عظيم مؤجد ايڊيسن
ايڏو وڏو امير ڪبير ايڊيسن ننڍيءَ عمر ۾ بي انتھا غريب هو، وٽس باقائدي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پئسو ڪونہ هو. هُو اخبارون وڪڻي پنھنجي گهر جي ڪفالت ڪندڙ هو، مرضيءَ جو مالڪ ۽ جادوئي ذهن رکندڙ ايڊيسن پنھنجي ڪلاس ۾ ٻارن کان گهڻو پوئتي هو، جنھن ڪري هڪ دفعو بيزار ٿي سندس استاد هن جي والدہ کي چيو تہ ”هيءُ هڪ بي وقوف ۽ ڪُند ذهن ٻار آهي، جنھن جي ذهن ۾ ڪا بہ ڳالھہ نٿي ويھي“. هن جي ماءُ نينسي ايڊيسن هڪ استاد هئي کيس پنھنجي پٽ لاءِ ٽيچر جا چيل اهي جملا وڏي گهٽتائي لڳا. هُن انھيءَ استاد کي چيو تہ، ” نہ منھنجو پٽ بي وقوف آهي ۽ نہ ئي ڪُند ذهن هيءُ هڪ ذهين ۽ سمجهدار ٻار آهي. اڄ کان هن کي آئون پاڻ پڙهائينديس“. انھيءَ کانپوءِ ننڍڙو ايڊيسن مھربان ماءُ وٽ علم پرائڻ لڳو. جنھن شوق ۽ توجھہ سان پنھنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جو حق ادا ڪيو.
هو پيدائشي سائنسدان هو، کيس ننڍپڻ کان مختلف تجربا ڪرڻ جو شوق هو. هُن جي گهر جي ويجهو ريلوي اسٽيشن هئي، جتي ڪيتريون ئي ريل جون بوگيون بيٺل هيون، هن هڪ خالي بوگيءَ کي پنھنجي سائنسي تجربن لاءِ وقف ڪيو، انھيءَ کي پنھنجي تجربيگاھہ ٺاهي، اتي مختلف تجربا ڪندو رهندو هو. اخبارن مان جيڪو پئسو ڪمائيندو هو، انھيءَ مان بہ گهڻو پئسو انھيءَ شوق تي خرچ ڪندو هو. هن کي سائنسي تجربن ڪرڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. جنھن ريل جي بوگيءَ ۾ هو سائنسي تجربا ڪندو هو. هڪ ڏينھن کانئس تجربي دوران ان ۾ باھہ لڳي وئي، ريلوي جي عملي اچي باھہ کي وسايو پر اسٽيشن ماسٽر کي گهڻي ڪاوڙ آئي. هن کيس ٺاهوڪي ٿڦڙ هڻي ڪڍي جا سندس هڪ ڪن تي زور سان لڳي ۽ ان جي اثر ڪري هُو سڄي حياتي هڪ ڪن جي ٻڌڻ کان محروم ٿي ويو، پر ايڊيسن پنھنجي ڪمزوري کي بہ مثبت نموني وٺندي اهو چيو تہ ”هاڻي تہ پاڻ مون کي گوڙ گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آئون سڪون سان ڪم ڪري سگهان ٿو.“
سندس ئي دور جو مشھور سائنسدان مارڪوني جنھن ريڊيو ايجاد ڪيو. وٽس اچي آمريڪا ۾ رهيو، ڪجهہ وقت کانپوءِ واپس اٽليءَ ويو. ٻنھي سائنسدانن ۾ هم خيالي هئي. ايڊيسن جي دور ۾ ٻيا بہ پڻ ڪيترائي سائنسدان موجود هئا. جن وٽ بہ هن جي وڏي عزت هئي. هن ناليواري سائنسدان کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون عزت ۽ شھرت هن جي حياتيءَ ۾ ئي مليا، سندس بي انتھا ذهانت، محنت ۽ مستقل مزاجيءَ کيس دنيا ۾ سوڀارو ڪيو.