سمنڊ جاڳي ٿو, ليکڪ : ادل سومرو

سمنڊ جاڳي ٿو

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سمنڊ جاڳي ٿو
ليکڪ : ادل سومرو
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
شايع ٿيڻ جو سال : 1994
شامل ڪيو ويو : 2016-12-30
ڏِٺو ويو : 3733 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1417 ڀيرا
ادل سومرو سنڌ جي مقبول شاعرن مان ۽ حاضر دور جي چوٽيء جي شاعرن مان آهي۔ سندس شاعريء جو هي ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ سندس لازوال غزلن، گيتن، بيتن ۽ وائين تي مشتمل آهي۔ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز لکيو آهي۔ شيخ اياز لکي ٿو:
”ادل سومرو شاعر جي حيثيت ۾ به نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجھي چُڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪُجھُه لکيو آهي اُن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ٿاٻا گھٽ کائيندا آهن. ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طيءِ ڪندا ويندا آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چُڪي آهي. مونکي اميد آهي ته جي هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو انهيءَ ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ