سنڌ سنڌين جي آھي
ھن ڪتاب ۾ مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جا لکيل اھم مضمون ۽ مولانا صاحٻ جي جي جدوجھد تي لکيل مضمون شامل آھن. مولانا عبيدﷲ سنڌي پنجاب مان سنڌ ۾ لڏي آيو پر پاڻ کي سنڌي سڏايائين. ھو عالم دين ھجڻ سان گڏ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ دانشور ھيو جنھن انگريزن جي برصغير ڇڏڻ کان اڳ جي حالتن کي سمجهندي اھو چيو تہ سنڌ سنڌين جي آھي. مولانا صاحب 22 سال جلاوطني ڪاٽڻ کانپوءِ سنڌ واپسي ڪئي ۽ ھڪ تقرير ۾ اھو چيو تہ ”سنڌ سنڌين جي آھي، اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور تي حڪومت چاھيون ٿا. اسان ان سلسلي ۾ ڪوبہ مذھبي سوال پيدا ٿيڻ نہ ڏينداسين“.