ري اسٽور ٿيل ماڻهپو, ليکڪ : ناشاد رحم علي

ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ري اسٽور ٿيل ماڻهپو
ليکڪ : ناشاد رحم علي
ڪيٽيگري : ناول
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2017-10-02
ڏِٺو ويو : 3016 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1273 ڀيرا
هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ناول مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ