرن ( رسولن ) جو اڳواڻ آهي ۽ اُنهن سڀني کان وڌيڪ ان جو مانُ ۽ مرتبو آهي، اِهو منهنجي الله پاڪ جو وڏو احسان آهي، جنهن اهڙو عظيم ۽ هدايت ڏيڻ وارو سُهڻو سردار اسان کي عطا ڪيوآهي،

جکرو، جس کرو ! ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سُهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽي اِن مُرسل، اصُل هُئي ايتري،
جانب جکرو، صحيح ۽ سچي راھ وارو آهي، باقي ٻيا مڙيئي نالي جا پهلوان آهن، جانب جکري جي بالا بخت جي، ( اڄ ڏينهن تائين ) ڪنهن کي پوريءَ طرح ۽ مڪمل خبر ئي ڪا نه پيئي آهي، اِن نبي ڪريمُ ( صلي الله عليه وآله وسلم ) لاءِ، اُها پاڪ ۽ مقدس مٽيءَ هُئي ئي فقط ايتري،

ابڙو اگھامن ۾، سٻڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنهن نه پوڻيا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي،
سمو سانوڻ مينهن جيئن، رِڃُون ٿو ريلي،
اچن جي ويلي، تن بور بخشي بٺ ڌڻي،
سخي سردار ابڙو، اگھامن جي ملڪ ۾ ايئن آهي، جيئن لسٻيلي ۾، سخي سپڙ ڄام سُلطان، اُهي ملڪ ۽ علائقا ٻئي ڪنهن به ڪو نه لتاڙيا، جيڪي هيءُ همت وارو مرد روزانو ٿو لتاڙي ۽ ڀيلي، سُهڻو سخي سمو سردار، سانوڻ جي مندائتي مينهن وانگر، رُڃن ۽ بيابانن کي به، پنهنجيءَ سخا سان ٿو سيراب ڪري، جيڪي ( مسڪين ) هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ سُوالي ٿي ٿا اچن، اُنهن کي، هي بٺي جو مالڪ، بور گھوڙيون بخشي ڏيئي ٿو ڇڏي،

ابڙو اگھامن ۾، ڀرجھلو ڀاري،
مَنهن مُني جکرو، طاماعُنِ تاري،
سمي سُوالين کي، ويلھ وساري،
پُڇي سي پاري، جي عاجز اُجُورن ۾.
سُهڻو سخي سردار ابڙو، اگھامن جي ملڪ ۾، غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ، وڏو ڀرجھلو ۽ آڌار آهي، هيءُ جانب جکرو ڇپر جي وچ واريءَ مضبوط مُنيءَ ( ٿوڻيءَ ) وانگر، جيڪي طمع رکي اچن ٿا، تن کي تاريندڙ ۽ گھُرج پوريءَ ڪندڙ آهي، سُهڻي سمي سردار، سُوالين کي، تُوڻ جي تنگيءَ مهل ٿيڻ وارو کاڌي پيتي جو کُٽڪو ۽ ڳڻتيءَ وسارائي ڇڏي، هُو اڻ هوند ۽ واندن کان به تڪليفون پُڇندو رهي ٿو، جيڪي محتاج ۽ مجبور، ٿورڙن اُجُورن ۽ خيراتن تي گذارو ڪندڙ آهن،
شاھ جي رسالي جو سُر“بلاول” سخي سردارن جي سخاوت جي بيانن سان، سراسر مُعطر لڳو پيو آهي.
معنوي پهلوءَ کان ڏسنداسين ته هن سُر مان، انسان ذات کي، فقط الله پاڪ جي در تان گھُرڻ ۽ حاج پوريءَ ڪرڻ جي لاءِ همٿايو ويو آهي ۽ حضورڪريم ( صلي الله عليه و آله وسلم ) جن کي، آخري پيغمبر ۽ رحمت للعالمين ڪري مڃيو ويو آهي،” مٽيءَ اِن مُرسل، اصُل هئي ايتري”.
اسان کي شاھ جي رسالي جي مُطالعي مان، هميشه نوان نوان عنوان ۽ اُهڃاڻ ملن ٿا، جن تي غور، فڪر ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان پنهنجي دُنيا ۽ آخرت سنواري سگھون ٿا،

11. سُر“پرڀاتي” جو فلسفو

“ پرڀاتي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”پِرڀات وارو. يا”صبح وارو”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي. جنهن ۾ سالڪ کي، اسُر ويل جو اُٿي، داتا جي در تي، ڪيرت (ساراھ واريون صدائون) ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي. شاھ صاحب چوي ٿو“اي منگتا ! تنهنجي تُنبي جي تارن تي ته ڪٽ چڙهي ويئي آهي، اِهو ڀانن ۽ ڀَٽ فقيرن جو ڀير ۽ نمونو ئي ڪونهي، جو ڪينرو ڪِلِيءَ تي ٽنگي ۽ بيهاري ڇڏين”.
ايءُ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪيريءَ ٽنگيو ڪينرو،
سُونهاري صُبوح سين، وجھي ويٺين وير،
توکي چوندو ڪير ؟ ڪيرت ڌاران مڱڻو.
اي مڱڻا! اي ڏڏ! ڏاتار ته گھڻو ڏيندڙ آهي ۽ ڏيندڙ به اهڙو، جي اُنهيءَ جي سخا جي خبر، سَنهي ۽ گھڻي ڪتڻ وارن کي پئجي وڃي ته اُهي پنهنجا سمورا ساز ۽ سامان، پلڪ ۾ پُرزا پُرزا ڪري ڇڏين.
جيڪين ڏڏن ڏي، ڳُجھ ڳُجھان ئي ڳُجھ ۾،
سو جي سُڻين ڪڏهين، ڪيرت وارا ڪي،
ته ساز مڙيئي سي، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.
اي مڱڻا ! ڏوھ ته سمورو تنهنجو ئي آهي، تون داتا جو در ڇڏي، ٻين ٺلهن ۽ سکڻن درن تي صدائون هڻندو وتين، اِن ڪري ئي ته تنهنجا حال هيڻا ٿي ويا آهن.
ڏاتار ڏُک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻي،
“مون در ڇڏيو مڱڻا! مڱين ڪوھ ٻيا ؟
تيلاهين تو پيا، وچان وِلها ڏينهڙا”،
پُوريا در مَ پِنُ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي،
ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو، نانءُ تنهين جوڳِنُ،
جو رين رساڻي دِنُ، ڏيئي ڏُرمائي ڪينڪين.
ڄاڻي توءِ مَ ڄاڻ، ايءُ در اَٻوجھن جو،
اِن در سيئي اگھيا، جن نه ڀانيو” پاڻ”،
رُونجھاڻي راڄاڻ، آهي اَٻوجھن جو.
پرڀاتي، (جاجڪاڻي، وِهاڳ يا وِهاڳڙو) سنڌ جو آڳاٽو راڳ آهي. پرڀاتي جِي لئي، سنڌ جي قديم راڳ” لوڙائُو” سان به ملي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو يارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 46 بيت، 4 وايون ۽ 2 داستان شامل اهن. هن سُر جو پهريون بيت” ايءُ نه ڀانن ڀيرُ، جيئن ڪِيريءَ ٽنگيو ڪِينرو” ۽ آخري وائي” وڏا ڏاڻ ڏنائين، کنيائين رختُ ريزالن جو” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

جاجڪ ! جيڏا پس، ويا سويرا ساڄ کڻي،
ڪينر ڪِيريءَ ٽنگيو، ڪنجھي لڳي ڪس،
تو گھِرندي مس، لڄ لنگھڪِي ڇڏئي.
اي جاجڪ ! تون تنهنجا سينگا(هڪ جيڏا سرتا) ته ڏس، هُو صبح جو سويرا، وڄائڻ وارا ساز ۽ سامان کڻي، هتان روانا ٿي ويا آهن، تنهنجو ڪينرو (سُرندو ) ته سدائين ڪِليءَ تي ٽنگيو بيٺو آهي ۽ ساز جي ڪنجھي واري ڌاتُوءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، توکي نئين ڏاڙهيءَ اڃان مس آئي آهي، ته تو کڻي لنگھن واريءَ لڄ ڦٽي ڪئي آهي،
چارڻ وس نه ڪاءِ، ته ڪا ڪِيرت جي ڪري،

جني سندو مڱڻو، هٿ تني جي آهِ،
جي ڳارائينس ته ڳاءِ، جي سُمهارينس ته سُمهي رهي.
چارڻ ويچاري جي وس ۾ ڪا ڳالھ ئي ڪانهي، ته هُو صدا ۽ ساراھ واريون وايون ڪري (يا نه ڪري ) سگھي، هِي جن مالڪن جو مڱڻو (ماڻهو ) آهي، سڀ ڪُجھ اُنهن (مالڪن) جي ئي هٿ وس ۾ آهي، جي هُو چون ٿا”ڳاءِ” ته ڳائي ٿو، جي هُو چون ٿا“سُمهي رھُ” ته ويچارو سُمهي ٿو رهي،
اُٿيو اَٻوجھاءَ! سٻڙ جو سڏ ٿيو،

جيئن اَئين ڪِيرت ڪٽ نه سِکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءَ،
“مڱو مون مُلاءَ، آئون اوهان جو آهيان”.
اي اَٻوجھو ! اُٿو ! سُهڻي سخي سٻڙ ڄام جو، صدا قبول ڪرڻ وارو سڏ ٿيو آهي، جيئن جو اوهين ساراھ ۽ صدائون ڪرڻ قطعي ڪو نه سکيا آهيو! تيئن ئي توهان تي سُهڻو سردار، اڄ پاٻوھ ۽ پيار مان پاڻهي ئي پرچي پيو آهي، ( هُو چوي بيٺو)”اچو ! اوهين اڄ مون کان گھُرو! ڇو جو آئون ته آهيان ئي اوهان جو پنهنجو”.
ڏڏ ٿي، ڏان گھُر، ڇڏ وڄا جي وائي،
سٻڙ رات سنباهيا، تازِي تو لائِي،

جو ڄاڻي نه ڪائي، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجھ ڪِي.
صفا اڻ ڄاڻ ٿي پئو! پوءِ وڃي انعام اڪرام حاصل ڪرڻ جي صدا هڻ ! ڄاڻ، علم، حڪمت ۽ دانائيءَ جي بنھ ڳالھ ئي ڇڏي ڏي. سخي سٻڙ ڄام، رات سنبرائي، سِترائي، تيار ڪري بيهاريا آهن، تازِي گھوڙا خاص تنهنجي لاءِ ئي ! جيڪو مسڪين منگتو، صفا ڪُجھ به ڪو نه ٿو ڄاڻي، تنهن سان لي ٻيلي جي ڌڻي سدائين پئي مهرباني ۽ ٻاجھ ڪئي آهي،

اُٿي ورُ ! ورناءِ، دانهون دنبورن جيون،
اڳيان اُنڙ ڄام جي، لنگھا ! تون ليلاءِ،
جوڙ تندون، ڪر جاءِ، متان سٻڙ جو سڏ ٿئي!
اُٿي ! راڳ روپ واري ڌنڌي ڏي وراڻ ڪر، ٻين جي دنبورن جا سُهڻا ۽ سُريلا آواز ڪن ڏيئي ٻُڌ، اي لنگھا! سخي سردار اُنڙ ڄام جي اڳيان، تون وڃي عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪر، (سُرندي جون) تندون ٺاهي جوڙي، صحي جاءِ تي لڳائي، تيار ڪري بيهار، متان اوچتو سٻڙ ڄام جو سڏ ٿئي !

“ڏاتار” ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،
مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون !
جي گھرِ اچين مون، ته ميريائي مان لهان.
ڏيهن جو ڏاتار ته هڪڙو ئي تون آهين، ٻيا (جڳ جهان ۾) جيڪي به آهن، سي مڙيئي مڱڻا آهن، مينهن ته وسن ٿا (ڪڏهن ڪڏهن) مند اچڻ تي، تون ته سڀ ڄمار پنهنجيءَ رحمت وسائيندڙ آهين، جي مُحبت سان منهنجي گھر اچين، ته آئون اگلي عيبدار ئي مانُ واريءَ ٿي پوان،

ڏڏ وڏو ڏڏ! پاڻ ڪوٺائي “مڱڻو”،
نه ڪنهن نيو پاڻ سين، نه ڪنهن ڪيو گڏ،
سٻڙ ڪري سڏ، ڏڏو ڏوليءَ چاڙهيو.
مڱڻهار ته موڳو، وڏو ڏڏ ۽ ڪُند ذهن آهي، پر اُن کي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ وٽ گھُرايو آهي. نڪو هن کي ڪير پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ نڪو ڪنهن پنهنجين ساٿين ۾ اُن کي شامل ڪيو. سُهڻي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ ڏڏ کي سڏ ڪري، ڏوليءَ تي چاڙهي، انعام اڪرام ڏيئي، ( مان شان سان ) روانو ڪيو،
شاھ جي رسالي جو سُر”پرڀاتي”، سُر“ بلاول” جو ساٿي سُر آهي. جهڙيءَ ريت”يمن” ۽”ڪلياڻ”،”سامونڊري” ۽”سريراڳ” يا “رامڪلي” ۽”پُورب” سُر آهن. سُر“پرڀاتي” ۾، هڪڙي داتا جي در تان گھُرڻ جي صلاح ڏنل آهي ۽ پُوريل درن تان پنڻ جي سخت منع ڪيل آهي،” پُوريا در مَ پِنُ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي، ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو، نانءُ تنهين جو ڳنُ، جو رين رساڻي دنُ، ڏيئي ڏُرمائي ڪِينڪِين” يا” ڪُوڙا در دنيا جا، جاجِڪ ! مڱين جي”، اهڙيءَ ريت سُر“پرڀاتي” انساني روح کي تر و تازه ڪري، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ۽ اسان جي لاءِ، معنيٰ ۽ معرفت جا موتي مُهيا ڪري ٿو.

12. سُر”ڪارايل” جو فلسفو

12. سُر”ڪارايل” جو فلسفو

“ڪارايل” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”ڪارڙو مور”،”ڪارڙو هنجھ” يا”ڪارڙو نانگ”. هي شاھ جي رسالي جو معنوي سُر آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي هنجھ پکيئڙي، مور ۽ ڪاري ڪاريهر نانگ بابت ڪيئي رُخ روشن ڪيل آهن. ڪنهن هندي شاعر چيو آهي ته” تال سُوک ڪر پٿر ڀيو، هنس ڪهين نه جائي، پُراني پريت ڪي ڪارني، ڪنڪر چُن چُن کائي”. ساڳي وانگر حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه پُڻ هِن سُر ۾ چيو آهي ته ؛
سَر ۾ پکي هيڪڙو، چُڻي چانگاري،
جيڪا رضا رب جي، سا پکيئڙو پاري،
وٽان ويچاري، وڳر سڀ وهي ويا،
پکي ٻيا متا متارا ٿيندا آهن، پر هنجھ هميشه ڏُٻرا هوندا آهن. اُنهن جي من ۾، ماريءَ جو خوف پيو وڍ وجھندو آهي ته ڪٿان ٿو ماريءَ مار ڪري!؟
پکي ٻيا مچن، هنجھ سدائين ڏُٻرا،
ماريءَ سندو من ۾، وِرھُ ويچارن،
ڪنبن ۽ ڪڍن، موتي جي مهراڻ جا،
مور ۽ ڪاري نانگ جي قصي کي به اختصار سان هن سُر ۾ سمايو ويو آهي. مثلا؛
مٿي جھڙ جھيڙين، مور ڪارايل پاڻ ۾،
نُوڻِي نانگ نه ڏين، موران موٽڻ مِيهڻو.
جيڪڏهن وحدانيت يا وحدت الوجود جي فلسفي تي نظر ڊوڙائبي ته سُر”ڪارايل” ۾، شاھ صاحب ان ڳالھ جو بلڪل چٽو اظهار ڪري ٻُڌايو آهي ته ؛
سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنجھ،
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجھ،
ڏِيل جنهن جو ڏنجھ، سو ماري ٿو منجھ ڦري.
“شاھ جي راڳ” وارن سُرن کي، جڏهن هندوستاني موسيقيءَ جي راڳن سان ڀيٽبو ته ايئن معلوم ٿيندو ته سُر“ڪارايل”ڄڻ هندوستاني موسيقيءَ جي راڳ”جلڌار ڪدارا” سان ملي ٿو، هي شاھ جي رسالي جو ٻارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 56 بيت، 5 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” وحده وائي ڪري، چڙهندي چيائين” ۽ آخري وائي” هوت بلوچ جي آهيان، ڀلو! جيڏيون! آئون جا بلوچ جي آهيان” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڪَونر پاڙُون پاتار ۾، ڀَونر ڀِري آڪاس،
ٻنهين سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس! جنهن محبتي ميڙيا.
ڪنول ٻُوٽي جون پاڙون، اُونهي پاڻيءَ هيٺ (زمين جي تري ۾) ۽ ڀَونر ته مٿي آسمان جي طرف اُڏامندڙ آهي، ٻِنهيءَ جي پيار واري ڳالهڙي، رزق رسائيندڙ ڌڻي، راس آندي آهي، (هڪٻئي سان ڳنڍي آهي) اِنهيءَ پريت جي ريت کي جس هجي! جنهن ٻيئي محبت ڪندڙ ملائيا،

سر ۾ پکي هيڪڙو، چُڻي چانگاري،
جيڪا رضا رب جي، سا پکيئڙو پاري،
وٽان ويچاري، وڳر سڀ وهي ويا،
تلاءُ ۾ هنجھڙو پکي اڪيلو آهي، چُڳي به پيو ۽ ورلاپ واريون وايون به ڪري پيو، (ڪُڻڪاٽ به ڪري پيو) جيڪا الله پاڪ جي مرضي ۽ حڪمت آهي، سا پيارو پکيئڙو پيو پُوريءَ ڪري ۽ نڀائي، ويچاري هنجھڙي وٽان، اُن جا سڀ ساٿي، ٽولا ٽولا ٿي ڪري، هاڻِ هليا ويا آهن،

اڇو آب لُڙ ٿيو، ڪالوڙيو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجھڙا،
پاڪ صاف پاڻي، ميرو ۽ لُڙو ٿيو، جنهن کي ڪانوَڻِينِ هڻي ڪارو ڪري ڇڏيو. هنجھ ويچارا، چُڳڻ لئي ايندي، اُن پاڻيءَ جي سر تي، هاڻي لڄي ٿين ٿا،

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ڪينجھر سڀ نهاريو،
وري وانهيري نه وريا، للا لاکيڻيءَ لوڏ،
هينئڙي جني هوڏ، سي هنجھڙا سڀ هلي ويا،
سُهڻن مور پکين کي، خُوشيءَ مان ڪُڏندي ڏسڻ لاءِ، مون سموريءَ ڪينجھر ڍنڍ وڃي جانچي ڏٺي، سُهڻِي چال چلڻ وارا سُهڻا هنجھ، وري واپس ويهڻ واريءَ جاءِ تي وريا ئي ڪو نه، منهنجي هن هينئڙي جي، جن پکيئڙن کي ڏسڻ جي لاءِ، هوڏ ٻڌل آهي، هاڻي اُهي هنجھڙا، هِن سر مان ئي هليا ويا آهن،

ڪُسرِ ڪنگن قبرون، سُسرِ ساڱاهيج،
هنجھ!هُتي جي ڳالهڙي، ٻگھن سين مَ ٻوليج،
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪهين چُهنج سين،
ڪِني، ڪوجھي ۽ ميري پاڻيءَ واري تلاءُ ۾، ڪُوڙن ڪانوڻين جون قبرون هونديون آهن، تون صاف سٿرو تلاءُ سُڃاڻجانءِ. اي هنجھ پکيئڙا! هُن پار واري سُهڻي ۽ پاڪ پاڻيءَ جي، ڀُڻڪ به ٻگھلن کي نه ٻُڌائجانءِ، تون پاڪ پاڻيءَ ماڻي مرجانءِ، پر ڪنهن کي به چُهنب چوري، ڪُجھ به نه چئجانءِ. ( واتئون ورائي ويڻ نه ڏجانءِ )

آسڻ جن اَريج ۾، تن جي وِھُ جو ورنُ ٻيو،
تن جو ڪنڊو ئي ڪم ڪري، جي مٿس پير پيو،
پُريين آهي پڌرو، تن نانگن جو نِهو،
ڪِلي وير ڪِهو ؟ جو سامهون ٿئي سَپَنِ کي،
(اُهي نانگ) جن جي رهڻ جون جايون ۽ ٺِڪاڻا، سدائين سُڪل زمين ۾ هُجن ٿا، اُنهن جي زهر جو اثر ئي اَور هوندو آهي. اُنهن جو پُراڻو پيل ڪنڊو ئي ڪم لاهي ٿو ڇڏي، جي ڪنهن جو پير اُن جي مٿان وڃي پيو. پِيڙهين کان ئي اُنهن نانگن جو بُڻ بُڻياد، پڌرو ۽ نشانمبر آهي. اُهو ڪير ٿيندو آهي ؟ جيڪو مقابلي جي مهل، اهڙن وڏن وڙهندڙ نانگن کي سامهون ٿي سگھي.

سَنَهان ڀانءِ مَ سپ، وِياءَ واسينگن جا،
لتاڙيا، لطيف چئي، چوريا وجھن چپ،
تني جي جھڙپ، هاٿِي هنڌان نه چُري،
اِهي سپ سنهڙا نه سمجھ، جيڪي واسينگن جي بُڻ بُڻياد منجھان آهن. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” لتاڙڻ يا ٿورڙي چورڻ سان ئي، اِهي ڄاڙيءَ سان ڌڪ هڻن ٿا.”(چپن سان چڪ هڻن ٿا) اُنهن جي فقط هڪڙيءَ سٽ سان، فِيل مست ( هاٿي ) به جتي هوندو، اُهو اُتان چُرندو ئي ڪو نه !

واتان جني وِھُ وهي، سي آيا اوڳارين،
جي آرڻ ٻڌي آئيا، تان نانگ نه نهارين،
ڏنير تن ڏارين، ميل جني جي من ۾،
( اُهي نانگ ) جن جي واتن مان زهر ( وِھُ ) وهندو ٿو رهي، سي ڏنگڻ تي اچن، ته مورڳو ماريو ٿا وجھن، جي وڙهڻ جو مقصد ( ضد ) ڪري آئيا، ته اُنهن کي ٻيا نانگ به نظر نٿا اچن، اُهي زورآور نانگ، ٻين کي چِيريو وجھن، جن جي من ۾ دشمني واري ميرائي ۽ مندي موجود هوندي آهي،
معلوم ٿئي ٿو ته سُر“ڪارايل” ۾، هنجھن، مورن ۽ کپر ڪاريهر نانگن جي تمثيل سان، ڀٽائي صاحب، انساني اُمنگن، حسرتن ۽ خواهشن جو خوبصورت عڪس ويهي چِٽيو آهي.”سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پارهيڙي پنجاھ”،” ماڻڪ چُوڻو جن جو، هنجھ حُضوري سي”،” پکي ٻيا مچن، هنجھ سدائين ڏُٻرا”.
اهڙيءَ ريت، هنجھن کي ٻگھن سان دوستيءَ نه رکڻ جي دل واري صلاح، ڪاري ڪاريهرنانگ جي ڇيڙ ڇاڙ کان باز اچڻ جي سختيءَ سان هدايت ۽ کپر ۽ گاروڙين جي پاڻ ۾ ازلي دشمني ۽ وير جهڙا دل آويز داستان داخل ڪيل آهن.
معنوي پهلوءَ ۾ جھاتي پائي ڏسنداسين ته، هن سُر ۾، وحدت الوجود جو جلوو ۽ فلسفو پڻ جرڪندي نظر اچي ٿو، مثلا؛
سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنجھُ،
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجھُ،
ڏيل جنهين جو ڏنجھُ، سو ماري ٿو منجھ وڙهي.
اسان کي شاھ جي سُر“ڪارايل” مان معنيٰ جا موتي حاصل ڪرڻ گھرجن، هي اُهو اعليٰ وکر آهي، جيڪو”وحده” جي وائيءَ ۾ سمايل آهي ۽”الست بربڪم” جي اُهڃاڻ ۾ آويزان آهي،

13. سُر”ڏهر” جو فلسفو

13. سُر”ڏهر” جو فلسفو

“ڏهر” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”هيٺاهون ميدان” (جتي پاڻي گڏ ٿئي)،”ٻن واريءَ جي دڙن جي درميان ٺهيل ماٿري” يا”بيتن جو هڪ قسم” (جن کي دُعا يا ذڪر خاطرپڙهيو وڃي).”ڏهر” لفظ جي ٻي معنيٰ،”ڏاھ”،”خبرچار”،”سُڌسماءِ”،”اُهڃاڻ” يا”ڏس پتو” به آهي،
هي شاھ جي رسالي جو معنوي پهلوءَ وارو حقيقت تي آڌاريل سُر آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جي ساراھ سان گڏوگڏ، پن جو پاتال ۾ ٻُڏڻ، پاهڻ جو پاڻيءَ ۾ ترڻ، مانجھاندي جي ماڳ کي ساڻيھ سمجھڻ، ڪنڊي ۽ ڍور ڌڻين جون ساروڻيون سلڻ، سانگن جو گاھ سُڪي وڃڻ، ڪنڌيءَ اڪ ڦُلارڻ، پٽيهل ۾ پاڻيءَ جو لهي وڃڻ ۽ ڪنڌيءَ جو ڪائو ڏيڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيل آهي. مثلا؛
ڪنڊا ! تون ڪيڏو ؟ جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو ڏٺو پيڙو ؟

هن سُر ۾، اڳئين وقت جي هڪ حاڪم، جسوڌڻ راءِ جو ذڪر به ملي ٿو، ته ڄام لاکي ڦُلاڻيءَ جي لوڙين هڻڻ ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ جو احوال به موجود آهي، اوڏن، جاڙيجن، جتن، ڍاٽين، ريٻارڻن، سمن ۽ سنگھارن جي سار سنڀار به لڌل آهي، ته ماريءَ جي ميرن ڪپڙن، بغل منجھ بندوق، روھ ۾ راماڻن ۽ ڪُوجن جي ڪُڻڪاٽن جو قيمتي پهلوءَ به سمايل آهي.
ماريءَ ميرا ڪپڙا، بغل منجھ بندُوق،
ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪين چڙهي.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي وقت ۾ هلندڙ سُر”ڏهر” جِي ڪنهن خاص لئي کي”راڳ” جو درجو ڏنو ويو. جيڪو”شاھ جي راڳ” جو حصو بنيو. بطور راڳ جي، سُر”ڏهر”، هن وقت تائين، فقط شاھ جي راڳ ۾ ڳائجي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو تيرهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 108 بيت، 4 وايون ۽ 5 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اللهُ! جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو” ۽ آخري وائي” منهنجي ننڊ نه نيڻن وو! ڪالهون پوءِ لڪن ۾” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ په اوڏيائي منگان،
ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، تون ڇپر، تون ڇان،
ڪُڄاڙو ڪهان ؟ توکي معلوم سڀڪا،
(اي منهنجا مالڪ !) جيڏو وڏو ۽ سُهڻو تنهنجو نالو آهي، آئون توکان ٻاجھ، مهر ۽ بخشش به اوڏي ئي وڏي گھُران ٿو. ٿنڀن کان سواءِ، ٿُوڻين کان سواءِ، تون ڇپر به آهين ۽ تون ڇانهن به آهين. وڌيڪ ڪهڙو حال بيان ڪري ٻُڌايان؟ هر شئي توکي پاڻهي ئي معلوم آهي. (هر ڳالھ جي توکي خبر آهي)

صاحب ! تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سُون !
پن ٻوڙين پاتار ۾، پهڻ تارين تون،
جي گھر اچين مون، ته ميريائي مان لهان،
اي منهنجا مالڪ سائين ! تنهنجي مالڪيءَ ( بادشاهيءَ) اسان عجب جهڙي ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ڏٺي آهي. اُونهي اوڙاھ پاڻيءَ ۾، هلڪڙو پن ٻوڙيو ڇڏين ۽ ڳرو پٿر پيو تارين تون، جي منهنجي گھر اچي مهر ڪرين، ته آئون گنهگار به مانائتي ٿي پوان،

جان تو هئڙو سور، ڪنڊا ! ڍورڌڻين جو،
مٿي لامن ٻُور، هوند نه چاڙهيئي هيترو !
اي ڪنڊي جا جھُونا وڻ ! جي ڍورڌڻين جي جدائيءَ جو، توکي پنهنجيءَ دل ۾، ذرو به درد ۽ سُور هجي ها، ته پنهنجي ٽارين مٿان، ٻُور، گُل ۽ گونچ، جيڪر ايترو ججھو ڦُٽائي ۽ جھلي ڪو نه بِيهين ها !

ڇِنل ڇڄ هٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اُٿين سوارا،
اوڏ په ويچارا، لاکا ! وڃن لڏيو،
ڇِنل، ٽُٽل ۽ پُراڻا ڇڄ هٿن ۾ اٿن ۽ ڪوڏرون رکيل اٿن ڪُلهن تي، (اُنهن ويچارن جا پار پتا اِهي جو) پنهنجي پيٽ گُذران لاءِ، هُو هميشه صبح جو سويري اُٿن ٿا، اي لاکا ڄام! اِهي اوڏ ويچارا، هاڻي تُنهنجي لوءِ مان، لڏيو ٿا وڃنئي !

وِڙهي ويل سڀڪنهين، لاکو لوءِ بلوءِ،
ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي، پرھ ڦُٽيان پوءِ،
حيفُ! تنين کي هوءِ، جن اَڻ سنڀُوڙي آئيو.
لاکوڦُلاڻيءَ هر وقت وڙهندو وتي ٿو، ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڍاڻيءَ ڍاڻيءَ، وڏي گوڙ گھمسان سان، ڪڇ تان حملو ڪندو رهي ٿو، باک ڦُٽيءَ مهل کان پوءَ، تن کي حيف هجي! جن جي مٿان، اَڻ سنبريل حالت ۾ حملو ڪيائين، (جن اڳ نه سنڀاليو ته هُواچي ٿو)

جھِڄان پسيو جھوڪ، آيل ! سنگھارن جي،
جن ٿي پَهِي پِياريا، منجھان مٽن موڪ،
لڏي وچان لوڪ، اُٺي وِئڙا اُڪري،
اي منهنجي مٺڙي امڙ ! آئون سُهڻن سنگھارن جا، خالي وٿاڻ ۽ ڀاڻ ڏسي، ڏُک ۾ جھِڄيو ۽ جھُريو ٿي پوان، جن سچن سنگھارن، کير، لسي ۽ ججھي ڏُڌ منجھان مٽ ڀري، اڳي ٿي اُڃايل مسافر ۽ واٽهڙو پياريا، اُهي ويچارا، وڏي وسندڙ ڳوٺن مان لڏي، هاڻِ وسڪاري واري طرف هليا ويا آهن،

ڇڏيو ڇپر وٽ، رڙهيو ريجاڻِي چُڻين،
ڪُهي ڪيناري چاڙهيون، پيون وڪامن هٽ،
تو سر مٿان سٽ، ڏيهاڻي ماري ڪري،
(اي ڪُومل ڪُونج ! تون) روھ جبل جو ڪنارو(وٽ) ڇڏيو، جتي ريڄ واري زمين آهي، اُتي وڃيو ٿي چُڳين ! (تو جهڙيون تنهنجيون ڀينر ڪُونجون) ماريءَ ماري، ڪُهي، وڃي ڪاٺيءَ (اڏيءَ) تي چاڙهيون آهن، اِهو مارِي، توکي به مارڻ لاءِ، روزانو ٿو (وجھ ڳولي ۽) تو تي جُلھ ۽ حملا ڪري،

وڳر ويا وهي، ڪالھ تنهنجا ڪُونجڙي !
ڪندينءَ ڪوھ رهي ؟ سَر ۾ سُپيرين ري،
اي ڪُومل ڪُونجڙي ! تنهنجي سُهڻين ساٿين جا، سارا وڳر، وطن ڏانهن واپس وري ويا آهن، تون پنهنجي جوڙيءَ وال ساٿي کان سواءِ، هن سَر (علائقي) ۾ ترسي ڇا ڪندينءَ؟.
هي شاھ جي رسالي جو تاريخي اُهڃاڻن سان ڀرپور سُر آهي. جنهن جي داستانن ۾، غفلت بدران بيداريءَ کي اهميت ڏنل آهي. ٻئي داستان ۾، پٽيهل ڍوري جو پاڻيءَ گھٽجڻ ۽ جسوڌڻ راءِ جواُتان کان گُذري وڃڻ جو احوال اوريل آهي. هن سُر ۾، سمي سردار ڄام لاکي ڦُلاڻي جي ڦُرن، ڳُڻن ۽ ڳالهين بابت پڻ ورق ورايل آهن. ڪٿي ڪٿي سُهڻن سنگھارن ۽ مالدار ماڻهن جو هڪٻئي سان گڏ گذارڻ ۽ صلح سانت ۾ رهڻ وارو طريقو ۽ اُصلوب آويزان ڪيل آهي. هن سُر جي آخر ۾ وري ڪُونجن تي ڪهل ڪرڻ ۽ انهن کي نه مارڻ جي ترغيب پڻ ڏنل آهي، ڪُونجن کي اها پڻ صلاح ڏنل آهي ته اوهين جبل جي وٽ ۾ پري پري وڃي چوڳو ڳوليو پر ريجاڻي ( آبپاشي ) واري علائقي ۾ نه اچو، ڇو جو اُتي ماريءَ ميرا ڪپڙا پايو، بغل منجھ بندوق کنيو ٿو ڦِري !
هن سُر ۾، تاريخي حقيقتن سان گڏوگڏ، هدايتون ۽نصيحتون پڻ نمايان نظر اچن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ سان، انسان فلاح ۽ ڪاميابيءَ پڻ ماڻي سگھي ٿو.

14. سُر“ آبري” جو فلسفو

14. سُر“ آبري” جو فلسفو

“ آبري” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي” پاڻيءَ کان سواءِ”،” اُڃايل”،” بي زوري”،” هيڻي”،” اَڀري” ۽” ضعيفه” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ تمام وڏو معنوي سُر آهي.
سسئي پُنهونءَ جو قصو، سنڌ جي سچي ۽ مشهور لوڪ داستانن مان هڪ آهي. سسئي جو جنم برهمڻ آباد ۾ ٿيو، سندس پيءُ جو نالو” نائُون برهمڻ” ۽ ماءُ جو نالو” منڌر” هو.
ڪيچ جي سردار آريءَ ڄام جو پُٽ شهزادو پُنهون، سنڌ جي ساحلي شهر ڀنڀور ۾، سُرهاڻ ۽ خُوشبوءِ جي واپار سانگي ايندو رهندو هو. جتي هن”محمد” نالي ڌوٻيءَ جي پاليل نياڻي سسئي سان (جيڪا هن دريا مان لُڙهندڙ پيتيءَ مان ڪڍي پالي هئي) عشق مان شادي ڪئي. هوت بلوچ (پنهون جا ڀائر) هن شاديءَ مان راضي نه هئا. اُهي کيس ڀنڀور جي شهر مان وٺڻ لاءِ آيا، جن کي پنهنجي والد آريءَ ڄام چئي ڇڏيو هو ته”جيڪڏهن سچ پچ پنهون پرڻيو ويٺو هجي ته اُن جي گھر واريءَ کي به ساڻ ڳِنهيو اچجو، ڇو جو اُها هاڻِ اسان جي عزت هوندي”، شاھ صاحب چوي ٿو ته” آريءَ اُتن جيئن، اُوئين ته اوٺين نه ڪيو”. آريءَ ڄام جا پٽ، پنهنجي ڀاءُ پنهونءَ کي، ڀنڀور مان کڻي ويا ۽ ويچاري سسئيءَ کي ڇڏي ويا، جنهن جبلن ۾، پنهونءَ جي پٺيان پيدل ڪشالا ڪڍيا ۽ وڃي پنهونءَ سان روحاني وصال ماڻيو.
شاھ صاحب سُر”آبري” ۾، سسئي پنهون جي قصي جي تمثيل ڏيئي، وحدت الوجود جي فلسفي جي وڏي اُپٽار ڪئي آهي ۽ الله پاڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ بابت پنهنجن پاڪ خيالن جا واهڙ وهايا آهن. مثلا؛
وَاللهُ بِڪُلِ شيءِ مُحيطُ، ايءُ آرياڻي اُهڃاڻ.
هوت تنهنجي هنجھ ۾، پُڇين ڪوھ پهي ؟
وڃين ڇو وڻڪار؟ هِتِ نه ڳوليين هوت کي.

شاھ جي رسالي ۾، سسئي پنهونءَ جو داستان اڪيلو سُر آهي، جيڪو پنجن راڳن ۾ ڳائجي ٿو. اُنهن ۾ سُر”آبري” به هڪ جدا راڳ آهي، جيڪو گھڻو ڪري آڌيءَ رات کان پوءِ ڳائجي ٿو.
هي شاھ جي رسالي جو چوڏهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو پهريون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 170 بيت، 20 وايون ۽ 11 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اول، آخر، آھِ، هلڻ منهنجو هوت ڏي” ۽ آخري وائي” ڳالهيون هوت ٻاروچي ساڻ وو! منهنجي جيءَ جون جيڏيون!” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڏري ۽ ڏاري، سَٽِ سُورن جي سسئي،
پييائي پنهونءَ ڏي، نرمل نهاري،
لالڻ جي لطيف چئي، سونهن ستي ساري،
پريتڻو پاري، مارڳ ۾ منڌ مئي.
سسئي سُورن واريءَ سٽ سببان، پاڻ به پئي ڏکن ۾ پرزا پرزا ٿئي ۽ ٻين جا هانو به پئي افسوس ۾ اڌواڌ ڪري، جنهن طرف سندس پيارو پنهون هليو ويو آهي، نرمل مسلسل اوڏانهن پيئي ٿي نهاري. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” هُو پنهنجي لالڻ جي، سهڻي سونهن واريون سهڻيون ڳالهيون پئي هر هر ياد ڪري.” (سسئي) پنهنجيءَ محبت جو ناتو نڀائي، نيٺ وڃي دڳ ۾ دم ڏنو.

مهند محتاجي ڪري، حُج وڃائي هل،
عُذرخواهي، عاجزي، سسئي ! ڪنهن مَ سل،
ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، لئون رءَ ڪونهي لل،
ايءُ ڀلائيءَ جو ڀل، جيئن پاسي ٿيڻ”پاڻ” کان.
(اي سُور سُٻيلي سسئي!) تون پنهنجي محتاجيءَ ( ۽ عشق ۾ فنا واري جذبي) کي اڳيان رکي،”حُجت” وڃائي، پوءِ اڳتي وڌ. اي سُورن هاڻي سسئي! عُذرخواهي جهڙي عاجزيءَ وارو ڏک، ڪنهن به ٻئي انسان سان نه سل. ڏونگر ڏورڻ ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي، عشق جي آڌر کان سواءِ، ٻيو ڪوئي چارو ۽ ڏاهپ ڪونهي. اِن ڳالھ ۾، ڀلائيءَ جي ڀلان ڀل آهي، جو”پاڻ” کان (مَين، تڪبر، خُودي، آپي، ۽ اَنا کان ) پري ٿي رهجي.

پنهون ڇڏيو پوءِ، جانب جبل ڳوليين،
تيلاهين تنگون ڪرين، جيلاهين تون جوءِ،
ساجن سُڃ نهاريين، ڏُکي ! ڏوھ ڪيوءِ،
هاڙهي هوت نه هوءِ، وري پُڇ ويٺين کي.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) تون پنهنجي پياري پنهونءَ کي پوئتي ڇڏيو، (آريءَ جي اُلفت ڀنڀور ۾ رکيو) جانب کي، جبل ۾ پئي ڳوليندي وتين، تون تنهن ڪري تڪليفن ۾ پئي آهين، جو تون عورت ذات ( ڪچي ارادي واري) آهين، پنهنجي سُهڻي ساجن کي، سُڃ ۽ بيابان ۾( دل جي گهراين کان ٻاهر) ڳولين ٿي، اي ڏاڍي ڏُکي! اهو وڏو ڏوھ جو ڪم ٿي ڪرين، تنهنجو هوت پنهونءَ هاڙهي جبل ۾ ڪونهي ڪو، ورائي پڇ انهن کان، جيڪي گھر ويٺيون آهن، (جن صبر سان سُتي ۽ گھر ۾ ويٺي، سُهڻو ساجن صحي سُڃاتو آهي).
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿيءُ ستي، ٻڌ سندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) تون وڻڪار واري واديءَ ڏانهن ڇو پئي وڃين؟ هتي (اِتيئي پنهنجي من اندر ۾) هوت کي ڇو نٿي ڳولين؟ سُهڻو شاھ لطيف ڇوي ٿو ته“ تنهنجو ٻاروچل ٻئي ڪنهن به پاسي، ڪٿي به لڪل ڪو نه آهي. ٿي پاڪباز، ڪر توڪل، (اتي ئي ويهي) پنهنجي پياري پنهل سان پريت نڀاءِ. اکيون جھڪائي، پنهنجي من اندر ۾ جھاتي پائي ڏس، ته تو ۾ ئي، تنهنجي دوست جو ديرو موجود آهي.”

مون کي ڀانئي”ڀاڄ”، ڏير ڏُوراڻا هليا،
اڳيان اُتي اُن جي، خُوب نه پڪم کاڄ،
ميڙي آپ سرتيون ! نه ڪِي ڳايم ڳاڄ،
سا مون هٿان نه ٿَئِي، جيڪا رسم راڄ،
آيل! آئون اَڪاڄ، ٻول ٻاروچي وترو.
ڏيرن ڀانئيو ته”هيءَ ڀاڄوڪڙ ۽ رولُو زال آهي، (ان ڪري، پنهونءَ سان پرڻي آهي)”، تنهن ڪري پنهونءَ جا ڀائر، (منهنجا ڏير) مون کي ڌِڪي ڌار ڪري هليا ويا. (جڏهن ڀنڀور شهر ۾ آيا هئا ته) اُتي، اُنهن جي اڳيان ويهي، سُٺا سُٺا ۽ لذيذ طعام مون ڪو نه پڪايا هئا. هڪ جيڏيون سُهڻيون سرتيون سڏي، (گڏ ڪري) اُنهن هوت بلوچن جي اچڻ جي خُوشيءَ ۾، نڪي مون ڳيچ ڳايا هئا. اُها ريت ۽ رسم مون کان ادا ڪو نه ٿي، جيڪا راڄن ۽ خاندانن ۾، خُوشيءَ جي موقعن تي رائج ۽ هلندڙ هوندي آهي. اي منهنجي مٺڙي امڙ! آئون نڪاري، سست ۽ ڍٻ ڍري آهيان، هوت بلوچ جو سُخن ۽ حساب ڪتاب، تمام مٿاهون آهي!(وڌيڪ وزن وارو آهي).

ڀڄي جان ڀنڀور کان، ڏونگر ڏوريو مون،
ڪاهي رسيس ڪيچ کي، جتي پاڻ پنهون،
سڀت آهين تون، قضا ڪندينءَ ڪن سين؟
جڏهن ڀنڀور جي شهر کان بيزار ٿي مون ڀاڄ کاڌي ۽ (جڏهن خُوديءَ، تڪبر ۽ ٻيائيءَ کي ٻن ڏيئي) مون وڃي محبت جو ڏونگر ڏوريو. ته آئون ڪاهي وڃي ڪيچ شهر کي پهتي، جتي پاڻ پنهونءَ(منهنجو معشوق) موجود هو. (اي منهنجا مٺڙا محبوب!) جڏهن سڀ ڪجھ ڪندڙ تون ئي پاڻ آهين، ته پوءِ فيصلو ۽ نبيرو ڪندين ڪنهن سان؟
سُر“آبري” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، شاھ صاحب، سسئي جي تمثيل سان، عشق الاهيءَ جي اعليٰ عنوان جي اُپٽار ڪئي آهي.”پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وُجود ئي وڻڪار، وڃي ڏُور مَ ڏور، دران منجھ دوست ٿيو، سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ناھ ٻروچ ري”. ڀٽائي صاحب هن سُر ۾، ظاهري طرح سسئي سان مخاطب ٿيندي، انسان ذات کي، توڪل ڀري تلقين به ڪري ٿو، پاڻ فرمائي ٿو ؛“اي سُورن هاڻي سسئي! تون پنهنجو پاڻ وساري، بي خُود ٿي، پوءِ بر ۽ بيابان ۾ هل. اي مُٺي! تون سُهڻي ساجن جي لاءِ،”سڪڻ” کي متان پنهنجي من مان ڪڍين!”
هن سُر مان ڏُونگر ڏورڻ جو ڏس به ملي ٿو ۽ پياري پنهل جي پٺيان، رائو ريلڻ جو رهنما اُصول به هٿ اچي ٿو.”ٿڪيائي ٿي ٿيل، چڙھ چُڪيائي چوٽيين، هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙيئي ڀيل، اُٿي رائو ريل، ويٺين تان وارِي وري”. اسين سڀيئي، سسئي پنهونءَ جي دُکي داستان مان، دردن جو درمان به ڳولي سگھون ٿا ۽ سُورن جو سامان به. اِنهيءَ ريت، سسئي وانگر ڪاف ڪشالا ڪڍي، پنهنجي منزل به ماڻي سگھون ٿا.

15. سُر“معذور” جو فلسفو

15. سُر“معذور” جو فلسفو

“معذور” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“ مجبور”،”لاچار”،”بيوس”،”بي پهچ”،”هيڻي”،”نماڻي” ۽”نڌر” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان جا عاجزي ۽ انڪساريءَ وارا اشارا ۽ اُهڃاڻ سمايل آهن. شاھ صاحب سسئي کي صلاح ڏيندي چوي ٿو، ته”اي ڏُکي! ڏِک وسار، سيج ڦٽي ڪر سسئي! پهڻ تني پٽ ٿئي، جي لالڻ لاءِ لُوٺيون”. اي سسئي! تون پنهنجي پاڻ کي، جسماني موت اچڻ کان اڳ ۾، رُوحاني طرح ماري”فنا” ڪري ڇڏ.”اجلان اڳي سسئي! منڌ! جيريائي مر. مرُ ته مڙين سسئي! جيئڻ آڏو جت”.
جيڪيون ڦوڙائيون، مارڳ ۾ ويندي مري وڃن ٿيون، سُڀاڻي جي بجاءِ، اُهي هينئر ئي هلن ٿيون. هٿن، پيرن، گوڏن، ٺونٺن ۽ ساھ پساھ سان اڳتي سرن ٿيون.”لا”۽”ڪين” کي قبولين ٿيون، ته اوهي ئي پنهجيءَ منزل ماڻين ٿيون.
مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.
تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
هٿين، پيرين، مونڙيين، سِرج ساھ پساھ.
“لا” سان اُٿي لڏ،”ڪين” رساڻي ڪيچ کي.
اوڏو آ”اَڻ هوند” کي، هُونديان هوت پري.
هاري! ڪر همت، ته ڏيئي دم دوست لهين.
مُنڌ! مرڻان پوءِ، پهچندينءَ پنهونءَ کي.
جان ڪين هُئين جئرِي، منڌ!ڀنڀوران ڀڄ!

“معذور” سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڀاڱي جو راڳ آهي، جنهن جي ڳائڻ سان معلوم ٿيندو ته هي راڳ ڄڻ”ديوَگنڌار” سان ملندڙ جلندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو پندرهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو ٻيو نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 115 بيت، 8 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کُهجنِ ڪي کوٽيون” ۽ آخري وائي” هِي گھايل هڏ گھوري! ڪيچي مون نه سڱيڻا” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڏُکي سنديون ڏُونگرين، پسو ! پِٽُون پُونِ،
ڏاري جو ڏونگر کي، سو ڪين چيو چون،
آريءَ جي افسوس ۾، ماڙُهو مِرو رون،
ان پر سيئي هون، هينئڙا جن هڄي ويا.
ڏسو ته سهي! (ماڻهو) ڏونگرن کي ڏکيءَ جي پاران، پيا پِٽين ۽ بد دعائون ڏين، ڪو اهڙو آھ وارو اکر ٿا ڪڍن، جو ڄڻ ته ڏونگر هاڻ ڏري پوندو ! آريءَ ڄام جي وڇوڙي واري ڏک ۽ افسوس ۾، ماڙهو توڙي مرو، سڀيئي (جھنگل جا جانور) روئندا وتن، اهو انداز، نمونو، توڙي طور طريقو انهن جو هوندو آهي، جن جا هينئڙا، درد ۾ دُکي ۽ ڳري ويندا آهن.

فردا منڌ ڦٽي ڪِي، نقد کنيو نار،
هُوءءَ جا واڳ ولهيءَ جي، ويرم ڏي مَ وار،
جيڪِين مُئيءَ مار، جيڪِين ميڙ مُٺيءَ کي.
سُورن هاڻي سسئي، سُڀاڻي ملڻ وارو اُڌارو واعدو ڦٽو ڪيو، اڄ جو اڄ، (هينئر جو هينئر) ملڻ وارو نقد سَودو قبول ڪيو، (تقدير کي چيائين)” هن ڏُکيءَ ۽ ڏُليل جي، جيڪا وقت واري واڳ آهي، اُها هڪ لحظي لاءِ به نه ترساءِ. يا ته هن مُٺيءَ(سسئيءَ) کي ماري فنا ڪر، يا ته مُٺيءَ کي هلي سُهڻي سڄڻ سان ملاءِ.”

ڪنڊا مون پيرن ۾، مرُ جان لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي جاتِ نه پائيان.
منهنجن پيرن ۾، (رستن جا ٻاٻري) ڪنڊا بيشڪ! لکين لک پيا لڳن، آڱر آڱوٺي سان نه گڏجي، پهاڙن جون ڇپون پيرن کي ڇلي، ڀلي چيريو پيون وڃن. (پوءِ به) پنهنجي محبوب پِريَنِ ڏانهن ويندي، ڪنهن به قسم جي جُتي، آئون قطعي ڪو نه پائيندي!

ٿڌيءَ، ٿڪي نه وِهي، تتيءَ ڪري تاڻ،
وِڌي آ وڻڪار ۾، سسئي پاڻ سُڪاڻ،
پُڇي پھ پکين کي، پيئي مُنڌ پرياڻ،
ڏِنس ڏيھ وڻن جا، تن الله لڳ اُهڃاڻ،
مان! پرچي پاڻ، اچي آرياڻي وري،
(هي سُورن هاڻي سسئي) سرديءَ ۾ ٿڪجي ويهي نه ٿي رهي، گرميءَ ۾ به پئي اڳتي تاڻو تاڻ ڪري. سسئي پنهنجي سُڪاڻ (چڱيءَ پر) وڻڪار جي وڻن ۾ وڌي ۽ انهن کي به سُهڻيءَ ريت ۽ پريت وارو ڪيائين، منڌ (سسئي) ڪنهن وڏي ويچار ۾ پئجي، پکين کان صلاح ۽ ارادو پئي پُڇندي وتي. سسئي کي، ڏيھ جي وڻن به، خدا ڪارڻ اُهڃاڻ، ڏس ۽ پياري پنهل جا پار پتا ڏنا. شال! سندس پيارو پنهل پاڻ پرچي، آرياڻي وري واپس اورتي (ماڳ تي) موٽي اچي،

آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن وئڙم جاڙ،
آڏو آرياڻيءَ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
مون مُٺيءَ کان نه ٿئي، وڏپڻ منجھ ولاڙ،
عُمر سڀ اَواڙ، وييمِ ٿِي واڪا ڪريان.
آئون نه گڏي پنهنجي محبوب پرينءَ سان، (هئي! هئي!) جوڀن ته مون سان جاڙ ڪري ويو. آرياڻي پنهونءَ تائين پهچڻ کان اڳ ۾، سامهان جبلن جا وڏا چُهنبدار چاڙهيڪا ۽ چاڙھ موجود آهن. مون مُٺيءَ کان، هاڻِ هن پيريءَ ۾، پياري پنهل جي پيرن لاءِ، ولاڙ ۽ اوهاڙ نه ٿي ڏني ٿئي. منهنجيءَ عُمر سڀ اجائي مقصدن ۾ گُذري ويئي، هاڻِ آئون صرف واڪا ۽ سڏ ڪندي ٿي وتان.

وِلاڙيو وڻين چڙهي، ڳجھن ٿيندي ڳاھ،
سسئي سُوريءَ چاڙهيو، پنهونءَ لئي پساھ،
هُوءِ مِرو، هِيءُ ماھ، ڪين ڪميڻيءَ رکيو.
(پنهل جي پيرن کي) اوهاڙون ڏيو، وري وڏن وڻن تي چڙهِي، آڏو ڏسي ٿِي، شايد سسئي اڄ ڳجھن جو قوت ٿيندي! سُورن هاڻي سسئي، سُوريءَ جي اُڀن نيزن تي، پياري پنهونءَ لئي، پنهنجو پساھ چاڙهي ڇڏيو آهي. هُوءَ (سسئي) هڪ هڪ مرون کي، جسم جي ماس جو هڪ هڪ ٽُڪرو وڍيندي ڏيندي پئي وڃي، سُڃيءَ ۽ ستايل پنهنجي لاءِ (هڏڙن کان سواءِ) ڪجھ به ڪو نه رکيو آهي.

رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪويل جي ڪُوڪ،
وَلوَلو ۽ وُوڪ، ايءَ تان آھ عشق جي،
رُڃن، سُڃن ۽ بيابانن ۾، سسئيءَ جي دانهن ايئن ٿي آهي، جو ڄڻ ڪا ڪويل جي ڪوڪ هجي. سسئيءَ جو اهو ولولو ۽ ووڪ، (جوش ۽ جذبو) حقيقت ۾ ته عشق جي آھ آهي.
شاھ جي رسالي جو سُر“معذور”، سڪايل سسئيءَ جون عاجزيون، انڪساريون ۽ اَڀرايون کڻي، جاڏا جبل جھاڳي ٿو، پٻ وڻن ۾ وڙال وجھي ٿو۽ سسئيءَ کي”ڪِينَ” سان ڪيچ رسائڻ جي صلاح ڏي ٿو.”لا” سان لَڏڻ جي نصيحت ۽ هدايت نه رڳو سسئيءَ جي لاءِ آهي، پر هن سُر ۾ سمايل اِها نصيحت اسان سڀني جي لاءِ آهي. جنهن کي پنهنجو اُصول ۽ ضابطو بنائي، اسين به پنهنجي منزل ماڻي، ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪري سگھون ٿا.

16. سُر”ديسي” جو فلسفو

16. سُر”ديسي” جو فلسفو

“ ديسي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ڏيهي”،” مُلڪي”،”وطني”،” ساڻيهي” يا”ڳوٺاڻي” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي جو ڏاگھن ۽ ڏيرن جي پُٺيان ڏونگر ڏورڻ ۽ روهن ۾ رُلڻ يا ڪوهن ۾ ڪشالا ڪڍڻ جهڙا موضوع محفوظ ڪيل آهن.
سسئي چوي ٿي،” ڏاگھن، ڏيرن، توڙي ڏونگرن، مون کي ته ٽنهيءَ گڏجي ڏک ڏنا، پر مون ته اُهي سمورا سُور ۽ درد سُک ڪري سمجھيا. منهنجي مقدر ۾ ڪشالا ڪڍڻ ۽ قربانيون ڏيڻ ئي لکيل هيو. نه ته انهن رڻ پٽن ۽ بيابانن ۾ ڪير پيادل پنڌ ڪري ؟ شال! دڳ تي ددڙ نه ٿئي ۽ منهنجي پياري پنهل تي پڻيءَ نه پوي. اي الله پاڪ ! جن اُٺن تي منهنجو سُهڻو ساجن سُوار آهي، اُنهن اُٺن کي اُس به نه لڳي، ڀنڀور مان هلندي، جتن ته مون سان وڏو بيک ڪيو، ٺڳيءَ جو ٺاھ ٺاهيائون، هاڻي ته وندر جي وڻ وڻ منجھان، مون کي پنهنجي پياري پُنهل جي پريت جو واس ٿو اچي.”
لطيف گھوٽ، هن سُر ۾ هڪ جاءِ تي، سسئيءَ کي حرفي قرار ڏيندي چوي ٿو ته” اي سسئي! جڏهن پنهنجي اڱڻ تي، ڏينهن ڏٺي جو ڏاگھا آيل ڏٺئي، تڏهن انهن اُٺن جي مهار جھلي، رات جي وهامي وڃڻ تائين ويٺي رهين ها ۽ ڏاگھن کي ڏانوڻ وجھي، سنگھرون هڻي، ڪُرفن سان قابو ڪري، ڪُنجيون به ڪنهن هوشياريءَ سان لڪائين ها. پنهل جي ڪپڙي جو پاند جھلي، ويهي رات وهائين ها ته جتن جي وڃڻ مهل، تو کي ڪا سار ته ٿئي ها.” پر سسئي ويچاري چيو” ڇا جا ڏنگا ڏير ؟ منهنجو مقدر ڏنگو نه ٿئي ها، اي جيڏيون ! مون کي ته جتن جا سوين سَو سُک ڏنل هئا. اي جتا! شال اوهين سدا پيا جيئو! ڀلي پيا مون سان جاڙون ڪريو، پر مون ٻانڀڻ جو، هوت بلوچ کان سواءِ، ٻيو ڪير به ڌڻي سائين ڪونهي. هي آڏا، ترڇا، آهوڙيل ۽ ڪرڙا ڏونگر منهنجي لاءِ ته هاڻي ڪجھ به ڪو نه آهن. اِهي مون کي، پٽ، صحرا ۽ بيابان وانگر پوٺو ۽ ميدان لڳن ٿا.”
معلوم ٿئي ٿو ته سُر”ديسي” ڄڻ”جلڌارڪدارا” آهي، مگر هن راڳ جي سِٽاءُ اهڙي آهي، ڄڻ راڳ”دُرگا” ۾”ڪُومل نکاد” لڳايل آهي، يا وري”نٽ نارائڻ” آهي. هي شاھ جي رسالي جو سورهون ۽ سسئي پنهونءَ جي داستان جو ٽيون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 118 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” مُٺيسِ ! جھل مهار، ڪُٺيسِ ! ڪاھِ مَ ڪرهو” ۽ آخري وائي” هوتن بنا ني ميان! پنهونءَ بنا ني ميان! درد فراق!” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي،
پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيو ڪين ڪُٺن،
ڪا جا مام مُٺن، هِن پُڻ هئي هُن سين.
اڳي ته(هميشه) اُٺ رڙندا رهندا هئا، پر جڏهن مون وٽ (منهنجو پياروپنهل کڻڻ) آيا ته کڻي ماٺ ڪيائون. جڏهن جتن، وڃڻ جي لئي پئي اٺ پلاڻيا، ته اُهي ڪُٺل ڪڪا اٺ ڪُڇيائي ڪو نه. ڪا راز واريءَ ڳالھ، هنن مُٺن( اُٺن ) ۽ جتن جي، شايد پاڻ ۾ رٿيل هئي!

جتن جارانو، ڪيچين مون سين ڪو نه ڪيو،
نالي سُيسِ نينهن جي، مٿمِ بارانو،
تيلاهين طعنو، ڏيئي مون ڏير ويا.
جتن يارانو، (دوستيءَ وارو ناتو) ڪيچين پاڻ اچي مون سان ڪو نه ڳنڍيو هو، آئون (پنهونءَ سان) عشق واري نالي ۾ مشهور ٿي، ان ڪري منهنجي مٿان بار ۽ ميار آهي. تنهن ڪري جُدائيءَ وارو طعنو، (جو آئون انهن جي ڪاڻياري آهيان) مون کي ڏير ڏيئي هليا ويا آهن.

جڏهن”ڪُن فيڪون”، تڏهن نيو آرياڻي ارواح،
انگ اڳهين لکيو، منهنجو ميثاقاه،
“من طلب شيئا جد وجد”، اُتو علي شاه،
اڃان ان حديث جو، آسرو مون آه،
پنهونءَ جي پيزار تان، منهنجو موت مُباح،
سرتيون ! دُعا ڪجاه، مانَ ميڙائو مون ٿئي !
جڏهن”ڪن فيڪون” سان، مخلوق جي پيدائش ٿي، تڏهن کان وٺي آرياڻي(پنهونءَ) منهنجي روح کي پاڻ ڏي مائل ڪيو. آرياڻيءَ سان منهنجو رشتواڳيئي لکيل هيو، اُنهيءَ”ميثاق” واري ڏينهن کان وٺي.”جڏهن ڪو ڪنهن شئي جي طلب رکي ٿو۽ اُن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، ته ان کي ڳولي لهي ٿو”، ايئن حضرت علي ڪرم الله وجه جن فرمايو آهي. اڃان ان قول جو، مون سسئيءَ کي، وڏو آسرو ۽ اميد آهي. پياري پنهونءَ جي جُتيءَ جي نشان تان(جنهن واٽ سان پنهل ويو) منهنجو مرڻ مباح، جائز ۽ روا آهي. اي سُهڻيون سرتيون ! مون کي دُعا ڪجوته” من پنهنجي پياري پنهل ڄام سان منهنجو ميڙائو ٿئي”.

اڄ په وسائي اوٺيين، مٿي مارڳ ماڪ،
پنهون نيائون پاڻ سين، تاڙيون ڀڃي تاڪ،
“هيهات! و هيهات!”، سُڃي ٿي اوطاق،
چُڪِيءَ چوري چاڪ، هاڙهي هوت هلي ويا،
اڄ به ( پياري پنهونءَ کي وٺي ويندڙ ) اوٺي، ساٿ واري رستي سان ويندي، پنهنجي مٿان ماڪ وسائيندا ويا. منهنجو پيارو پنهون(مون کان ڇِني) پاڻ سان وٺي، در، دريون ۽ طاق ٽوڙي، ڏاڍائيءَ ڪري ويا.”ڪيترو نه پري(يعني بنھ پري)” هليا ويا، منهنجي عاليشان اوطاق، (پياري پنهل بنا) سُڃي ۽ سکڻي ٿي ويئي آهي. مون ساڻي، ٿڪي ۽ چُور چُور ٿيل جا زخم چوري، (چُڻڪائي ۽ آزاري) هوت بلوچ هاڙهي جبل ڏانهن هليا ويا آهن.

ڇوري، ندوري، نه ڪو مائٽ منڌ جو،
سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
آئون پڻ آهيان اُن ۾، لنگھي ۽ لوري،
لنگھائين لطيف چئي، ٿرن جي ٿوري،
آهيان اَجوري، تنهنجي جورين جبل لنگھيان.
هت ڀنڀور شهر ۾، آئون ڇوري ندوري آهيان، مون منڌ جو ٻيو ڪو به مٽ يا مائٽ ڪونهي ڪو. (هتان آئون به ايئن هلان) جيئن سُهڻي سڄڻ جي ساٿ ۾، ٻيا به سوين ڪمي، ڪوري ۽ ڪاسبي هلن ٿا. آئون به انهن انسانن جي درميان ۾، لنگھيءَ ۽ لوريءَ مثل(خدمتگار) آهيان. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته (“اي الله سائين! ) مون ٿرن جي ٿوريءَ(اگلڙيءَ، گندڙيءَ ۽ رولاڪ) کي، جبلن جا لڪ سوَلا ۽ آسان ڪري لنگھائجان”. آهيان، آئون گھڻي ڪمزور ۽ هيڻيءَ، (اي ڄام پنهون!) شال تنهنجي زورن جي آڌار( تنهنجيءَ مدد سان) جاڏا جبل لنگھي وڃان!
اهڙيءَ ريت، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سُر“ديسي” ۾، اُٺن، اوٺارن، ڏيرن، ڏاگھن ۽ ڏونگرن جي ڏنل ڏکن بابت، ڪيترائي انوکا ۽ ايذائيندڙ احوال پڻ اوريل آهن. سسئي چوي ٿي،”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟”، لطيف سائين فرمائن ٿا،” جتي ٻن سالن جي عُمر وارا جوان اُٺ به آگھاٽجي ٿا وڃن ۽ گورا به گس ۾ نٿا هلي سگھن، چئن سالن وارا به چُور چُور ٿيو ٿا پون، پنجن سالن وارا پڻ پريشان ٿا ٿين ۽ نيشي اُٺ به نرت ساڻ نماڻا ٿيو ٿا هلن، اُتي هي سُورائتي سسئي، آڏن، ترڇن ۽ آهوڙيل جبلن۾، پنهنجي پياري پنهل جي لاءِ، جھوتون۽ سٽون ڏيندي وتي”. سسئي جي سُر”ديسي” مان اسان کي همت، ولولي ۽ جذبي جو درس ملي ٿو، جنهن مان ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا ڪيترائي سرچشما ڦُٽي نڪرن ٿا.

17. سُر“ڪوهياري” جو فلسفو

17. سُر“ڪوهياري” جو فلسفو

“ڪوهياري” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”پربتي”،”ٽاڪري”،”پهاڙي”،”ڏونگري”،”ڪوهستاني” يا” جبلي” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي جي پڇتاءُ ۽ پنهنجي پاڻ کي پنهل سان حقيقي ناتو نه نڀائڻ ۽ ساريءَ رات غفلت ۾ ننڊ ڪرڻ جهڙا اُونهان عنوان سمايل آهن. سسئي کي شاھ سائين فرمائي ٿو؛
لَيل نه جاڳينءَ لِک سين، سُتينءَ راتِ سڄي،
هتان هوتاڻين جون، وِيون خُرزينون کڄي،
غافل ! غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اَڻاسي! اوجھرين؟
هُوءِ چُپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
وڏي جاڙ ڪِياءِ، جيئن سُتينءَ پير ڊرگھا ڪري،
در ڀر اُڀيين دوست جي، ته سُر پُر هُوند سُياءِ !
سُتينءَ سَواري، منهن ويڙهي مُئن جيئن،
ڏٺئي نه ڏيرن جا، چَوڌاري چاري،
۽ پوءِ سسئي پڇتاءُ ۾ روئي ٿي، هُو سمجھي ٿي ته بيشڪ ! ننڊ انسان جي وڏي ويري آهي ۽ پوءِ پنهنجين سرتين ۽ هڪ جيڏين کي خبردار ڪندي چوي ٿي؛
ننڊ ويرياڻي هوءِ، جيڏيون ! جِم سُمهو !
مڇڻ مون جيئن روءِ، ڪا واڪا ڪيو ويڙ۾.
سنڌ ۾ ڪوهيار نالو”خضدار” جو آهي ۽ نالي جي لحاظ سان، ڪوهياري مان مُراد ٿيندي، خُزدار واري ڀاڱي جو راڳ، پر ڪافين ڳائڻ ۾، ڪوهياري ڄڻ”بلاول ٺاٺ” جو راڳ آهي، جيڪو گھڻو ڪري، سسئي جي سُرن ۾، آخر ۾ ڳايو ويندو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو سترهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو چوٿون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 76 بيت، 9 وايون ۽ 6 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون نمبر بيت” لَيلَ نه جاڳينءَ لِک سين، ڪُلِي نَوم ڪِياءِ” ۽ آخري وائي” جنهن لئي آهيان ڏونگر ڏوري، ماڙُهو چونم ڀوري، تنهن ٻاروچي کي ٻاجھ پئي” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ايءُ ڪم ڪميڻين، جيئن سُتينءَ پير ڊرگھا ڪري،
ننڊران نماڻين کي، اوڀالا اچن،
ليٽيين ڪيئن؟ لطيف چئي، هاري ! ري هوتن،
سي ڪيئن پنهونءَ پسن ؟ جن کي نيئر ننڊ جو،
(اي سُورن هاڻي سسئي!) اهو ڪم ڪميڻين جو آهي، جيئن جو تون(پشم جي پٿراڻيءَ تي) پنهنجا پير ڊگھا ڪري سُمهي پئينءَ. ننڊ ڪرڻ جي ڪري ئي نماڻين کي، هميشه طعنا، مهڻا ۽ ملامتون ملن ٿيون. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اي هارايل! تون هوتن کان سواءِ، ڪيئن(پٿراڻيءَ تي) پاسي ڀر ليٽي پئين؟”. اُهي آسائتيون پنهنجو محبوب پنهل ڪيئن پسي سگھنديون؟ جن کي ننڊ جو لوهوزنجير لڳل هوندو آهي!

جيڏيون! جي مان وِسهو، ته ننڊ مَ هيريو نيڻ،
اصل اسارن جا، سُتي وهيا سيڻ،
وهاڻيءَ جا ويڻ، ٿيون لُوٺيون سهن لوڪ ۾،
اي جيڏيون ڙي! (اي سُهڻيون سرتيون ڙي!) جي اعتبار ڪريو، ته”پنهنجا نيڻ نه هيرايو ننڊ ڪرڻ تي، هميشه ويسرين وٽان ئي، ننڊ ۽ غفلت واريءَ حالت ۾، سُهڻا سڄڻ هليا ويندا آهن. پوءِ صُبح جا مهڻا ۽ طعنا، بي لڄيون ۽ لُوٺيون، سدائين لوڪ جا سهنديون رهنديون آهن.

ڏونگر! ڏوراپو، پهرينءَ چُونديس پرينءَ کي،
“پهڻن پير پٿون ڪيا، تِريون ڇنيون تو،
رحم نه پيوئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.”
اي ڏاڍا ڏنگا ۽ ڏکيا ڏونگر! آئون هي ميار۽ ڏوراپو(ته تو جبل مون سان چڱي ڪا نه ڪئي) پهرينءَ پنهنجي پرينءَ کي وڃي ٻُڌائيندي.”پهڻن منهنجا پير پرزا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ پيرن جون تريون تنهنجين اُڀين چوٽين چيري ورتيون آهن. تنهنجي روح ۾ رحم و ڪرم جو ذرو ئي ڪو نه پيو ۽ نڪو تو منهنجو قدر ۽ عزت سان آڌرڀاءُ ڪيو. آئون وڏا سڏ ۽ واڪا ڪندي، ته هاءِ افسوس! مون سان ڏونگر ٿو ڏاڍايون ڪري”.

جيهي، جي تيهي، ٻانهي ٻاروچن جي،
حُجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي؟
اصل آريءَ ڄام جي، پلئه آئون پيئي،
هُوءِ جا پائن پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي،
وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان؟
آئون اَڀري توڙي سَڀري، (ڪِني توڙي ڪوجھي) پر ٻانهيءَ هوت بلوچ جي آهيان. دعويٰ دوست پنهل سان، مون ڪميڻيءَ جي ڪهڙي آهي؟ (ته هينئن ٿئي ها يا هينئن نه ٿئي ها). آئون ازل کان وٺي، آريءَ ڄام جي پناري ۾ پيل ۽ حصي پتيءَ ۾ آيل ٻانهيءَ آهيان. آئون اُن جُتيءَ جي برابر به نه آهيان، جيڪا هُو جت (هوت بلوچ) پنهنجن پاڪ پيرن ۾ پائين ٿا. اهڙن سُهڻن ۽ سچن ڪيچ جي سردارن کي، آئون وساري ڪيئن ويهي رهان؟

جي حَبَ نه هلڻ سکيون، سي جڏيون ميڙ جليل!
لنگھائي لطيف چئي، نجن ڪيچ قليل،
ثمر ٿئڙم سُڃ ۾، دوساڻا دليل،
وساري وسيل ! متان مارڳ ڇڏيين !
اي رب جليل! جيڪي حب ندي (جيتري ويجھي پنڌ ) تائين به نه هلڻ سکيون آهن، اُهي عاجز ۽ اَگھيون پنهنجي پياري پنهل ساڻ ملاءِ. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” جيڪي قرب ۾ قليل يا ناقص آهن، انهن کي ڏکيا لڪ لنگھائي، وڃي ڪيچ پهچائجي.” منهنجو سڃ ۾ ثمر(هڙ موڙيءَ، کاڌي پيتي جو سامان، ڏڍ ۽ قوت ) فقط دوستن وارا دليل ۽ خيال آهن. اي وڏا وسيلا هوت! متان مون کي منزل تي پهچڻ کان اڳ، واٽ ۾ وساري ڇڏين!

پاڙي ناھ پرور، ته” ڪا رات رنجائي گُذري”،
ٻانڀڻ ٻاروچل جي، گھائي وڌي گھُور،
پلٽيس پنهونءَ ڄام جا، پورن مٿي پور،
هڪ سسئي، ٻيا سُور، ويا وڳندا پاڻ ۾.
پاڙي وارن کي پروڙ (خبر) ئي ڪانهي، ته”ڪا (عورت ذات) اڄ رات جو، ڀنڀور شهر مان، رنج ۽ غم واريءَ حالت ۾، هلي ويئي آهي. ٻانڀڻ کي، هوت ٻاروچل جي تيز تکين نظرن، گھائي، گھُمائي، چِيري، سِيري، زخميءَ ڪري وڌو آهي، هُن جي مٿان، پنهونءَ ڄام جا پُور، (خيال ۽ اُڌما) پاڻيءَ جي پالوٽ وانگر،”وارو وار” ڪري، پلٽجي پيا آهن. هڪ ته ويچاري سسئي، اڪيلي ۽ البيلي هئي ۽ ٻيا سندس ساٿي سُور هيا، جيڪي ويا”هاءِ! هاءِ!”ڪندا هڪٻئي سان.

منزل دُور مَ مٽ، ڇڏ مَ سَير سِڪڻ جو،
لئون جي واٽ مَ لٽ، لئون رِءَ حيف!هُئڻ کي.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) پري واريءَ منزل ڏسي دل نه لاھ، سڪڻ وارو دستور ۽ رستو ڪڏهن نه بدلاءِ. نينهن ۽ عشق واريءَ واٽ نه پور، (بند نه ڪر) برھ کان بغير، جيئڻ کي حيف هجي!
شاھ جي رسالي جو سُر“ڪوهياري”، هڪ اهڙي قسم جو سُر آهي، جنهن مان سُورائتي سسئيءَ جون ڪُوڪُون ۽ ڪورنشون، پڙهندڙن جي ڪنن تائي پهچن ٿيون. هن سُر ۾ سسئي چوي ٿي،” اي ڏاڍا ڏکيا ڏونگر! تون به مون سان گڏجي رو، ڇوجو منهنجو سُهڻو سڄڻ فقط هڪڙو ئي هيو، سو مون کي ڦوڙائي ۽ فراق ۾ وجھي هليو ويو آهي.” هن سُر ۾، ڀٽائي گھوٽ سسئي سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته” اي سُورن هاڻي سسئي! تون قُم(اُٿي کڙي) ٿي وڃي پهچ پنهنجي قريب کي، ايئن سُستيءَ ۽ غفلت ڪرڻ، توکي هاڻِ نه جڳائي. جيئن جو تو ننڊ پياري ڪئي، تنهن ڪري ئي روز رهين ٿي راھ ۾.” حضرت سيد شاھ عبداللطيف رحه جي هن سُر مان، اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته”جيڪيون به پٿراڻيءَ تي پير ڊگھا ڪري سُمهي ٿيون پون، ته هميشه انهن وٽان ئي پنهنجا هوت پرينءَ هليا ٿا وڃن”. اسان کي گھرجي ته شاھ جي هن سُر مان، پنهنجي لاءِ ڪا پياري ۽ نرت واريءَ نصيحت پرايون.

18. سُر“حسيني” جو فلسفو

18. سُر“حسيني” جو فلسفو

“حسيني” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”حضرت امام حسين جو”،”حسين وارو”،”حسين جو پيروڪار” يا”حسين جو غم” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو وڏو معنوي ۽ حقيقي رازن ۽ رمزن وارو سُر آهي. بظاهر سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان واري هن سُر تي”حسيني” نالو ڪيئن پيو؟ سو اُن بابت ڪا به مُستند روايت موجود ناهي. شاھ جي رسالن ۾ هيٺيان ٻه بيت ملن ٿا؛
حُسيني جي هاڪ، مادر! ماري آهيان،
ڏينهان ڏورڻ ڏک ۾، راتيان چڪن چاڪ،
ڊڄان ڀر فراق، متان پوئم پرينءَ سين.
حُسيني حُسين لئي، بيبيءَ پاڻ چئي،
تهان پوءِ ٿي، خبر ٻي خلق کي،

روايت آهي ته”حُضورڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن، حضرت بيبي فاطمه الزهره رضي الله عنه کي، حضرت امام حسين رضه جن جي مستقبل بابت، اڳواٽ ئي ٻڌايو هو، ته اهڙو غم وارو واقعو رونما ٿيندو. تڏهن بيبيءَ سڳوري مغموم ٿي ويئي هُئي. پر ٻي عام خلق کي، خبر تڏهن پيئي، جڏهن اُهو (ڪربلا وارو) واقعوٿي چڪو”. اهڙيءَ صورت ۾، اِنهن مٿين ٻنهيءَ بيتن کي، سُرڪيڏاري ۾ بيهارڻ کپندو هيو، پر جيئن ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جا ڪي شارح، محقق ۽ عالم، شاھ جي سُر ڪيڏاري بابت الڳ الڳ راءِ قائم ڪن ٿا، تنهن ڪري، اِهي ٻيئي بيت سسئي پنهونءَ جي وڇوڙي واري، انتهائي غمگسار ڀاڱي ۾ بيهاري، سُر جو نالو”حُسيني” قائم ڪيوآهي. (والله اعلم) هن سُر ۾ شامل بيت اهڙائي غمگسار۽ افسوس جي بيان وارا آهن، جن جي پڙهڻ ۽ اُچارڻ سان، انسان مغموم ٿي وڃي ٿو. مثلا؛
آتڻ اورانگھي ويا، اڱڻ مون افسوس !
ڪو پريان کي چوءِ، مُٺيءَ ماتم آئيو !

سُر“حُسيني” کي ڳائڻ مهل، معلوم ٿئي ٿو ته هي راڳ“کنڀاوتي” سان مشابه آهي. هي شاھ جي رسالي جو ارڙهون ۽ سسئي پنهونءَ جي داستان جو پنجون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 213 بيت، 16 وايون ۽ 12 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت“ تان ڪِين ڳوري! ڇُلُ، جان لاڙائُو سِڄُ ٿيو” ۽ آخري وائي“ پرين جي ادا پانڌي! ڪر ڪا ڳالهڙي” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

لَڙ مَ، لاڙائُو ٿيو، لاهِ مَ لڏو، لڏ،
ته ساٿ پريان جي سڏ، مُنڌ! ميڙائو تو ٿئي.
پنڌ ۾ ٿڪجي موٽ نه کاءِ، (ڍري ۽ سست نه ٿيءَ) سج لڙي ويو آهي، لڏو لاهي ويهي رهڻ جي ڪوشش نه ڪر، ٻڌل سامان کڻ، (۽هلندي هل). ته اي اوڳي منڌ! سُهڻي سڄڻ جي ساٿ ۽ سڏ سان، تنهنجو پنڌ ۾ وڃي ميڙو ٿئي.

ڏُکوين اُهڃاڻ، “ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گُوندر گڏيون، لوڪ نه آڇن پاڻ،
سُورن اسان ساڻ، ننڍي لاڪُون نينهن ڪيو”.
(اي اديون ڀينر ڙي!) ڏُکوين جا پار پتا اهي هوندا آهن، ته“اُنهن جي ڪُلهن وٽان چولو ڦاٽل هوندو آهي. هجر ۽ فراق سان هڪ ٿيون پيون هلنديون آهن، پنهنجي درد جو داستان ڪنهن کي به ڪو نه ٻُڌائينديون آهن”. (اي اديون ڙي!اهڙيءَ ريت) سُورن ۽ سختين جي، اسان سان ننڍي لاءِ کان وٺي، دوستيءَ ٿي ويئي آهي.

“ووءِ! ووءِ!”ڪندي وت، متان“ووءِ!” وساريين،
پاڻي هار مَ پڌرو، روءِ منجھان ئي رت،
صبر وڏو ست، سگھا ميڙي سُپرين.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) هاڻي“وو هاءِ! ووهاءِ!” ڪندي وت، متان”ووهاءِ! ووهاءِ!” واري وائي وساري ڇڏين. پنهنجين اکڙين مان، پڌرو پاڻيءَ نه هار، دل ئي دل ۾ پئي رت جا ڳوڙها ڳاڙ. صبر وڏو ست، ڏڍ ۽ طاقت آهي، جيڪو مٺڙي محبوب سان ملائڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.

جفا وارين جس! جس جفا رءَ نه ٿئي،
سُکن ساٿ وڃائيو، گولي! ڇڏ مَ گس،
ليڙن جو، لطيف چئي، ڏونگر آهي ڏس،
پنهون هلي پس، سر ڀر سِري سسئي !
جيڪي محنت ۽ مشقت ڪن ٿيون، انهن کي آفرين هجي! ڪاميابيءَ جي مسرت ۽ مبارڪ باد، محنت کان سواءِ نه ٿي ملي. اي گولن جي گولي! اي ٻانهن جي ٻانهي! تو سُکن جي ڪري پنهنجو ساٿ وڃائيو آهي، هاڻي هجر، فراق ۽ گُوندر وارو گس هرگز نه ڇڏ! سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،”هيءُ جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڏونگر آهي، اهو ئي ڏاگھن جو ڏس ۽ پڪو پار پتو آهي”. اي سُورن هاڻي سسئي! تون سِر ڀر اڳتي سِرڪي، پنهنجي پياري پنهونءَ کي، هلي حاصل ڪر.
جيئن جيئن جھلي جڳ، تيئن تيئن مون تاڪيد ٿئي،

ڳهريو ٿو ڳالهيون ڪري، ورسيو ڀُڻي وڳ،
لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، پُٺيءَ لالڻ لڳ،
آرياڻي اورڳ، ڀنڀوران ٻهر ٿي.
جيئن جيئن ٿو لوڪ جھلي، مون کي تيئن تيئن ٿي اڃان زور سان اڳتي وڌڻ جي تقاضا ۽ تنبيھ ٿئي. لوڪ نشي(ڳهر) ۾ ٿو ڳالهائي ۽ اوٺي ڌڻ جيان ڀُليو، ڀٽڪيو ٿو گھُمندو وتي. (اي سُورن هاڻي سسئي!) تون سارو لوڪ ننڊ ۾ سُتل ڇڏي، پنهنجي پياري پنهل جي پويان پئي وڃ. (اي سُورسُٻيلي سسئي!) تون ڀنڀور شهر مان ٻاهر نڪري، وڃي آريءَ ڄام جو اولاد اوڙک. (سُڃاڻ).

لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، امڙ! جھل مَ مون،
سڀ رڱينديس رت سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادر! مٿان مون، ڪانگ لمندا ڪڏهين.
اي منهنجي مٺڙي امڙ! مون کي رنڊ روڪ نه ڪر، ڇو جو مون کي ٻاجھ ڀريي ٻاروچل جي جدائيءَ جو، دل ۾ ٻاڻ(تير) لڳل آهي. آئون ته ڪيچ کان اورتي واري سموري ڌرتي، پنهنجي رت سان، سڀ رڱي ڇڏيندي. اي منهنجي پياري جيجل! (تون ڏسجانءِ) جي پنهل جي پيار ۾، آئون رستن تي مري ويئي، ته منهنجي مڙھ کي کائڻ لاءِ، ڪڏهن ڪارا ڪانگ پيا ايندا ويندا.

ڄاڻي سُڃاڻي، مون کي ڇڏي هليا،
آئون ڪيئن ڇڏيان پانهنجو، اديون! آرياڻي،
ڀريم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪم نه آئيو.
پُوريءَ طرح سُڃاڻي، ڄاڻي واڻي(هاسيڪار) مون مُٺيءَ کي، ڀنڀور۾ ڇڏي هوت هليا ويا. اي اديون ڀينر! آئون آخر ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ پنهنجو محبوب آرياڻي. (آئون آرياڻيءَ تان هٿ ڪيئن کڻان؟). (افسوس!) مون جيڪو پيار جو پاڻيءَ ڀريو، سو ڪيچين لئي(مون کي) ڪم ئي ڪو نه آئيو. (ڪيچين قبول ئي ڪو نه ڪيو).

سُورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان،
سُکن جي، سيد چئي، پُکي نه پيياس،
جيڪس!آئون هياس، گُري گُوندر ول جي.
مون کي سُورن سانڍيو آهي، (منهنجيءَ دردن حفاظت ڪئي آهي) ۽ مون کي ڳڻتين پالي، نپائي وڏو ڪيو آهي. سُهڻو سيد چوي ٿو ته،” منهنجي ڀاڳ ۾، سُکن جو ڪُڻو ڪڏهن نڪتو ئي ڪو نه هيو”. (جڏهن سُکن ڪُڻا ڪڍيا، ته آئون انهن جي ڀاڳ ۾ آيس ئي ڪو نه). لاشڪ! ته آئون ڄائي ڄم کان، درد، غم، ڏک ۽ گُوندر ول جي ڳُٽلِي(ڳُرِي) هئي.
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جو سُر“حسيني” سسئيءَ جي سُورن جو مرڪز آهي، جنهن مان وڇوڙي جا وڍ ۽ ورلاپ، سسئي جي ٻين سُرن ڏانهن منتقل ٿين ٿا. هي هڪ اهڙو المناڪ سُر آهي، جنهن جي مطالعي مان، سسئي جي سُورن، دردن، غمن، وڇوڙن ۽ عاجزين جا آلاپ پڻ پڌرا پسجن ٿا.”ڀينر!ڀنڀوران، ڀڄو تان اُبهو !”،” ساٿي توءِ هلن، پٿر جي وار ڪريان”،”مُٺ مُٺ سُور سڀڪنهين، مون وٽ وٿاڻان”. انهن مڙني مثالن مان، سُورائتي سسئيءَ جون رمزون ۽ روح پرور رضائون پڻ پسڻ ۾ اچن ٿيون. انسانيت جي بقا به دردن ۽ سُورن جي سهڻ ۾ پوشيده ۽ پنهان آهي. جيڪو انسان ڪاميابيءَ ماڻڻ جو مُتلاشي آهي، ته اُن کي عملي طرح اهڙا سُور سَهڻا پوندا. تڪليف بنا تفريح نه ٿي ملي. خود سسئيءَ به انهيءَ ڳالھ جي تصديق ڪري ٿي” جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي” يا” سُونهائي سُورن، ڪِي هيڪاندي هوت سين”. اسان کي گھرجي ته اسين شاھ جو سُر“حسيني” پڙهون، اُن کي پنهنجو آئيڊيل ۽ آئينو بنايون ۽ پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي سجائي ڪوشش ڪريون.

19. سُر“راڻي” جو فلسفو

19. سُر“راڻي” جو فلسفو

“راڻو” پراڪرتي ۽ هندي ٻولين جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ننڍوراجا” يا”ننڍڙي علائقي جو والي”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سان گڏوگڏ مجازي محبت تي آڌاريل سُر آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته ماٿيلي جي حاڪم راجانند جون نياڻيون کانئس ناراض ٿي، هندوستان جي جيسلمير واري علائقي”لُڊاڻي” تي اچي، ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي، طلسماتي محلات جوڙائي، ان جي اندر بند ٿي ويهي رهيون. پڙهو گھُمايائون ته جيڪو به ماڻهو، محلات جون رنڊڪون پار ڪري، سلامتيءَ سان اندر پهچي ويندو ته مُومل اُن سان شادي ڪندي.
عُمرڪوٽ جي حاڪم حميرسومري( آخري ) جي هڪ ڏاهي وزير راڻي مينڌري عقل جي آڌار تي، اُهي سمورا جادُوءَ جا ٽڪساٽ پار ڪري، محلات ۾ داخل ٿي، وڃي مومل ماڻي. اڳتي هلي، جڏهن مومل ۽ راڻي جي وچ ۾، ڪنهن شڪ جي بُنياد تي، ناراضگي پيدا ٿي ۽ راڻو رُسي وڃي پنهنجي وطن ويهي رهيو، تڏهن مومل کيس پرچائڻ لاءِ، جوڳين ۽ سامين وارو ويس ڪري، وڃي امرڪوٽ ۾، حيلا، ايلاز، منٿون، عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪيون. پر راڻو راضي ڪو نه ٿيوته مومل باھ جو آڙاھ تيار ڪرائي، اُن ۾ پاڻ اُڇلايو. نيٺ راڻو به پويان”مومل مومل” ڪندو وڃي پتنگ وانگر ان آڙاھ ۾ ڪريو. ايئن ٻيئي ڄڻا (مومل ۽ راڻو) ان آڙاھ ۾ جلي، سڙي، ڀسم ٿي، هميشه جي لاءِ اَمر ٿي ويا. هن سُر ۾ مومل پاران، راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ، عاجزين، انتظارين ۽ اشڪبارين جو انتهائي انوکو ۽ دلچسپ احوال اظهاريل آهي،

سُر”راڻي” جي معنوي نُقطي تي اچبو ته لطيف سرڪار، راڻي جي تمثيل سان،”وحدت الوجود” جي فلسفي جي پالوٽ ڪئي آهي. مثلا؛
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو ؟ چٽاڻو چوڌار،
منجھ هين ڪاڪ ڪڪورئي، منجھ هين باغ بهار،
ڪانهي ٻي توار، ٿيو مڙوئي مَينڌرو،
سُر”راڻو” يا”راڳ راڻو” سنڌ جو بيحد مقبول راڳ آهي. مومل راڻي جي موضوع واريون ڪافيون، سڄي سنڌ ۾”سُر راڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. عام رسم روايت مطابق”راڻو” آڌيءَ رات بعد،”وهاڳ” کان پوءِ، يعني لڙي آڌيءَ کان پوءِ، اَسُر تائين ڳايو ويندو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو اوڻيهون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 157 بيت، 10 وايون ۽ 10 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” ڪالھ گڏيوسون ڪاپڙي، بابُو بيکاري” ۽ آخري وائي” ويهي ويهي سو هرگز هلبو، پانڌيئڙا پرڏيهي !” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڪالھ گڏيوسون ڪاپڙي، بابُو رنگ بڀوت،
سريوسون سُڪوت، جوڳيءَ سندي ذاتِ کان.
ڪالھ اسان کي اوچتوگڏجي ويو، وڏي حوصلي، همت ۽ ڄاڻ وارو معزز ماڻهو، پر ميٽائين ۽ ڪڪڙي ويس ۾ هو. اُنهيءَ جوڳيءَ واري ذات کي ڏسندي ئي، اسان کي صبر ۽ آرام نصيب ٿي ويو،

جوڳي ايئن جرڪيو، جيئن اُونداهيءَ ۾ آڳ،
آديسي عشق جي، لائي آيو لاڳ،
آيو تنهن سڀاڳ، جيئن ڪوس ڏيهاڻي ڪاڪ تي.
جوڳي اوچتو ايئن جھرڪي ظاهر ٿيو، جيئن گُگھ اُونداهيءَ رات ۾، باھ جو ڪو اُوچو شعلو هجي، اُهو آديسي، الاءِ ڪٿان کان عشق ۽ لنوَ جي لالڙي لاڳ ۽ لاٽ لڳائي آيو ؟ سندس ڀاڳ ڦِٽو، جو اُن ڪاڪ تي ڪاهي ويو، جتي روزانو (عاشقن جي )”ڪوهان ڪوھ” لڳي پيئي آهي،

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
کري کيپ خماريا، مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيف ته ڪمالي،
وتن وصالي، لُڊوڻيا لطيف چئي،
جن قرب جي ڪاپڙين کي، ڪاڪ نديءَ جي نينهن ۽ قرب ڪڪوري ڇڏيو آهي، تن جي لُونءَ لُونءَ مان لالائيءَ نٿي لهي، جي محبت واريءَ مئي پي موالي ٿيا، اُنهن کي سچي نينهن واري نشي خُمار ۾ آندو، اُهي پُورو پڪو چوٽ وارو نشو، ڪاڪ ڪنڌيءَ تان حاصل ڪري هليا ويا، اُهي سدائين وصال لاءِ آتا ٿيا وتن، جي لُڊوڻي مان لوڌجي نڪتا آهن،

ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
سوڍيون سِجھائي هليا، ههڙا جني حال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگھي ويا.
وڏيءَ منزل وارا سچا عاشق، ڪاڪ نديءَ ( هِن جهانَ ) ڪو نه روڪيا ۽ نڪو مال، ملڪيت ۽ مايا تي موهجي (هرکجي ) ويهي رهيا، سُهڻين سوڍين کي به چُرڻ کان چُور چُور ڪري ويا، جن جا حال توڙي جو ظاهر ۾ اَڀرا سَڀرا ۽ هيڻا هئا، توڙي جو اَلهڙ البيلين پنهنجا ناز نخرا ڏيکاريا، (ٺينگ ٽپا ڏنا) ته به لاهوتي فقير(وڏا سچا عاشق) اُنهن کي ڇڏي، ڪاميابيءَ سان اڳتي روانا ٿي ويا،

سونَ ورنيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿورِي کٽن،
اُپٽيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيلُون ٻڌيون، پسيو سُونهن سڙن،
ٿيا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئي پرين،
اِجھي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.
سونَ جي رنگ جهڙيون سُهڻيون سوڍيون ( سارو ڏينهن ) چِلڪندڙ چانديءَ جي سِڪن سان، رانديون رونديون ڪن ٿيون، اُنهن جي اوطاقن کي اگر جي سُرهاڻ مليل آهي، کٽن، هنڌن ۽ بسترن کي مُشڪ ۽ کٿُوريءَ جي هُٻڪار لڳل آهي، ڪاڪ نديءَ جي وهنجڻ وارن مخصوص تڙن ( غسل خانن ) تي اچيو، عنبير جا پُڙا ۽ صندوقون کولين ٿيون، ( اُن خُوشبوءِ، سُرهاڻ ۽ سُونهن تي ) اَلهڙ ۽ اَلبيلي نوجوانن اچي ٻيلون ٻڌيون ( ورِي ورِي پيا اچن ) اُها سُهڻي سُونهن ڏسندي ئي، اُنهن جي دل ۾ پيا دُود دُکن، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” پِريَنِ کي پسڻ جي لاءِ، عاشق وڃيو لاهوت واري درجي ۽ منزل کي پهچن”، اُهي وڃي، وري وري پيا موٽيو اچن، ڪاڪ جي رمز جا رڱيل ۽ مومل جي مجاز جا موهيل، ڪڪوريل اکڙين وارا ڪاپڙي،

ڀيرو ڀڃ مَ ڪاپڙي! لاهي ويھ مَ لاڳ،
تان مون هينئڙو ماڳ، جان تون جوڳي ! جُوءِ ۾.
اي ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪاپڙي ! تون ڦيرو ختم ڪري نه وڃ، پيار وارا وڙ، واسطا ۽ لھُ لاڳاپا ٽوڙي، پري وڃي ويهي نه رھ، اي منهنجا جانب جوڳي ! تون جيستائين جو لُڊاڻي واريءَ جُوءِ ۾ هوندو آهين، تيستائين منهنجو منڙو قرار ۾ هجي ٿو،

ڪرها ! ڪارڻ ڪاھ، توکي ڌڻين ڌاريو،
ساري ڏيج سيد چئي، لُڊاڻي تان لاھ،
مُقابلو مومل سين، ٿيندُءِ سنجھ صُباح،
سوڍي جي صلاح، ڪَونر چرندين ڪاڪ جا.
اي چڱا چانگا ! وڏي پنڌ واري مُسافري ۽ سواريءَ خاطر، مالڪن توکي تاتي، پالي، وڏو ڪيو آهي، سُهڻو سيد چوي ٿو ته” تون ساري سنڀاري، لُڊاڻي تان گھُمرا ۽ ڦيرا پيو ڪندو ڪر، اِجھو اڄ يا سُڀاڻي ! نيٺ موچاريءَ مومل جي آمهون سامهون اچڻو پوندئي ! سوڍي جي سُهڻي صلاح ۽ رضا سان ئي، ڪاڪ جا ڪچڙا گُل، گَونچ ۽ ٻُور تون چري سگھندين،
اهڙيءَ ريت، شاھ جي رسالي جو سُر” راڻو”، محبت ۾ مُستغرق ۽ وڇوڙي ۾ وڪوڙيل اُداس عاشقن ۽ عاجزن جي لاءِ، التجائون ۽ عاجزيون کڻي، اختتام پذير ٿئي ٿو.
فقيرغلام حسين شيخ (ولد ڪرم علي شيخ، ويٺل ڍير مِٺوفقيرلُنڊ، لڳ ڦُلهڏيون) چوي ٿو ته”شاھ جورسالو ڪُل ٽوٽل”ڪيڏارو” آهي. شاھ جو اُهو ڪلام، جنهن ۾ وڇوڙي، ورلاپ، درد ۽ قهر جي ڪيفيت سمايل هجي، سمجھو ته اُهو ڪلام سُر”ڪيڏارو” آهي”. اهڙيءَ ريت سُر راڻي ۾”سي ڪيئن مينڌرا ! مچن ؟ جي تو سوڍا ! سُوريءَ چاڙهيون”،” مون کي ڦٽ فراق جو، ٿو مينڌرا ! ماري” ۽” پايو پِٽين ويٺيون، ڪاڪ ڌڃاڻيون ڪک” جهڙيون سُورائتيون سِٽون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سُر”راڻو” هر هڪ پيار ڪندڙ ۽ جُدائيءَ ۾ جلندڙ جندڙين جي لاءِ، جيءُ جو جياپو، ڏُک جو ڏوراپو ۽ نينهن جو نياپو آهي،

20. سُر” لِيلا” جو فلسفو

20. سُر” لِيلا” جو فلسفو

“ ليلا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”راند روند”،”کيل تماشو”،”انگل آرو”،”ناز نخرو”،”ٺِينگ ٽپو”،”عيش و نشاط” ۽”چلولائي” وغيره،
هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ مجازي محبت تي آڌاريل، معنوي، سُلوڪ ۽ پڇتاءُ وارو سُر آهي. جنهن ۾ ليلا پنهنجي خطا تي پشيمان ٿي، چنيسر ڀتار کي، معافي لاءِ ليلائي ٿي.
ليلا، ديول ڪوٽ جي حاڪم، چنيسر سُومري جِي پٽ راڻي هئي. چنيسر سومرو، جنهن جو پاڙو”داسڙو” هو، سو اندازن 1288ع کان، 1306ع ڌاري، ديول ڪوٽ پرڳڻي تي حڪومت ڪندو هو. هي شهر مڪليءَ جي ويجھو، پيرپٺي جي آس پاس، بگھاڙ شاخ جي ڪنڌيءَ تي آباد هو، ليلا، چنيسر جي حسين و جميل راڻي هئي. جيڪا هميشه سُونهن ۽ سُهڻين شين تي هِرکندي رهندي هئي. چون ٿا ته ليلا جو چنيسر کي چيل هو ته”مون کي ٽي خطائون معاف ڪجانءِ”، چنيسر، ليلا کي سندس پرپٺ ۽ بنا چئو چوان جي، ٽي خطائون معاف ڪري چڪو هو.
اُنهيءَ ساڳي دور ۾، راءُ کنگھار نالي ڍٽ جو حاڪم هوندو هو، جنهن کي“ ڪونئرو” نالي هڪ خوبصورت نياڻي هوندي هئي. ڪونئرو جوان ٿي ته، چنيسر جي حسن جي هاڪ ٻڌي، اُن تي پرپُٺ عاشق ٿي. هڪ لڱا ڪونئرو ۽ سندس ماءُ وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر کي راضي ڪرڻ واسطي، اچي ديول ڪوٽ ۾ رهيون ۽ ليلا سان ملاقات ڪيائون. ليلا، ڪونئرو کي نوَ لکو هار پاتل ڏسي، دل هرکائي ويٺي ۽ ڪنهن به قيمت تي، اُهو هار حاصل ڪرڻ لاءِ حيلا هلايائين. ڪونئروهڪ شرط تي هار ڏيڻ جي”ها” ڪئي ته تنهنجو ور چنيسرداسڙو هڪ رات جي لاءِ منهنجو ٿيندو ته هي هار آئون توکي ڏينديس. ليلا اهو شرط مڃي ورتو ۽ چنيسر کي نشو پياري، ڪونئرو جي حوالي ڪري ڇڏيو. صبح جو جيئن ئي چنيسر جي اک کُلي، ته ٻيو مامرو ڏٺائين. ڪونئرو، چنيسر کي چيوته” توکي ليلا هڪ هار جي عيوض منهنجي حوالي ڪيو آهي ۽ اڄ کان اڳتي تون منهنجو آهين”. چنيسر کي غيرت آئي، پنهنجو ملھ هڪ مڻيي برابر ڏسي، ليلا کي محلات مان تڙي ڪڍيائين. ليلا پهرين غلطي سمجھي، معافي جي تقاضا ڪئي، پر چنيسر پار پتا ڏيئي، اهو ثابت ڪيو ته اها تنهنجي چوٿين ۽ آخري غلطي هئي. اِن ڪري هاڻي هتان هلي وڃ. ليلا ليلايو، ٻاڏايو، اڳيان عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪيائين، پر چنيسر سُهاڳڻ کي سِگھو ئي ڏهاڳ ڏنو،

ٿِڙڪي پسي ٿوڪ، تِرڪي تڪبر ۾ پيئي،
اچيو اچيو”اگلي” چئي، ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، وئو ويچاريءَ وسري!
سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۾، گھڻي وقت کان وٺي، ويندي اڄ تائين، ليلاچنيسر جي موضوع واريون ڪافيون” سنڌي جوڳ” واري راڳڻي ۾ ڳايون وڃن ٿيون،
هي شاھ جي رسالي جو ويهون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 64 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن هن سُر جو پهريون بيت” داغ تنهنجو دائما ! ماري معذوري” ۽ آخري وائي” آءُ پرين ! گھر پيهي، ميان چنيسر ! هارُ هٿان مون ڇڏيو” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

مڻيون وجھان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مانُ لهان.
هيءُ هار باھ جي ٻرندڙ بڀڙ ۾ اُڇلي ڇڏيان ۽ دهڪندڙ ٽانڊن ۾ وڃي هڻان، جي منهنجو محبوب ورُ، راضي ٿي وري واپس موٽي اچي، ته آئون ميري ۽ مندي هوندي به، مان ۽ شان واريءَ ٿي پوان،

مڻيي اُتي موهجي، هاري ! ڳيڙُءِ هار،
ڪوڙيين ڪئا ڪيترا، اِنهينءَ خر خُوار،
ڀِري وئو ڀتار، آيُئي ڏنءُ ڏُهاڳ جو.
اي هارايل موڳي ! انهيءَ ڪُوڙي مڻيي تي موهجي، تو وڃي هار ۾ هٿ وڌو، انهيءَ خراب ( گڏھ جهڙي ڪوجھي ۽ ڪُوڙي ) مڻيي، ڪروڙين ڪروڙ (انسان) خُوار، بدنام۽ ذليل ڪري ڇڏيا، تو کان تنهنجو ور مٽجي ( ڦري ٻئي جو ٿي ) ويو، تنهن ڪري ئي ته توکي، ڏُهاڳ جي آڳ واري وڏي مچ ۾ جلڻو پيو.

هُيسِ گھڻو هُشيار، پر ڪل نه پييم ڪانڌ جي،
مون ڀانيو موچاري ٿيان، هنيين وجھي هار،
ڪانڌ ڪُوڙيءَ جو نه وڻيو، سَئين ڀَتين سينگار،
وهم لهي وينجھار، ٿو دليون پرکي داسڙو.
آئون ته بيشڪ ! وڏي هُشيار هُئي، پر مون کي منهنجي ڪانڌ ( چنيسر ڄام ) جي ڪل ئي ڪا نه پيئي، مون سوچيو ته” هنيين جي مٿان هار پائي، خُوبصورت ۽ سُهڻي ٿي ٿيان”. مون ڪُوڙيءَ جو ڪيل، طرحين طرحين وارو ٺاھ جوڙ، منهنجي ڪانڌ کي قطعي ڪو نه وڻيو ! وڏو پارکو پرين، ته اندر جا ارادا به پروڙي ٿو وٺي ۽ چنيسر داسڙو ته دليون به پرکي ٿو وٺي،

ٿِڙڪِي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو” اگلي!”، چئي ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
ليلا، ڪا قيمتيءَ شئي ڏسي ٽڙي پيئي، تڪبر ۾ پئجي، ترڪي وڃي نظرن کان هيٺ ڪري هاڻِ ته سارو لوڪ اچي ٿو ليلا کي چوي،” اڙي ! تون ته گدلي ۽ صفا گنهگار آهين”. هن جو اندر، مهڻن ۽ طعنن سان تپائي، جلائي، ساڙي، سوڪ ( ڪرڙئون ) ڪري ڇڏيو اٿن، هاڻِ ته ڦوھ جوانيءَ وارو جذبو ۽ شوق، ويچاريءَ کان صفا وسري ويو آهي،

وڏيري هُياسِ، ميڙو مون ڳرِ سرتيين،
هٿ ڇُهڻ سين هار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،
ڍولي ڍيلياس، آيُمِ ڏنءُ ڏُهاڳ جو،
آئون وڏي وڏيري هئي، مون وٽ منهنجي گھر ۾، سُهڻين سرتين جو، سدائين ميڙو متل هوندو هو، هار کي رڳو هٿ لائڻ سان ئي، پنهنجي پياري ڪانڌ لئي آئون قهر جهڙي ڪڙي ٿي پيئي آهيان، مون کي چنيسر ڍول ڍيلي کڻي پري ڪيو، تڏهن مون تي ڏُهاڳ جي آڳ جو، آڙاھ ٻري پيو آهي،

لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾،
ٻيون سڀ سگليون، اگلي آئون،
صدق صدائون، ڪهڙيون ڪريان تن سين ؟.
چنيسر ڄام جي بادشاهي ۽ راڄ ڀاڳ ۾، ٻيون به لکين ليلائون رهن ٿيون پيون، اُهي سڀيئي سُهڻي اخلاق ۽ خلوص واريون آهن، فقط هڪ آئون ئي ميري ۽ مندي آهيان، صدق ۽ سچائيءَ واريون دعوائون، آئون ڪهڙيون ويهي اُنهن سرتين جي اڳيان ڪريان ؟.

اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا!
جيئن تو رُسڻ سنديون روح ۾، ته مون ڀيڻي ناھ ڀتار!
سائينءَ لڳ ستار، ميٽ مدايون منهنجيون.
اي چڱا چنيسر داسڙا ! مون تمام گھڻا اوڳڻ ۽ ڪوجھا ڪم ڪيا، پر پوءِ به تنهنجي در تي هلي آئي آهيان، اي منهنجا گھوٽ ! جي تنهنجي روح ۾، رُسڻ واريون رمزون موجود آهن، ته منهنجي پُڄڻ ڀيڻيءَ ناهي، اي عيب ڍڪيندڙ ! الله پاڪ جي واسطي ! منهنجي مداين ۽ ڪچاين تي کڻي پردو رک،
ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾، ليلا جي تمثيل سان، انساني خطائون ڏيکاري ٿو ۽ وري اُنهن جي بخشش ۽ معافي جي لاءِ، مالڪ مهربان وٽان، ٻاجھ ۽ مهر جو متقاضي پڻ آهي.”اگلي آئون، ڍولا!مون نه پروڙيو.”“مون کان تان پيئي، تون کم کانديلا سُپرين!”“ ايءَ پرين! تنهنجي پت، جيئن ولهيون ڍڪين ولها !” رسالي جي ڪلام ۾، هڪ هنڌ لکيل آهي،” توکي تڙي ڪير؟ تون ڪا تڙڻ جهڙي! وڌم توسان وير، من! سِکن ٻيون سُهاڳڻيون.” ليڪن حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو ته” توڻي ڏي نه ڏي، توءِ منهنجو ولهو، آئون تنهن ڀلي کي، پاڻ پرنيان ڪيترو؟”.

21. سُر“ڪاموڏ” جو فلسفو

21. سُر“ڪاموڏ” جو فلسفو

“ڪاموڏ” سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ”ڪامودا” جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ڪام وهيڻي”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ مجازي محبت سان مالا مال سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب نوريءَ جي نوڙت ۽ نياز کي آڌار بنائي، سنڌ جي سمي حاڪم ڄام تماچيءَ جي محبت جو انوکو احوال اوريو آهي.”عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو”.
چون ٿا ته نُوريءَ اصل ۾ سنڌ جي حاڪم“جسوڌڻ راءُ سمي” جي نياڻي هئي، جنهن جي والده جو نالو”مَرُوبت راڻي” هو. نُوريءَ ڄمڻ مهل ڪوڙھ جي مرض ۾ مبتلا هئي، جنهن کي بادشاھ اُڇلي اچڻ جو حڪم ڏنو. نوريءَ کي اُڇلي اچڻ لاءِ، دائي کڻي جھر جھنگ ڏانهن رواني ٿي، ته اڳيان”ڪينجھر” نالي گندرو مهاڻو گڏيس، جنهن اها ڌيءَ اُڇلڻ بجاءِ، پاڻ وٺي وڃي پالي. نوريءَ کي هڪ اولياءَ”شاھ هوندڙي” جي دُعا سان شفا ملي. جيئن ئي نوريءَ تان مرض لٿو، ته منجھس ايڏو حُسن پيدا ٿي پيو، جو منهن مان نُور نروار ٿي تجلا ڪري ٻهڪڻ لڳو.
ڄام تماچي جيڪو ٺٽي جو حاڪم هو، سو سير شڪار لاءِ، ڪينجھر ڍنڍ تي ايندو رهندو هو ۽ ننڍا وڏا ملاح وڃي سندس سلامي ٿيندا هئا. نوريءَ کي اهل ڄاماڻي هئي، سا ملاحن واري ڪرت ڪا نه ڪندي هئي.” نه وڍي، نه وڪڻي، نڪين ککيءَ کاءِ”، سمو ڄام مٿس مفتون ٿيو ۽ ملاحن کان سندس سڱ گھريائين. نوريءَ جو بخت بلند ٿيو ۽ ڄام تماچِيءَ جي ساڻس شادي ٿي. ڄام تماچي انهي خوشيءَ ۾، ملاحن کي ڪينجھر ڍنڍ انعام ڏيئي، مٿانئن مڙيئي محصول معاف ڪري ڇڏيا. تصوف جي لحاظ سان، هن سُر جي داستان چوٿين جا بيت، الله پاڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ جي ڄڻ تشريح ۽ تفسير وانگر لڳن ٿا. مثلا؛
نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ،
“لم يلد و لم يولد”، ايءَ نجابت نياءُ،
ڪِبر ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.

سُر“ڪاموڏ” جي راڳڻي، ٻپهريءَ يا شام جو ڳائبي آهي. هن کي”سمپورڻ راڳڻي” ڪري چوندا آهن، ڇو ته سڀيئي سُر ساڻس لاڳو آهن. هي”گوند” ۽”بلاول” راڳڻين جي ملاوٽ آهي ۽ ٽي جنسون اٿس. 1 شُڌ ڪاموڏ 2 ساونت ڪاموڏ ۽ 3 تلڪ ڪاموڏ، هي شاھ جي رسالي جو ايڪيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 3 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” تون سمو، آئون گندري، مون ۾ عيب اپار” ۽ آخري وائي” تو در آيس سام، سما ڄام! سام تنهنجي” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

تون تماچي! تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مي،
ککيءَ هاڻيون کاريون، حال منهنجو هي،
مون ڏُهاڳ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيس تنهنجي.
اي تماچي ڄام!تون سموري تڙ جو خود مختيار۽ مالڪ آهين، آءٌ مسڪين مي مهاڻي آهيان. مون وٽ، مڇيءَ جي بدبوءِ واريون ٽوڪريون آهن ۽ حال به منهنجو ههڙو جهڙو(اڀرو سڀرو) آهي. مون کي وڇوڙي وارو ڏهاڳ هرگز نه ڏجانءِ، ڇو جو آءٌ ته هاڻي تنهنجي نالي سان مشهور ٿي ويئي آهيان.

کُوءِ!سميون، ٻن! سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ،
ور! سي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ تات،
راڻين ملا رات، ماڻڪ ميءَ پرائيو.
کوھ ۾ پون سميون! ٻن پون سومريون! جي ڪنڌ مٿي ڪري، آڪڙ ۽ وڏائيءَ سان ٿيون سامهون هلن. بيشڪ!ڀليون آهن، اهي ڪينجھر ۾ ڄاول مسڪين مهاڻيون، جن جي من ۾، سمي ڄام سلطان جي سچي سڪ ۽ محبت سمايل آهي. رات راڻين جي سٿ وچان، ماڻڪ جهڙي سهڻي نوري، ڄام تماچيءَ کي، کٽي کڻي پنهنجو ڪيو.

ڪاريون، ڪوجھيون، ڪُوَڙيون، منهن نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جيون کاريون،
اُني جيون آريون، سمي ري ڪير سهي !؟
سانورڙيون، بنا سونهن واريون، وڙ وجھ ۾ ڍليون ۽ منهن مهانڊري ۾ صفا سادڙيون آهن. بدبوءِدار مڇيءَ جون ٽوڪريون کڻي، (وڪڻڻ لاءِ) واٽ تي اچي، ويهيو ٿيون رهن. انهن جون فرمائشون، (انگل ۽ آريون) سمي ڄام سلطان کان سواءِ، ڀلا ٻيو ڪير سهي!؟

هيڏي وير ڪياءُ؟ ڪينجھر ۾ باھ ٻري !
نڪو ورن وڄ جو، نڪو چنڊ اُهاءُ،
لٿو پاند مهاءُ، ميءَ چڙهندي مڪڙي.
هيڏي اونداهيءَ واري وقت ۾، هيءُ ڪينجھر ۾، ڪهڙي باھ ٻري آهي!؟
نڪو کنوڻ جو ڪو چلڪو چمڪو ٿيو ۽ نڪو چنڊ جو سوجھرو آهي.
“اهو نوريءَ جو ٻيڙيءَ تي چڙهندي مهل، منهن تان ٿورڙو پاند لٿو آهي.
هٿين، پيرين، آرکڻين، منهن نه مهاڻي،
جيئن سڳو وچ سُرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سُڃاڻي، ٻِيڙو ٻڌس ٻانهن ۾،
هٿين، پيرين، توڙي منهن مهانڊري جي نشانين ۾،”مسڪين مهاڻي” ته لڳي ئي ڪو نه ٿي. جيئن سُرندي ۾ سونو سڳو هوندو آهي، تيئن هيءَ راڻين ۾، سڀنيءَ کان سُهڻي راڻي آهي. ڇو جو اصل کان وٺي، (ڄائي ڄم کان) هن نوريءَ جي اُٿڻي ويهڻي ۽ هلت چلت ڄامن(وڏن چڱن) واري هئي. سمي ڄام سلطان کيس سڃاڻي، پنهنجي هٿن سان اچي، هن جي ٻانهن ۾ سونو ٻِيڙو ٻڌو.

ڄام تماچي آئيو، سُڀتِ ٿي صلاح،
مور مرڪي هليو، سندو راڻين راءُ،
لٿي لِڪ، لطيف چئي، ڪئو شمس شعاع،
پيڙهيءَ ويٺو پاتشاھ، مٿس ڇٽ ڇُڳاءُ،
ڪوڙين قناتون لڳيون، مياڻين مٿاءُ،
لٿو ڏن ڏيهاءُ، مر! ٿيون مرڪن مڇيءَ واريون.
ڄام تماچي (ڪينجھر تي) آئيو، چڱي ۽ بهتر طريقي واري رٿا وجود ۾ آئي. راڻين جو ڌڻي ۽ حاڪم ڄام تماچي، سهڻو مور ۽ سُرخرو ٿي هليو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” راز واري ڳالھ پڌري ٿي، سج پنهنجو چٽو پٽو سوجھرو ڪيو”. خاندانيءَ تخت تي بادشاھ ويٺو، ان جي مٿان ٽَونئرن ۽ گلن وارو سهڻو سينگار ٿيو. ڪروڙين ڪروڙ طنبو ۽ طولان لڳا، سڀني مياڻين ۾، (جٿي ڪٿي) جشن ٿيا، ڏيھ تان سمورو ڏن ۽ محصول ختم ٿي ويو، هاڻي ڀلي پيون مڇيءَ واريون(مهاڻيون) خوشيءَ ۾ مرڪن ۽ خوش ٿين.

مَنَھن ملاحن جي، آيو ڄام ڄُلي،
ماڳين پييون مسندون، جھُڳين پاس جھُلي،
عطر ۽ عبير جي، اچي ڇول ڇُلي،
ڪينجھر سڀ ڪُلي، اُني کي انعام ٿيو.
مسڪين ملاحن جي، ڪکائين جھُوپڙين ۽ ماڳ مڪانن تي، اڄ ڄام تماچي، محبت ۽ مروت منجھان، هليو آيو آهي. جدا جدا ماڳن ۽ ڪکائين جھوپڙين وٽ، تخت ۽ بخت واريون کٽون، شان ۽ شوڪت سان رکيون ويون آهن. عطر ۽ عنبير جي عرق جِي، اُتي ڇولين اچي ڇڇڪار لڳائي آهي. ڪينجھر وارو ڪُل علائقو، اُنهن (مسڪين ملاحن) کي، اڄ انعام ۽ اڪرام ۾، عطا ٿي ويو آهي.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سُر”ڪاموڏ” کي،”مجاز” ۽”حقيقت” ٻنهيءَ رخن کان ڏسڻو پوندو، تڏهن اسان کي هيءُ سُر پُوريءَ طرح سمجھ ۾ ايندو. مجاز بابت، شاھ صاحب هيءُ سمورو قصو فقط هڪڙي سٽ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. پاڻ فرمائي ٿو،” عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو”. وري هن سُر جي حقيقت واري رخ تي روشنيءَ وجھنداسين ته لطيف سرڪار فرمائي ٿو” لم يلد و لم يولد”، ايءَ نجابت نياءُ، ڪِبر ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو”. شاھ صاحب انهن ٻن سٽن ۾،”وحدانيت” ۽”هيڪڙائي” جو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري اسين جڏهن به سُر”ڪاموڏ” جو مطالعو ڪريون ٿا ته اُن کي ٻنهيءَ رخن کان پڙهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت، فيصلو از خود اسان جي سامهون اچي وڃي ٿو.”مجاز”“حقيقت” جي چاڙهي آهي، اگر حقيقت تائين پهچڻ ۾، ڪا به رنڊڪ محسوس ٿئي ٿي، ته”مجاز” جي ڏاڪڻ تي قدم رکو، منزل آسان ۽ ويجھي ٿي ويندي. پر اُن لاءِ شرط اهو به آهي، ته”مجاز” جي ڏاڪڻ تي پير رکڻ کان پوءِ، متزلزل ٿيڻو ناهي. اهڙن عملن ۾، شاھ جو ڪلام، اسان جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو، جنهن کي صرف سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

22. سُر“سورٺ” جو فلسفو

22. سُر“سورٺ” جو فلسفو

“سورٺ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”صورت”،”سُهڻي”،”حَسين” ۽”خوبصورت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، راءِ ڏياچ جي مثالي ڪردار کي، يعني الله تعاليٰ جي نالي تي، سِر وڍي ڏيڻ جي حوالي سان، سَربُلند مڃيو آهي.
هڪ زماني ۾، جھوناڳڙھ پرڳڻي تي“راءِ ڏياچ” نالي، وڏو سخي سردار راڄ ڪندو هو.
جنهن جي سخا جي هاڪ ٻُڌي، ٻيا سردار پيا دل ۾ سڙندا هئا. سورٺ اُن سخي سردار راجا راءِ ڏياچ جي پَٽ راڻي هئي. پاڙيسري ملڪ جي راجا اَنيراءُ، هڪ چارڻ (منگتي) کي چيو ته جيڪڏهن تون راءِ ڏياچ جي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري، مون ڏانهن کڻي ايندين، ته تنهنجي منشا پوري ڪندس. اها ڳالھ ٻڌي، ٻيجل پنهنجو سُرندو سينگاري، جھوناڳڙھ ڏي راهي ٿيو.

چارڻ ٻنڌا چنگ کي، جھُوڙا ۽ جھانئين،
ڏُئلي راوَڏياچ جي، ڏُوران ڏٺائين،
راجا راءِ ڏياچ جي رنگ محل ٻاهران، اهڙيءَ چنگ چوريائين ۽ تند تنواريائين، جو بادشاھ بيخود ٿي ويو ۽ ٻيجل کي پُڪاري چيائين” اي فقير! جيڪِين گھُرڻو هجئي سو گھُر، پر تند کي بند نه ڪجانءِ”! ٻيجل وراڻيو“ تنهنجي در تي ان ڪري آيو آهيان، جو تون“نانهن” نه سکيو آهين. اي سخي سردار! آئون تنهنجي سِر جو سُوالي آهيان”.
چون ٿا ته سورٺ ان مڱڻهار کي، سِر نه وڍڻ جي لاءِ، سَو سُوال ڪيا، انعام اڪرام آڇيا، قيمتي خزاني جون خُرزينون ڀرائي، سونن سنجن ساڻ، تازا گھوڙا اڳيان آڻي بيهاريا، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل هاٿي حاضر ڪيا، لعل ياقوتن ۽ ماڻڪن جو مٿان مينهن وسايائينس، جن ۾ پنڻو پُورجي ويو، پر مڱڻهار انهن کي هٿ به ڪو نه لاتو.
ڀٽائي صاحب هن سُر جي معنوي پهلوءَ ۾، معراج شريف واري حقيقت ۽ وحدت الوجود واري فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي.

ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪو نه وسيلو وِت،
سائي تال تندن جي، سائي چارڻ چِت،
جي هُتي، جي هِت، ڳالھ مڙيائي هيڪڙي.
سنڌ ۾ هي قصو جنهن سُر ۾ ڳايو ويو، اُن کي سُر“سورٺ” سڏيو ويو. هن قصي جي حوالي سان چيل ڪافيون،”سورٺ راڳڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. هي شاھ جي رسالي جو ٻاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت”الله جي آس ڪري، ٻيجل ڪِي ٻاڪار” ۽ آخري وائي” الوداع! وو! الوداع! جانيان ڪِيَڙُئِي جدا ! وو! سورٺيا ساري، معذور وئين ماري” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

الله جي آس ڪري، هلي آيس هير،
هاتڪ! تو حضور ۾، پرتان ڀري پير،
وِير!لڳاءِ مَ وير، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.
الله پاڪ جي آس دل ۾ رکي، آءٌ هن وقت (هن رنگ رتول ڏي) هليو آيو آهيان. اي سياڻا حاذق! تنهنجي حضور ۾، مون وڏي پريت سان پير ڀريا آهن. اي وڏي عقل وارا داناءُ! هاڻي دير نه ڪر، پنهنجو سر وڍي ڏي ته آءٌ هينئر ئي کڻي هليو وڃان.

آءٌ سُوالي سر جو، آيس اڳاهون،
مٿي ري مس رکان، پير کڻي پاهون،
داتا! سُڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپارجيون.
(اي راجا راءِ ڏياچ!) آءٌ ته سواليءَ آهيان تنهنجي سر جو، جيڪو ڪافي پري کان اچي پهتو آهيان. تنهنجي سر وٺڻ کان سواءِ، هي پنهنجا پير، آئون پوئتي هرگز ڪو نه هٽايان. اي وڏا ڏيندڙ سخي! منهنجي سوال جون صدائون سڻ، جيڪي سرهائيءَ سان، تنهنجي سر وٺڻ جون ٿو ڪريان.

ڪِين جو ٻيجل ٻوليو، ڀنِيءَ ويهي ڀان،
راجا رتولن ۾، سيباڻو سلطان،
“آءُ مٿاهون مڱڻا! مقابل ميدان،
گھوريان لک، لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
مٿو هي مزمان! هلي آءُ ته هت ڏيان”.
ٻيجل(ڀان فقير) ڀنِيءَ رات جو، داتا جي در تي ويهي، ڪو عجب جهڙو سوال ڪيو!
سهڻي سلطان راجا کي، رنگ رتولن ۾، اُهو ڳائڻ ڏاڍو پسند اچي ويو، (وڻي ويو).
(حڪم ڪيائين ته)”اي مڱڻا! تون مٿي چڙهي آءُ! سڌو سنئون منهنجي روبرو”. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” لکين لک توتان گھوري ڇڏيان ۽ تنهنجي قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان. اي منهنجا مٺا مهمان! تون مٿي هلي آءُ! ته هيءُ سر، توکي هت(هندوري ۾) ڏيئي ڇڏيان”.

نِرتي تند نياز سين، ٻُرائي ٻيجل،
راجا رتولن ۾، اُونائي امل،
راز ڪيائين راوَ سين، موچاريءَ مهل،
“انا احمد بلا ميم”، سَين هنئي سائل،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته”هردوئي هيڪ ٿيا”.
وڏي سرت ۽ سمجھ واري ٻيجل، نياز ۽ نوڙت واري تند، اچي رنگ محل جي ٻاهران ٻُرائي، (وڄائي). راجا راءِ ڏياچ رنگ رتولن ۾، اُنهيءَ سُريلي ساز جي اَمُلھ”رُون رُون”، وڏي غور ۽ فقر سان ڪن ڏيئي ٻُڌي. دل جي راز واري حقيقت، راجا راءِ ڏياچ سان، موچاريءَ مهل(اسر ويل ) جو، اُن سائل ويهي سَلي.”آءٌ احمد آهيان بنا ميم جي”، سُهڻي سُوالي اها صدا پڌري پڪاري. پوءِ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اها ڪل پيئي، ته”ٻيئي(راجا ۽ راڳائي) پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا”.

سهسين آئيا سورٺيا، مانجھي مڻيادار،
جن ڳڙهان ٻهر ڳائيو، سهجان سڀ ڄمار،
تنبيري جي تند جي، اُت پهرين هئي پچار،
آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دئار،
توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگھار،
“السلام عليڪ ايها النبي”، اي کلي ڪيائين کينڪار،
سئو ۾ سنسار، ته “ ملڪ ڏنائين مڱڻي”.
هتي سوين سوَ سورٺ ملڪ جا ڳائڻا آئيا، سي به وڏيءَ همت وارا، جلويدار ۽ ڏاڍا سهڻا هئا. سي سڀ ساري حياتيءَ، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، جھونا ڳڙھ کان ٻاهر ڳائيندا رهيا. هن تنبي وڄائڻ واري جي سهڻي ساز جي، اُتي اڳ ۾ ئي گفتگو ۽ هاڪ (مشهوري) هلندڙ هئي.”اي مهربان ۽ موچارا مڱڻا! تون مٿي هليو اچ، محل جي مکيه دروازن وٽان چڙهي. توکي گھوٽ پاڻ وٽ گھرايو آهي، راوَکنگھار خلاصي رهاڻ ۽ قرب واري ڪچهريءَ لاءِ”.”اي نبي ڪريم!(صلي الله عليه وآله وسلم)تو تي سلام هجي”، ايئن کلي ۽ خوش ٿي، ڀليڪار ڪيائين. پوءِ ساري سنسار(جهان) ۾ ٻڌو ويو ته”سڄو ملڪ ئي، مهربان ۽ موچاري مڱڻي کي، (انعام ۽ اڪرام ۾) عطا ٿي ويو آهي”.

چارڻ! ٻولج ڪِين ٻيو، گھُريوءِ، سو گھوريان،
ڳڙھ سورٺ ئي نه پڙي، جي تندن سين توريان،
ڳُجھِي آهم ڳالهڙي، آءُ اوري ته اوريان،
“ڪُلهنيون ڪوريان؟ڪهِ جاجڪ! جُسي سين ڏيئين؟”.
اي چڱا چارڻ! اڃان ڪُجھ ٻيو به چئو، (ٻيو به گھُري وٺ!) جيڪين تو گھُريو آهي، سو ته گھوري تو کي ڏيان ٿو. سورٺ وارو سمورو ملڪ، جھوناڳڙھ تور ۾ پورو ئي نه ٿو بيهي، جي تنهنجي ساز جي تندن سان ملائي ٿو توريان. منهنجيءَ دل ۾، هڪ راز واريءَ ڳالھ سمايل آهي، تون هيڏانهن اورتي اچ، ته اُها تو سان اوريان، (تو سان اُها ڳُجھيءَ ڳالھ سليان). اي جيءُ جا جاجڪ! هيءُ ڪنڌ ڪُلهن وٽان ڪوريان؟ يا جسم ۽ جان سوڌو ئي تو کي ڏيئي ڇڏيان؟”.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“سورٺ” کي، مڪمل طور تي، حقيقي ۽ معنوي سُر جو درجو حاصل آهي. هڪ الله تعاليٰ جي نالي تي، ڪنهن سُواليءَ کي سِر وڍي ڏيڻ جو مثال، تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. هيءُ سُر وحدانيت کان سواءِ، رسالت جي پُرنُور موضوع جو مرڪوز پڻ بنيل آهي. ڀٽائي رحه فرمائي ٿو” آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دئار، توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگھار”، ڪافي عالمن ۽ اسڪالرن مٿيين سٽن کي، معراج شريف جي ماحول سان منصوب ڪيو آهي. وري هي سٽون به ڏسو؛” الانسان سري و اناسره”، ورتي ايءَ وائي، راجا، راڳائي، هي دوئي هيڪ ٿيا”. اهڙيءَ ريت، اسين شاھ جي رسالي ۽ ڪلام مان، وحدانيت ۽ رسالت بابت، ڪيترائي اشارا ۽ اُهڃاڻ پڙهي ۽ پروڙي سگھون ٿا. جن تي ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان جا ٻيئي جهان منور ۽ موچارا ٿي سگھن ٿا. اسان کي گھرجي ته شاھ جي رسالي جو، لفظي مطالعي سان گڏوگڏ، ان جو معنوي رخ به معلوم ڪندا وڃون، ته ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون پاڻهي ئي اسان جا قدم چمنديون اينديون.

23. سُر” رِپ” جو فلسفو

23. سُر” رِپ” جو فلسفو

“رپ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” آفت”،”مصيبت”،” ڇِپ” ۽”سخت ڳرو” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو، حقيقت ۽ مجاز جي ميلاپ ۽ سنگم وارو سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب جي طرفان، مٺڙي محبوب جِي سچي سڪ، اندر جا اُڌما ۽ آزيون ۽ نيزاريون بيان ڪيون ويون آهن. شاھ صاحب فرمائي ٿو، ته” منهنجو جندڙو، غم ۽ گوندر ۾ غرق ٿي ويو آهي، اي منهنجي مٺڙي امڙ! مون کي مٺڙن محبوبن جي ڦوڙائي ۽ فراق مورڳو ماري وڌو آهي”!
جڏهن کان وٺي، منهنجي دل، مٺڙي محبوب سان لڳي ويئي آهي، تڏهن کان وٺي، هو مون کي، هڪ تِر جيترو به ناهي وسريو. سُهڻو سڄڻ منهنجي روح جي اندر اوطاقون ڪري، ڳل سان وهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو آهي. محبوبن جي محبت جو مچ، منهنجي اندر ئي اندر ۾ پيو ٿو ٻري. اهو عشق ۽ محبت جو آڙاھ اجھامي ڀلا ڪٿان؟ جنهن جو سوريندڙ سُهڻو سُپرين پاڻ هجي !

هن سُر جي ٻئي داستان ۾، سڪ ۾ سڪندڙ ۽ سڙندڙ عاشق کي تاڪيد ڪئي ويئي آهي ته”تون پنهنجي محبوب جي محبت کي ظاهر نه ڪر، اُن کي لڪاءِ ۽ ڳُجھو رک. اُن کي ايئن ڍڪ، جيئن ڪنڀار آويءَ ۾ ٿانون کي ڍڪي، پوءِ باھ ڏيئي ڇڏيندا آهن، ته ٿانوَ پچي، ڳاڙها لال ٿي نڪرندا آهن”.
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين !
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري،

هن سُر جي ٽئين ۽ آخري داستان ۾، پرديس ۾ ويل پنهنجي پياري ور لاءِ، ويچاري ونِي، اَرداسون ۽ اوسيئڙا ٿي ڪري ۽ پانڌيءَ کي پيغام ٿي ڏي ته تون وڃي منهنجي ور کي هينئن چئجانءِ؛
اَوڇڻ گھُرجي آجڪو، جھُوپو سهي نه سيءُ،
سُڻائيج سُوڙ کي، حال منهنجو هيءُ،
“ اَڱڻ آيو ٿيءُ، ته ڍولا! ڪنهن ڍنگ ٿيان”.
“رِپ” سُر يا”رِپ راڳ” کي،”رِپ” ڇو سڏيو ويو؟ اُن بابت ڪا به مُستند معلومات مُيسر ناهي. شاھ جي راڳ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته”رِپ راڳ” ڄڻ”ڪلياڻ” سان لاڳو آهي. هي شاھ جي رسالي جو ٽيويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 88 بيت، 3 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” گُوندرڪِيو غرق، ماءُ! منهنجو جندڙو” ۽ آخري وائي” نيئي پريان کي ڏيج، تان ڪو نينهن نياپو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

گوندر هٿ نه پير، ورھ منجھ هين وِهڻو،
ڪُڙھ ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير،
مون جيئن گھاري ڪير؟ هيڪلي رِءَ سڄڻين.
غم ۽ گُوندر کي، نڪو هٿ ۽ نڪو پير هوندا آهن، برھ اندر ئي اندر گھر ڪري ويهي رهندو آهي. درد ۽ سُور جسم و جان ۾ قطارون ڪري، رستا ٺاهي، اچ وڃ ڪندا رهندا آهن. (اي منهنجيون سُورائتيون سهيليون!) مون وانگر ڪير گھاري ته ڏيکاري، سهڻن سڄڻن کان سواءِ هيکلي.

جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سُپيرين سين،
تڏهانڪون تل جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
جنهن وقت کان وٺي، مٺڙن محبوبن سان، منهنجي ادب واريءَ ڄاڻ سڃاڻ ۽ روح رهاڻ ٿي آهي. تنهن وقت کان وٺي، هڪ تر جيترو به، مون کي ڪنهن ويل نه وسريا آهن. سهڻا سڄڻ، من اندر ۾ اوطاقون ۽ اوتارا ڪري، منهنجي روح ۾ رهي پيا آهن.

سئو سکن ساٽي ڏيئي، ورھ وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
سوين سئو سک سَودي ۾ ڏيئي، مون فقط هڪڙو وڇوڙي وارو درد وٺي ڇڏيو. تنهن درد مون کي نيئي، نيٺ وڃي پياري پرينءَ جي پرچڻ وارو پيچرو(گس) ڏيکاريو.

ڪٽيو هوم ڪٽ، هنئڙو ٻاجھان هوت جي،
ڪڙو هڻي قلب کي، لاٿا لالڻ لٽ،
سيڻن جيءَ سهٽ، ڪِي صفائي ساھ کي.
هيءُ منهنجو هينئڙو، سهڻي سڄڻ جي ڏسڻ کان سواءِ، ڪٽ ۾ ڪٽجي ڪارو ٿي ويو هو. منهنجي مٺڙي محبوب، ان کي سوگھو ۽ مضبوط جھلي، قلب مٿان جيڪي ڪٽ ۽ لٽ چڙهيل هئا، سي لاهي ڇڏيا. سهڻن سڄڻن جي مهٽ سهٽ(مانجھ سروچ)، منهنجي ساھ جي صفا صفائي ڪري ڇڏي آهي.

سُتي سنڀريوم، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو،
ڪنڌ وهاڻو ڀنو، هريو هٿ ٿيوم،
سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون!
مون کي جيئن ئي سُتي سُتي، ڪو وڏو وڙ ۽ احسان، منهنجي محبوب پرينءَ جو ياد آيو. ته منهنجيءَ ڪنڌ وارو وهاڻو آلو ٿيو ۽ هٿ، اکڙين جي لڙڪن سببان، هري هري پُسي ويو. اي جيڏيون ڙي! مون کي سهڻو سڄڻ، اڄ ڏاڍو ياد آيو آهي، هاڻِ ته حياتيءَ ڏاڍي ڏکي پئي ٿي گذري.

نينهن نهائينءَ جيئن، ڍڪيو ڪوھ نه ڍڪيين؟
جو ڄر ڄيري ڇڏي، ته رڇ پچندا ڪيئن؟
تون پڻ ڪريج تيئن، جئن ڪنڀار ڪرين ڪم سين.
(اي البيلا عاشق!) پنهنجي نينهن ۽ عشق کي، ڪنڀارن جي ٿانون پچائڻ واري ڍڪيل آويءَ وانگر، وري وري ڍڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪرين؟ جي ٻرندڙ باھ پنهنجيءَ ڀڙڪ (تپش) ڇڏي ڏني، ته ڪچا ٿانوَ ڪيئن پچي راس ٿيندا؟ تون به پنهنجيءَ پريت سان ايئن ڪر، جيئن ڪنڀار پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڌنڌي سان ڪن ٿا.

سُور جني کي سهڄ جو، تن کي پُڻي نه پارو،
ٻارڻ ٻارين نه باھ جو، سڄو سيارو،
آرهڙ اونهارو، اُو لُک لَکايا ڪينڪين.
جن سِڪايلن کي، مٺڙي محبوب سان، سگھوئي ملڻ جي خوشيءَ وارو درد هوندو آهي، تن کي سخت سيءُ به ڪجھ ڪو نه ٿو ڪري سگھي. اُهي سڄي سخت سياري ۾، پاڻ کي سيڪڻ لاءِ، باھ جو مچ ٻارين ئي ڪو نه. (وري) آرهڙ هجي توري اونهارو، اُهي لُکن ۽ سخت گرميءَ جي جھولن ۾، ڪنهن کي لَکا ئي ڪو نه ڏين.

ڪانڌ! تنهنجي پاند ري، سيءُ مران سڀ رات،
ڪوڙين ڪپاهن ۾، جپ نه اچي جات،
اچين جي پرڀات، ته وِلھ نه ساريان وَلها!
اي منهنجا مٺڙا ور! تنهنجي پيار جي پلئو پائڻ کا سواءِ، ساريءَ رات ٿي سيءُ ۾ ڏڪان ۽ ڪنبان. ڪروڙين ڪروڙ ڪپاھ پيل سوڙين ۾، تو کان سواءِ، مون کي ذرو ئي ننڊ نه ٿي اچي. اي منهنجا گھوٽ! جي تون صبح جو سوير، ڀنڀرڪي مهل(وِلھ واري وقت) موٽي اچين، ته مون کي سخت سيءُ ۽ پارو ياد ئي نه پوي.
هي شاھ جي رسالي جو، مجازي محبت سان مالا مال ۽ ماکيءَ جهڙو مٺڙو سُر آهي. البت ڪٿي ڪٿي حقيقت جا جلوا پڻ جرڪندي نظر اچن ٿا.”اندر اندريون، جيئن ني وانجھي لٺ ۾، مون تڻ تيتريون، ته”ڪيئن ملبو سڄڻين؟”. وري ٻيو بيت آهي” جيئن سي کُوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان، هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري”. شاھ جي ڪلام ۾، سُر“بروو” ۽ سُر“رِپُ” بظاهر مجازيءَ محبت ۾، ڄڻ ماکي ۽ مصري جا، ٽُٻ ٽُوڻ ڪٽورا آهن، جنهن جي مطالعي سان، انساني اُڌما اُڀريو اچن ٿا. شاھ جي ڪلام کي، هر رخ کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن مان اسان کي، انسانيت ۽ محبت جا اَڻ ميا مذڪور معلوم ٿين ٿا.

24. سُر” پورب” جو فلسفو

24. سُر” پورب” جو فلسفو

“پورب” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” اوڀر”،”اُڀرندو”،” مشرق”،” اوڀر جو واءُ”،” اصلي”،” قديمي”،” اوائلي” يا” پهريون” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل، معنوي ۽ سُلوڪ وارو سُر آهي، جيڪو سُر”رامڪلي” کان پوءِ، ٻئي نمبر تي، آديسي ۽ پُوربي فقيرن جي عادتن ۽ اُهڃاڻن جي نشاندهي ڪري ٿو. جوڳي جڳ ڇڏي، پورب پار ڏي راهي ٿي ويا، ڇو جو الله پاڪ پنهنجي بندن کي، سلامتيءَ ۽ خير و عافيت واري پاسي سڏي ٿو. پر افسوس! لالچ، طمع ۽ حرص واري هوڏ، سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پُورب پار ڏي،
لاهوتي لطيف چئي، هليا لال لڏي،
“والله يدعواليٰ دارالسلام”، صاحب سڀن سڏي،
هئي!هئي! هن هڏي، همه کي حيران ڪيو.
لطيف رحه لاهوتين، سناسين ۽ پُوربين جا پار پتا ۽ اهڃاڻ ڪجھ هن ريت ٻڌايا آهن، ته اُنهن جي ڪنن ۾ ڳاڙها ڪُنر(والا) پاتل هوندا آهن، ڪڪڙا ڪپڙا ۽ ڳچيءَ ۾ ڳاڙها رومال ويڙهيل هوندن، دُدڙ ۾ دُدڙ، وڏا وار ڇڏيل، ڏک، تڪليف ۽ ڪشٽ جي کوري ۾ کاميل، پاڻ پائمال ٿيل، پر ماٺ ميٺ ۾، محبوب جي محبت واري وصال سان واڳيل هوندا.
دل ڌوتائين دُک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي، رُوحان اندر روءِ،
ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سناسي ۽ سُور ري.
الله پاڪ جي ياد جي تسبيح، من ئي من ۾، پيا پيار سان سيريندا. سچي مرشد جي سهاري، سُهڻي سُپرينءَ سان، سُهڻو ساٿ نڀائيندا.
شاھ جي راڳ جي روايت ۾،”پورب” هڪ خاص راڳ آهي. هندوستاني راڳڻي”پُوروي” الڳ آهي، ان جي ڳائڻ جو وقت ٽپهريءَ آهي. البت شاھ جي راڳ ۾، سُر“پورب” وِهاڻيءَ راڳ ڪري ڳائبو آهي. هي شاھ جي رسالي جو چوويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 34 بيت، 5 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” پُورب ماريياسِ، ڪنهن درِ ڏيان دانهڙي؟” ۽ آخري وائي” توبه! توبه! ايءَ طلب، تنهنجي دران منگان” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

“پورب پورب” تب ڪرون، جب هينئڙي آون پُور،
سڪندي کي سڄڻين، نِڪُون لايون نور،
ماريس ان مذڪور، جئن ساجن سڄي نه ملي.
جڏهن منهنجي هينئڙي جا جذبا ۽ اُڌما، جوش ٿا کائين، تڏهن ٿي آئون”پورب پورب” ڪريان. سهڻن سڄڻن لاءِ سڪندي، منهنجي اکڙين ڳوڙهن جون نابون(گھاريون) وهائي وڌيون آهن. مون کي انهيءَ مذڪور ماري وڌو آهي، جيئن جو سهڻو سڄڻ سجھي به پيو(ته ڪٿي آهي) پر ملي به نه ٿو.

پورب ويا پيهي، تان مون گھڻو نهاريا،
سُڌ نه مڪي سڄڻين، جيهي جي تيهي،
هئا پرڏيهي، وڄائي واٽ ٿيا،
پورب ديس ۾ داخل ٿي ويا، ان کان پوءِ، مون انهن آديسين کي، هتي ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. انهن سهڻن سامين، ڪا به خبر چار ڪو نه موڪلي، جهڙي تهڙي (هلڪي ڦلڪي) به نه. اهي اصلئون پرڏيهي مسافر هئا، سڱيون وڄائي، واٽ وٺي ويندا رهيا.

جوءِ جيڏاهين جوڳيين، ان منهن اکڙيون،
سڳا، سيليون، سڱيون، تن سين تنبڙيون،
مون کي جني ماريو، ان تي اڳڙيون،
ان جيون عبداللطيف چئي، مرڪن ماڳ مڙهيون،
کوڙي لڪڙيون، چُندا ڪِين چيلن ويا،
اها ڀيڻيءَ، جتي جوڳي اڪثر هوندا هئا، منهنجو منهن ۽ اکڙيون هاڻ سدائين ان طرف هونديون آهن. کُٿل ڌاڳا، ڪپڙي جون ڳوٿريون، وڄائڻ واريون سڱيون ۽ انهن وٽ سُڪل ڪدوءَ جون تنبيون به هونديون هيون. مون کي جن فقيرن جي ڳڻن ماري وڌو آهي، انهن جي انگ تي ڦاٽل اڳڙيون ويڙهيل هونديون هيون. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” انهن فقيرن جون مڙهيون ۽ رهڻ واريون جايون، ڏاڍيون سهڻيون ۽ صاف سٿريون ٿيون لڳن. ڪاٺڙيون زمين تي کوڙي، پنهنجي چيلن کي، ڪِين ڪُجھ چوندا ويا”. (نيڪ نصيحت ڪندا ويا).

نڪِين نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين،
جاٽرا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جُهارين،
آديسي آڻين، اُهڃاڻيون اِلماس جيون.
(اعليٰ ۽ افضل جوڳي) نڪي ناٿ کي نوڙت وارو سلام ڪن، نڪي ناٿ وٽ ٿا پاڻ کي نمائين. نڪي جوڳ جي ڪن ٿا نوڙت واريءَ پيروي، نڪي جوڳ واري مول ۽ متي جي مڃتا ۽ واکاڻ ڪن. هيري جهڙي سچي حقيقت جا پار پتا ۽ نشانيون، فقط اصلي ۽ سچا آديسي ئي آڻين ٿا.

لنگھ لاهوتان ڪاپڙي! دونهين ڪيم دکاءِ،
اوري ڪر مَ آسرو، پري پير مَ پاءِ،
جنهن جي جاءِ نه ماءِ، وانءُ تهين سين واڳيو.
اي ڪچا ڪاپڙي! تون لاهوت واريءَ منزل کان اڃان اڳتي وڌ، دُونهينءَ دُکائي، واٽ تي ويهي نه رھ. اورتي آسرو ڪري نه ويھ، سُلوڪ واريءَ واٽ تان ٻاهر قدم نه رک. جن جو ٿانءِ نه ڪوئي ٿاڪ هجي، تون انهن سان واڳيو ويندو رھ.

جوڳي ٿين نه يار، ڪنهين ساڻ قريب ٿي،
مون ملاقي جن سين، تن پورب جي پچار،
اٺئي پهر ان جي، آهي نانيءَ ڏانهن نهار،
لائي ويا لطيف چئي، اندر منجھ اپار،
سامين ساڻ ستار، لاهوتي لال ٿيا،
جوڳي هرو ڀرو حجت ڪري، ڪنهن جا به سنگتي يا ساٿي ڪونه ٿا ٿين. مون زندگيءَ ۾، جنهن جنهن سان به ملاقات ڪئي آهي، تن کي رڳو پورب جي پچار ۽ ڳولا هئي. انهن جي اٺئي پهر(راتو ڏينهن) هنگلاج ماتا (نانيءَ) ڏانهن نظر ۽ نگاھ هئي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي ( جوڳي) منهنجي من اندر ۾، ڪا وڏي لنوَ لڳائي هليا ويا آهن”، عيب ڍڪيندڙ سٻاجھو سائين، انهن سامين ساڻ جو آهي، تنهن ڪري اهي لاهوتي لالئون لال ٿيل آهن.

دل ڌوتائين دک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ!
لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ،
ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سناسي ۽ سُور ري.
دل، دردن سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيائين، جوڳي مٿان مٿان ڪپڙن ڌوئڻ جي تڪليف ڪري ئي ڪو نه ٿو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” جيڪو سچو پچو لاهوتي هوندو آهي، اهو روح جي اندران روئيندو رهندو آهي”. اسان اهڙو ڪوئي آديسي ڪو نه ڏٺو، جيڪو هجي سناسي ۽ سُور نه هجيس. (سُور کان سواءِ سناسي ڪهڙو؟)
رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، سُر“پُورب” ڄڻ سُر“رامڪلي” جو ساٿي سُر آهي، جنهن مان لاطمع لاهوتين ۽ ويچاروان ويراڳين جي عادتن ۽ اُهڃاڻن جو پتو پوي ٿو.”ڪمر بستا ڪاپڙي، چلڻ جيون ٿا چُونِ، سِڱيون سناسين جيون، وڃيو پورب پُونِ”. هن سُر متعلق اضافي معلومات، اُن جي متن جي مطالعي مان ئي معلوم ڪري سگھجي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو هڪ اهڙو سُر آهي، جنهن مان هاهوتي، هرڪيسي ۽ هنگلاجي جوڳين جا پچايل جوڳ، پڻ پسڻ ۾ اچن ٿا.

25. سُر“رامڪلي” جو فلسفو

25. سُر“رامڪلي” جو فلسفو

“رامڪلي” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، فقيرن جون ڳالهيون” يا”رمتا جوڳي”. هي شاھ جي رسالي جو وڏي سُلوڪ وارو سُر آهي، جنهن کي صحيح طور سمجھڻ جي لاءِ، صوفيانه سوچ ۽ فڪر جي ضرورت پوي ٿي. هن سُر جا ڪي ڪي بيت اُلٽي معنيٰ وارا به آهن، جن تي ڄاڻ کان سواءِ، تبصرو ۽ بحث ڪرڻ اجائي ۽ فضول آهي. مثلا؛ هيٺيان ٻه بيت ڏسو؛
لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو،
جا اِسلامان اڳي هئي، سا سُئائون ٻانگ،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گھُرن،
نڪو ڪم ڪُفار سين، نڪا مسلماني من،
اُڀا ايئن چون، ته”پرين!ڪِجاهون پانهنجو”.
آديسي ۽ پوربي فقيرن جون ٽوليون، هندوستان کان پيدل نڪري، تيرٿ ياترا لاءِ، هنگلاج، ڪابل ۽ ڪشمير ڏانهن وينديون هيون. انهيءَ وچ ۾، ڏک، بک، بيماريون، لُکون، جھولا، سخت سيءُ، درياءُ جھاڳڻ، جبل، پهاڙ ۽ بيابان لتاڙڻ، پيرين پراڻا کيترا، انگ تي ڦاٽل اَڳڙيون، پوٽڙين ۾ پاڻي، گام مان گدائون ڪرڻ ۽ ڪشٽ ڪاٽڻ کان پوءِ، وڃي پنهنجي رب کي ريجھائيندا هئا. اهڙن آديسي ۽ رامڪلي فقيرن کي، ٻه سَو کان به وڌيڪ صفتي نالن ۽ لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي، جن مان ڪجھ صفتي نالا ۽ لقب هيٺينءَ ريت آهن؛ آديسي، آڌوتي، الستي، انادي، باهوتي، بنواسي، بيراڳي، بيکاري، ٻهروپي، ڀڀوتي، تارڪ، تياڳي، پريمي، پُوربي، جبروتي، جوڳي، خاڪي، دادو پنٿي، ڌرماتمي، رام پنٿي، رامڪلي، راول، رشي، ساڌو، سامي، سنياسي، سُويساها، سينَ پنٿي، شِرڌالو، شِوَپنٿي، فقير، ڪابولي، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪبيرپنٿي، ڪلپتي، ڪن چير، ڪن ڍار، ڪن ڦاڙ، ڪن ڦٽ، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيا، ڪُويساها، ڪَيف ڪڪوريا، کاهوڙي، گرناري، گُڻوان، گودڙيا، گورک پنٿي، گوگي، گياني، لاطمع، لامڪاني، لاهوتي، لوڪ تياڳي، مڌوَآچاري، ملڪوتي، ملوڪ داسي، مواسي، موالي، مهيسي، نابودي، ناٿ پنٿي، ناسُوتي، نانگا، نردوشي، ويچاروان، ويراڳي، هاهوتي، هرڪيسي، هنگلاجي ۽ يوگي وغيره.
شاھ جي راڳ ۾، سُر“رامڪلي” وهاڻيءَ رات ڳائجي ٿو. هي سُر“هندوستاني رامڪلي” سان به لڳي ٿو. جيڪو پڻ”هندوستاني ديسڪار”سان ملندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو پنجويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 199 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” جوڳيئڙا جهانَ ۾، نُوري ۽ ناري” ۽ آخري وائي” شُڪُر آڻ بجاءِ، آهيين اَهلُ الله سين” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

جيڪي مون کي ني، نا ته نانگا! وانءُ مَ نڪري،
پھ پروڙيم پٿ جا، ڪينر منجھان ڪي،
هاڻي جي هنيئي، آءٌ نه جِئندي اُن ري.
اي ناسوتي نانگا! يا ته مون کي پاڻ سان گڏ وٺيو هل، نه ته هتان کان نڪري، ايئن هليو نه وڃ. مون جبروتي جوڳين جي هن ٽولي جا، ڪي پھ ۽ وڃڻ وارا ارادا، سندن ساز واريءَ وڄت مان ئي معلوم ڪيا آهن. (اي آديسي!) تو جيڪي هاڻي هاڻي، هن ڪينر تي (وڄائڻ وارا) هٿ هنيا آهن، انهن کان سواءِ، منهنجو جيئڻ مشڪل آهي!

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،
صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته نانگا!تنهنجو نام، لکجي لاهوت ۾.
جي ڀانئين، (مالڪ جي راھ ۾) جوڳ پچائيندڙ ۽ تپسيا ڪندڙ ٿيان، ته سموري لالچ ۽ لوڀ ڇڏي ڏي. جيڪي نوڪرن جا به نوڪر آهن، تون انهن جو به وڃي نوڪر ٿيءُ. صبر واريءَ تلوار سان، دشمني، بدخواهي ۽ ڪيني کي مار ۽ ان جو قتلام ڪر. ته اي نِرآڪاري نانگا! پوءِ تنهنجو نالو،”لاهوت” جي درجي تي پهتل فقيرن سان لکجي. (وڌيڪ وڏي منزل وارن سچن سالڪن ۾ ڳڻجي).

پُوري پئي رھ، اُپٽي اُجھ مَ ڪاپڙي!
اُلا جي عشق جا، سي تون سهيو سھ،
پڇ پاڻ کي پھ، هنگلاج هلڻ جو.
اي ڪن ڪٽ ڪابولي ڪاپڙي! اکيون پوري پيو اندر ۾ سوچ، اکيون کولي، ڏسي وائسي مونجھاري ۾ نه پئو. عشق جا جيڪي اُوچا اُلا آهن، سي پيو هر هر ساھ ۽ سرير تي سھ. (برداشت ڪر). (اي هرڪيسي!) هنگلاج ڏي هلڻ جو پڪو ارادو، پنهنجيءَ دل من کان، پل پل پيو پڇندو رھ.

اندر نه ساھ سُڪائين، ٻهر سُڪايين ٻانهون،
مُٺا! مُٺئي پاڻ کي، چئين“ آديسي آئون”،
او پنڌ پراهون، جتي نظر ناٿ جو.
(اي شهر فقير شِرڌالو!) پنهنجو من، اندر ۾ مارين ڪو نه ٿو، ظاهر ظهور، ٻاهران ٻاهران ٻانهون سُڪايو پيو ڦرين. اي ڌڪاريل ڌرماتمي! تو پاڻهي پاڻ کي ڌڪاريو آهي، پوءِ به سنئون سڌو چوندو وتين ته“آئون آديسي آهيان”. (اي پريم پُڄاري پينو!) اُها منزل اڃان دور اٿئي، جنهن ۾ حقيقت کي ڏسڻ پسڻ ۽ تلاش ڪرڻ واري نظر هوندي آهي.

سامي، کامي پرينءَ لئي، ڪُسِي ٿيا ڪباب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجھان اکين آب،
جهڙو ڏسن ڏوھ کي، تهڙو تن ثواب،
سندو جات جواب، تون ڪيئن پڇين تن کي؟
سُچيت سامي، پنهنجي پرينءَ لاءِ، سڙي، پچي، ٻري، ڪُسي، ڪباب ٿي ويا آهن. اُهي الله لوڪ آديسي، پنهنجين اکڙين منجھان، رت گڏيل لڙڪ لاڙيندا ٿا رهن. انهن لاطمع لاهوتين جي لاءِ، ڏوھ ۽ ثواب کي ڏسڻ، ڳالھ مڙيئي ساڳي آهي. انهن جھاڙائي جوڳين کان، ذات جو جواب پڇڻ (ته توهان ذات جا ڪير آهيو؟) هرو ڀرو ۽ اجايو آهي.

جن اُجھيو، تن نه ٻُجھيو، ويٺي گڏين وير،
ڏوري ڏٺائون ڏک سين، پاڻ منجھيئي پير،
لٿو تن لطيف چئي، جُسي جو جنجير،
ڪين ڏٺو هو ڪاپڙين، ڪابل ۽ ڪشمير،
سچ جني جو سير، تن گُر ويٺي ئي گڏيو.
جيڪي تارڪ جوڳي، هيڏانهن هوڏانهن هليا، (اوجھڙ ۾ ڀٽڪيا) تن ڪو نه پروڙيو، ڪن کي هڪڙي جاءِ تي ويٺي ئي، وڏو رهبر(مهاتم) ملي ويو. پنهنجي من اندر ۾ جھاتي پائي، ڪشالا ڪڍي ڏٺائون، ته سندن پير ۽ مرشد (ارشاد ڪرڻ وارو) پنهنجي اندر ۾ ئي موجود هيو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” انهن آديسين تان، جسماني ۽ نفساني خواهشن وارو ٻنڌڻ (کٽڪو) ئي لهي ويو”. ڪن ڪٽ ڪاپڙين، هن کان اڳ م، پيرين پنڌ ڪري، ڪابل ۽ ڪشمير (ڏوراهون ڏيھ) ڏوري ڪو نه ڏٺو هو. جن جو ست ۽ سير، صرف حق ۽ سچ هوندو آهي، تن کي هدايت ڏيڻ وارو (رهبر) گھر ويٺي ئي ملي ويندو آهي.

جوڳيءَ کي جُڳ ٿيا، مٿي سين ميري،
اکيون الک سامهيون، ڀونءِ ڏي نه ڀيري،
ڪڪا وار ڪلهن تي، ڄراٽيا ڄيري،
لڙڪ لال لطيف چئي، ڪنبي ۽ ڪيري،
نينهن نه نبيري، سُور چري تئن سنرو.
جبروتي جوڳيءَ کي، گِڙشِلِي، ريِڪڙِي، گر ۽ مر لڳل، مٿي سان رهندي، زمانن جا زمانا ۽ جُڳن جا جُڳ گذري ويا. پنهنجيون پياريون اکڙيون، جو حقيقي مالڪ ڏانهن(مٿي) کنيائين، ته وري واپس هيٺ زمين ڏانهن نه واريائين. هُن ڪلپتي ڪن چير جي ڪلهن تي، رکيل ڪارا وار، سج جي سيڪ سببان، ڦٽي، ڪڪڙا ۽ ڀُورڙا ٿي ويا. سهڻو شاھ لطيف چوي تو ته” اکڙين مان رت جا ڳاڙها لال ڳوڙها، (خدا جي خوف وچان) ڪنبندي ڪيرائيندو رهيو. ( پوءِ به پنهنجي) نينهن ۽ عشق ۾ گھاري نه وڌائين، جيئن جيئن سُور سهندو وڃي، تيئن تيئن وڌيڪ سَرهو ٿيندو وڃي.
هي شاھ جي رسالي جو هڪ اهڙو سُر آهي، جنهن مان راول ۽ رامڪلي فقيرن جو، وحدانيت وارو ويراڳ ۽ ماحول، موجون ماريندو ۽ ڇوليون ڇُلائيندو نظر اچي ٿو.”ڪشي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي، جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي”. يا هي بيت پڙهو؛” ڪيهي ڪام ڪاپڙي! ايهي روش رون، نڪا دل دوزخ ڏي، نڪين بهشت گھُرن”. هن سُر ۾، اُلٽي معنيٰ وارا بيت به شامل آهن، جن جي پڙهڻ کان پوءِ، پنهنجي مرضي موجب معنيٰ ڪڍڻ کان اڳ، تصوف ۽ سُلوڪ جو صاحب هجڻ نهايت ضروري آهي، ورنه هوا ۾ لٺيون هڻڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيندو. هن سُر جي سمجھاڻي، ڀٽائي رحه جي هيٺيين بيت سان اختتام پذير ڪجي ٿي ته،”گندي ۽ گِراھ، جن سناسين سانڍيو، اُني کان الله، اڃان اڳاهون ٿيو”.

26. سُر“ آسا”جو فلسفو

26. سُر“ آسا”جو فلسفو

“آسا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”آس”،”اُميد”،”تمنا”،” آسرو”،” آرزو”،”مراد”،” خواهش.،” غرض” يا”حاجت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل، وڏي گھرائيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ مجاز جي تمثيلن سان، حقيقت بابت ڳُوڙها معنوي اشارا ڪم آندل آهن.
ڪا جا پر پرين، نه سا سُئي نه ٻُڌي،
متيون سڀ منجھن، اهڙي ڏٺي قضيي.
صوفياني سُلوڪ ۽ فڪر ۾، ڪي اهڙا اشارا ۽ اهڃاڻ ڪم آندا ويندا آهن، جن جِي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي ۽ حقيقي يا معنوي معنيٰ ٻِي هوندي آهي. شاھ جي رسالي ۾، اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن جي پڙهڻ سان، سوچ جي سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، معنيٰ جا موتي ڳولڻا پون ٿا.
سڄڻ سنيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون،
سندي سُپيرين، پر پروڙڻ ڏاکڙو.
اهڙيءَ طرح سُر”آسا” ۾، شاھ صاحب، محبوب جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ، انڌي، ٻوڙي، گونگي، منڊي، ٽُنڊي، ٺُونٺي ۽ کُونکي ٿيڻ جي صلاح ڏني آهي.
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
جڏهن اکڙين ۾، سُفيديءَ جو سُرمو پائيندين، ته عالم جي اڇائي پسندين. ريٽي جهڙي رونق ڏسندين ۽ لالڻ جي لالائيءَ لهندين.
منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان،
سڀوئي سُبحان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان؟
“آسا راڳڻي” ڪنهن زماني کان وٺي، سنڌ ۾ هلندڙ آهي. شاھ جي راڳ ۾، راڳ توڙي موضوع جي لحاظ سان، سُر”آسا” جيئن ڳائجي ٿو، ته اُهو هندوستاني راڳ جي“شُڌ آسا” معلوم ٿئي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو ڇويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 162 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” لُڇان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد” ۽ آخري وائي” موت مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اُڀري ڪو نه ڪو!
آئون جنهن حال واريءَ ڪيفيت ۾ آهيان، (منهنجو جيڪو حال آهي) جي اُن حقيقت جي، ذري کان ذرِي به ظاهر ڪري وجھان. ته جيڪي جھنگل جا وحشي جانور آهن، اُهي ( حيرت ۾) چُپ ٿي وڃن ۽ جبل ۽ پهاڙ به ڦاٽي اڌو اڌ ٿي پون. وڻن جا ٻيلا ۽ جھنگل به ٻري، خاڪ ۽ ڪيرِي ٿي وڃن ۽ اُهو سڀ، جيڪو زمين مان ڦٽي نڪري ٿو، سو جيڪر پيدا ئي نه ٿئي!

مُئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن،
في الحقيقت فيل کي، سڄا سُڃاڻن،
سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.
انڌن ( دل جي اکين کان نابين) ماڻهن جو، هڪڙي مُئل هاٿيءَ سان معاملو اچي اٽڪيو آهي. اُهي انڌا، رڳو مٿان مٿان کان هٿ ڦيرائي، زور ڏيئي، پيا پنهنجا خيال ڊوڙائين، اندر جي اکين سان ته ڏسي ڪو نه پيا سگھن. حقيقت ۾، (حقي طور تي) هاٿيءَ کي ته اکين وارا، سڄا سالم انسان ئي سُڃاڻي سگھن ٿا. (روحاني طور) جيڪي اعليٰ مرتبي ۽ وڏيءَ نگاھ رکڻ وارا اڳواڻ ۽ سچا سالڪ آهن، انهن جي نظر ئي، صحي پرکا ۽ پروڙ ڪري سگھي ٿي.

ڪِين جو ڪنهين پار! اکيون پسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دل ۾، اَپَر لڳين آر،
تهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سيد چئي.
هي اکڙيون، ڪنهن انوکي پاسي کان، اڄ سُهڻيءَ صورت پسي آئيون آهن. هاڻي پنهنجي من ۾، مست مگن ٿيو پيون ڦرن، ڪا وڏي محبت، سڪ ۽ قرب جي ڪشش لڳي ويئي اٿن. سهڻو سيد چوي ٿو ته” اُن کان پوءِ، اُهي (اکڙيون) ڪڏهن به آرام ۽ قرار ڪري، سڪون سان ڪو نه ستيون آهن.

ڦير مَ تون اُبت، کڻ سُبتيون سُپرين!
مون کي موهي جن سين، ماري ڳِيَڙئِي مت،
ايءَ پرين! تنهنجي پت، هاڻِ جڏو جيئي نه مري.
اي منهنجا سهڻل سپرين! مون ڏي سُبتيون ۽ سُهڻيون اکڙيون کڻي، انهن سان نهار، اُبتيون کڻي ڪاوڙ نه ڪر. مون کي انهن اکڙين سان موهي، مورڳو ماري! تو ته منهنجيءَ مت به کسي ورتي آهي. اي منهنجا محبوب پرينءَ! اها به تنهنجي وڏائي ۽ شان واريءَ ڳالھ آهي، جو هيءُ بيمار جڏو، (تنهنجي برھ ۾) هاڻِ نڪي ٿو جيئي ۽ نڪي ٿو مري.

نيڻين نظر نينهن جو، جتي جوڙجن،
ساھ اني تان صدقو، اندر سين عضون،
لاهي سِر لطيف چئي، انگ پڻ آڇجن،
قلب قرباني ڪريان، مٿان دل دوسن،
هنيين ۽ اکين، پاھ هيڪاندي پرينءَ لئي.
نيڻن جي نظر، نينهن واريءَ هوندي آهي، پوءِ جتي به کڻي اُهي نيڻ اٽڪائجن. اندر جي عضون (دل، دماغ ۽ جگر) سميت، ساھ انهن سهڻن سڄڻن تان، صدقي ڪري ڇڏبو آهي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” پنهنجو سر لاهي، تِرِيءَ تي رکي، باقي انگ ۽ عضوا به انهن(پرين) کي وڃي آڇجن، (پيش ڪجن)”. آئون به پنهنجيءَ دل، من ۽ قلب، مٺڙن محبوبن جي مٿان، قربان ڪري ڇڏيان. منهنجي هنيين ۽ اکڙين کي، ڏاڍي گھڻي سڪ، محبت ۽ رغبت آهي، سهڻن سڄڻن جي لئي.

تحقيق جي تون ڀري، مٿي رءَ کڻيج،
ٻانهنئان ٻهر ٿي، ڪُشتي ڪمائيج،
سنڌن رءَ ساري، ڄنگھن رءَ ڄُليج،
جا حاج هٿن رءَ نه ٿئي، سا ٽُنڊوٿي ڪريج،
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مُشاهدو محبوب جو.
تحقيق (تصوف جي عمل) واري ڳُوڙهيءَ ڳنڍڙي، ظاهري مٿي تي نه، پر مٿي کان سواءِ، روحاني طرح کڻ. ظاهري ٻانهن وارو زور ڇڏي، (عشق جي) قربدار ڪُشتيءَ واري راند کيڏندو ۽ کٽيندو هل. سنڌن جي سار ڇڏي، ظاهري ڄنگھن کان سواءِ ڄُلندو ڄُل، (وکون کڻ). اُهو ڪم ڪار، جيڪو ظاهري هٿن سان هرگز پورو نٿو ٿي سگھي، اُهو ظاهري ٻانهن ۽ ٽَنگن کان ٽُنڊو منڊو ٿي به پورو ڪر. حقيقت وارو سهڻو سڏ، ٻيائيءَ ٻُڌڻ وارا ڪن بند ڪري، (ٻوڙو ٿي) دل جي ڪنن سان ٻُڌ. مٺڙي محبوب جو مشاهدو ۽ ديدار اهڙيءَ ريت ڪر، جو توکي (اُن کان سواءِ) ٻِي ڪا به شئي نظر ئي نه اچي.

اَوڳُڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام،
ليکيم جي لسان سين، سي ڪر ڪين ڪيام،
پاڻ وڃائي پانهنجا، ٿورا ٿوڪ هنيام،
بندگي، اَفگندگي، شرمندگي، اِها ميڙ مُڪام،
پرين تب پرتام، “آئون” جب اُٺ گئي.
اَوڳُڻ ڪندي ته سڀڪو رُسيو وڃي ٿو، پر ڳُڻن ڪندي، مون کان منهنجا محبوب پرينءَ رُسي ويا. مون جيڪي، پنهنجيءَ زبان سان واعدا ۽ قول اقرار ڪيا هئا، سي شايد مون کان پورا ڪو نه ٿيا!؟ ڪي ٿورڙا ۽ قليل ڪيل (چڱائيءَ وارا) ڪم، شايد مون پنهنجا پاڻ وڃائي ڇڏيا!”(اي منهنجا سهڻا سڄڻ!) آئون ٻانهپ وارو، آئون خرابيءَ سان ڀريل ۽ آئون شرمسار آهيان”، اها منٿ ۽ ميڙ، مون مٺي محبوب ڏي چوائي موڪلي. پر منهنجا محبوب پرينءَ، مون سان تڏهن وڃي پرچيا، جڏهن منهنجي من اندر مان”آئون”،”انا” ۽”تڪبر” تڙجي نڪري ويئي.
شاھ جي رسالي ۾، سُر“آسا” کي، معنوي ماحول موجب، مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن سُر جا بيت ظاهر ۾ جنهن مجازي محبت جو ماحول ميسر ڪن ٿا، حقيقت ۾ وري اُهو ماحول ۽ مانڊاڻ، معنوي نُقطي ۾ سمائجي وڃي ٿو. ديدار جو طالب، پنهنجي مطلوب ۽ محبوب کي، پنبڙين ۽ اکڙين جي ڪاراين کان به قريب گھري ٿو. هن سُر ۾، ڪيترائي بيت، اُلٽي معنيٰ وارا به ملن ٿا، جن کي سالڪ، سُلوڪ جي نقطي کان سواءِ سمجھي نه سگھندو.”مورک مام نه ٻُجھڻا، آنڪا جها اڪ” يا”اک اُلٽي ڌار، وانءُ اُلٽو عام سين، لهوارو لوڪ وهي، تون اُوچو وھ اوڀار”. شاھ جي سُر“ڪلياڻ” کان پوءِ، سُر”آسا” ۾ پڻ وحدانيت جا ورق ورايل آهن. جن کي سمجھڻ لاءِ، اسان کي اُهي اکڙيون ڌارڻيون پونديون، جن لاءِ شاھ صاحب پاڻ فرمائي ٿو” اکيون سيئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي، ٻئي ڏونهن ڪيم نهار، گھڻو ريسارا سپرين”. سُر”آسا” جنهن اونهي اوڙاھ عميق ۾ ٽٻيون هڻائي ٿو، شال اسان ان مان، ڪي معنيٰ جا ماڻڪ ۽ موتي ميڙي سگھون!

27. سُر“مارئي”جو فلسفو

27. سُر“مارئي”جو فلسفو

“مارئي”سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” مارُوجي”،”مال چارڻ واري” يا “سِيل ۽ سَت واري”وغيره. هي شاھ جي رسالي جو، حقيقي ۽ وڏو معنوي سُر آهي، جنهن ۾ وطن جي حب ۽ ساڻيھ جي سچي سڪ وارو سُهڻو جذبو سمايل آهي. شاھ صاحب هن سُر ۾، مارئي جي تمثيل ڏيئي، روح جو قالب جي قيد ۾ داخل ٿيڻ وارو داستان چٽيو آهي. عمر مارئي جو ظاهري ۽ تاريخي قصو هيٺين ريت آهي؛
ٿر جي علائقي“ڀالوا”۾، رٻاري ذات جا ماڻهو رهندا هئا. انهن مال چاريندڙ پنهوارن ۾، هڪ انتهائيءَ خوبصورت، سَت ۽ سِيل واري ڇوڪري،”مارئي” نالي سان رهندي هئي. جنهن جي پيءُ جو نالو”پالڻو” ۽ ماءُ جو نالو”ماڏوئي” هو. ڇوڪري وڏي ٿي ته سندس مڱڻو”کيت” نالي برادريءَ جي هڪ نوجوان سان ڪيو ويو. ان ڳوٺ ۾،”ڦوڳ” نالي هڪ حاسد ماڻهو رهندو هو، جنهن وڃي عمرڪوٽ جي حاڪم عمر سُومري کي هُشي ڏني ته ٿر ۾ رهندڙ هڪ پنهوار ڇوڪري، اوهان جي ڪوٽ جي سُونهن راڻي بنائڻ جي لائق آهي. اهڙي ريت، ڦوڳ، عمر سومري کي، ڀالوا جي ڀر ۾، هڪ کوھ تي وٺي آيو، جتان پاڻيءَ ڀريندي، مارئي کي، اٺ تي زوريءَ کڻي ويا ۽ اچي عمرڪوٽ ۾ قيد ڪيائون. عمر بادشاھ کيس پنهنجي پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ، ڪيترائي حيلا هلايا، پر مارئي انڪار ڪيو ۽ اباڻن جي ڏنل لوئيءَ نه لاٿائين ۽ نڪي لڄايائين.
جنهن سَتيءَ سَت نه ڇڏيو، سا مارئي مر ڄائي !
انهيءَ اچي عمرڪوٽ ۾، لڄ نه لڄائي.

عمر بادشاھ به وڏي عدل، انصاف ۽صبر وارو انسان هيو، جنهن مارئي جي سَت ۽ سِيل کي، داغ نه لڳايو. کيس امانت باسلامت ڪري، خوشيءَ مان ملير موڪل ڏنائين.
“مارئي راڳ” شاھ صاحب کان گھڻو اڳ، سنڌ ۾ هلندڙ هو، پر شاھ جي راڳ ۾، جيئن”سُرمارئي” ڳائجي ٿو، اهو ڀيروي ناهي. محسوس ٿئي ٿو ته”راڳ مارئي” هندوستاني راڳ” مانڍ” سان ملندڙ اهي. هي شاھ جي رسالي جو ستاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾، 241 بيت، 13 وايون ۽ 11 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اول نام الله، جو مڙنيون مٿاهون” ۽ آخري وائي” کٿيءَ منجھ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ ۾،
چانڪهِ پيئنديس پرينءَ سين، پائر جو پنير،
هاڃا ڪيو حمير، بالله ني ٿو بند ۾.
منهنجو اصلي ملڪ ته ملير آهي، پر قضا ۽ تقدير جي لکيي موجب، آئون هن ڪاري ڪوٽ ۾ قيد ٿي آئي آهيان. مون ڀانئيو ته آئون پنهنجي پياري پرينءَ سان، پائُر ملڪ جو پاڪ پنير وڃي پيئندي. الله جو قسم! ته همير سومرو، مون کي قيد و بند ۾ وجھي، وڏا هاڃا ۽ ظلم ٿو ڪري.

نڪا”ڪُن فيڪون” هئي، نڪا مُورت ماھ،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واھ!
لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجھاندر ڳاھ،
اکين ۽ ارواح، سائي ساڃاءِ سومرا!
(قرآن الڪريم جي آيت جا الفاظ)”ٿيءُ! پوءِ ٿي پوي ٿو”، اڃان ايئن چيو ڪو نه ويو هو ۽ نڪو چٽي چنڊ جو جسم(وجود ۾) هو. نڪو ثواب جي ڪنهن کي سُڌ ۽ خبر هئي، نڪو گناھ جو ڪارڻ ۽ سبب ڪنهن کي معلوم هو. فقط الله پاڪ جي هيڪڙائي ۽ وحدانيت واري خاص خوبصورتي موجود هئي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،”اُن وقت ڳُجھ ڳُجھاندر ڳالهڙيءَ وارو راز، الله پاڪ پاڻ لَوح محفوظ ۾ لکي ڇڏيو هو”. اي سومرا سردار! منهنجين اکين ۽ ارواح کي، مٺڙن ماروئڙن سان، سڪ ۽ ساڃاھ، اُن وقت کان وٺي، اڃان تائين ساڳي آهي.

اُتان اوٺي آئيو، خبر اِيءَ کري،
“وسارج مَ ور کي، پئج منڌ! مري،
ويندينءَ اُت وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.
اُتان (مليران) هڪ اوٺي قاصد آئيو آهي، (پانڌي پيار ڀريو پيغام اچي پهچايو آهي) ته اي ماندي مارئي! هي خبر صفا صاف، سهڻي ۽ سچي اٿئي! (جنهن اچي چيو آهي ته)” اي عورت ذات! پنهنجي حقيقي ور کي هرگز وساري نه ويھ! تون صفا مئلن مثل ٿي پئو! اِجھو واپس ورڻ واريءَ آهين! ڪو هڪ اڌ ڏينهن آهين هن قهريءَ ڪوٽ ۾”.
جو ڏيھ ڏاڏاڻيان آئيو، ڏنم تنهن طعنو،
“سرتين سيل چوائيو، جور هڻي جانو،
پائي ويھ مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو،
مٿان لڪ، لطيف چئي، کانءِ مَ خزانو”،
ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هيڪڙي.
جيڪو (پانڌي قاصد) منهنجي ڏاڏاڻي ڏيھ مان آيو آهي، تنهن (اچڻ شرط) مون کي مهڻو ۽ طعنو اچي ڏنو آهي. (چوي ٿو ته)”تنهنجين سهڻين سرتين، تَوبھ! تَوبھ! ڪري، نڪ تي زور سان آڱر گسائي، ست، سيل شرم ۽ ڀرم رکڻ جو، سختيءَ سان تاڪيد چوائي موڪليو آهي. (تون پراون سان پرچي) ڳچيءَ ۾ پٽ جا ڳاڙها ڳانا پائي، پلنگن ۽ پٿراڻين تي چڙهي نه ويھ!” سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” اڳيان ڏاڍو ڏکيو ۽ آزمائش وارو وقت اچڻو آهي، تون پنهنجي سچي سونهن، ست، سير ۽ پاڪائيءَ وارو خزانو ايئن نه جلاءِ. سَوَلو، خير ۽ مان مرتبي وارو سڏ اجھو ٿيڻ وارو آهي! اهو هڪڙو حرف ( ته تو عمر بادشاھ جا خزانا قبول ڪيا) پاڻ تي اچڻ نه ڏي”.

ماروئڙي روئي، ٿر نياپا چائيا،
“آن جو ڳُتو جيڏيون! مِينڍي ور سوئي،
لاٿم نه ڌوئي، ساڻ سرچي سُومري.
ملير جي ماروئڙي، زاروقطار روئي، (پنهنجين پيارين سرتين کي) ٿر ڏانهن نينهن نياپا چوائي موڪليا آهن. ته” اي جيڏيون! اوهان جيڪو منهنجو مينڍو ڳنڌيو هو، اُن کي ور ۽ وڪڙ، اڃان تائين اُهو ئي پيل آهي. نڪو سومري سردار سان سرچي آهيان، نڪو مون وارن کي ڌوئي، اُنهن مان مَر لاٿي آهي.

ور! سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گھُمن وليين، جھانگي منجھ جھنگن،
مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾،
بيشڪ! ڀليون آهن منهنجيون ملير ڄائيون، جن جو ڀرم، ڍڪ، ستر، پردو ۽ پناھ، ٿر جو سُکيو ستابو صحرا آهي. گولاڙن جون ولڙيون ۽ ڳڳرين جون قطارون، اباڻن جو ڄڻ اوڇڻ (ڪڄڻ جو ڪپڙو) آهن. جھنگل جا جھانگيئڙا، اُنهن گھاٽين جھُڳٽين (ولڙين) ۾، ڄڻ پردي ۽ پناھ سان ٿا گھُمن ڦِرن. مون کي منهنجن مٺڙن ماروئڙن، اُها ٿر واري سُهڻي سُڃ، سيج ۽ ڏيج ۾ ڏيئي ڇڏي آهي.

کٿيءَ منجھ خلاف، رهيو نه رتيءَ جيترو،
لٿو لوئڙياريين، گُوندر جو غلاف،
ميرا لاٿا ماروئين، سڀ اوڍيائون صاف،
ملير مڙوئي معاف، عُمر انعامي ڪيو.
(مارئي جي مٿي تي پاتل پوتيءَ ۽) کٿيءَ جي پاڪائيءَ ۾، ٻيو ڪو به شڪ ۽ گمان، رتيءَ برابر به ڪو نه رهيو آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن تان، (مارئي جي ماڙيءَ وڃڻ واري) ڏوراپي جو ڏک ۽ پاڇولو هٽي ويو آهي. ماروئڙن مايوسيءَ ۽ ڏک ۾ پاتل ميرا ڪپڙا لاٿا، هاڻي سڀ اڇا، اُجرا، پاڪ ۽ صاف کڻي اوڍيا اٿن. مٺڙو ملڪ ملير، مڙوئي معاف ۽ بخشش ڪري، عُمر بادشاھ اُنهن کي، انعام اڪرام ۾ عطا ڪري ڇڏيو آهي.
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڪيترن ئي وڏن شاعرن ۽ عالمن، سُر“مارئي” جي تمثيل سان، روح کي انساني جامي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان مان وري واپس نڪرڻ واري عمل کي اجاگر ڪيو آهي.”الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم، قالوا بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم”. يا وري هي بيت کڻي ڏسجي؛” نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم، بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪو آدم، مون ماروءَ سين سڱ، سو ئي آهي سومرا!” حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“مارئي” کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، هن سُر جي مطالعي ۽ مذڪور مان، اسان کي نه فقط سنڌ جي لوڪ داستان“عمر مارئي” جي ظاهري قصي جي پروڙ پوي ٿي، پر هن سُر جي مطالعي مان، تصوف جي باريڪ نقطن ۽ عالمِ ارواح جي ابتدا واري ماحول ۽ مانڊاڻ جو منظر پڻ معلوم ٿئي ٿو.

28. سُر“سهڻي” جو فلسفو

28. سُر“سهڻي” جو فلسفو

“سهڻي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“خوبصورت”،”سُندر”،”ٺاهوڪي”،”دلپسند”،”وڻندڙ” ۽ دلفريب” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، سهڻي ۽ ميهار جي قصي (لوڪ داستان) کي، انوکي عشق جي آميزش سان،”احديت” واري مقام تي پهچايو آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته، ڪنهن زماني ۾، سنڌو درياءَ جو هڪ وهڪرو(ڇاڙ) سانگھڙ شهدادپور وٽان وهندو هو. جنهن کي”لوهاڻو درياءَ” ڪري سڏبو هو. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو” آڻيو وجھي آر ۾، ڏي لوهاڻو لُوهيون”. هي قصو اُن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد هڪ شهر سان منسوب آهي، جتي”جرڪت” نالي هڪ شخص رهندو هو، جيڪو ذات جو”سامٽيو” هو. اُن جي گھر هڪ خوبصورت نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو سونهن سببان”سهڻي” رکيائون. گھڻا ماڻهو سهڻي کي، ذات جي ڪنڀار به چون ٿا، يا ڌنڌي جي نسبت سان، (مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ جي ڪري) کيس ڪنڀار سڏيو ويو.
هن سُر ۾، شاھ صاحب سهڻي کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته”اي سهڻي!جي سچي ساهڙ سان وصال چاهين ٿي ته، هيڪڙائيءَ هٿ ڪر، ٻيا وسيلا سڀ وسار، صرف سڪ ۽ اڪير جي ترهي تي تري وڃ.”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار، ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق ڏي، لاتقنطوا من الرحمت الله، ترهي ان تريج، ندي تن نيڙ ٿئي، جي ترهي رءَ ترن، سڪ رساڻي سهڻي! اصل عاشقن”. شاھ صاحب، سهڻي ميهار جي قصي جي تمثيل سان،”وحدت الوجود” واري فلسفي جي عاليشان اُپٽار هن ريت ڪئي آهي؛
سو ساهڙ، سو سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳُجھ ڳُجھاندر ڳالهڙي،
شاھ جو سُر“سهڻي”، هندوستاني راڳ،”تلڪ ڪامود” سان وڌيڪ مشابھ آهي. سنڌ ۾”سهڻي راڳ” جنهن ۾ ڪافيون ڳايون وڃن ٿيون، سو”ڀيروي” ۽”جھنگلي” سان ملندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو اٺاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 208 بيت، 14 وايون ۽ 12 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” وه تک، واهڙ تک، نينهن تک نرالي” ۽ آخري وائي“ ڪهڙي منجھ حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ري” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

جيڏيون! ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي،
سُک ٿي سُتيون ڪينَ ڪِي، ڪانڌن پاسي ڪي،
هوند! مونهان ئي اڳي، گھِڙو سڀ گھڙا کڻي.
اي جيڏيون ڙي! جي اوهين هيڪر ساهڙ ڄام جي سهڻي صورت ( جلوي جي جھلڪ) ڏسو ها. ( ته هوند) اوهين به پنهنجي ڪانڌن سان، گڏ خوش ٿي، سک سان ڪڏهن ڪو نه سمهو ها. جيڪر مون کان ئي اڳ ۾، سڀيئي سهيليون، دلا کڻي، دادلي درياھ ۾ گھڙي پئو ها.

ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون،”ساهڙ!ساهڙ!” ڪن،
ڪَني سانگو ساھ جو، ڪي”گھوريس!”ڪيوگھڙن،
ساهڙ سندو تن، گھاگھائي گِھڙن جي.
مون کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون ئي(سڪ ۽ پيار واريون) درياءَ جي ڪنڌيءَ تي اچيو،”ساهڙ!ساهڙ!” ڪن ٿيون. ڪن کي ته پنهنجي ساھ جو صرفو ٿئي ٿو ۽ ڪي”آئون صدقي ٿيس!” چئي، گھڙيو ٿيون پون. سهڻو ساهڙ، صرف انهن جو ئي حامي ٿئي ٿو، جيڪيون ٻولائي ڪُنن ۾ ڪاهي پون ٿيون.

گِهڙي گھڙو هٿ ڪري، ٻوڙيائين ٻانهون،
ويچاريءَ وڏيون ڪيون، وچ درياھ دانهون،
“موٽ محب! پاهون، تاڪن تڪي آهيان.
پُورو پڪل گھڙو هٿ ڪري، ٻانهون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، سڪايل سهڻيءَ درياءَ ۾ داخل ٿي ويئي. ويچاريءَ، درياءَ جي وچ سير ۾ اچي ڪري، تمام وڏيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون. (چيائين)”اي منهنجا محبوب ميهار! تون منهنجيءَ مدد جي لئي، جلدي پوئتي موٽ! ماريندڙ بحري بلائن، مون کي ٻڏندي تڪي ورتو آهي”.

گھڙو ڀڳو ته گھوريو! پاڻا هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ رءَ ثواب، آئون گھڻو ئي گھوريان.
جي دِلو ڀڄي ڀُري پيو ته ڇُٽو! اهو پاڻ اسان ٻنهيءَ جي وچ ۾، پردو (رنڊڪ) هيو. منهنجي من اندر ۾، محبت جو واڄو مسلسل وڄي ٿو پيو، منهنجو روح ساز سمان (وانگر) ٿي ويو آهي. سچي ساهڙ جي ديدار کان سواءِ، ٻيو جيڪو به ثواب آهي، اُهو آئون سمورو ڦٽو ڪري ٿي ڇڏيان.

ڪونهي آڳھ اهڙو، جهڙي محبت من،
اُڀيون اوريين پار ڏي، ڪُوڙيون ڪک پُڇن،
ندي تن نيڙ ٿئي، جي تُرهي رِءَ ترن،
سِڪ رساڻي سهڻي! اصل عاشقن،
سي جھليون ڪين ڪُنن، پُڇن جي ميهار کي.
ٻيو ڪو به اهڙو آڌار ۽ وسيلو، بهتر ۽ ڪامياب ڪونهي، جهڙو من جي محبت وارو وسيلو آهي. ڪُوڙي عشق واريون، درياءَ جي اوريين پاسي کان بيهي، پَريين پار وڃڻ جي لئي، ڪکن ۽ پنن جا ٻوڙا، پُڇنديون ٿيون رهن. ندي اُنهن جي لئي، ننڍڙو واهڙ ٿي پوي ٿي، جي ترهي کان سواءِ، (توڪل سان) ٿيون ترن. اي سڪايل سُندر سهڻي! هميشه اعليٰ عشق وارين کي، سچي سڪ ئي، پنهنجي پِرينِ تائين توڙ پهچائيندي آهي. جن پريمين، پريت ۽ سچيءَ سڪ سان، مٺڙي ميهار جو نالو ورتو، ته اُنهن کي اوڙاھ عميق ڪُنن، ڪڏهن به ڪو نه روڪيو.

دهشت دم درياھ ۾، جِتِ جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياھ ۾، واڪا ڪِيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پُرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجھان تن،
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اَڻ تارن، ساهڙ! سير لنگھائيين.
درياھ جي وهڪري ۾، وڏي دهشت ۽ زور، جتي خوفناڪ جانورن جا ٿاڪ ۽ ماڳ مڪان آهن. نڪو وڏو وهڪرو وٿي ٿو ڏي ۽ نڪو ملاح هيٺ پاڻيءَ جي اُونهائيءَ ماپي ٿا سگھن. وڏا وحشي جانور، دادلي درياھ جي اڌ ۾گجگوڙون ڪيو، اڳيان ڦِريو ٿا اچن. سڄا ثابت ٻيڙا، اُن اُونهي اوڙاھ عميق ۾، هيٺ ٻڏيو، غرق ٿيو ٿا وڃن. اُنهن ٻُڏل ٻيڙن مان، ڪو پُرزو يا ڪاٺيءَ جِي تختِي جو ذرو به مٿاڇري تي تري، ظاهر نه ٿو ٿئي. ڪارن ڪُنن ۾، ڪو اهڙو قاتل قهر برپا ٿيل آهي، جو جيڪي هيڪر هيٺ وڃن ٿا، ته وري واپس مٿي نٿا اچن. اي سهڻا سچا ساهڙ! اسان جهڙين اڻ تارن کي، اُتي اچي سٽاڻِيءَ سير مان، پار اُڪارجانءِ تون.

ڪنهن جنهن گھيڙ گھڙي، جِين اَوتڙ تڙ ٿيوس،
سالم ويئي سهڻي، ڪُنن ڪين ڪيوس،
اُهُسُ اکڙين ۾، پريان جو پيوس،
حقان حق ٿيوس، هُئي طالب حق جي.
(هيءَ سڪايل سُندري سهڻي) ڪنهن ( محبت واري) درياءَ جي، اهڙي گھيڙ مان گھڙي، جو اَڻائو تڙ به هُن جي لئي، سَڻائو تڙ ٿي پيو. سهڻي صحيءَ سلامت پار وڃي پهتي، ڪارونڀار ڪُنن هن کي ڪو ئي جوکو يا نقصان ڪو نه پهچايو. (درياءَ جي پَريين پار کان) پِرين جو پيارو تجلو، هن کي اکڙين ۾، پل پل پوندو رهيو. ذاتِ حق (الله تعاليٰ) وٽان، هُن کي حق مليو، هيءُ اصل ۾ هُئي ئي ڳولائُو حق جي.
سُر”سهڻي” شاھ جي رسالي جو سراسر سُلوڪ وارو سُر آهي. هن سُر جا بيت”وحدت الوجود” واري فلسفي جا جرڪندڙ جلوا پسائين ٿا. ڀٽائي رحه فرمايو آهي” واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب”. ٻئي هنڌ فرمائي ٿو” سهڻيءَ جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا”،”الست بربڪم قالوا بليٰ، پر اِها پاري”،”وامامن خاف مقام ربه، ايءُ لنگھيائين لنگھ”. شاھ جي رسالي ۾، سُر”سهڻي” جي ظاهري قصي کي تمثيل بنائي، شاھ صاحب جنهن فنا ۽ فڪر واري فلسفي جي پالوٽ ڪئي آهي، ان جو مثال، دنيا جي ڪجھ قليل ڪتابن ۾ ملي ٿو.”ڪهڙي منجھ حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ري! نڪين تقاوت ۾، نڪين منجھ رباب، ڪثرت آهي قرب ۾، ادغامين اعراب، هُو جي جھرڪيا جر تي، سي تان سڀ حُباب، فنا وجھي فم ۾، ڪارڻ ٿيءُ ڪباب، هُئڻ منهنجو هوت ري ! ڪهڙي منجھ حساب؟”. اسان کي گھرجي ته اسين سُر“سهڻي” جي سُلوڪ واري فنائي فلسفي کي سمجھون ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته جيئن قدم قدم تي ڪاميابيون ماڻيون.

29. سُر“سارنگ” جو فلسفو

29. سُر“سارنگ” جو فلسفو

“سارنگ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”رنگارنگي”،” پٽاپٽي”،”جھُڙ”،”ميگھ”،”ملهار”،”جھڙالي موسم”،”ڇمر”،”اَبر”،”ڪڪر”،”بادل” يا”جھُڙ وارو ڏينهن” وغيره.
هي شاھ جي رسالي جو، سانوڻ جي مندائتي مينهن واري ماحول تي آڌاريل حقيقي ۽ مجازي محبت سان ٽمٽار ٿيل سُر آهي، جنهن ۾ سارنگ جو سهج منجھان، اُتران اُور ڪري اچڻ، جيئن لال چُنري تي چٽ هجن، تيئن اُٻن جو انگجڻ، ڳچيءَ ۾ ٻانهن ڳيراٽي ڏيئي، ور جو پنهنجي ونيءَ کي موهڻ، سُرهي سيج، پاسي ۾ پرين، مٿان مسلسل مينهن وسڻ، محبوب جي لبن جي لالي ڏسي، مينهن وساڙن جو مات ٿيڻ ۽ دوست مٺي دلدار جو، عالم سڀ آباد ڪرڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيو ويو آهي.
ڪڪر منجھ ڪپار، جھڙ نيڻئون نه لهي،
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگھ ملهار،
کڻ اکيون، کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو.
لطيف سرڪار هن سُر ۾، الله پاڪ جي طرفان، رحمت جي ريلي اچڻ کان پوءِ، پلر جي پالوٽن، وڏ ڦڙي جي وسڪارن ۽ سارنگ جي سينگارن سببان، سُورن جو سنڌا ڪري هليو وڃڻ کي، انتهائيءَ سهڻي ۽ سُريلي انداز سان سموهيو آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جو سُر”سارنگ” ڄڻ هندوستاني راڳ”ميگھ” ۽”دوت” سان مشابھ آهي. شاھ جي راڳ”سارنگ” ۽”بندرا بني سارنگ” ۾ فرق اهو آهي ته”بندرا بني سارنگ” ۾ ٻيئي نکاد (ڪومل ۽ تيور) لڳن ٿا، پر شاھ جي راڳ”سارنگ” ۾هڪ نکاد لڳي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو اوڻٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 75 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” لڳھ پس لطيف چئي، آگم ڪيا الله” ۽ آخري وائي” آئي مند ملار، آئون کُهنبا ڪنديس ڪپڙا” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

لڳھ پس لطيف چئي، آگميو آهي،
وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي، پٽ پئو، ثمر سنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.
سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” آسمان جي طرف چڙهندڙ ڪڪر ته ڏس! ماحول گھُٽ ۽ ٻُوسٽ وارو ٿي ويو آهي. اِجھو وڏڦڙين وارو مينهن وسڻ شروع ٿيو، پنهنجي مال جا ڌڻ واڙن مان ڪڍو، جتي وٺو آهي، اُتي ڪاهي هلو. هيٺاهينءَ زمين ڇڏي، مٿي دڙن تي چڙهي هلو ۽ سامان سيڌو سڀ سنڀالي کڻو. الله پاڪ جي ذات مان، اَبرِ ڪرم (رحمت) جو آسرو لاهي ويهي نه رهو.

مِينڍو مينهن پُسائيو، سُري ٿو سيلو،
پَکي پيهي آئيو، رحمت جو ريلو،
ساجن سويلو، ڀيڄ ڀنيءَ گھر آئيو.
مٿي جي وارن جو، ڪنارن وارو ڳُنڌيل حصو، مينهن جي پاڻيءَ پسائي ڇڏيو آهي، وڏو ويڪرو ڪارو ڪڪر، مٿي سُرندو (چڙهندو) ٿو اچي. الله پاڪ جي رحمت جو وڏو ريلو، ڪکائين جھُريل جھُوپڙي جي اندر هليو آيو آهي. منهنجو محبوب پرينءَ، (منهنجو سهڻو ساجن سُپرين) وسڪاري واري پُسيل وقت ۾، ترت پنهنجي گھر اچي پهتو آهي.

مند ٿي، منڊل وڄيا، ڳوري پِيّه ساري،
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، وٺو اونهاري،
گھنگھر گھرئون ڪڍيو، مينهڙن ماري،
ڪڪر اڄ ڪاري، وارو ڏنو وڄڙيين.
سانوڻ جي موسم شروع ٿي، ڪڪرن ڪڙڪا ڪيا، ڳوري ونيءَ، پرديس ويل پنهنجي پياري ڀتار(ور) کي ياد ڪري ٿي. اُونهاري جي گرم موسم ۾، وڏڦڙو مينهن، گجگوڙن سان وڏا وسڪارا ڪري وٺو آهي. مينهن جي مٺڙي وسڪاري، جنجل، ڏک ۽ ڏولائي کي، گھرن مان ماري، ڀڄائي ۽ تڙي ڪڍيو آهي. (اُتران مٿي چڙهي آيل) ڪاري ڪڪر، اڄ کنوڻين کي، خوب وسڻ جو وارو ڏنو آهي.

گنير گت سکن، چلڻ جي چاھ پئي،
هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪِي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن، وِڄڙيون وهسن،
لوچن ٿيون لطيف چئي، پسڻ لئي پِرينِ،
ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ ڪيا.
هاٿِي هلڻ جو چاھ ۽ شوق من ۾ رکي، هري هري سهڻي چال چلن ٿا. مٺڙي محبوب جي لبن جي لالائيءَ کي ڏسي، ڳاڙها مينهن وساڙا به حيرت ۾ پئجي ويا. وڄڙيون( کنوڻيون) چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر، چَوطرف پيون چمڪاٽ ڪن ۽ چمڪي چمڪي خوش ٿين. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي کنوڻيون به پنهنجي پرينءَ جي پسڻ لئي، مسلسل لوچ پوچ ۾ پيون ڦٿڪن.” مٺڙن محبوبن، زعفران جهڙا ڳاڙها سُرها ويس وڳا، اڄ ساري سنڀاري کڻي پاتا آهن.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لَٿين لُک لطيف چئي، ڍايون تاساريون،
ڀِڄندي ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.
اڄ وري اُتر طرف کان، ڪاريون ڪڪريون اچي ظاهر ٿيون آهن. وڏ ڦڙو مينهن مسلسل پيو وسي، وڻن، ولين ۽ ٻُوٽن جون ٽاريون، سايون سهڻيون لُڏن ۽ لمن پيون. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” ڏيھ مان ڏڪار، سوڪهڙو ۽ تپش لٿي ( اُڃ ۽ اوس ختم ٿي) ۽ اُڃايل تلين، پاڻيءَ پِي پِي ڍءُ ڪيو آهي. مال جون قطارون، مِينهن ۾ پُسندي، پنهنجي پنهنجي ماڳن (وٿاڻن) تي موٽي آيون آهن”.

سارنگ سينگاري، وڄون وسڻ آئيون،
اُڃيا لک، لطيف چئي، پلر پياري،
وڄڙين واري، ڪعبي تي ڪر نائيا.
وڄون، پنهنجيءَ سارنگ واريءَ موسم کي سينگاري، (سهڻو ڪري) پوءِ وسڻ آئيون آهن. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” برسات جو پاڻي، لکين اُڃايلن جي اڃ لاهي ٿو ڇڏي”، (پياسين کي پاڻيءَ اچي ٿو پياري). (ڏسو ته سهي!) اڄ وڄڙين ورائي کڻي ڪعبت الله شريف تي، ڪارن ڪڪرن جا ڪر جھُڪائيا ( ۽ پاڻيءَ پلٽيا) آهن.

موٽي مانڊاڻن جي، ڀِري ڪيائين ڀيڄ!
وڄون وسڻ آئيون، سارنگ چڙهيو سيج،
تنهن نوڻيون سڀ نوازيون، ڏنن ڏيئي ڏيج،
ٻج کڻي، پٽ هليا، هاري منجھان هيج،
راضي منجھان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.
وري ٻيهر، گھاٽن ڪارن ڪڪرن جي ٺاھ جوڙ ڪري، خوشيءَ سان ( مُرڪندي) مينهن واري آلاڻ ۽ نميءَ پيدا ڪيائين. وڄون وسڻ لئي تيار ٿي آئيون ۽ سارنگ آسمان جي سجايل سيج تي نروار ٿي نڪتو. اُن زمين جي هيٺاهينءَ کي، پلر جي پالوٽ سان ڀري ڇڏيو ۽ مٿاهينءَ کي، مينهن جو مهڪندڙ ڏيج ڏنائين. هاري، وڏي خوشيءَ مان ٻج کڻي، ٻنين ۾ ڇٽڻ لاءِ روانا ٿي ويا. سارو جڳ جهان، ريڄ جي برڪت مان راضي ٿي، شاد ۽ آباد ٿي پيو.
شاھ جي رسالي جو سُر”سارنگ”، سونهن، سُرهاڻ ۽ سُڪار وارو سُر آهي. جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان، نيڻ ٺريو ٿا پون، اکڙين کي آرام ٿو ملي ۽ ماندو من قرار ٿو ماڻي.”اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن، سُرهي سيج، پاسي پرين، مر ٿا مينهن وسن، اسان ۽ پرين، شال! هون برابر ڏينهڙا”. شاھ سائين هن سُر ۾، پنهنجي پياري وطن ۽ ساڻيھ سان گڏوگڏ، ساري جڳ جهان لاءِ، آسودگي ۽ خوشحاليءَ جي دعا پڻ گھري آهي.”سائين!سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست! تون دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين”. آئون سُر“سارنگ” جو تعارف ۽ فلسفو، ڀٽائي رحه جي پنهنجن ئي پيارين سٽن سان اختتام پذير ڪريان ٿو، وري ايئن نه ٿئي، جو پيارا پڙهندڙ چون،”سُر سارنگ به پڙهيوسون ۽ سرير کي سُڪون به ڪو نه مليو”.”آئي مند ملار، آئون کُنهنبا ڪنديس ڪپڙا. وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ پڻ منهنجي يار. لٿي ڪس قُلوب تان، تاڙي ڪِي توار. اُتران ٿي آئيو، ڪڪر ڪارونڀار. روضي پاس رسول جي، اُٺو آب اپار. ٿر بر وِڄون وُٺيون، سرها ٿيا سنگھار. آئون کُنهنبا ڪنديس ڪپڙا، آئي مند ملار”.

30. سُر“ڪيڏاري” جو فلسفو

30. سُر“ڪيڏاري” جو فلسفو

“ڪيڏارو” سنسڪرت ٻوليءَ جي“ڪيدار” ۽ عربيءَ جي“ڪيد” مان نڪتل لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“جنگ”،”لڙائي”،”معرڪو”،”جھيڙو”،”قتلِ عام” يا”ماتم” وغيره. هن سُر جو مکيه موضوع ڪربلا جي واقعي واري جنگ آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين شهادت ماڻي.
قضيو ڪربلا جو، مڙوئي ملار،
ڳالھ سڄيائي ڳُجھ جي، الاهي اسرار،
هن سُر جي پهريين داستان ۾فرمايل آهي ته“ محرم جو مهينو ته وري ٻئي سال به موٽي آئيو، پر امام سڳورا موٽي ڪو نه آئيا”. امير شهزادن جڏهن مديني منوره مان نڪري، ڪوفي ڏانهن روانگي ڪئي، ته انهن دين اسلام کي بچائڻ جي لاءِ، ڪک، پن، ڪاٺي، پاڻي ۽ گاھ ڏانهن به ماڻهو موڪيا ۽ ايئن به چيائون ته”جيڪڏهن ڪا مصيبت اچي ويئي ته وڏي، سخت ۽ زور واري ويڙھ ٿيندي”. سُر ڪيڏاري جي ٻئي داستان ۾ڄاڻايل آهي ته،”حضرت امام حسين رضه سان، جڏهن يزيدي ٽولي جنگ جوٽي، ته امام سڳورن لاءِ، گھرن ۾ ماڻهن، وڻن ۾ پکين، جھنگل ۾ مروئن ۽ آسمان تي ملائڪن به زاروزار رُنو”. داستان ٽئين ۽ چوٿين جي معنوي مذڪور ۾ لکيل آهي ته”جھُونجھڪارڪي جھڳڙي ۾، هاٿين هڏ مڇائيا، بهادر بهادرين گڏيا، ڌڙ ڌڙن تي ڪريا، رڻ گجيو راڙو ٿيو ۽ پوءِ گھوڙن ۽ گھوٽن رڻ ۾ لائون لڌيون”. داستان پنجين ۽ ڇهين کي پڙهنداسين ته معلوم ٿيندو ته ڪربلا جي ميدان ۾، حق ۽ باطل جو فيصلو هميشه هميشه جي لاءِ ٿي چڪو. شير جامِ شهادت جو پيالو پيتو ۽ ڪوفين جي ڀاڱي ۾، قيامت تائين، لعنت لکجي ويئي.”منهن ڪاري مروان، لعنت لکي لعين کي”. داستان ستين ۾، سُورهيه کي تاڪيد ڪيل آهي ته“ جيڪڏهن جيت لاءِ جنگ ڪرين ٿو ته اول پنهنجي جامي سان جنگ جوٽ. پنهنجي نفس کي نهوڙ، وهم، خوف ۽ خطري کي، دل مان ڪوري ڪڍ، ته اي نجات جا طالب! توکي انهيءَ قهر ۽ ڪوس جو راز معلوم ٿئي.”
هندوستاني گَوَين موجب،”ڪيداري” هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا”ديپڪ راڳ” جي پنجن ڀاريائن مان هڪ آهي. هن راڳڻيءَ کي،”سمپورڻ راڳڻي” به ڪري سڏيندا آهن، جيڪا اڌ رات جو ڳائبي آهي.
هي شاھ جي رسالي جو ٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 88 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” ڏٺو محرم ماھ، سَونڪو شهزادن ٿيو” ۽ آخري وائي” يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي، آيو حڪم الله جو، يا امام”! آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڏٺو محرم ماھ، سَونڪو شهزادن ٿيو،
مڪي، مديني، ماڻهوئين، رُنو مٿي راھ،
تنهن واحد کي واھ! جو حڪم ههڙا ڪري.
محرم جو چنڊ (مهينو) ڏٺو، ته شهزادن کي، دل ۾ کُٽڪو پيدا ٿيو. ماڻهن، مڪي پاڪ ۾، مديني منوره ۾ ۽ رستن ۽ راهن تي، افسوس ۾ زار وقطار روئڻ شروع ڪيو. اِها هڪ الله پاڪ کي ئي صحيءَ خبر آهي، جيڪو اهڙا حڪم صادر ڪري ٿو ڇڏي.

مير مدينئان نڪري، ڏيرا ڏنائون،
ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاھ کي، ماڙهو مڪائون،
چڙهندي چيائون،”ٿيندي ويڙھ وڏاند ري”.
امير شهزادن، مديني منوره مان نڪري، وڃي اڳتي منزل ڪئي. پاڙي، اوڙي، پنهنجي، پرائي، اَڀري، سَڀري، ننڍي توڙي وڏي، سڀ ڪنهن ڏانهن ماڻهو موڪليائون. سفر تي چڙهندي، ( رواني ٿيڻ مهل) چيائون، ته،” ويرين سان ويڙھ ٿيندي ته وڏي سخت ٿيندي”.

ڪِلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
اڃان اُن کي، جيئڻ جو، آسانگو آهي،
سُورهيه سو چائي، جو رُڳو ئي رِڻ چڙهي.
لڙائيءَ واري مهل، لشڪر ۾، جيڪو (مجاهد) زرھ پائي پوءِ وڙهي ٿو. ته اُن کي حياتيءَ (زنده) رهڻ جو، اڃان آسرو هوندو آهي. سچو سُورهيه چاهيندو آهي ته”هو جنگ ۾ رُکو ئي ( بغير زره پائڻ جي) جُنبي وڃي”.

حسن مير حسين کي، رُنو ٽن ٽولن،
گھرماڻهن، جھنگ مرن، اَڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته”لڏيو هوت وڃن”،
الله! شهزادن، سوڀون ڏئين سچاڻي!
حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين رضه جي افسوس ۾، ٽن ٽولن زاروزار رُنو. گھرن ۾ ماڻهن رنو، جھنگل ۾ مروئن رنو ۽ آسمان ۾ ملائڪن به رنو. پکين هڪٻئي کي (حيرت ۽ افسوس ۾) چيو، ته”امام سڳورا، اڄ مديني منوره مان لڏيو پيا وڃن”. اي الله پاڪ! اي ساري جڳ جا سچا ڌڻي! تون شير شهزادن کي، ڪاميابيون نصيب ڪجانءِ!

دوست ڪُهائي دادلا، مُحب مارائي،
خاص خليلن کي، سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاهي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اُونهيءَ ڳالھ اسرار جي.
(تقدير) ڪڏهن ڪڏهن دادلا دوست ڪُهائي ٿي ۽ مٺڙا محب به مارائي ٿي وجھي. الله پاڪ جي خاص پيارن دوستن کي به، سختيون برداشت ڪرائي ٿي ڇڏي.”الله بي پرواھ ۽ بي نياز آهي” اُها مرضي هلائي ٿو، جيڪا هو پاڻ ڇاهي ٿو. انهيءَ رمز ۾، (الله پاڪ جي) اسرار جِي، ڪا اُونهيءَ ڳالھ ضرور لڪيل آهي!

جھِمنديون اڄ اچن، جھوليون جھونجھارن جيون،
پايو ٻُڪ ٻُهار جا، اُن جون وهون واڪا ڪن،
پٽيو پار ڪڍن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
اڄ ته لال ڳاڙهي رت سان، ٽمنديون پيو اچن، اُهي جھوليون (گودڙيون)، جن ۾ سُورهيه شهيدن جا ڌڙ کڄيو پيا اچن. ٻُهاريل ددڙ جا ٻُڪ پنهنجن وارن ۾ وجھيو، انهن جون وهون( مستورات آرياڻيون) هاءِ! هاءِ! (ڪُوڪون) ويٺيون ڪن. پٽيو پار ڪڍن، جيئن ئي جنگ جو ميدان ويڙھ ۾ تتو، تيئن ئي روئڻ جو راڙو زور سان شروع ٿيو.

ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتيءَ ڳُتيا،
چوڏهينءَ ماھ چنڊ جئن، پڙ ۾ پيشانياس،
“الله نورالسمٰوٰت والارض”، جلوو زميناس،
“سيماهم في وجوههم”، منهن ۾ مڻ ڳُتياس،
ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ميڙياس،
ڦٽن اُتان رت ڦڙا، عليءَ ٿي اُگھياس،
مِڙئِي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
اُن جي ڏاڙهيءَ مبارڪ رت ۾ ڳاڙهيءَ ٿي ويئي ۽ ڏند مبارڪ ته ڄڻ موتين جا مڙهيل داڻا هجن. سندس نورانيءَ چهرو، جنگ جي ميدان ۾، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر، چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.”الله آسمانن ۽ زمين جو نُور آهي”، ان جو جلوو زمينن تي (قائم ۽ دائم) آهي.”سندن پيشانيءَ تي (سجده جو) نشان آهي” ۽ چهري تي نُور جو مڻيادار جلوو موجود آهي. ڪربلا جي تتل ميدان تان، ننڍا ننڍا پٿر ۽ ڪڪرا، اُن گھوٽ جِي امڙِ ميڙي پئي پري ڪيا. اُن گھوٽ جي گھاون تان، وهندڙ رت جا ڦڙا، حضرت علي ڪرمُ الله وجه ٿي اُگھي صاف ڪيا. اُن عظيم شهيد کي، شهادت جي عيوض ۾، سڀني آزمائشن جا بار، الله پاڪ معاف ڪري ڇڏيا.
تحقيق جي ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نزديڪ سُر“ڪيڏارو” شاھ جو ڪلام ڪونهي. هي فقط رسالي جو ڪلام آهي، جيڪو سوين سالن کان، شاھ جي رسالي ۾ شامل ٿيندو آيو آهي. ڪلام جي پاڪيزگي، بلند خيالي۽ غمِ حسين کي سامهون رکندي، راقم پڻ پنهنجي هر هڪ ترجماتي، تشريحي توڙي ترتيبي رسالي ۾ اُن کي شامل ڪيو آهي.
هن سُر ۾، جيڪو ويريءَ سان ويڙھ وارو بيباڪ بيان قلمبند ڪيل آهي، اُهو اهڙو ته انوکو ۽ جيءُ کي جذبو ڏيارائيندڙ آهي، جو پڙهندڙ پنهنجي پاڻ کي، ويريءَ سان وڙهندي محسوس ڪري ٿو؛”سُورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار”،”ڪانڌ! ڪلارين ڪپڙين، ور! وناهيون آءُ”،”پاونگ اُڀو پڙ ۾، هڻي هزاري هول”،”بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلوِل ڪن”. هن سُر ۾ شامل ڪلام جو مجموعي منظر ۽ پسمنظر، انسان جي اکڙين مان آنسو وهائڻ لاءِ ڪافي آهي؛”سختي شهادت جي، مڙوئي ملار”،”مير مدينئان نڪري، آئيا نه موٽي”،”ڪُوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين”،” اڄ مير مومنن جا، مدينو ڇڏي هليا”. شاھ جي رسالي ۾ سُر”ڪيڏارو”، هر حالت ۾حق جي حمايت ڪرڻ ۽ اُن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ باطل کان نفرت ڪرڻ ۽ اُن سان وڏي ويڙھ ڏيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اسان کي گھرجي ته، اسين سُر”ڪيڏاري” کي پڙهون، پروڙيون ۽ اُن جي پيغام تي پورو پورو عمل ڪريون.

31. سُر“ڌناسري” جو فلسفو

31. سُر“ڌناسري” جو فلسفو

“ڌناسري” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”ڌن” سنسڪرت ٻوليءَ مان ۽”آس” يا”آسري” پراڪرتي ٻوليءَ مان نڪتل آهي.”ڌن” جي لغوي معنيٰ آهي”ڌڻ” يا”مال ملڪيت”.”ڌن” جي ٻي معنيٰ آهي”بخت”،”ڀاڳ” يا”نصيب” ۽”آس” يا”آسري” جي لغوي معنيٰ آهي”آسرو”،”اُميد”،”آرزو”،”اِڇا”،”خواهش”،”تمنا”،”اَجھو” يا”پناھ” ۽”وسيلو” وغيره. ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته اُن جي معنيٰ ٿيندي،”نصيب جي آرزو”،”ڀاڳ جي اُميد” يا”بخت جو وسيلو” وغيره.
هن سُر ۾، حضرت مٺڙي محمد مصطفيٰ(صلي الله عليه وَآله وسلم)، اولياءَالله ۽ مرشد کي، بندي جي طرفان، پنهنجي مقدر يا بخت بلند ٿيڻ، تڪليفون دور ڪرڻ ۽ اڳوتر سنوارڻ جي لاءِ، التجائون، عاجزيون ۽ سڏ ڪيل آهن. مديني جي مير(صلي الله عليه و آله وسلم) کان وٺي، حضرت پيران پير دستگير سيدنا عبدالقادر جيلاني رحه ۽ حضرت غوث بهاوَالحق ذڪريا ملتاني رحه تائين، خدا جي پيارن کي پُڪاريو ويو آهي.

مديني جا مير! سُڻ منهنجا سڏڙا،
اوکي ويل امير! عاصي تنهنجي آسري.
پير! منهنجا پاتشاھ! وسيلا وريام!
اگھيا تنهنجا الله در، ڪامل! سڀ ڪلام،
ڏنِي توکي ڏيھ ڌڻي، ضعيفن زمان،
آهين آل رسول جو، حسني!تُون هُمام،
مدد ڪر مريد جي، الله لڳ علام!
آئون سيد! پيس تو سام!مرشد!رس محمود کي.

مل ملتاني پير کي، نوئي! نائي ڪنڌ،
اکڙين عنات چئي، آھ اوڏاهين پنڌ،
جيئن تارن ۾ چنڊ، تيئن شيخان سُونهن بهاوَدين.
“ڌناسري راڳني” سنڌ ۽ ملتان جي راڳني آهي. جيڪا پوءِ، هندوستاني راڳ ۾رائج ٿي. هي راڳني اڃان تائين سنڌ ۾ رائج آهي، جنهن کي، خصوصا پير ملتان شريف(غوث پاڪ) جا مريد، بنا سازن جي ڳائن ٿا. هي شاھ جي رسالي جو ايڪٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 118 بيت، 15 وايون ۽ 5 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” تون پيرن جو پاتشاھ، تون پيرن جو ڀرم” ۽ آخري وائي” هر جا آهي هادي، پير پنهنجو پاڻ سان” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

مديني جا ڄام! سُڻ منهنجا سڏڙا،
ننڍا وڏا اُمتي، اوباهين اڀام،
جي سرن تنهنجي سام، سي پار لنگھايين پهيئڙا.
اي مديني منوره جا ڄام ۽ والي!(صلي الله عليه و آله وسلم) مون مسڪين، اَٻوجھ ۽ اڙيال جا سڏڙا سُڻ. جيڪي به ننڍا توڙي وڏا، اوهان جا اُمتي ۽ مومن مسلمان آهن، اُهي سڀيئي اوهان جي در وٽان، بخشش ۽ مغفرت پائين ٿا. جيڪي پنهنجو بچاءُ، اوهان جي پناھ ۽ امانت ۾ سمجھن ٿا، اُهي مسڪين مُسافرڙا، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي اُونهي اوڙاھ ۽ قهري ڪُن مان ٻاهر ڪڍي، اُنهن جا ٻيڙا پار ڪري ڇڏ!

پِير منهنجو پاتشاھ، نُوري نيڪ خصال،
ڪمي ناهي قطرو، تنهن ڪامل جي ڪمال،
دُشمن تنهن دوست جا، وئا منجھ وبال،
هڻِي مُڪ مُنڪر کي، ڪري جان زوال،
خواص تنهن خاص جا، ڪوڙين ڪهن قوال،
جيڪي سنڀارين جتهين، لهي تن سنڀال،
ور ڪندو وڏل شاھ تي، اپارين افضال،
جواهرن جوت نِي، جانب جي جمال،
پياري پُر ڪري، پرت جا پيال،
صحبت تنهن سيد جي، ڪڍي خام خيال،
ڏٺي لطيف لال، ٿئي راحت روح کي.
(هي بيت حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي ساراھ ۽ صفت ۾ چيل آهي، جنهن جو شاعرسيد وڏل شاھ نالي، سندس هڪ عقيدت مند آهي. )
منهنجو جيڪو مرشد آهي، سو بادشاهن وانگر سخي، مريدن تي نوراني نظر ڪندڙ ۽ نيڪ خصلتن جو ڌڻي آهي. اُن ڪامل پِير جي ڪمال ۾، ڪمي يا گھٽتائيءَ وارو عنصر هڪ قطري (ذري) جي برابر به ڪونهي. منهنجي محبوب مرشد جا جيڪي به دشمن توڙي مٺگھرا آهن، اُهي هميشه هميشه جي لاءِ، وڏي وبال ۽ جوکي ۾ جلي، هيٺ هليا ويندا آهن. جيڪو منهنجي مرشد جو منڪر ٿيندو، ته هو ان کي، مُڪ هڻي، سندس جان جوکي ۾ وجھي ٿو سگھي. منهنجو مرشد، جيڪو خاص آهي، ان جي خاصئون خاص شانِ اقدس ۾، ڪروڙين ڪروڙ مريد ۽ عقيدت مند، ساراھ جا گيت ڳائين ٿا. هي منهنجي مرشد جي ڪرامت آهي ته، جيڪي سندس مريد توڙي عقيدت مند، جتي به کيس مشڪلات ۾ سارين ٿا، ته هو انهن جي اُتي جو اُتي، غائبانا مدد ڪرڻ فرمائي ٿو. هي جيڪو”وڏل شاھ” سندس مريد آهي، ته ان تي پنهنجي ڪرم ۽ فضل جي، گھڻي کان گھڻي واهر ڪندو رهندو. جيڪي هيرا لال جواهر آهن، انهن به چمڪ ۽ روشنيءَ، منهنجي مرشد جي پُرنُورجمال کان ورتي آهي. هو پريت جي پيالن مان، اُلفت جي اُڃايلن کي، محبت جو مڌ پياري پياري، کين پُر ڪري ٿو ڇڏي. اُن سهڻي سيد جي صحبت، ڀٽڪيل ماڻهن جي من مان، جيڪي به اجايا ۽ خام خيال سمايل هوندا آهن، سي سڀ ڪڍي، صفا صاف ڪري ٿو ڇڏي. منهنجي مرشد، لالئون لال لطيف جي زيارت ڪرڻ سان ئي، روح کي راحت ۽ فرحت اچي وڃي ٿي.

وسيلو نه وس، ڀُنگيءَ ڀر نه ساريان،
پتڻ ڏيندو پاتڻي، اَهُکيءَ ۾ اَوَس!
حال همارو پس، سندا روضن راڄيا!
آئون ايترو ته ڪمزور هيڻو ۽ ويچارو آهيان، جو منهنجو ٻيو ڪو به حيلو وسيلو ۽ ڀرجھلو ڪونهي. منهنجي جيڪا ڪکائين جھوپڙيءَ آهي، اُن کي ڪا به ٽيڪ، ٿُوڻيءَ يا تُڪو آيل ئي ڪونهي. مون کي اُميد آهي ته، جڏهن به مون تي اوکيءَ وير ايندي، ته پيارو پاتڻي، پاڻهي ئي پتڻ ڏيئي، هر حالت ۾ اچي اونهي اوڙاھ مان اڪاريندو. اي روضن جا ڌڻي!(منهنجا مرشد!) تون راڄن جو ڀرجھلو ۽ وسيلو آهين، منهنجو حال هيڻو به اچي پس!(مون بي وسيلي جي واهر اچي ڪر!).
شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“ڌناسري” کي، محقق رسالي جو ڪلام سمجھن ٿا. جنهن ۾ ٻين مختلف شاعرن جو ڪلام شامل آهي. هن سُر ۾، جن شاعرن جو ڪلام شامل آهي، انهن ۾ ميون شاھ عنات، سيد عبداللطيف قادري، احسان فقير لانگاھ، راوَل، صمد، وڏل ۽ فقيرياڻي مائي گنگا وساڻ جا چيل بيت به شامل آهن. جن کي پڙهڻ سان، اسان کي دلي سُڪون ملي ٿو ۽ عقيدت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو.

32. سُر“شينهن ڪيڏاري” جو فلسفو

32. سُر“شينهن ڪيڏاري” جو فلسفو

“شينهن ڪيڏارو” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”شينهن” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”شير”،”ببر”،”ڪيهر”،”ڪَيسر”(قيصر)،”چيتو” يا”واگھ” وغيره.”ڪيڏارو” سنسڪرت جي”ڪيدار” ۽ عربيءَ جي”ڪيد” مان نڪتل لفظ اهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”جنگ”،”جھيڙو”،”لڙائي”،”ڪِلو” يا”معرڪو” وغيره. انهن ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته اُن جي معنيٰ ٿيندي”واگھ جي ويڙھ”،”شير جي لڙائي” يا”ڪيهر جو معرڪو” وغيره.
هن سُر جي بيتن ۾، ڪيهر شينهن جي عادتن، اُصولن ۽ دٻدٻي وارو پسمنظر چٽيو ويو آهي. شاعر چوي ٿو، توڙي جو سوين سَو سِيارڙا (گدڙ) گڏجن، يا کڻي ڪيترائي جنبو( ڪتا) گوڙ گھمسان ۽ هشري مچائين، پر ڪيهر جي ڪن تي اُڊڪو ئي ڪو نه ايندو. ڪَيسر جو ڪم آهي هاٿيءَ جو شڪار ڪرڻ، پهاڪو آهي ته”شينهن بُک مري، پر ڊڀ نه چري.” توڙي جو گينور نه گڏجيس، پر تڏهن به هُو هروڀرو هرڻن جو شڪار ڪو نه ڪندو. ڪيهر لاءِ، پاڻ کان هيڻي جانور جو شڪار ڪرڻ ڄڻ مهڻو آهي.”ڪَيسر ڪِلي وار، ٿو گس نهاري گينورين”.”ايءُ ڪَيسر جو ڪم، جيئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي”.
هن سُر جي داستان ٻئي ۾، هاٿي، بورائي باز ۽ شقري باز جي ڪجھ صفتن جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. اهڙيءَ ريت داستان ٽئين ۾، ڪُتي ۽ قريب جو هڪٻئي سان تعلق ڏيکاريل آهي.
ڪيهر قصد ڪباب سين، مڇي مور نه کاءِ،
جي سينهان سَو لنگھڻين، توءِ نه لِک لکاءِ،
پير تتهين پاءِ، جت ناھ مجال مِرُوءَ جي.
نينهن، سيچاڻي، شينهن، ٽنهي قصد ڪباب سين،
رات کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀُوڻن بُکيا،
راڳ جي لحاظ سان، سُر“شينهن ڪيڏارو” پهلواني مقابلن ۽ جنگي جوڌن جو سُر آهي. آلاپ ۽ ادائيگي جي لحاظ سان، سُر“شينهن ڪيڏاري” جون، جدا جدا وڄتون آهن، جن ۾ ڪي”چلتو” ۽”چالي” وڄتن وارا بيت به شامل آهن. هي شاھ جي رسالي جو ٻٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 39 بيت ۽ 3 داستان شامل آهن. هي شاھ جي رسالي جو واحد سُر آهي، جنهن ۾ ڪا به وائي شامل ناهي. هن سُر جو پهريون بيت”مٿي جنهن مدار، کاند تنهن جو تڪيو” ۽ آخري بيت”ماٺ ڪِيو مارينس، ڪُڇ ڪتي سين ڪِينڪين” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

مٿي جنهن مدار، کاند تنهن جو تڪيو،
پاڻ اونچو، عادت نيچي، ايءُ سينهان پروار،
ڪَيسرڪرجُهار، ڏٺي جنهن ڏارت لهي.
(اُهو شينهن) جنهن جو دارومدار مٿڀري اُصولن وارو، بردباري، سهپ ۽ صبر جنهن جو وڙ آهي، پاڻ آهي ته سڀني جھنگلي جانورن جو سردار، پر سندس عادت ٿڌي ۽ ديرپا ٿيندي آهي، اِهو اُن شينهن جي پروار ( خانداني نسل) جو پڌرو ۽ چٽو اُهڃاڻ آهي، اُن ڪَيسر شينهن کي نوڙت ۽ عاجزيءَ وارو سلام ڪندو رھ، جنهن جي رڳو ڏسڻ ساڻ ئي ٻين( آفتن ۽ مصيبتن) جو خوف ۽ ڊپ لهي ٿو وڃي.

موڪري تري، ڇوٽي نري، ڇوٽو ڪيهر پاڻ،
گجي ته گيور هڻي، مِرُو ٻيا آساڻ.
چنبي جي تري ويڪري، ڄنگھ جي نري ننڍي ۽ ڪيهر شينهن پاڻ قد جو پورو پنو ۽ ڪجھ ڪجھ ڇوٽو هوندو آهي، جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو ته، هاٿين جو شڪار ڪندو آهي، باقي جھنگل جا ٻيا جانور ۽ مِرُو ته هن لاءِ، بلڪل آسان( ۽ ڪجھ به ڪو نه) هوندا آهن.

سهسين مڙي سيارڙا، جي جنبو جاڳر ڪن،
ته ڪِهر ڪن نه اُڊڪي، ڊراءِ نه ڊرڄي تن.
جي سوين سو ۽ هزارين هزار گدڙ گڏجن، جي ڪتن جا ڪٽڪ گڏجي گوڙ گھمسان ڪن، ته به ڪيهرشينهن جي ڪن تي اُلڪو ئي ڪو نه ٿو اچي ۽ هُو انهن کان ڊپ ڊراءُ يا خوف خطرو ئي محسوس ڪو نه ٿو ڪري.

ڪُڙهو ڪَيسر وياءُ، پسو واگھ وِلاڙيو!
ٻيٽو ٻاپ مُلاءُ، ذرو ضايع نه ڪري.
ڪيهر شينهن جو نئون ڄاول ٻلونگڙو، ڏسو ته سهي! واگھ (وڏي شينهن) وانگر ٿو ڊوڙون پائي. پُٽ، پيءُ جي عادتن منجھان، ذرو به ضايع ڪو نه ٿو ڪري.

ٻيٽو ٻاپان وترو، ڪُڙهو ڪَيسر پسُ!
آپ ڇُپاوڻ، پر مارڻ، ذات سينهان جي جسُ،
جئن وڄي دمامن دسُ، تئن مٿي اَڙن اُسري.
پُٽ، پيءُ کان (عادتن ۾) ٻه وکون اڃان به اڳتي آهي، ڪيهر شينهن جو ٻچو ته ڏسو! ڇپ هڻي ويهڻ، پري پري وڃي شڪار ڪرڻ، شينهَنِ جي ذاتي ۽ اصلي خصلت آهي. جيئن دُهل جو ڪڙڪو، دڌڪو ٿو ڪري، تيئن هيءَ وڪوڙيل شڪار تي چڙهيو ٿو وڃي.

ايءَ ڪَيسر جي ڪار، جئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي،
جي ويهين واگھين ويڙهيو، توءِلانجھوڪيم نهار،
ڪِلي وير قرار، رِءَ ڪِلي ٿئي ڪانهرو.
اِها ڪيهر شينهن جي ڪاريگريءَ ۽ ڪماليت آهي، جو هاٿيءَ سان وڃيو ٿو اٽڪي. جي ٻيا ويھ شينهن کيس ويڙهي وڃن، تڏهن به اُن کي ڪمزور نه ڏس. هن کي هميشه ويڙھ ۾ مزو ٿو اچي، بنا ويڙھ جي گيدي ۽ ڪمزور ٿو ٿئي.

ايءُ ڪَيسر جو ڪم، جئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي،
نهوڙي ناڀن سين، دمائيس نه دم.
ڪِلي وير قدم، کوڙي پر کڻي نهين.
اهو ڪيهر شينهن جو ڌنڌو ۽ ڪمال آهي، جو هو هيبتناڪ هاٿيءَ سان وڃي ٿو اٽڪي. چنبي جي ننهنڊن سان نهوڙيو، پوءِ ساھ به کڻڻ نه ٿو ڏئيس. لڙائيءَ مهل، ويڙھ جي ميدان ۾، پنهنجا پير پختا ٿو کوڙي، پر هٽائي نه ٿو.

روجھ نه پکرجن، متا جي ماھ گھڻي،
ڪِجي سنگ سينهن سين، واڪي جي ورن.
روجھ کنڀ ڪڍي ڪڏهن ڪو نه ٿا اڏامن، توڙي جو متا متارا ۽ گھڻي ماس وارا هجن، سنگت رکجي شينهنِ سان، جيڪي هڪل ڪرڻ سان اچي حاضر ٿين.

ڪِهر قصد ڪباب سين، مڇي مور نه کاءِ،
جي سينهان سَئُه لنگھڻين، توءِ نه لِک لَکاءِ،
پير تتهين پاءِ، جت ناھِ مجال مِرُوءَ جي.
ڪيهر شينهن جو ضد ۽ اٽل ارادو، هميشه گوشت کائڻ جو هوندو آهي، هو مڇيءَ ٺپ ڪو نه ٿو کائي! جي شينهن کي سَو دفعا بُک لڳي، ته به ذرڙو به ڪو نه لکائيندو آهي، اُتي هلچل، اچ وڃ ۽ مارو ڪندو آهي، جتي مِرُوءَ جي ڪا به مجال ناهي هوندي.

نينهن، سيچاڻي، سينهن، ٽنهيءَ قصد ڪباب سين،
راتِ کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀُوڻن بُکيا.
نينهن(عشق)، باز ۽ شينهن، انهن ٽنهيءَ جو گذران ۽ ارادو فقط ماس کائڻ سان هوندو آهي، (اهي ٽيئي) رات ڏينهن پيا کائيندا، ته به پيا بُکيا ڦِرندا.

گئون ماريو گِر چڙهي، گِر چڙهيو گئون کاءِ،
ڪِهر پلاڻِي جي سهي، ته لُون لُون لک بِڪاءِ.
ڳئون ماريو گجگوڙون ڪري، گجگوڙون ڪريو وري ڳئون کي کاءِ، جي ڪِهرپلاڻي( هنو) سهي يا برداشت ڪري ته هن جي لُون لُون لکن ۾ وڪامي ها.

ڪَيسر کي ڪِرندي، لڪڙي لڪ پيوس،
هرنا هٿ نه هڻي، گينور ڪو نه گڏياس.
ڪيهر شينهن کي ڪِرندي مهل، مصيبت جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، (چيلھ ۾ چُڪ پئجي ويئي) ۽ اُهو آزار ۾ پيو، پوءِ به هو هرڻن جو شڪار ڪو نه ڪري، پر هاٿي هن کي ڪو نه گڏيو.

هاٿي همت سين هڻي، هرنا هٿ نه ڏي،
سامهون اچي جن کي، نهوڙي تن ني،
اِن ڪِهر ڪنان ڪي، پڳان ڀاڳين اُبهن.
هاٿيءَ کي همت سان هڻي ڪيرايو ٿو وجھي، ويچاري هرڻن کي ڪجھ ڪو نه ٿو چوي، جن جانورن کي سامهون گڏجي وڃي ٿو، اُنهن کي اصل تباھ ڪريو ٿو ڇڏي!اِن ڪيهرشينهن کان، ڪي ڀاڳن وارا، پيرن تي زور رکي، ڀڄي بچي ٿا نڪرن.

ڪِهر ڳري لڳ، جي هاٿيءَ جو هڏ گھرين،
پسي وڏو وڳ، جنبو جم نهاريين!
جي هاٿيءَ جو هڏ (عضوو) گھُرين ٿو، ته وڃي ڪيهر شينهن سان دوستيءَ رک، (وڃي ان جي گلي پئو) رولو ڪُتن (گدڙن) جو وڏو ٽولو ڏسي، متان انهن جو آسرو ڪرين!

جنبو ته جونجھار، سينهن وڏي ئي ست سين،
ونڪو ويريين ويڙهيو، توءِ هٽائي هزار،
ڪَيسر ڪِلي وار، ٿوگس نهاري گينورين.
ڪتو (گدڙ) ڀلي ڪيترو ئي پاڻ کي بهادر سڏائي، پر شينهن وڏي همت وارو ٿئي ٿو، جي ونڪ ونڪ(قسم قسم) جا خونخوار جانور هن کي ويڙهي وڃن، تڏهن به هو هزارن کي ڀڄائي ڪڍندو آهي، ڪيهر شينهن لڙائيءَ مهل، صرف هاٿين جو دڳ وڃي جھليندو آهي.

موران ماٺو نه ٿئي، تازي جو توڙان،
هاٿي جي هيڻو وهي، توءِ گھڻ مُلهوگھوڙان.
جيڪو اصلي تازي گھوڙو هوندو آهي، اُهو مٺو يا پونير ٿيندو ئي ڪو نه! پر هاٿي کڻي ڪيترو به هيڻو يا ڏُٻرو ٿي وڃي، تڏهن به گھوڙن کان مُلھ ۾ مهانگو ۽ گھڻو قيمتي هجي ٿو.

کڻ بورائو باز کي، ڳِجھ جي ڪج مَ ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڊونڍ ڏي، رِڻ ۾ وتي رول،
جو ٻهون پاري ٻول، سوهٿان ڇڏ مَ شِڪرو.
باز کي پنهنجو سُونهون ۽ رهبر ڪري کڻ، تون ڳجھ جي ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏي، ڳجھ جي ڊوڙ سدائين ڊونڍ ڏي هوندي آهي ۽ اُها پئي ميدانن ۾ واجھائيندي ۽ رُلندي آهي، اُن شهباز کي هرگز هٿان نه وڃاءِ، جيڪو پنهنجا ڪيل سمورا قول ۽ وچن، هر حالت ۾ پورا ڪري ٿو.

کڻ بورائو باز کي، ڳِجھ مَ ڳري لاءِ،
آهي اِن انڌيءَ جي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄ اُهوئي کاءِ، هو جو قوت ڪِلاب جو.
باز کي سُونهون، رهبر ۽ اڳواڻ ڪري مڃ، ڳجھ کي نڪو ڳل سان لڳاءِ ۽ نڪو ان کي ڳيراٽڙي پاءِ، انهيءَ انڌيءَ جي، رڳو جُوفي ۽ حرص واري پاسي ڏي ڊوڙ ۽ اُڏام آهي، کاڌو اُهو ئي کائي ٿي، جيڪو ڪُتن جو ڪِنو قوت آهي.

سگبان جي سينڍاريا، بڇيا تي بهن،
ڦريا نه فرمان کان، مُل نه موتيئڙن،
ڪونهي ڏوھ ڪتن، ڏاڪاريا ڏاڙهين ٿا.
ڪتا تنهن ڪري ٿا ڀونڪن، جو پاليندڙ مالڪ، انهن کي سِينڍ ۾ بڇون ٿو ڪري، اُهي مالڪ جي حڪم کان، ذرڙو به ڪو نه هٽيا، انهن موتيئڙن (ڪُتڙن) جو مُلھ ڪَٿي به نه ٿو سگھجي، ڪتن جو ڪو به ڏوھ ڪونهي، ڇو جو اهي هُشڪار ڪرڻ تي، يعني ڇُڇُڪر يا بڇ ڪرڻ تي ڏاڙهين ٿا.

ڪُتو طالب ڍُونڍ جو، اسين ڪتي ڪِيڙ،
چُهٽي آهي چِيڙ، ڪارايل جي ڪن ۾.
ڪُتو ڍُونڍ جو ڳوليندڙ آهي ۽ اسين وري ان ڪتي جا ڪِيڙا آهيون، جيئن ڪاري ڪتي جي ڪن ۾، چِچِڙِي چُهٽيل هوندي آهي، (اسين تيئن آهيون).

ڪُتو ڪُرٽي هڏيون، جوان مرد جگر کاءِ،
“الدنياجيفه وطلابهاڪِلاب”، اِي هنيين سين لاءِ.
جيئن ڪتو هڏيون ٿو ڪُرٽي، اي جوان مرد! تون ايئن پنهنجي جگر(غصي) کي کاءُ!“دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جو ڳوليندڙ ڪتو آهي”، تون اها ڳالھ پنهنجي هنيين سان هنڍاءِ.

ڪُتا! قريبن سين، ڪهڙو ڪريين ڪوڏ؟
هُوءِ جي چُونئي“ٻوڏ!”، ته دران تون دور ٿيين.
(هتي عاشق جو اشارو پنهنجي پاڻ ڏانهن آهي) اي دوستن جي در جا ڪُتڙا! تون انهن سان ڪهڙي قسم جو پيا ٿو ڪرين؟ جي هُوءِ توکي چون ٿا”ٻُڏي مرُ!” ته تون در ڇڏيو هليو ٿو وڃين!

جني سندو آهيين، سي جي چُونئي”ڦِٺ!”،
ته ڪُتا! قريبن سين، ڀيري ٻڌ مَ بِٺ،
هُوءِ جي چُونئي“هِٺ!”، ته ڪاڻيارو ٿين ڪُڙم ۾.
تون جنهن جو(پياسي) آهين، جي اهي توکي”لعنت” وارو لفظ چون، ته اي دوستن جي در جا ڪُتڙا! تون انهن قريبن سان، هوڏ جو سنڌرو ٻڌي نه بيھ، جي هُو توکي چون”هيٺ ٿيءُ!”، ته تون ڪاڻيارو ٿي پوندين ڪُڙم ۾.

جني سندو آهيين، سيئي چُونئي”هڙ!”،
ته ڪتا! قريبن سين، دعويٰ پئي مَ دڙ،
جني وِڌوءِ وڙ، وريو عاقي ٿئين ان سين.
تون جنهن جو (پنهنجو) آهين، جي اهي توکي”هُوڙھ!” يا”هِش!” وارو دڙڪو ڏين، ته اي دوستن جي در جا ڪُتڙا!تون انهن قريبن سان، دعويٰ جي زورآزمائي نه ڪر، جن تو سان احسان منديءَ وارو وڙ ڪيو، وري نافرمان به ٿئين ٿو انهن جو!

جني سندو آهي، سي جي چُونس”آءُ!”،
ته لُڙ، لهريون ۽ واءُ، ڪُتي سڀ قبوليا.
هي (قربدار) ڪُتڙو، جن مالڪن جو پنهنجو آهي، جيڪڏهن اهي، ان کي چون”هليو آءُ!”، ته گوڙ گھمسان، طوفان ۽ وڏيون ڇوليون، ڪتي کي سڀ قبول آهن.
اي ڪُتڙا! تون قربدار قريبن سان، سامهون سنڌرو ٻڌي نه بيھ، تون جن جو پنهنجو آهين، سي توکي چون ٿا”هيٺ ٿيءُ!”، جن توکي ڏسڻ واريءَ اک ڏني، وريو نافرمان ٿئين ٿو انهن جو!

ڪتو چئي”قريب جا، آهيون ساڌ صحي،
پِهرين بات بَهِي، پُڇون پوءِ پانڌين کي”.
ڪتو چوي ٿو ته” اسين سهڻي سڄڻ جا، صفا صحي ۽ سچا ايماندار ( نوڪر) آهيون، اُٿندي شرط پهريان ڀَونڪون ٿا، ان کان پوءِ ڏسون ٿا ته اِهي مسافرڪير آهن؟”.

نڪين آهيون چُوهڙا، نڪين آهيون چور،
هاڱاما ۽ هور، ڪتا! ڪريين ڪن تي؟.
اسين نڪين آهيون چُوهڙ باز وانگر شڪاري ۽ نڪين آهيون ڪنهن جا چور، اي ڪتڙا! اهي هُل هانگامان، هورا کورا ۽ حشريون، ڪنهن جي لاءِ؟ ۽ ڪنهن تي ٿو ڪرين؟.

ڪُهين تان آپ ڪُھُ، ڏس مَ چُوهڙيان،
سندا آهيڙيان، آن نه سهندي هٿڙا.
(منهنجا محبوب پرين!) جي ڪُهڻ چاهين ته تون پنهنجو پاڻ (پنهنجن هٿن سان) ڪُھُ! شڪارين کي ڏَس نه ڏي، اهي جيڪي ماري آهن، آئون انهن جا هٿڙا قطعي ڪو نه سهندي!

ويٺي آهي واٽ تي، ڪُتِي ڪُتي وٽ،
پوتيون پانڌيئڙن جيون، چيريو ڪري چٽ،
جا گُلر ۾ گھٽ، سا پُونچِي ٿي پُوريون ڪري.
(هي بيت خليفي نبي بخش”قاسم” لغاري جو آهي) ڪُتِي، پنهنجي ڪُتي سان گڏ، واٽ تي(گس جھليو) ويٺي آهي، جيڪي پانڌيئڙا مسافر اچن وڃن ٿا، انهن جيون پوتيون ۽ ڪپڙا، چِيريو، ڦاڙيو، چٽ ڪريو ٿي ڇڏي، جيڪا پنهنجي گُلر ۾ گھٽ آهي، (بي بنيادي آهي) اُها پُونچِي(ڪُتِي) جُٺيون ڪريو ٿي ڇڏي!

جاڳايس جنبور، ڪُتي قريبن جي،
بهِي، بهڪِي اُٿيو، گھڏي منجھان گھُور،
سڀ لاٿائين سُور، گري هن غريب جا.
قريبن جي جنبوري ڪتي، (ڀَونڪِي ڀَونڪِي) نيٺ منهنجي مٺڙي محبوبن کي جاڳائي وڌو، گھُور ننڊ مان گهلجي سهلجي، بهي ڀَونڪي اُٿيو، (مٺڙن محبوبن جي اُٿارڻ سان) مون گري غريب جا سڀ سُور لاهي ڇڏيائين.

ماٺ ڪِيو مارينس، ڪُڇُ پُڇُ ڪُتي سين ڪِينَ ڪِين،
پائي ڳٽ ڳچيءَ ۾، در دوستن ڪارينس،
سا پر سيکارينس، جئن بهڻ کان بس ڪري.
ماٺ ڪيو پيو اُن ( نفس) کي مار، اِن ڪاري ڪُتي سان، ڪُڇڻ پُڇڻ ڇڏي ڏي، اِن کي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجھي، دوستن دي در ڏانهن پيو گهلينس، عادت اُها سيکارينس، جيئن ڀَونڪڻ کان بس ڪري وڃي.
شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“شينهن ڪيڏاري” کي، رسالي جو ڪلام سمجھيو ويو آهي. هن سُر جي پهرين داستان ۾، ڪيهر شينهن جي عادتن ۽ اُصولن جو احوال اوريل آهي. ٻئي داستان ۾ تازي گھوڙي، شقري باز ۽ ڳجھن جي اصولن بابت بيان قلمبند ڪيل آهي. ٽئين ۽ آخري داستان ۾ وري ڪتي جي وفاداري ۽ بيوفائيءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيل آهي. جنهن مان انسان ذات جي لاءِ، ڪيترائي نصيحت ڀريا ناياب گوهرگُل دستياب آهن. خصوصا آخري بيت ۾، ڪتي جي تمثيل سان، انساني نفس کي نيچو نوائڻ ۽ اُن کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ پارائڻ جو حقيقي درس ڏنل آهي. هن سُر کي صحيح طور سمجھڻ سان، انسان پنهنجو آئيندو ۽ اڳوتر، بهتر نموني سان سنواري ۽ سينگاري سگھي ٿو.

33. سُر“هير رانجھي” جو فلسفو

33. سُر“هير رانجھي” جو فلسفو

“هير رانجھو” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”هير” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“ٿڌڙي هوا” يا”وڻندڙ هوا”. صفت ۾”هير” لفظ جي معنيٰ ٿيندي”سُهڻي”،”حَسين”،”خوبصورت”،”وڻندڙ” ۽”دلپسند” وغيره.”رانجھو، رانجھا يا رانجھن” سرائيڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”پيارو” يا”سهڻو” وغيره.
“هير” ذات جي سيال ۽ جھنگ شهر جي رهاڪو هئي ۽”رانجھو” تخت هزارا شهر جي رئيس جو پٽ هيو، جيڪو جھنگ سيال ۾ هير تي عاشق ٿيو.
شاھ جي رسالي جي هن سُر ۾، جيڪي بيت يا ڏوهيڙا شامل ڪيا ويا آهن، انهن جو شاعر“نورنگ” نالي هڪ لغاري آهي، جيڪو ديري غازي خان جي پاسي جو ويٺل هيو. هنن بيتن ۾، سرائيڪي سُرن ۽ آلاپن جو استعمال ڪيل آهي. جن ۾ مجاز ۽ محبت جي دانائيءَ ۽ حڪمت جا موتي مڙهيل آهن. هڪ بيت ۾ هير فرمائي ٿي،”اي ميان رانجھا! منهنجا تن ۽ من، محبت جي مامري ۾، اهڙيءَ ريت ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل آهن، جهڙيءَ ريت درزيءَ، ڪپڙي کي ڪٽي، ان جون ليرون ليرون ڪري ڇڏيندو آهي، آئون انهن ليرن(ٽڪڙن) مان ڪفني سبائينديس، پوءِ اها ڪفني پائي، ڦيريدار فقيرن سان گڏ، تنهنجي ڳولا ۾ پئي ڦِرنديس. اي منهنجا رانجھن سائين!منهنجي لاءِ ته تو جهڙو، هن جهان ۾ ٻيو ڪو سهڻو ڪو نه آهي، پر مون جهڙيون تنهنجي لاءِ لکين لک هيرون حاضر آهن”.
اسان لوڪان دي ڪاڻ نه ڪائي، لوڪ اسان تون وڳي،
ٻڪرِي وانگي آپ ڪُهايوسي، بي قدران دي اڳي،
ڪڍ ڪتاب قاضي! کول مسئلا،”عشق شرع ڪيا لڳي”؟
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو نالو”هير” آهي. پنجاب ۾،”سُر هير” هڪ مخصوص لئي ۽ سُر ۾ ڳائجي ٿي. سنڌ ۾ فقير گھڻو ڪري هن سُر کي،”سُر مانجھ” ۾ ڳائيندا آهن.”هير” جي موضوع جون ڪافيون”سُر جوڳ” ۾ به ڳايون وڃن ٿيون.
هي شاھ جي رسالي جو ٽيٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 35 بيت، 12 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” رانجھن والا زهر پيالا، ڳُجھڙي آيم ڀاڄي” ۽ آخري وائي” دارون ڪيٿي لاوان؟ وي ميان! مين در در رانجھن دي سينڌي” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

مَردي آن، مَرويسان رانجھن!مين، تون هير سڏيسين ڪَين نُون؟
تيڏا شوق نال منجھِين دي، چوٽڪ لايئي مَين نُون،
ڳلِي اساڏي آ ميان رانجھا! ول ول تاءَ نه مينون،
تو جيها مينون اور نه ڪوئي، مَئن جيهيان لک تَينون.
اي منهنجا رانجھن سائين! منهنجو ساھ ٿو نڪري، آئون مري وينديس، مون کان پوءِ تون”هير” سڏيندين ڪنهن کي؟ تنهنجو سمورو شوق ۽ ڌيان، مينهن چارڻ سان آهي، مون کي ته محبت جو مچ ۽ الفت جو آڙاھ لڳائي ڇڏيو اٿئي، اي منهنجا رانجھن سائين! ڪڏهن اسان جي ڳليءَ ۾ اچي ڦيرو ڪري وڃ، مون کي هر هر ايئن نه ساڙ ۽ نه جلاءِ، تو جهڙو منهنجي لئي ٻيو ڪير به نه آهي، پر مون جهڙيون لک آهن تنهنجي لئي.

تن ڀِي ٽُڪڙا، من ڀِي ٽُڪڙا، جِيُون درزيان ديان لِيران،
اِين لِيران چُون ڪفنِي سِيسان، چَلسان نال فقيران،
تو جيها رانجھا! اور نه ڪو ئي، مَئن جيهيان لک هِيران.
منهنجو تن به ٽُڪڙا ٽُڪڙا ۽ من به ٽُڪڙا ٽُڪڙا آهي، جهڙيءَ ريت، درزين جون ڪٽيل ڪپڙي جون لِيرون هونديون آهن، آئون انهن (ڪٽيل) لِيرن مان ڪفنِي(ننڍڙي چوليءَ) سِبنديس ۽ گدائي فقيرن سان گڏ پئي هلنديس، اي منهنجا مٺڙا رانجھن سائين! تو جهڙو سهڻو هن جهانَ ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي، پر مون جهڙيون لکين لک ٻيون ٻانهيون (هيرون) آهن.

رانجھن هووي بحري شقرا، مئن بن بن طعاما ٿيوان،
ڪري ڪُلاٽا لي جاوي، مينون کاوي تان مئن جيوان.
منهنجو مٺڙو رانجھن، بحري باز هجي، آئون وري وري پئي خوراڪ ٿيان، هُو مون تي حملو ڪري، مون کي جھڙپ ڏيئي جھٽي، هُو مون کي کائي ته آئون پئي جِيئان.
چوٽي چُوڻي مک نه دلبر! ڇوڙ ته هوون سادي،
ڏُون نيڻان دي ويکڻ ڪيتي، وسيهر نانگ وراڌي،
جي ڀَني، سي ڀڄ ڇُٽي، اَئون جي کڙي، سي کاڌي!
منهنجا مٺڙا دلبر سائين! پنهنجن وارن جا چوٽا، تيل ڦُليل سان نه مک، ڇڏي ڏي ته اهي ڀل هجن سادا ۽ رُکا، ٻن نيڻن جي نهارڻ خاطر، اِهي آهن شوخ ۽ ڏمريل نانگ زهريلا، جيڪي ڀورا ٿي ڀڳا، سي ڀڄي ڇُٽا ۽ جيڪي بيهي رهيا، اُهي ڪَرڙجِي ۽ ڪاٽجِي ويا.

داغ درونِي، سَوز ماهي دا، گھن قبر وچ ويسان،
سيج کيڙي دي مُور نه ماڻا، جي وچ دوزخ سڙسان،
مُنڪر تي نڪيراڳون، مئن حرف اِهو گھن پڙهسان،
“جي شَھ رانجھا مين نون ميلو، جو شھ آکيا ڪرسان”،
رُخصت ٻاجھون يار ماهي دي، وچ جنت نا وڙسان.
مٺڙي ماهي جِي سڪ ۽ سَوز جو، اندروني گھائُو داغ کڻي، آئون قبر جي اندر داخل ٿي ويندي، کيڙي جي سيج مُور نه ماڻيندي، توڙي جو دوزخ جي اندر اُڇلائِي ويندي، مُنڪر ۽ نڪير جي اڳيان، آئون حرف اهو هڪڙو وٺي پڙهندي،”جي شاھ رانجھن مون کي ملايو، ته پوءِ جيئن شاھ فرمايو، آئون اُوئين ئي ڪندي”، يار ماهيءَ جي رخصت ۽ اجازت کان سواءِ، آئون جنت جي اندر قطعي ڪو نه ويندي!

ڪڍ نه ڪاتِي، ڏي نه دڙڪا، مئن ڪُسڻ قبول ڪريسان،
ماهِي ڪِيتي مرڻ قبوليا، کيڙيان مُول نه ويسان،
جي ميان رانجھا سڏ ڪريسي، ڪُٺڙيائي سڏ ڏيسان.
ڪاتِي ڪڍِي نه ڏيکار، دڙڪا نه ڏي، آئون ته ڪُسڻ قبول ڪندي، ماهِي خاطر، مون مرڻ قبوليو آهي، کيڙي ڏي مُور نه ويندي! جي ميان رانجھن مون کي سڏ ڪندو، ته آئون ڪُٺڙِي ئي سڏ ڏيندي.

سُڻ ميان رانجھا! هڪ اساڏي،،”ڦيرا پاءَ ڪڏاهين،
آئي هي رُت ماھ سانوڻ دي، چُليان ڦُلڻ وائين،
مُنهن ويکڻ ڪون اکيان سِڪن، ڳل لڳڻ ڪون ٻانهين.
اي ميان رانجھن سائين! هڪ ڳالھ اسان جي ٻُڌ!” ڪڏهن ڦيرو ڪري وڃ، موسم ماھ سانوڻ جي موٽي آئي آهي، گُلن ڦُلن جون هوائون گڏو گڏ گھُليون آهن، تنهنجي منهن ڏسڻ لئي اکڙيون سِڪن ٿيون ۽ ڳل ڳيراٽڙين لاءِ ٻيئي ٻانهون”.
شاھ جي رسالي جي، هن سرائيڪي سُر ۾، شاعر نورنگ فقير لغاريءَ جا، اهڙا ته درديلا ۽ فراق ۾ پوتل دوهيڙا شامل ڪيل آهن، جو پڙهندڙ کي، پنهنجو جوڀن ۽ جوانيءَ وارو وسريل زمانو وري ياد اچي وڃي ٿو.”ٻڪري وانگي آپ ڪُهايوسي، بيقدران دي اڳي”،”نال پِنبڙيان دي ڌاڳي وٽيي، هار هنجھون دا پوتا”،”ڪالا نانگ تنهان ڪُون کاوي، جِنهان دليان دوست وساريي” وغيره. هن سُر ۾ شامل ڪلام، شاھ صاحب جو ڪلام ڪو نه آهي، البت شاھ جو رسالو ترتيب ڏيڻ مهل، هن سُر کي جو شامل ڪيو ويو، ته هاڻي اهو سُر، ڇٽيھ سُرن واري شاھ جي رسالي جي سُونهن ٿيندو رهي ٿو. جنهن مان پريت جي پياسين جِي، پياس اُجھائڻ ۾، ڪافي مدد ملندي رهي ٿي.

34. سُر“بَيراڳ هندي”جو فلسفو

34. سُر“بَيراڳ هندي”جو فلسفو

“بَيراڳ هندي”ٻن ڌار ڌار لفظن جو مرڪب آهي، اهي ٻيئي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهن.”بَيراڳ”لفظ جي لغوي معنيٰ آهي“ويراڳ”،”سنياس”،”غمگيني”،”اُداسائي”،”مايوسي” يا”وڇوڙو” وغيره.”هندي” لفظ جي لغوي معنيٰ آهي”هندوستان وارو”. ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي”هندوستاني ويراڳ”. هن سُر ۾ ڪيترن ئي شاعرن جا دوها ۽ بيت شامل آهن. جيڪي ويراڳ ۽ وڇوڙي واري مذڪور کي منور ڪن ٿا. البت انهن دوهن ۾، نصيحتن ۽ ڀڄنن جو وڏو ڀنڊار ڀريل آهي.”مورک ڪو متيان ديتي، گيان ڪاٽا جاءِ، ڪوئلا ڪڀون نه اُجلي، جي سَو من صابن لاءِ.” جڏهن هن سُر جي درديلي ۽ ويراڳي دوهن تي اينداسين ته انهن جو رس ۽ چس ئي ٻيو ۽ اَور نموني جو آهي.
ساجن هماري پاس رهي، دن ٿوڙي دس بيس،
ايڪ ايڪ هووي لاک برس ڪا، ايسي هوون دن تيس.
ڪاگر ٿوڙا، نينهن گھڻا، مس سُون لکا نه جائي،
ساگر ڪا پاني، گھاگھر ۾ نه سمائي.
هڪ دوهي جي معنيٰ آهي ته” چمار جي گھر چندن جو ٻُوٽو اُگيو(پيدا ٿيو)، ته چمار ان تي هر هر وڃيو چمڙو (ڇوڙو) ٽنگي. چندن ويچارو ڇا ڪري؟ جو هاڻي ته هن جو نيچ ماڻهوءَ سان ڪم ڦاسي ويو آهي”. اها انسان جي لاءِ، هڪ وڏي نصيحت آهي ته اگر انسان ڪنهن خراب (ڪُڪرمي) ماڻهوءَ سان دوستي رکندو يا نيچ ماڻهوءَ سان نينهن لڳائيندو ته ان تي به اهڙو ئي اثر ٿي ويندو ۽ اهو هر هر پيو ان وٽ بيمانو ٿيندو.
راڳ جي لحاظ سان، سُر“بَيراڳ هندي” اُهو سُر آهي، جنهن ۾ ويراڳ( يعني برھ ۽ وڇوڙي) وارا درديلا آلاپ اُچارجن ۽ ڳائجن ٿا.”بَيراڳ هندي” شاھ جي رسالي جو چوٽيهون نمبرسُر آهي، جنهن ۾ 161 بيت، 10 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” پَک نهين، پانور نهين، پَهُچ نهين، پِيَّ دور” ۽ آخري وائي” ايڪ هي رَين رهو بابو ! دوجي رات رهو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

پک نهين، پاور نهين، پَهُچ نهين، پِيَّه دُور،
اُڏر نه سڪان سکيان! مران سُور بَسُور.
مون کي کنڀ به نه آهن، طاقت ۽ زور به ڪونهي، پهچڻ جو وسيلو به ناهي ۽ منهنجو پيارو پرينءَ به دور رهي ٿو، اي منهنجيون سهڻيون سرتيون! آئون اُڏامي به نه ٿي سگھان، بس سورن مٿان سور سهيو پئي ڦٿڪان.

ساجن گئي، دو دن ڀئي، مين جانو ورس پچاس،
ڀولي پڇي پنڊتان،”دن مين ڪتني ماس؟”.
منهنجو سهڻو ساجن هليو ويو، جنهن کي ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن، آئون سمجھان ٿي ته پُورا پنجاھ سال گذري چڪا آهن، آئون بيوَقوفن وانگر پنڊتن کان پڇندي وتان ته،” هڪڙي ڏينهن ۾ ڪيترا مهينا ٿيندا آهن؟”.

چمار ڪي گھر چندن گيا، نِت نِت ٽانڪي چام،
چندن بچارا ڪيا ڪري؟ جب چرا نيچ سين ڪام.
چمار(ڊيڍ) جي گھر(اڱڻ تي) چندن جو ٻُوٽو اُگيو، (ڄميو يا پيدا ٿيو) چمار اُن چندن جي ٻُوٽي تي، وري وري وڃيو ڇوڙو ٽنگي، چندن ويچارو ڇا ڪري؟ ڇو جو هاڻي ته هُن جو نيچ (ڪم ذات) سان واسطو پئجي ويو آهي.

پِي پِي ڪر نه پپيها! پيّه ڪا نام نه لي،
مت ڪو وادي هو برھ ڪا، جو پيّ سُني جيءَ دي.
اي پپيها! تون هر هر”پِي پِي” نه ڪر، منهنجي پيَّه جو نالو نه وٺ!متان ڪو برھ جو بيمار هجي؟ جيڪو پِي جي ٻولي ٻُڌي ۽ سندس ساھ نڪري وڃي.

بِرھ بُرا مت ڪو ڪهي، برھ هئي سُلطان،
جس گھٽ برھ نه سپجي، او گھٽ هئي مسان.
عشق کي خراب ڪير به نه سمجھي، عشق آهي سراسر سُلطان(بادشاھ)، جنهن جاءِ تي عشق ۽ پيار ڏسڻ ۾ نه اچي، سمجھو ته اُها جاءِ، ڦِٽل قبرآستان آهي.

مرنا مرنا هر ڪوئي ڪهي، مرِي نه جاني ڪوءِ،
ايڪ وار ايسا مرِئي، جو ڦر نا مرنا هوءِ.
مرڻ جون ڳالهيون ته هر ڪو ئي ڪري ٿو، پر ڪير به مري ڪو نه ٿو ڄاڻي، هڪ دفعو اهڙي ريت مري وڃجي، (من کي ماري ڇڏيو) جو پوءِ وري (اوهان کي) مرڻو ئي نه پوي.

ساجن ميرا ايڪ هئي، دوجا ڪرون نه ڪوءِ،
دوجا ساجن تب ڪرون، جب ڪل دوجي هوءِ.
منهنجو سهڻو ساجن ته هڪڙو ئي آهي، آئون ٻيو ڪو به (ساجن) ڪو نه ڪندي، ٻيو ساجن تڏهن ڪريان، جڏهن خيال ڪو ٻيو پيدا ٿئي.

سڀ جڳ ٻانڌا ڪاچي ڌاڳي، ڪو ئي ورلا ڇُوٽا،
اَوجھڙ چليا سو گام پهتا، راھ چليا سو لُوٽا.
سارو جڳ جهان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌو (پوتو) پيو آهي، ڪو وِرلي اُن مان آزاد ۽ ڇُٽل هوندو، جيڪو اوجھڙ مان ويندو، سو منزل ماڻيندو، جيڪو سڌو ۽ شاهيءَ رستو وٺندو، سو لٽجي ۽ ڦرجي ويندو.

ساجن هماري پاس رهي، دن ٿوڙي دس بيس،
ايڪ ايڪ لاک برس ڪا، اَيسي هوون دن تِيس.
سهڻو ساجن، اسان وٽ ٽِڪِي(رهي) پوي، فقط ٿورڙا ڏھ ويھ ڏينهن، هڪ هڪ (ڏينهن) هجي لک سالن جو، اهڙا هجن صرف ٽيھ ڏينهن.

پِيتم! پريت لگاء ڪي، ديسان دور نه جا،
رهُ هماري نگري، مَين مانگون تم کاء.
منهنجا پيارا پريتم!تون نينهن لڳائي، ملڪ ڇڏي پري پرديس هليو نه وڃ، تون اسان جي ڀر (آس پاس) ۾ رهي پئو، آئون گداگريءَ ڪري اچان، تون ويهي کاءَ.

پِيتم! اَيسي پريت ڪرو، جيسي ڪک مسيت،
لاتون ساٿ لتاڙيي، ڇوڙون ناھ پريت.
منهنجا پيارا پريتم! تون اهڙي پريت ڪر، جيئن مسيت جو ڪک ڪري ٿو، جيڪو لتن سان پيو لتاڙجي، پر پريت جو نالو ئي نٿو ڇڏي.

پِيتم! اَيسي پريت ڪرو، جَيسي ورک ڪرن،
آپ جلن سر ڌوپ ۾، اَوران ڇان ڪرن.
منهنجا پيارا پريتم! تون اهڙي پريت ڪر، جيئن وڻ ۽ ٻوٽا ڪن ٿا، هو پاڻ سڄو ڏينهن سراسر اُس ۾ سڙن ٿا، پر ٻين کي ڇانهن ڪندا آهن.

ڪبيرا! ڪل جُڳ پڙا، ساڌو بني نه ڪوءِ،
ڪامي، ڪروڌي، مسڪرا، تس ڪي پوجا هوءِ.
اي ڪبيرا! هي ڪل جُڳ پيو هلي، هن(جُڳ) ۾ سچار ۽ انسان دوست ٿيڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي، جيڪي پاپي، فسادي، ڪُڪرمي ۽ مشڪرا آهن، انهن جي حاضري، خدمت ۽ بلي!بلي! پئي پوي.

ساڌُوچليا، ٺڳ رهيا، ٺڳ ڀي چلڻهار،
آئي اُسي ڪي وار، جو ساچي ڪون جھوٽا ڪهي.
سچار ۽ انسان دوست ماڻهو ختم ٿي ويا آهن، فقط ٺڳ رهجي ويا آهن، هاڻي ته ٺڳ به وڃڻ وارا آهن، هاڻي انهن کي وارو ملي ويو آهي، جيڪي سڄو ڏينهن ٻين کي ڪُوڙو چوندا وتن.

سُپنا! تم جُوٺا هئي، جُوٺا سارا انيڪ،
جب سوئون تب دو جني، جب اُوٺون تب ايڪ.
اي ننڊ ۾ ڏٺل خواب! تون بلڪل ڪوڙو آهين، بلڪهِ سڄو سمورو سراسر ڪوڙو آهين، جڏهن سمهان ٿو، ته (خواب ۾) ٻه ڄڻا هوندا آهيون، جڏهن جاڳان ٿو ته هڪڙو هوندو آهيان.

سُپنا! تم سلطان هو، اُتم تيري ذات،
سَو ڪوهين ساجن بسي، مُجھ آڻ ملاوي رات.
اي ننڊ ۾ ڏٺل سهڻا سُپنا! تون سراسر سلطان ۽ بادشاھ آهين، تنهنجي اعليٰ ۽ اُوچي ذات آهي، منهنجو سهڻو ساجن، سَو ڪوهين دُور وسي ٿو، مون کي راتورات آڻي ملائيندو آهين.

ساڌُو ڪي سنگت ڀلي، بن مورک ڪا اخلاص،
ساڌُو ماري گُن ڪري، دل ۾ ڪري تپاس.
سچي ۽ انسان دوست ماڻهو جي صحبت ڀلي، مُورک، جاهل ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جو اخلاق کڏ ۾ پوي! سچو(انسان) ماريندو ته به ڳُڻ ڪندو، دل ۾ سوچي ويچاري پوءِ ايئن ڪندو.

ساچي جڳ راچي نهين، جُوٺا مڻي نه رام،
ڪهو ڪبيرا! ڪَيسي بنون؟ دونون ڀاري ڪام.
سچار ماڻهو، جڳ جهان کي وڻن نه ٿا، وري ڪُوڙا ماڻهو، خدا کي بهتر نٿا لڳن، اي ڪبيرا! صلاح ڏي ته آئون ڪهڙو ٿيان؟ ڪم ته ٻيئي ڳرا آهن.

سانچ برابر تپ نهين، جُوٺ برابر پاپ،
نانڪ! جس هردي سچ بسي، اُس ڪي هردي آپ.
سچ جي برابر ڪا به عبادت ڪانهي، ۽ ڪُوڙ جي برابر ڪو به گُناھ! اي”نانڪ!” جنهن جي دل ۾ سچ هجي ٿو، اُن جي من ۾ مالڪ پاڻ وسي ٿو.

تُم داتا، جڳ منگتا، تيري بڙي بلي دربار،
تُم قلندر، ڪُل ڪا ڌني، هم پل پل ڪرون پُڪار.
تون ڏيهن جو ڏاتار آهين، جهان سارو توکان طلبيندڙ آهي، تنهنجي درٻاربيشڪ! وڏي ۽ طاقت واري آهي، تون قلندر کي به ڏيڻ وارو مالڪ ۽ سڀني جو صاحب آهين، اسين پل پل توکي پڪاريندڙ آهيون.

آٺ پهر، چَوسٺ گھڙي، لوهُو برست نين،
“سمن” برڇي پريم ڪي، جب لاگي تب چَين.
اٺئي پهر ۽ چوهٺ گھڙيون، منهنجا نيڻ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا آهن، اي”سمن!” جڏهن پريم جي بڙڇي لڳي ويئي، تڏهن مون کان چَين هليو ويو.

ڪاغذ نهين، ڪه مس نهين، ڪه ديس تمهاري ريت؟
لکڻ سُون آرس ڀيا، ڪه گھٽ مان گئي پريت؟
ڪاغذ ڪونهي؟ يا مس ڪونهي؟ يا توهان جي مُلڪ وارن جي اها رسم آهي؟ (خط) لکڻ کان سُستِي چڙهيل آهي، يا مورڳو اوهان جي علائقي مان، پريت ئي موڪلائي ويئي آهي؟

ڌرتي سڀ ڪاغذ ڪرون، ليکڻ ڪرون ونراھ،
سارا سمندرمس ڪرون، تان ايڪ گُن لکيانه جاءِ.
ساري ڌرتيءَ کي ڪاغذ ڪريان ۽ قلم ڪريان سارا وڻ ۽ ٻيلا، سمونڊر سمورا مس ڪريان، تڏهن به تنهنجو هڪ ڳُڻ لکي پورو ڪري نه ٿو سگھجي.

دادو!دعويٰ ڇوڙ دي، ته هووي خير ڪا خير،
نه ڪسي ڪي دوستي، نه ڪسي ڪا بير.
اي“دادو!” تون(حرص و هوا جي) دعويٰ ئي ڇڏي ڏي، ته ٿئي هر ڪنهن جو خير، نه ڪنهن سان رهي تنهنجي دوستي، نه ڪنهن سان تنهنجو وير.

ساڌ سڏاوڻ ڪٺن هئي، مت ڪوئي ساڌ سڏاءِ،
ساڌو تب سڏائيي، جب جيتا هي مر جاءِ.
ساڌو سڏائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، متان ڪو ساڌو سڏائي، ساڌو تڏهن سڏائڻ گھرجي، جڏهن جئري ئي مري وڃجي.

سجن پي بهوت، نالي ملي انيڪ،
جس ديکي ڇاتي ٺري، سو لاکن ۾ ايڪ.
سڄڻ به گھڻا ئي آهن، نالا ملن ٿا بيشمار، جنهن جي ديدار سان دلڙي ٺري پوي، سو لکن ۾ ڪو هڪڙو هوندو آهي.

ڌن ڌن مڙهي ساڌو ڪي، جس ۾ اُٺت بيٺت رام،
اور منک سُون کر ڀلا، جو هينگ بتاوي گام.
ساڌو جي مڙهي ته بلي! بلي! جنهن ۾ اٿندي ويهندي”رام! رام!” پئي پوي، اهڙن ماڻهن کان ته گڏھ ڀلو آهي، جيڪو هينگ سان منزل جو ڏس ڏئي ٿو.

نه من هلي، نه مالا هلي، نه مک سي بولي رام،
انتر ڪي گٺ لگ رهي، تو ڪيا بڪن سين ڪام؟
نڪو من هلي ٿو، نڪو تسبيح ڦري ٿي، نڪو منهن منجھان مالڪ جو نالو ٿو وٺجي، جيڪڏهن اندر جِي ڳنڍ لڳل رهي، ته”مڻ مڻ” ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟.

بلبل رووي رين دن، ڪهان ڀئي گلزار؟
اُن ڪُون قيامت آج هَي، جِن ڪُون بڇڙي يار.
بلبل ويچاريءَ رات ڏينهن روئي ٿي، ته”گل و گلزار ڪٿي آهن؟”، انهن جي لاءِ ته اڄ ئي قيامت آهي، جن جا يار وڇڙي ويا آهن.

ڪوا! سڀ تو کائيي، چُن چُن کائيي ماس،
دو نينان مت کائيي، پيا ملن ڪي آس.
اي ڪانگلڙا! منهنجو سڀ ڪجھ تون کائي ڇڏ، چونڊي چوندي ماس کاءُ، منهنجا ٻه نيڻ نه کائجانءِ، (ڇو جو) انهن کي، پياري پرينءَ ملڻ جي آس آهي.

ڪاگر ٿوڙا، نينهن گھڻا، مس سون لکا نه جاء،
ڇاگر ڪا پاني، گاگھر ۾ نه سماء.
ڪاغذ ٿورڙا آهن، نينهن گھڻو آهي، جيڪو مس سان لکي پورو ڪري نٿو سگھجي، جيئن سمونڊر جو پاڻي، دلي ۾ نٿو سمائي سگھجي.

جل ٿوڙا، نينهن گھڻا، لڳا پريم ڪا ٻاڻ،
“پيتم! پيتم!” ڪر رهي، اس پر گيا پراڻ.
سمونڊر جو پاڻيءَ ٿورڙو آهي، نينهن گھڻو آهي، مون کي اهڙو پريم جو قهري ڪانَ لڳو آهي،”پريتم! پريتم!”ڪندي ڪندي، ان تي منهنجو ساھ هليو ويو آهي.

آھ ڪرون تان جر جلي، مُشڪ جھنگل جل جاء،
پاپي جيوڙا نه جلي، جس ۾ آھ سماء.
آھ ڪڍان ته سمونڊر جو پاڻي ٻڙڪِي وڃي، جي ٿورڙو مسڪرايان، ته جھنگل ۽ ٻيلا سڀ ٻري وڃن، هيءُ منهنجو پاپيءَ جيوڙو (جسم) نٿو جلي، جنهن ۾ اها آھ سمايل آهي.

“ڪبير!” ڪوٺي ڪاٺ ڪي، آگ لگي چَوڌار،
مَھِ پڙيا، سو او ڳريا، چليا ديکڻهار.
اي”ڪبير!” (هي دنيا ايئن آهي، جيئن) ڪاٺ جي ٺاهيل ڪوٺي، جنهن کي چَوڌاريءَ باھ لڳل هجي، جيڪو به (سامان) اندر آهي، اهو سڙي پيو، ڏسڻ وارا ڏسيو پيا وڃن.

چَڪِي ڦرتي ديک ڪر، کڙا ڪبيرا روءِ،
دو پڙان ڪي بيچ ۾، ساجا رهيا نه ڪوءِ.
چڪيءَ کي ڦرندو ڏسي، ڪبير روئي بيٺو، (سوچي ٿو ته) پٿر جي ٻن پڙن درميان، ڪو به (داڻو) سڄو سلامت ڪو نه رهيو.

چَڪي ڦرتي ديک ڪر، مت ڪبيرا! رو،
جس ني کونٽا پڪڙا پريم ڪا، ساجا رهيا سو.
اي ڪبير! چڪيءَ کي ڦرندو ڏسي، ڪو ئي غم نه ڪر، جنهن (داڻي) پريم (ڪِيل) جو پاسو مظبوط ڪري جھليو، سو صحيح سلامت رهندو.

پيتم! پريت اڇا ڪي لائي، تو دک پاءِ،
سيوا ڪري ببول ڪي، انب ڪهان سون کاءِ؟
اي پريتم! تون مرضيءَ جي محبت ڪندين، ته دک پائيندين، پوڄا (خدمت) ڪندين ٻٻر جي، ته انب ڪٿان کائيندين؟

چندن! تيري باس ۾، موهي سڀ بنراه،
جَيسي تَيسي لاڪڙي، تيري نام بڪاء.
اي چندن! تنهنجيءَ خوشبوءِ ۾، سارا وڻ ۽ جھنگل واسجي ويا آهن، هاڻي جهڙي تهڙي ڪاٺڙي، تنهنجي نالي تي پئي وڪامجي.

ساڌو! جھنگل ڪيا ڦرتا هئي؟ جھنگل پاسي ڌُوڙ،
اُوپرچمڙي ڀيج رهي، انتر ڪُوڙا ڪُوڙ.
اي ساڌو! تون جھنگل ۾ ڇا جي لاءِ پيو ڦرين؟ جھنگل ۾ ته ڪجھ به ڪو نه رکيو اهي، تنهنجيءَ مٿان مٿان چمڙيءَ پئي چمڪي، اندر ۾ ته ڪُوڙو ڪُوڙ لڳو پيو آهين.

مُورک ڪُون متيان ديني، گيانَ ڪاٽا جاءِ،
ڪوئلا ڪڀُون نه اُجلي، جي سَو من صابن لاءِ.
مورک ماڻوءَ کي نصيحت ڪرڻ سان، اخلاق برباد ٿئي ٿو، (جيئن) ڪارو ڪوئلو ڪڏهن به سفيد نٿو ٿئي، توڙي جو سَو مڻ صابن سان کڻي ڌوئجي.

جانت ڪُون سڀ دُک هَي، اَجانت ڪُون سُکرام،
مورک بچارا ڪيا ڪري؟ جو پيٽ ڀرن سين ڪام.
ڏاهپ کي سڀ ڏک آهن، بي سمجھ کي سڀ سک، مورک ويچارو ڇا ڪري؟ جنهن جو رڳو پيٽ ڀرڻ سان ئي ڪم آهي.

بُرو قاصد! ميرا نامه، سجن ڪُون روبرو ديجو،
اگر احوال پوڇي، تو تم جلدي سي رو ديجو.
اي قاصد! منهنجو خطڙو، وڃي سهڻي سڄڻ کي روبرو (هٿوهٿ) ڏجانءِ، اگر هُو منهنجو احوال پڇي، ته تون جلديءَ ۾ روئي ڏجانءِ.

چندن پاس اَرُو کرا، او پي چندن هوءِ،
سُڪي ڪاٺي سَرکنڊ جِي، واس نه ڇڏي توءِ.
چندن جِي ڀر ۾، اَرُو جو ٻُوٽو ڦُٽو، اهو به چندن وانگر (سُرهو۽ خوشبوءَدار) ٿي پيو، سَرکنڊ جي ڪاٺي، ڀلي سُڪي هجي، ته به اها خوشبوءِ ختم ڪو نه ڪندي آهي.

من ڪي مت، مت چليي، من اوران سون لي جاءِ،
من ڪون اِيو ماريي، جيون ٽوڪ ٽاڪ هو جاءِ.
من جي خواهشن تي متان هلو! من ٻئي پاسي وٺي هليو ٿو وڃي، پنهنجي من کي اهڙيءَ ريت ماري ڇڏيو، جو ٽوٽا ٽڪرا ٿي پوي.

چاکن ۾ سڀ ڪج هَي، ديکن ۾ ڪج ناھ،
ڪبيرا! اونر عجب هَي، جو ديک چاک رک جاء.
چکڻ ۾ سڀ ڪجھ آهي، ڏسڻ ۾ ڪجھ به ڪو نه آهي، اي ڪبيرا! اهو عجيب انسان آهي، جيڪو ڏسن ۽ چکڻ ٻيئي ڇڏي ڏي.

پٿر پُوجي، هر ملي، مئن پوجان پهاڙ،
اُس پٿر سون چڪي ڀلي، پيس کائي سنسار.
جي پٿر جِي پوڄا ڪرڻ سان مالڪ ملي، ته آئون پهاڙ جي پوڄا ڪريان، ان پٿر کان ته چڪي ڀلي آهي، جنهن سان اَن کي پينهي، سنسار سڄو کائي ٿو.

بهتا پاني نرملا، بانڌا گندا هوءِ،
سامي تو رمتا ڀلا، داغ نه لڳي ڪوءِ.
وهندڙ پاڻيءَ تازو ۽ ڀلو هوندو آهي، بيٺل پاڻيءَ بدبوءِدار ۽ گندو ٿي ويندو آهي، سامي فقير هلندڙ سهڻو لڳي ٿو، جنهن کي ڪو به داغ نه لڳندو آهي.
سُر“بَيراڳ هندي” جي، برھ ۾ بيتاب بيتن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، هن سُر ۾ شامل ڪلام، شاھ صاحب جو شعر ڪو نه آهي. بلڪهِ مختلف شاعرن جا بيت ۽ دوها داخل ٿيل آهن. انهن بيتن، دوهن ۽ واين ۾، جيڪو درد سمايل آهي، اُهو پنهنجو مثال پاڻ آهي.”بُرو قاصد! ميرا نامه، سجن ڪُون روبرو ديجو، اگر احوال پوڇي، تو تم جلدي سي رو ديجو”. علاوه هن سُر ۾، ڪيترائي نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ وارا اشعار آويزان آهن.”ساڌو ڪي سنگت ڀلي، بن مورک ڪا اخلاص، ساڌو ماري گُن ڪري، دل ۾ ڪري تپاس”،” چندن پاس اَرُو کرا، او پي چندن هوءَ”. يعني چڱي جي صحبت انسان کي چڱو بنائي ٿي ڇڏي.
اسان سُر“ بَيراڳ هنديءَ” جي، هر هڪ بيت ۽ دوهي کي، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي، هتي ڪوشش نه ڪئي آهي، طوالت سببان، چونڊ ڪلام جي شرح ۽ سمجھاڻيءَ کي شامل ڪري، شيخ اياز جي شعر وانگر، هن سُر کي مڪمل ڪيو ويو آهي ته“ هِي پيار ڪڻا، ٿورا به گھڻا، ڪئي آھِ پني مون پورت لوڪو! ڪجھ شاھ ڏني، ڪجھ شيخ ڏني، هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!”.

35. سُر“ڍول ماروي”جو فلسفو

35. سُر“ڍول ماروي”جو فلسفو

“ڍول ماروي” ٻن ڌار ڌار اسمن جو مرڪب لفظ آهي. اهي ٻيئي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهن.”ڍول” جي معنيٰ آهي”ڍولو”،”ڍوليو”،”ڍولڻ”،”لالڻ”،”ساجن”،”سُهڻو”،”موچارو”،”ملوڪ”،”معشوق”،”محبوب”،”منٺار” يا “دلدار” وغيره. انهن ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي”ڍول ۽ ماروي”.
هن سُر ۾، ڍول ۽ ماروي جي مشهور لوڪ داستان بابت بيت چيل آهن. ڍول گُجرات جو رهاڪو هو ۽ ماروي مارواڙ(جيسلمير) جي ويٺل هئي. ٻنهيءَ جو ننڍپڻ ۾ ئي مڱڻو ۽ نڪاح ٿيل هيو. جوان ٿيڻ بعد، ٻنهيءَ جي گڏجڻ ۾ دير ٿي ويئي، ته ماروي راڳيندڙ فقيرن کي راڳ سيکاري، ڍول جي محفل ۾ موڪليو. جن وڃي ان جي اڳيان، مارويءَ جي سُونهن سوڀيا ۽ جوان ٿيڻ بابت بيت چيا ۽ ڍول کي يادگيريءَ ڏيارائي.

ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڍولا نان ڪهيج،
ڪرسڻ پڪو، ڪڻ ڇڻيو، لائو آپ ڪريج.
اُڀي سُورج سامُهين، مٿو ڀري ميٽ،
تاس نه پني پيٽ، هيم ورني ماروئي.
مونهن ميٺي، گن ڪري، ڏيبُوءِ لڪڙيان،
انڌاري ۾ ڏيکجي، وِجُلي سانوڻيان،

روايت آهي ته اهڙي عاليشان راڳ ٻڌڻ کان پوءِ، ڍولو اُٺ تي چڙهي، ماروي جي ماڳ پهتو ۽ اچي پنهنجي مٺڙي ماروي ماڻيائين. خليفي نبي بخش”قاسم” لغاريءَ جو هڪ بيت آهي ته؛”سو ڍولو گھر آئيو، جن ڪي جوتي باٽ، مين ڍولي سي هنس ملي، کِلن لاگي کاٽ”. هن سُر ۾، آمان، آميان، اُتر واءُ، بُوند برسڻ، ڀنورا، تلڪ، ڏيبُوءِ، ڏيوڙا، سانوڻيان، سپيان، سُورج، ڦول، ڪاجل موهڻ، ڪرسڻ، ڪريهر، ڪمان، ڪُونجڙيان، کجور، وِجُلي، وڻ پڪا وڻيان ۽ هنجھن جهڙن انتهائي حساس ۽ شاندار لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال ٿيل آهي.
راڳ جي لحاظ سان، سُر“ڍول ماروي” يا”ڍول مارو”، ڪو الڳ سُر ڪونهي. هن کي، سُر”مارئي” وانگر، سُر”مانڍ” ۾ به ڳائي سگھجي ٿو.”ڍول ماروي” شاھ جي رسالي جو پنجٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 21 بيت، 2 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اُتر واءُ کوندي، پهلي موسم مينهن” ۽ آخري وائي” مليو مارو مون کي، حيلن چالن سان مليو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

اُتر ڏيسان آوڻيان، ڏکڻ ساوڻيان،
ڍولو نرور سيريين، ڌڻ ٻڪريان،
پُڇو ڪونجڙيان، ته ڪَونه هِياري سڄڻين؟
سانوڻ مند جون سهڻيون ڪڪريون، اُتر ملڪن (طرفن) کان اچن پيون ۽ ڏکڻ پاسي ڏانهن وڃن پيون، منهنجو محبوب ڍولو راجائي محلن ۾ آهي ۽ آئون ٻهراڙيءَ ۾، ڌڻ ٻڪرين سان آهيان، (سچي ڳالھ) ڪُونجڙين کان پڇي ڏسو ته”ڪير هنيين سان سِڪايل آهي؟ سهڻن سڄڻن لئي!”.

ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي بِيس،
سُتي ڍول سنڀرئو، اُرلِي ڀاڳي اِيس.
ڪونجڙين رات ڪڻڪاٽ پئي ڪيا، ويھ ويھ ٽولا پئي ويا، مون کي سُتي سُتي ڍولو ياد پيو، مون کان دروازي جي، مُهڙ واري مُکيه اِيس، جذبات ۾ ڀڄي پيئي.

ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڍولا ني ڪهيج،
“کرسڻ پڪو، ڪڻ ڇڻيو، لائو آپ ڪريج.”
اي راڳي فقير! جي توکي منهنجو ڍول محبوب ملي وڃي، ته اُن ڍولي کي چئجانءِ،”کرسڻ گاھ پڪو آهي، اُن مان انَ جا داڻا (ڪڻا) ڇڻن پيا ٿا، لابارو اچي پاڻ ڪر”.

ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڪَهِيي سين لج،
اکيان ڪاجل موهيان، تلڪ تسي پر بک،
پھ پھ بُوند پهوريين، اوسٽ اوسٽ لک.
اي راڳي فقير! جي توکي منهنجو محبوب ڍول ملي وڃي، ته اُن کي حجابي ۽ لڄ ڀريل لفظن سان مخاطب ٿجانءِ، (کيس چئجانءِ ته”ماروئي جون) سُرمي پاتل ڪجليون اکڙيون، موھ ۾ ڀرجي ويون آهن ۽ تلڪ نراڙ تي هاڻي پيو بکي ۽ چمڪي، پهرايل هڪ هڪ ٻڪريءَ تي، برسات جي بوند پئي برسي، پر ( ماروئي جي من تي)

ڏُڪار ۽ سوڪ جا لکين لک لامارا آهن”.
ڍولا! ماروئي پاتلي، جيسي رَين کجور،
مُنھ ميٺي، گُن گھڻي، تو ڪيئن ڇڏي دور؟
اي ڍولا! تنهنجي ماروئي، اهڙيءَ ته سنهڙي ۽ سهڻي آهي، ڄڻ کجور جي پتلڙي ڪا ٽارڙيءَ هجي، منهن منجھان مٺڙا مٺڙا ٻول ٻوليندڙ، گھڻن ڳُڻن ۽ اخلاقن واري، تو ڪيئن پرديس ۾ وساري ڇڏي آهي؟

اُڀي سورج سامهين، مٿو ڀري ميٽ،
تاس نه پني پيٽ، هِيم ورني ماروئي.
مٿي کي ميٽ لڳائي، سورج جي سامهون، سڌي بيٺي آهي، (جيئن پيٽ واريءَ عورت کي، ڪنهن شئي کائڻ جي ڇڪ ٿئي ٿي، تيئن) اُلفت جي اُڃايل، سوني رنگ جهڙي سُونهري سهڻي ماروئي.

من چئي، مِيرِي چڙهان، پڳ ڏي پاوَڻيان،
ڍولي سين واتان ڪران، ڳل ڏي ٻانهڙيان.
من چوي ٿو، ته”ڪکن ۽ ڪانن جي ٺاهيل کُڏيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهان، پنهنجا پير پَوڙيءَ تي ٺاهي ٺاهي رکان، ٻانهون ڳل ۾ ڏيئي، (ڳيراٽڙيءَ پائي) ڍولي سان ڳالهڙيون ڪريان”.

مُنهن مِيٺي، گُن ڪري، ڏيبُوءِ لَڪڙيان،
انڌارِيءَ ۾ ڏيکجي، وِجُلِي سانوڻيان.
منهن منجھان مٺڙا مٺڙا ٻول ٻولي، ڳُڻ ۽ ڀلايون ڀال ڪري، لڪ (چيلھ) اهڙي، ڄڻ ڏينڀُونءَ جي سَنَهڙي چيلھ هجي، گھُوپ انڌاريءَ رات ۾ ايئن ڏسجي، ڄڻ سانوڻيءَ رُت ۾، کنوڻ وِيلا ڏي!
محققن ۽ عالمن جي تحقيق موجب، شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“ڍول ماروي”، شاھ جو ڪلام ڪو نه آهي. البت ڪلام جي جوڙ جڪ ۽ مٺاس، مطالعي ڪندڙکي موهي وجھي ٿي.” اُر سِنگا، نُھ سِپيان، نَينَ ته وِنگٽ وِنگ، ڍول! تُمارِي ماروئي، هڻي ٻاڻ نِهنگ، ماري مُنڌ نِسنگ، چاڙهي سِينڱ مَلڪ جِئن”. سُر جي شروع ۾ ڏيکاريل قصو، هن ريت اختتام پذير ٿئي ٿو ته،” ڍولو نيٺ اچي پنهنجي ماروئي کي مليو”. هن سُر جي آخر ۾ ڏيکاريل وائيءَ جا ٻول،”ڍولي ۽ ماروئي” جِي اُنهيءَ محبت ۽ ميلاپ جا سنگِ مِيل ۽ ثُبوت آهن.” مِليو مارُو مون کي، حِيلن چالن سان مِليو. چَوڪِي چارِي ڪيترا، بِيٺا واٽون جھليو. ساري سُپيريَنِ کي، جيرو منهنجو جليو. گھر جو محرم منگتو، عرض اُنهيءَ اَليو. سوئي آيُمِ سُپرين، جيءُ جنهين لئي جليو. نِگئو نرور سيرِيين، راجا رِڻمل مِليو”.

36. سُر“بسنت” جو فلسفو

“بسنت” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”بهار جي موسم” يا”گُلابي رُت”. هي شاھ جي رسالي جو تر و تازه ۽ گل و گلزار سُر آهي، جنهن ۾ کٽڻهار کڙڻ ۽ ڳوريءَ پاران ڳهڻا پائي، سورنهن سينگار ڪرڻ جو سمو سمايل آهي. اُن کان علاوه انگورين ۽ ڪيتڪين جو ڪرھ ڪڍڻ، اوڀڙ جو اُڀرڻ، اوڌاڻ جو اُڌمڻ، باغن پاران بوند مڪڻ، ڀئونرن جو ڀنڀولجڻ، ڀئونر جو وڻن ۾ واس وٺڻ، ٽارڙين جو موڙ ٻڌي مورجڻ، پُراڻن پنن جو ڇڻي پٽ پوڻ، رسيليءَ رُت جو رسڻ، سڄڻن جو ٻانهُن ۾ ٻکجڻ، سُڪن جو سائو ٿيڻ، ڦڳڻ ماھ ڦلارجڻ، کٿوريءَ خوشبوءِ ٿيڻ، گئونچن جو گلارجڻ، لال گلن جو لالائجڻ، محبن جو مڙڻ، وڻن مٿي چهن ۽ چوٽين جو چمڪڻ جهڙا، روح کي راحت ۽ من کي معطر ڪرڻ وارا مذڪور محفوظ ٿيل آهن.
هن سُر جي مکيه موضوع ۾ لکيل آهي ته” رُتيون ته سڀيئي سهڻيون ۽ ڀليون آهن، پر بسنت جي برابر ڪائي رُت ڪانهي. جيڪي وڻ پاري ۽ سِيءُ صفا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي مٿان گل ڦٽيءَ نڪتا آهن. کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي، ۽ اچي ڀئونر ڀريا آهن.”ڏتو” چوي ٿو ته مون کي محب اچي مليا آهن، هاڻي منهنجا سمورا ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويا آهن”.
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو صحيح نالو”بسنت” آهي. هي سُر گھڻي عرصي کان وٺي، شاھ جي راڳ ۾ ڪو نه ٿو ڳائجي، البت”سنڌي بسنت راڳني” ۾، ڪي ڪافيون ڳائجن ٿيون.
“بسنت” شاھ جي رسالي جو 36 هون نمبر ۽ آخري سُر آهي، جنهن ۾ 16 بيت، 1 وائي ۽ 1 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” آئي رُت بسنت ڪي، کِڙيا کٽڻهار” ۽ آخري وائي” اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون! الله اُميدون پُڄايم ايڏيون!” آهي.

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
آئي رُت بسنت ڪِي، کِڙيا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري! ويس ڪر، آئي بسنت بهار.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، کٽڻهار گل کڙيا ۽ ٽڙيا آهن، چَينچل ڳوري! تون به اُٿي! نوان ويس وڳا پاءِ، ڇو جو بسنت جي رُت موٽي آئي آهي.

آئي رُت بسنت ڪي، کٽڻهار کڙيا،
کٿوري خوشبوءِ ٿي، اچي ڀئونر ڀريا،
مون کي محب مڙيا، لٿا ڏک”ڏتو” چوي.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، تمام گھڻا کٽڻهار گل کڙيا ۽ ٽڙيا آهن، کٿوريءَ جي خوشبوءِ، وڻ وڻ واسي ڇڏيا آهن، جتي ڀئونرن اچي اچ وڃ لاتي آهي،”ڏتو” چوي ٿو ته” ڏک سڀ لهي ويا آهن ۽ مٺڙا محبوب مون کي اچي مليا آهن”.

آئي رُت بسنت ڪي، باغن مُڪي مند،
اُٿي ڳوري! ويس ڪر، آيو بهار بسند.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، باغن گھاٽي رس واري مٺي ماکي ۽ خوشبوءِ موڪلي آهي، اي چَينچل ڳوريءَ! تون به اُٿي نوان ويس وڳا پاءِ! ڇو جو بهار جو جھوٽو گھليو آهي.

آئي بسنت بهار ڪي، باغن مڪي بوند،
لالي ويکو لال ڪي، هيڪر وڃي هوند!
اُمت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اُڀاريا.
بسنت رُت جي بهار، ڀرپور جوانيءَ سان موٽي آئي آهي، باغن سنهي مينهن جي ڇاٽ ۽ خوشبوءِ وسائي آهي، لال گلابي رنگن جي لالائي، جيڪر هڪ ڀيرو ته باغن ۾ وڃي ڏسي اچو! ساري جڳ جهانَ جي ڌڻي، ڦوٽهڙا سڀ ڦُٽائي ڇڏيا آهن.

اُڌميا اوڌاڻ، رُت رساڻي سڄڻين،
لڳي واءُ وڻن کي، ڇاڻيا پن پُراڻ،
پرهيائون پهراڻ، سُڪائي ساوا ٿيا.
وڻن جا چها، گوشا ۽ انگور ڦٽي نڪتا، سهڻن سڄڻن ساوڪ رُت اُماڻي آهي، وڻن کي جو بسنت رُت جي پهرينءَ هير لڳي، ته انهن پنهنجا پُراڻا پِيلا پن ڇاڻي ڇڏيا، ساوا سبزا کڻي اوڍيائون، جيڪي وڻ اڳ سُڪل هئا، هاڻي اُهي، سراسر سرسبز ٿي پيا آهن.

آئي بهار بسنت ڪي، ڦُولي سڀ وڻراھ،
ايڪ نه ڦُولي ڪِيتڪِي، سُڪتي هي مرجاءِ.
بسنت رُت جي بهار، ڀرپور جوانيءَ سان موٽي آئي آهي، وڻن جي گھاٽن ٻيلن ۽ باغن، ڦُول جھليا آهن، هڪ ڪيتڪي ٻُوٽي ڪو نه ڦُٽي، جيڪا ويچاري ويتر وڌيڪ سُڪندي ۽ سڙندي پئي وڃي.

انگوري اور ڪيتڪي، ڦُولي ڦڳڻ ماه،
جي سجن هو من ماه، ته ڦل پسيو ڦولي هنيون.
انگوري ۽ ڪيتڪي ٻُوٽي، ويتر وڌيڪ ڦوٽهڙو ڪيو، ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڦول جھليائون، جي سهڻو سڄڻ من جي اندر موجود هجي، ته گلابي گل ۽ گونچ ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.

انگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦُوليون ڦڳڻ مانھ،
ريءَ لالڻ”لاکو” چوي، سي آئون ڪريان ڪانھ؟
جي سڄڻ هُئي مون ٻانھ، ڦُل پسيو ڦُولي هنيون.
انگوريون ۽ ڪيتڪي ٻُوٽيون، ڦڳڻ جي مهيني ۾، ويتر وڌيڪ ڦُوليون ڦليون،”لاکو” چوي ٿو ته” لاکيڻي لالڻ کان سواءِ، آئون انهن کي ڇا ڪريان؟ ۽ ڪيڏانهن ڪريان؟” جي سهڻو سڄڻ منهنجي ٻانهن ۾ هجي، ته گلابي گل ۽ گونچ ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.

انگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦُوليون ڦڳڻ هيل،
لالڻ رِءَ”لاکو” چوي، سي آئون ڀانيان سيل،
جي سڄڻ هوئن ٻيل، ته ڦُل پسيو ڦُولي هنيون.
انگوريون ۽ ڪيتڪي ٻُوٽيون، ڦڳڻ جي مهيني، هيل اڳي کان ويتر وڌيڪ اچي ڦُلايون ۽ ڦُٽايون آهن،”لاکو” چوي ٿو ته” لاکيڻي لالڻ کان سواءِ، انهن سڀنيءَ کي، آئون ڪروپ ڪنڊا ٿو سمجھان”، جي سهڻا سڄڻ گڏو گڏ هجن، ته گلابي گل ۽ گونچ ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.

رُتيان سڀ ڀليان، ڪائي نه بسنت جوڙ،
جي وڻ پاري ساڙيا، تني مٿي موڙ.
موسمون ته سڀيئي ڀليون ۽ سهڻيون ٿينديون آهن، پر بسنت جي برابر ڪا به ڪا نه ٿيندي آهي، جيڪي وڻ پاري ۽ سيءَ ۾ سڙي ٿا وڃن، انهن جي چوٽين تي، چَهَا نڪريو ٿا اچن.

رُتيان سڀ ڀليان، ڪا ئي نه بسنت تُل،
جي وڻ پاري ساڙيا، تني مٿي گُل.
موسمون ته سڀيئي ڀليون ۽ سهڻيون ٿينديون اهن، پر بسنت جي برابر ٻي ڪا به ڪا نه ٿيندي آهي، جيڪي وڻ پاري ۽ سخت سيءُ ۾ سڙي ٿا وڃن، انهن مڙنيءَ جي مٿان، گُل ۽ گَونچ نڪريو ٿا اچن.

ڀئونر! مَ ڀيرو لاه، جيئين واس وڻن ۾،
کاڌُئي پيتُئي جن سين، سي وڻ سارينداءِ،
ايءَ نه پر سندياءِ، جئن ڦُل ڏسيو ڦِريو وڃين.
اي ڀلوڙ ڀئونر! تون اچڻ وڃڻ ڇڏي نه ڏي، وڻن جي واس ۾ پيو حياتيءَ ماڻ، جن سان تو کاڌو پيتو، سي سارا وڻ توکي ساريندا ۽ ياد ڪندا، اها تنهنجي ريت ۽ رسم آهي ئي ڪا نه، جيئن جو”گُل ۽ گَونچ ڏسيو، وري واپس وريو وڃين”.

ڀئونر! ڀرين منجھ باغ، ڪرھ ڪيو گُلن سين،
پل پل وچڙين، پِين کائين، دن ۽ ماھ دماغ،
اهڙي درد دماغ، ڪَهَلائي ڪارو ڪئو.
اي ڀلوڙ ڀئونر! شل باغ ۾ پيو گھُمين ڦرين! گلن جي قطارن ۽ گَونچن سان گڏوگڏ، سدائين پيو وچڙين، کائين ۽ پين، ڏينهن جا ڏينهن ۽ مهينن جا مهينا، دل ۽ دماغ سان، اهڙي دلي ۽ دماغي درد، تو تي ڪهڪاءُ ۽ قياس ڪري، ڪارو رنگ چاڙهي ڇڏيو آهي.

ڪارو ڪوه ڪيوءِ؟ پاڻ پانهنجو پاڻهين،
ڪو گل ڪينهين ڪيتڪي، لوچي تان نه لڌوءِ،
ڀئونر! ڀِرين ٿو جوءِ، راتيون ڏينهان باغ ۾.
(اي ڀلوڙ ڀئونر!) تو پاڻ پنهنجي پاڻ کي، پاڻهين ئي ڪارو ڇو کڻي ڪيو آهي؟ ڪنهن ڪيتڪي ٻوٽيءَ ۾، شايد ڪو گُل ڪونهي! جيڪو لوچي پوچي، تو ڳولي ڪو نه لڌو آهي، اي ڀيرا ڏيندڙ ڀلوڙ ڀئونر! تون جو راتيون ڏينهان باغن ۾ گھُمين ڦِرين پيو.

آئي رُت بسنت ڪي، ڦڳڻ ڦُلاريو،
پيچرو پرينءَ جو، مون کي ڏاتر ڏيکاريو،
جڏ نمي نهاريو، تي ڦُل ڏسيو ڦاٽي هنيون!
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، ڦوٽهڙي واري مهيني ۾، ڦُول ڦُٽي پيا آهن، پرينءَ جي پسڻ جو پيچرو ۽ گس، مون کي ڏيهن جي ڏاتار کڻي ڏيکاريو آهي، مون جڏهن هيٺ نمي، نوڙت ۽ نياز سان نهاريو، ته گُلابي گُل ۽ گَونچ ڏسي، خوشيءَ ۾ منهنجو هينئڙو ڄڻ صفا پيو ڦاٽي!

کارا مائي! کارا، ڪارو ٿهرين ڪيئن؟
عجب اٿئون ايئن، ڪا سُڻاءِ سُڌ”صادق” چئي.
هيءَ ته سمورا (ڦل ۽ ڦُول) رڳو کارا ئي کارا آهن! تون ڪاري رنگ تي، ڪيئن اٽڪي ۽ اُلجھي بيهي رهيين؟”صادق” چوي ٿو ته” مون کي صحيح سُڌ ۽ سموريءَ سماچار سُڻاءِ، ڇو جو انهيءَ ڳالھ جو، مون کي اڃان تائين عجب آهي!”.
جهڙيءَ ريت، شاھ جي مستند ڪلام ۾، سُر“سارنگ” کي، پيار، محبت، خوشيءَ، خوشحاليءَ، سونهن ۽ سُڪار وارو درجو حاصل آهي، تهڙيءَ ريت، رسالي جي ڪلام ۾، سُر“بسنت” کي، گُلابي رُت ۽ گل و گلزار وارو رتبو راس آيل آهي.”کٽڻهار کڙيا آهن، اُٿي ڳوريءَ! ڳاڙها ويس وڳا پاءِ، کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي، جن تي ڀئونر ڀنڀولجي اچي ڀِريا آهن، وڻن پنهنجا پُراڻا پِيلا پن ڇاڻي ڇڏيا آهن، سُڪا گاھ سڀ ساوا ٿي ويا آهن، ڦُل پسيو، منهنجو هينئڙو پيو خوشيءَ ۾ ڦُولي ۽ ڦاٽي”. سُر”بسنت” جي شرح، سمجھاڻي ۽ فلسفي سان، شاھ جي رسالي جي ڇٽيھن سُرن جو، هڪ هڪ تعارف ۽ احوال تمام ٿيو آهي. اُميد ڪجي ٿي ته پڙهندڙ، پنهنجي پيار ۽ پاٻوھ سان، اسان کي دُعاءِ خير ۾ ضرور ياد رکندا. وما توفيقي اِلا بِاالله!

بئڪ ٽائيٽل

[img]https://i.imgur.com/Kxc61AS.jpg[/img]