امام انقلاب، مولانا عبيدﷲ سنڌي 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن پاڻ ڄام پور ضلعي ديري غازي ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو، تڏهن اسلام کان متاثر ٿي سنڌ پھتو، جتي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو. سنڌ ۾ ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1888ع ۾ ديوبند پھچي شيخ الھند مولانا محمود الحسن کان تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان جي هدايت تي دهليءَ ۾ مدرسة المعارف القرآنيہ قائم ڪيائين. پھرين عالمگير جنگ جي آغاز کان پوءِ شيخ الھند جي چوڻ تي 1915ع ۾ خفيہ طور ڪابل روانو ٿيو، جتي 7 سالن تائين وطن جي آزادي، لاءِ جا بجا رابطا ڪيائين، جنھن جي نتيجي ۾ افغانستان جي امير ﷲ خان مرحوم، هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي، جنھن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. 1922ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي تہ هن جي روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات ٿي. مولانا صاحب ترڪيءَ جي دوري دوران 1924ع ۾ اردوءَ ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزيءَ ۾ پنھنجي شھرءِ آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنھن هند ۾ انگريزي سياست جو رخ بدلائي ڇڏيو، جو ان ۾ پھريون ڀيرو گهر ڪئي وئي هئي تہ براعظم کي قومي رياستن جي بنياد تي ورهايو وڃي. مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ وطن، زبان، تاريخ، تھذيب قومي روايتن ۽ سياسي اقتصادي مفادن جي بنيادن تي قوم جو تصور ڏنو. 1927ع ۾ پاڻ مڪي مڪرمہ پھتو، جتي 12 سال رهي، شاھہ ولي ﷲ دهلويءَ جي فلسفي جو گھِرو مطالعو ڪري، تعليمات ڏيندو رهيو. حضرت شيخ الھند، محمود الحسن جڏهن مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کي افغانستان روانو ڪري پاڻ هجرت ڪري حجاز ۾ وڃي ويٺو هو، تڏهن مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کيس پنھنجي ڪار گذاري ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪرڻ لاءِ 6 جولاءِ 1916ع تي هڪ مخفي پر تفصيلي خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي، هڪ ملتاني مھاجر شيخ عبدالحق کي ڏنو تہ هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نو مسلم، شيخ عبدالرحيم کي وڃي پھچائي. جنھن ۾ شيخ عبدالرحيم کي حڪم موڪليو ويو ته هو اهو رومالي خط پاڻ کڻي مڪي شريف ۾ مولانا محمود الحسن جي خدمت ۾ پيش ڪري. (ياد رهي تہ شيخ عبدالرحيم حيدرآباد جي معزز خاندان جي فرد آچاريہ جيوت ڪرپلاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ هو، جيڪو آل انڊيا ڪانگريس جو صدر بڻيو ۽ سندس صدارت واري زماني ۾ هندستان آزاد ٿيو). شيخ عبدالحق ملتاني حيدرآباد ويندي رستي ۾ پنھنجي ڳوٺ ملتان رهي پيو ۽ امانت ۾ خيانت ڪندي اهو رومالي خط ربنواز نالي هڪ موقعي پرست شخص کي ڏئي ڇڏيائين، جنھن هڪدم اهو قيمتي تحفو انگريز حڪومت کي پھچائي پنھنجي لاءِ انعام طور زمين ۽ عبدالحق لاءِ پوليس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. انگريزن ۾ ٻڙڌول مچي ويو ۽ افغان حڪومت کي حڪم ڪيو ويو تہ مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي. افغان حڪومت جي غير همدردانہ ۽ انگريز دوست پاليسيءَ سبب مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کي امير حبيب ﷲ جي پوئين زماني ۾ حوالات ۾ رکيو ويو. سنڌ ۾ سرڪار پاران ريشمي رومال تحريڪ کي ريشمي خط واري سازش (Silken letter conspiracy) قرار ڏئي مولانا عبيدﷲ لغاري ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. خود حجاز ۾ شيخ الھند کي نظربند ڪيو ويو. ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻہ سال ڏاڍا ڏکيا گذريا، سندن بعد ۾ ترڪي، روس ۽ سعودي عرب وارو سفر ان پس منظر ۾ گذريو. 25 سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مولانا عبيدﷲ سنڌي 7 جون 1939ع تي سامونڊي جھاز المدينہ ۾ واپس ڪراچيءَ، سنڌ پھتو، جتي ان وقت جي وزيراعظم شھيد الھہ بخش سومري سندس شاندار استقبال ڪيو. وطن واپسيءَ بعد، شاھہ ولي ﷲ جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان فلسفي جي تدريس لاءِ ’بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، بيت الحڪمت لاهور 1940ع ۾ قائم ٿيو ۽ 15 مارچ 1944ع تي شاھہ ولي ﷲ جي فلسفي جي اشاعت لاءِ ’ولي ﷲ سوسائٽي لاهور‘ جو بنياد وڌائين. انھن ڏينھن ۾ پنھنجي ڌيءَ وٽ دين پور تعلقي خانپور (رحيم يار خان)آيو ۽ اتي بيمار ٿي پيو ۽ 21 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين. کيس دين پور ۾ دفن ڪيو ويو. ڪن سوانح نگارن جي راءِ آهي تہ ان زماني ۾ مولانا کي ڪن انگريز حمايتين ڳجهي نموني زهر ڏنو هو، جنھنڪري پاڻ بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. مولانا جي تصفنيفات ۾ ”التمھيد في ائمة التجديد“، ”ﷲ ۽ ان جي سياسي تحريڪ'>شاھہ ولي ﷲ ۽ ان جي سياسي تحريڪ“، ”شاهہ ولي ﷲ ۽ ان جو فلسفئہ محموديہ“،”خطبات“، ”اردو شرح حجة ﷲ البالغہ“ جلد اول، ”مبحث اول و دوئم“، ”سلسلہ تفسير قرآن“ وغيرہ. ان کان علاوہ اڪثر مقالا امالي جي صورت ۾ قلم بند ڪرايائين، جيڪي ولي ﷲ سوسائٽي پاڪستان لاهور وٽ محفوظ آهن .
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مولانا عبيدﷲ سنڌي جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن