مسيح ۽ ماڻھو
خليل جبران جون ڪھاڻيون ۽ ناول تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن. خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ پيدا ٿيو ۽ 48 سالن جي عمر ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مڙھ لبنان جي جهنڊي ۾ ويڙهي لبنان موڪليو ويو ۽ کيس سندس پيدائش واري هنڌ دفن ڪيو ويو. سندس ھي ڪتاب ”يسوع بن الانسان“ جو ترجمو آھي.