خليل جبران

Author Name

جڳ مشهور لبناني مصنف، مصور ۽ شاعر خليل جبران، 6 ڊسمبر 1883ع تي لبنان جي ڳوٺ بشريٰ ۾ ڄائو. هيءُ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو، سندس والدين مذهبي طور عيسائي هئا. سندس پيءُ جو نالو ميخائل/ مڪائيل بن ساد هو.

خليل جبران جو 1906ع ڌاري نيويارڪ ۾ ’ارائسل ا مروج‘ عنوان سان ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هن زميندار شاهيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. 1908ع ۾ نيويارڪ ۾ ئي سندس ٻيو ڪتاب ’الارواح المتمڪلردا‘ ڇپيو، جنهن ۾ چار ڪهاڻيون هيون، جن جو متن ’روحاني باغي‘ جي موضوع تي ٻڌل هو. 1912ع ڌاري نيويارڪ ۾ ئي سندس ’الاجنيها المتڪسيرا‘ نالي ناول شايع ٿيو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڀڳل کنڀڙاٽيون‘ ۽ ’ٽٽل پر‘ جي عنوانن سان هند ۽ سنڌ جي مختلف ليکڪن ترجمو ڪيو آهي.

جبران جي مڙني تصنيفن ۾ عربي تحريرون، انگريزي تحريرن کان وڌيڪ آهن. سندس ڪتاب پيغمبر (Prophet) چاليهن سالن تائين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتابن مان هڪ هو، جنهن جون انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۾ چيو وڃي ٿو ته 20 لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ دنيا جي ويهن زبانن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي زبان به شامل آهي. هي ڪتاب خليل جبران جي انگريزي زبان ۾ سڀ کان اهم تخليق هئي. پر عربيءَ ۾ هن جي پهرئين ناول ’ڀڳل کنڀڙاٽيون‘ (Broken Wings) کي سڀ کان بهترين تصنيف تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس لکڻيون اخلاقي ۽ مثالي آهن، جن ۾ بائيبل جي طرز تحرير ۽ خالص مشرقي رنگ موجود آهي، سندس اوائلي تحريرن ۾ حضرت مسيح جو ڪردار سندس مکيه موضوع رهيو آهي.

خليل جبران جي وفات 10 اپريل 1931ع تي نيويارڪ ۾ ٿي. کيس بيروت آڻي جنم ڀومي بشريٰ ۾ دفنايو ويو.

وڌيڪ پڙھو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي صفحي تي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي خليل جبران جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


خليل جبران جا ڪتاب

پيغامبر، ليکڪ : خليل جبران

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پيغامبر
ليکڪ : خليل جبران
ڀڳل کنڀڙاٽيون، ليکڪ : خليل جبران

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀڳل کنڀڙاٽيون
ليکڪ : خليل جبران
ساحل ۽ سمنڊ، ليکڪ : خليل جبران

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ساحل ۽ سمنڊ
ليکڪ : خليل جبران
ڪنوار جي سيج، مصنف : خليل جبران

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪنوار جي سيج
مصنف : خليل جبران
بغاوت، مصنف : خليل جبران

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
بغاوت
مصنف : خليل جبران
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ