جبران خليل جبران جا بي مثال افسانا
خليل جبران جي قلم جي نوڪ، قلم نہ پر ھڪ نشتر آھي، جيڪو حڪمرانن ۽ مذھبي ٺيڪيدارن جي ھانءَ ۾ چُڀي ٿو. سندس لکڻين منجهہ بارود ڀريل آھي، جيڪو سماج جي بد رسمن ۽ ان جي رکوالن کي اُڏائي ڇڏي ٿو. ھن مجموعي ۾ خليل جبران جا 11 انمول ۽ مڃيل چونڊ افسانا شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون سچيءَ محبت ۽ وطن جي سچي اُڪير ۽ سماجي براين کي عيان ڪن ٿيون. جبران ھنن لکڻين ذريعي پنھنجي قوم سان اڳ سڀني انسانن کي سجاڳيءَ ۽ جاڳرتا جو پيغام ڏنو آھي.