ڪتاب جو نالو: سي ئي جوڀن ڏينهن
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1977
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 523 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 256 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سري لنڪا جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ته ٺهيو پر ڏور اوڀر جي ڪنهن به ملڪ هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان، چين، فلپين وغيره ڏي وڃڻ يا اتان موٽڻ وقت بحري جهاز کي سلون جي بندرگاهه ڪولمبو وٽان لنگهڻو پوي ٿو. الطاف هن ڪِتاب ۾ پراڻي زماني ويدن جي وقت ۽ هن وقت جي سري لنڪا بابت معلومات ڏني آهي. اتي جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي مجموعي طور تي سلوني ماڻهن جي انفرادي سوچ ۽ ذهني لاڙن جي پنهنجي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي مغرب سان ڀيٽيو آهي. سموري ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ماڻهن جي ذهنيت جو اڀياس ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • ليکڪ پاران
  • الطاف جو فن ۽ فڪر
  • ٻه اکر
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36
  • 37

  • انتساب

    پنهنجي پياري دوست نجم قاضي نالي

    جنهن شخص اسان کي ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي هميشه کِلايو ۽ اڄُ ڏينهن تائين کِلائيندو اچي، اهو گھٽ ۾ گھٽ منهنجي هڪ ڪتاب جو انتساب ته ضرور لهڻي.
    ميجر نجم قاضي جنهن کي اسين اسڪول جي ڏينهن کان پيار مان نجو ۽ ڪٽنگا جي نالن سان سڏيون ٿا اسان کي هر ڳالهه ۾ ملهه ماريو وڃي. چرچن ڀوڳن ۾ کيس فقط تڏهن خوار ڪندا آهيون جڏهن هو غير حاضر هوندو آهي، نه ته هڪ طرف سڄي سنگت ٻئي پاسي اسانجو نجُو. مجال آهي جو ڪو ساڻس مقابلو ڪري سگھي. دنيا جا عجيب غريب چرچا سڄي زندگي اسين نجم قاضيءَ کان ٻڌندا اچون. اصل کُٽڻ جا ئي نه آهن.
    نجم جهڙا گھڻ گُڻائتا ماڻهو ٿورا ملندا. پڙهڻ ۾ ــ يعني اسڪول واري پڙهائيءَ ۾ سو خاص هوشيار نه هو باقي هر فيلڊ ۾ هُو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. پي ٽي پريڊ ۾، راندين باڪسنگ ۾، جنرل ناليج ۽ Quiz مقابلن ۾، آفيسر لائيڪ Qualities، اسڪائوٽنگ ۽ رائفل شوٽنگ ۾ هو سڀ کان مٿڀرو ۽ سخت جان هو ۽ اڃا تائين هن عمر (پنجاهه ورهين جي ڄمار) ۾ به ٽف ۽ رف آهي. ڪالهه فون تي ٻُڌايومانس ته شوڪت جُماڻِي (سندس ڳوٺائي ۽ اسان جو ڪلاس ميٽ) ۽ مون کي ڪن ۾ سُور آهي ۽ جي کيس به ڪن جي تڪليف هجي ته اسان سان گڏُ ڊاڪٽر وٽ هلي. وراڻيائين: ”مون کي اڄُ ڏينهن تائين ڪو سُور نه ٿيو آهي. نه ڪن جو نه ڏاٺ جو. نه پيٽ جو نه مٿي جو. منهنجي دل جي هڪ پاسي جي نلي چوڪ آهي ته به سُور ڪڏهن نه ٿيو اٿم.“
    ”پر ڪاليج جي ڏينهن ۾ Sick-Bay (اسپتال) ڏي ويندو ته هئين؟“ مون ياد ڏياريومانس.
    ”اهو پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ لاءِ نه پر عاشق حسين شاهه (هاڻ سيڪريٽري سنڌ)، بلال حيدر (هاڻ P.I.A ۾ جمبوجيٽ جو پائلٽ)، هادي بخش جتوئي (هن وقت ايل ايم سي جو M.S) ۽ محسن پنهور (هاڻ D.I.G پوليس) جهڙن جونئر ڪئڊٽن کي چيڪ ڪرڻ ويندو هوس ته واقعي بيمار آهن يا پي ٽي پريڊ کان ڀڄڻ جو بهانو ڪري اتي پهتا آهن.“ نجم قاضي وراڻيو.
    خيرپور ميرس جي مشهور جج مرحُوم قاضي محمد الياس هميشه اهو ٿي چاهيو ته سندس اولاد سٺن تعليمي ادارن مان علم حاصل ڪري. هن پنهنجي وڏي پُٽ قمر کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيٽ ڪرايو ۽ ٻئي پُٽ شمس الدين کي بنيادي تعليم سنڌ مدرسي مان ۽ پوءِ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. سڀ کان ننڍو پُٽ نجم الدين جڏهن ستين ڪلاس ۾ پهتو ته ان وقت ’ڪئڊٽ ڪاليج‘ ميرپور خاص مان شفٽ ٿي پنهنجي اصلي جاءِ پيٽارو پهتو هو ۽ ان بابت اخبارن ۾ پڙهي هن نجوءَ کي ڪئڊٽ ڪاليج جهڙي فوجي ڪاليج ۾ موڪليو.
    نجم قاضي نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج ۾ S.U.O (سڀ ۾ مٿانهون ڪئڊٽ) ٿي رهيو پر آرمي پڻ Join ڪئي. جيتوڻيڪ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اهڙو دؤر به آيو جو اسان جو نجُو، هڪ ڇوڪريءَ سان عشق جي چڪرن ۾ ڪاليج ڇڏڻ لڳو. ڪاليج جي انگريز پرنسپال ۽ ٻي جنگ عظيم جي فوجي آفيسر ڪرنل ڪومبس يڪدم سندس والد صاحب کي خط لکي موڪليو (جيڪو هينئر نجم وٽ آهي): ”تنهنجو پُٽ ڪاليج ڇڏي گھر پيو اچنئي.“ جج صاحب جواب ۾ ڪرنل ڪومبس کي لکيو ته ان کان اڳ جو آئون گھر کان ٻاهر ڪڍانس تون ڀلي موچڙا هڻي هن جي دماغ مان عشق جو ڀوت ڪڍُ. نجم کي به خبر پئجي وئي ته ڳوٺ وڃڻ تي بابو ڀاڪر پائي ملڻ بدران در ئي ٽپڻ ڪونه ڏيندو. سو هڪ ڏينهن صبح ساڻ انهن ميرن ڦاٽلن ڪپڙن ۾ موٽي ڪاليج آيو. ان وقت اسيمبلي هلي رهي هئي ۽ سڀُ ڪئڊٽ قطار ۾ اٽينشن ٿي وات سان قومي ترانو ۽ اک جي ڪُنڊ کان نجوءَ کي ڏسي رهيا هُئا. تراني بعد جپان جي P.O.W (جنگي قيدي) يعني اسان جي انگريز پرنسپال سڀني اڳيان نجوءَ کي بيهاري پنهنجي اسڪاٽش ٽون ۾ هن کي سمجھايو:
    When lady lover interferes with a course of duty, either the duty or the lady should be abandoned.
    ڪرنل ڪومبس سمجهيو ته هو جواب ۾ چوندو ته مون محبوبا ڇڏي ۽ هو (ڪرنل ڪومبس) کيس (نجوءَ کي) ڀاڪر پائي چوندو ته شاباس. هاڻ هڪ مَنو ٿي ويهي پڙهه. پر سائين اسان جي نجوءَ اسان کي ۽ پرنسپال کي ڇرڪائي وڌو جڏهن هن ساڳي برٽش accent ۾ وراڻيو:
    ”Sir! I Shall leave the duty.“ (يعني آئون نه پڙهندس نه نوڪري ڪندس. آئون عشق ڪندس.) پرنسپال جا ٺپ ئي ٺري ويا. وائڙو ٿي پُڇيس:
    “Then what shall you eat?”
    ظاهر آهي تنهنجو پيءُ به توکي گھر کان ڪڍي ڇڏيندو. پڙهي نوڪري به نه ڪندين ته پوءِ کائيندين ڇا؟
    اسان جي نجوءَ ڪاليج بلڊنگ جي ڪُنڊ وٽ بيٺل هڪ ٻٻر جي سڪل وڻ ڏي اشارو ڪري چيس:
    ”I Shall eat leaves, leaves, Leaves.“
    انگريز ڊپلوميٽ سمجھي ويو ته هي ڇورو ماڳهين مون کي به خوار ڪندو سو سڀني اڳيان نجوءَ سان بحث ڪرڻ بدران وائيس پرنسپال کي چيائين ته اسيمبلي بعد هن کي سمجھائجانءِ.
    نجم قاضِي اڄُ به ننڍپڻ جون اهي ڳالهيون ياد ڪري پاڻ به کلندو آهي ۽ اسان کي به کلائيندو آهي. محفل ۾ ڪو نئون دوست اچي ويندو آهي ته نجوءَ کي خاص فرمائش ڪندا آهيون ته نجُو!
    ”I Shall eat leaves, leaves“ واري ڳالهه ته ٻُڌاءِ. سچُ ته هي آهي ته نجُوءَ نه ڊيوٽي ڇڏي نه محبوبا. اڄُ اها سندس ٻارن جي ماءُ آهي جنهن سان پوءِ ڪئپٽن ٿي شادي ڪيائين ۽ ڪاليج ۾ سڀ ۾ سٺو ڪئڊٽ ٿي ڏيکارڻ ڪري ڪرنل ڪومبس پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين نجم جو خيالُ رکندو آيو.
    نجم جا ان قسم جا مهاڏا پنهنجن صاحبن سان هميشه ٿيندا رهن ٿا پر محنتي ۽ دل جو صاف هجڻ ڪري سوڀ وري به سندس ئي ٿئي ٿي. آرمي وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به ڪاوڙجي پيو هو ۽ سو به تڏهن جڏهن هو وزيراعظم هو. پر پوءِ نجم جي صاف دل ۽ خوش اخلاقي ڪري ڀٽو صاحب يڪدم Realize ڪيو ۽ کيس پرچايو ۽ ڀائنڻ لڳس.
    نجم قاضي سان مختلف دورن ۾ گذريل وقت اڄُ به ياد ايندو رهي ٿو. پيٽارو جي ڏينهن ۾ موڪل هئي ته نجم وٽ خيرپور پهچي ويندا هئاسين. ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد هو حيدرآباد ۾ ئي رهيو ٿي جتي سندس وڏي ڀيڻ زبيده جي گھر ساڻس ملڻ ويندا هئاسين. سندس ڀيڻيوو قاضي عبدالرحيم صاحب انهن ڏينهن ۾ وڪالت ڪندو هو. اهي اوڻهين سؤ ٽيهٽ چؤهٽ جا ڏينهن هُئا. اڄُ ان کي پنجٽيهه سال اچي ٿيا آهن. عبدالرحيم قاضي صاحب جسٽس ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. سندس وڏو پُٽ عمران گھاري ۾ ججُ آهي ۽ ان کي به ٻه ٻار آهن. جسٽس صاحب جي وڏي ڌيءَ فرزانا جي شادي منهنجي هڪ ماسات طارق گھلوءَ سان ٿي آهي. ان ريت نجم سان هڪ قسم جي مائٽي به ٿي. نجم کي چار ٻار آهن. وڏي ڌيءَ ساحره جي شادي اسان جي هڪ ٻئي پيٽاري جي ڪلاس ميٽ اقبال قاضي جي سؤٽ سان چار سال اڳ ٿي ۽ هاڻي هو آسٽريليا ۾ رهن ٿا. ٻي ڌيءَ شُمائله جو هاڻي مڱڻو ٿيو آهي ۽ هن MBA ۾ ٽاپ پوزيشن کڻي صدر طرفان انعام ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. ننڍي ڌيءَ عيني (قرة العين) ڪاليج ۾ آهي. پُٽ شيراز پڙهائيءَ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر ته نه پر ماءُ صفيه تي ويو آهي. باقي راندين ۾ پيءُ وانگر هوشيار آهي. هو پاڪستان جي ڪاليج ڪرڪيٽ اليون طرفان ٻه دفعا لنڊن ۾ ڪرڪيٽ کيڏي آيو آهي.
    ڀاڀي صفيه (نجم قاضيءَ جي گھرواري)، حيدر آباد جي صدر ۾ رهندڙ زبيدي فئملي سان تعلق رکي ٿي ۽ محمد يعقوب زبيدي جي ڌيءَ آهي. سندس ڀاءُ اقبال زبيدي اڄ ڪلهه سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي جو ائڊيشنل سيڪريٽري آهي. ٻيو ڀاءُ اعجازُ زبيدي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر آهي. صفيه ڀاڀي ۽ نجم قاضي هڪ ئي ڪُٽنب سان تعلق رکن ٿا. صفيه ڀاڀي جو نانو عبدالرحمان قاضي (جنهن خلافت موومينٽ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرم حصو ورتو) ۽ نجم قاضيءَ جو ڏاڏو عبدالڪبير قاضي پاڻ ۾ سڳا ڀائر ٿين جيڪي قاضي محمد صديق جا پُٽ هُئا. هنن جي ماءُ (يعني نجم جي والد جي ڏاڏيءَ) جو نالو ’چڱائي‘ Typical سنڌي هئڻ ڪري اسان دوستن کي بيحد وڻندو آهي.
    هونءَ نجم قاضيءَ جو خاندان ماشاءَالله ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جي نوڪري جا ماڻهو ملندا پر سڀ کان گھڻا جج ۽ وڪيل آهن. نجم قاضي جو پڙڏاڏو محمد صديق شريعت ۽ دنيا جي قانون جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. پري پري جا ماڻهو هن وٽ دنوي ۽ شرعي فيصلن لاءِ ايندا هُئا. انگريزن طرفان هن کي قاضيءَ جو خطاب مليل هو. دراصل ان بعد هيءَ فئملي پنهنجي اصل ذات ’اڄڻ‘ سان گڏ قاضي پڻُ سڏرائي ٿي. اڙدوءَ جي مشهور شاعره فهميده رياض جنهن جي شادي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي شخصيت ظفر اڄڻ سان ٿي آهي، اهو پڻ نجم قاضيءَ جو ماسات آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي اديب ۽ Educationalist نجم جي مائٽيءَ ۾ آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو پُراڻو وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي پڻُ نجم سان مائٽي آهي. صفيه ڀاڀيءَ جو ڏاڏو عبدالجبار ۽ حسن عليءَ جو والد صاحب عبدالرحمان (جيڪو ڪراچيءَ جو ميئر ۽ بئريسٽر به ٿي گُذريو آهي) ٻئي سڳا ڀائر هئا. سندن والده اسان جي ڳوٺ هالا جي هُئي. حسن علي جي ٻن ڌيئرن پڻ تعليمي فيلڊ ۾ ڪافي نالو ڪڍيو آهي. نجمه آمريڪا ۾ سنڌ جي تاريخ تي ريسرچ ڪري رهي آهي ۽ شيري رحمان ’هيرالڊ‘ رسالي جي ايڊيٽر رهي چُڪي آهي. حسن علي جي ٻئي ڀاءُ طفيل علي چيف جسٽس سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ کي اولاد نه ٿيو. سندس زال ڊاڪٽر ساران سنڌ جي پهرين ليڊي گائناڪالاجسٽ رهي آهي.
    نجم قاضي جي ڏاڏي کي تعليم جو بيحد گھڻو اونو هو. ان ڪري هن انهن ڏينهن ۾ نجم جي والد صاحب قاضي محمد الياس کي تعليم لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي موڪليو جتي هو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو ڪلاس ميٽ هو. سنڌ جي دوري وقت، خيرپور مان لنگھندي ايوب خان هميشه قاضي صاحب سان هلي ملي ملڻ لاءِ ايندو هو. قاضي محمد الياس 1901ع ۾ ڄائو. بختيارپور جو اميد علي قريشي صاحب، ڪمشنر قاضي سچيڏنو صاحب، الهه ڏنو سيال (چيئرمئن پبلڪ سروس ڪميشن)، هاڻوڪي سفير ظفر شيخ جو والد صاحب سندس هم عمر ۽ دوست هئا. نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن سياست ۾ حصو ورتو ۽ مسلم ليگ خيرپور ضلعي جو چيئرمئن ٿي رهيو (غوث علي شاهه صاحب انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري هوندو هو) پاڻ 1973ع ۾ گُذاري ويو.
    نجوءَ جي مائٽي اسانجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو سان پڻ آهي. رفيع جي ٻي ماءُ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ رفيق جي سڳي ماءُ ’بانو‘ نجم قاضيءَ جي سهري يعقوب زبيدي جي سڳي ڀيڻ ٿئي يعني صفيه ڀاڀي ۽ رفيق ڪاڇيلي وارا پُڦاٽ ماروٽ ٿين. سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ وڪيل عبدالاحد صديقي (FAWS) جي ڀائٽي ساجده جي شادي نجم جي ڀائٽي، ڊاڪٽر مُنير سان ٿي آهي ۽ نجم جي ٻي ڀائٽي ، نظير احمد جي شادي قاضي سچيڏني صاحب جي ڏهٽي ذڪيه سان ٿي آهي.
    اڄ ڪلهه ڇوڪرين جي پڙهائي عام ٿي وئي آهي پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن اڃان ڇوڪرن جي پڙهائيءَ تي به ڌيان نه ڏنو ويندو هو، نجم جي والد صاحب نه فقط پنهنجن پُٽن کي پر ڌيئرن کي پڻ اعلى تعليم ڏني. نجم جي وڏي ڀيڻُ حميده جيڪا عبدالستار قاضي (سابق ائڊوڪيٽ جرنل) جي زال آهي ۽ ننڍي ڀيڻ فريده جيڪا قاضي عزيزُالله (پرنسپال ۽ صدر سنڌ ليڪچرار ائسوسيئيشن) جي زال آهي، ٻنهي جي ڊبل ايم اي ٿيل آهي.
    ٺارو شاهه ۽ خيرپور جا هي قاضي شروع کان سوشل رهيا آهن. شادي مُراديءَ جو ڪاڄُ نه هُجي يا برٿ ڊي وغيره، ويجھا توڙي پري جا سڀُ اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن. ۽ هڪ ئي وقت جيڪڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي هستين سان ملڻو هجي ته هنن قاضين جي ڪا دعوت ضرور اٽينڊ ڪجي. ۽ هونءَ به نجم قاضي وارا نه فقط دعوت ڏيندا اهن پر مهمانن تي ايترو زور ڀريندا آهن جو هو پڪ سان دعوت ۾ اچن. ان جا ٻيا ته ڪيترائي مثال آهن پر هڪ اهڙو آهي جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو. هڪ دعوت ۾ نجم جو هڪ سال جونئر سيد پرويز شاهد (هاڻ ميجر جنرل) دعوت ۾ نه اچي سگھيو. تن ڏينهن ۾ هو ڪئپٽن يا شايد ميجر هو. سندس ٽنگ ڀڄي پئي هُئي. نجم قاضيءَ ڪلاڪ کن ته انتظار ڪيو ان بعد جيپ کڻي سڌو ملٽري اسپتال ويو ۽ پٽو چڙهيل شاهد کي ڪڇ تي کڻي، علاؤالدين جي جن وانگر اچي حاضر ٿيو.
    نجم قاضي دعوتون Attend ڪرڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. سندس ڪلاس ميٽ اقبال تُرڪ (هاڻي ڪورنگي فشريز اٿارٽِيءَ جو MD) ته هميشه دعوت ۾ غير حاضر مهمانن کي ٻئي ڏينهن اهو چئي ٽوڪيندو آهي: ”شاباس هُجانوَ. توهانجي جاءِ تي نجم قاضيءَ کي دعوت لاءِ فقط هڪ دفعو هڪل ڪريان ته هينئر جو هينئر، ڏينهن تتي جو، گلشن اقبال کان ڊفينس منهنجي گھر تائين پيرين پيادو اچي نڪري.“
    بهرحال نجم جي دعوت ۾ اسان جي اهميت هجي يا نه پر اسان جي دوستن جي دعوت، بنا نجُوءَ جي غير اهم ۽ بي سواد سمجھي ويندي آهي. پاڻ عمر ۾ جيتوڻيڪ پنجاهه کان به ٽپي ويو آهي پر سندس چست ۽ ملٽري ڪٽ جسم وانگر سندس چرچا ڀوڳ اڄُ به جوان آهن.
    نجم قاضي آرمي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”بولان ڪاسٽنگ انڊسٽريز“ ۾ آيو جتي اڄ ڪلهه ڊپٽي جنرل مئنيجر (ائڊمنسٽريشن) آهي. سندس ڄم جي تاريخ پهرين آڪٽوبر 1947ع آهي.

    الطاف شيخ
    5 آڪٽوبر 1997ع
    ڪراچي


    ليکڪ پاران

    منهنجو هي ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ سريلنڪا ملڪ جو سفرنامو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1977ع ۾ ’زيب ادبي مرڪز‘ وارن ۽ ٻيو 1982ع ۾ ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ وارن ڇپرايو. هڪ دفعو وري نيو فيلڊس پبليڪيشن وارا هي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن ۽ مون ڏي پروف ڏسڻ لاءِ موڪليا اٿن. پنهنجو پراڻو سفرنامو پڙهندي ائين پيو لڳيم ڄڻُ ڊائري پيو پڙهان.
    ’سي ئي جوڀن ڏينهن‘ ڪتاب ۾ منهنجي سريلنڪا جي انهن سفرن جو احوال آهي جيڪي مون 1970ع ۽ 1974ع جي وچ ۾ ڪيا آهن. ان بعد سريلنڪا توڙي ڪولمبو شهر ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. ان ڪري هي ڪتاب مٿين سالن وارو عرصو ڌيان ۾ رکي پوءِ پڙهجي ته دلچسپ لڳندو. مونکي به هي پنهنجا احوال ويهه پنجويهه سالن بعد پڙهندي عجيب لڳي رهيا آهن. هڪ هنڌ سريلنڪا جون ابتڙ ٿيندڙ حالتن جو احوال ڏيندي لکيو اٿم ته ڪولمبو ۾ چوري چڪاري وڌي وئي آهي. ايتري قدر جو زال ذات رات جي وقت ڳهه ڳٺا پائي اڪيلو نٿي هلي سگھي. هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن اسان وٽ امن امان هو. ڪراچي جهڙن شهرن توڙي ڳوٺن جون حالتون بهتر هيون. وڌ ۾ وڌ ڍڳيون، مينهون چوري ٿيون ٿي. ۽ اڄُ جي حالتن تي غور ٿو ڪجي ته سريلنڪا، سنگاپور، ملائيشيا جهڙا ملڪ به سُڌري ويا. اسان جي ڪراچيءَ جهڙن شهرن ڏي نظر ٿي ڪجي ته ۾ عورتون ته ڇا ڏينهن ڏٺي جو مرد پيا ڦُرجن. بئنڪون ۽ بندرگاهه پيا ڦُرجن. پوليس وارا ۽ فوجي پيا مارجن. ۽ ڳوٺن ۾ وهٽن وانگر ماڻهو پيا اغوا ٿين. عورتن ۽ ٻارن کي به نه ڇڏيو پيو وڃي. ٻانگ ڏيندي ۽ نمازون پڙهندي ماڻهن کي ماريو ۽ اغوا ڪيو وڃي ٿو. هاڻ ٻين ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو اسان تي تعجب کائيندا هوندا.
    اهو ئي حال مهانگائيءَ جو آهي جيڪا جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ وڌي وئي آهي پر Comparatively اسان جي ملڪ ۾ ته هيڪاندي گھڻي ٿي وئي آهي. هن سفرنامي وارن ڏينهن ۾ سريلنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن جهازران ڪمپنيون شروع ڪيون هيون، جن کي هلائڻ لاءِ جتي ڪٿي اسان جا پاڪستاني هُئا. ۽ هڪ مان ٻه، ٻن مان چار ۽ ڇهه ــ خبر ناهي ڪٿي وڃي انهن جي جهازن جو نمبر پهتو آهي. اسان وٽ ان وقت ستر کن جهاز هُئا ۽ ان حساب سان اڄ اسان وٽ سَوَن جي حساب سان هُجڻ کپن پر افسوس جو پنڌرهن کن جهاز مس وڃي بچيا آهن، سي به پنڌرهن ويهه سال پُراڻا آهن. جيڪي بيحد پوڙها ۽ مرڻينگ سمجھيا وڃن ٿا. اهو ئي حال ٻين ادارن جو وڃي رهيو آهي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ته ڳالهه ئي نه ٿي ڪري سگھجي. اسان کان گھڻو گھڻو پٺتي پيل اهي ملڪ، اڄُ يورپ جي ترقي يافته ملڪن جهڙا لڳن ٿا. محنت، ايمانداري ۽ سُٺن ليڊرن ملڪن ۽ ماڻهن کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. انهيءَ فارمولا ذريعي اسان به اڳتي وڌي سگھون ٿا جنهن لاءِ هن وقت فقط دُعا ئي ڪري سگھجي ٿي.
    هن ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙا نالا ۽ ٽرمس استعمال ٿيا آهن جن جو واسطو جهازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجھاڻي ڏيڻ هتي ضروري سمجھان ٿو.

    سُکاني: انگريزيءَ ۾ ان کي Quarter-Master سڏجي ٿو.سُکاني اهو خلاصي آهي جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽيءَ تي موجود نيويگيٽر سان گڏ، چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري ٿو. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جهازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻو آهي، جيئن هو اڳواٽ پنهنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگھي. بندرگاهه ۾ گھڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering-Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائلٽ جي حڪم موجب جهاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي. يعني Steering Wheel کي ساڄي يا کاٻي گھمائڻ سان جهاز جو سُکاڻ ان طرف مُڙي جهاز کي موڙي ٿو ۽ جهاز طوفان يا غلط رستي کان نڪري سنئين تي اچي ٿو. سُکاني يا سُکاڻي لفظ سکاڻ مان نڪتو آهي جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:

    ”سامونڊي! ٿو سنبهين ساڄو جھل سُکاڻ.“

    پائلٽ : هوائي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائلٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به چئبو آهي جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونهون) هجي. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گھڙڻ کان اڳ جهاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پندرهن ميل ٻاهرکلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جهاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائلٽ سڏجي ٿو. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائلٽ (سامونڊي ڪئپٽن) آهن جيڪي پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جهاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائلٽ سرانجام ڏين ٿا. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنهن کي Pilotage-Fee سڏجي ٿو.
    ڪي ڪي بندرگاهه ــ خاص ڪري يورپ جا يا جپان ۽ ڪوريا جا، ايترو ويجھو ٿين جو اهو ئي هڪڙو پائلٽ هڪ بندرگاهه مان جهاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پهچائي ايندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ ’North-Sea‘ خاص ڪري سياري ۾ اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جهازران ڪمپنين جا مالڪ، جيترا ڏينهن جهاز اتر انگلنڊ، پولنڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائلٽ رکندا آهن جيڪو ’نارٿ سي‘ پائلٽ سڏجي ٿو. جهاز جي ڪئپٽنن کي، جهاز جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ سي ۾ جيڪڏهن جهاز هلائي سگھو ٿا ته توهان جي مرضي پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپُ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مهرباني ڪري ’نارٿ سي پائلٽ‘ Hire ڪريو. نارٿ سي پائلٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جهاز جي سلامتي ڪارڻ مالڪن کي اهو ڦاهو ڦڪڻو پوي ٿو. يورپ ڏي هلندڙ جهازن ۾ ان قسم جي پائلٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي جنهن کي ’پائلٽ ــ ڪئبن‘ سڏجي ٿو.
    خلاصي : جهاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجڻ روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جهاز جي لوهي پليٽن کي سمند جي پاڻيءَ ڪري زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ، رنگ لڳائڻ ۽ رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجڻ روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي وي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.
    ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر وغيره وغيره : جهاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر. ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن موسمن، سمنڊ ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) جو طريقو ڪڍي ان موجب رکرائڻ ۽ لاهرائڻ آهي. انجنيئرن جو ڪم جهاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ آهي. جهاز هڪ شهر مثل آهي، جنهن ۾ نه فقط جهاز هلائن جي انجڻ آهي، پر اليڪٽرڪسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترائي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونئر ڊيڪ آفيسر آهي. اهڙي طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو انجنيئرنگ ڪئڊٽ يا جونئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿانهون چيف انجنيئر آهي.
    دنيا جي هر ملڪ جي هر جهاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر آهن. مثال طور ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينهن جو هميشه ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائڻو آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ واري ڊيوٽي، ڊيڪ آفيسرن مان، سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جهاز جي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سٺي دوستي رهي ٿي. اهڙي طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.
    ريڊيو آفيسر : انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي. ريڊيو آفيسر جو ڪم ريڊيو ذريعي جهاز ۽ بندرگاهه وارن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جهاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگھارن جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.
    اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر: مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئر پڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي هٿ هيٺ ڪم ڪن ٿا.
    نيويگيشن : سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري، جهاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جهاز هلائڻ پر ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار نڪتا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Satellite Navigator سڏجي ٿو

    جهازي : هر اهو ماڻهو جيڪو جهاز تي ڪم ڪري ٿو ان کي جهازي يعني Sailor يا Seafarer سڏجي ٿو. هونءَ Sailor ۽ Seaman نيوي جي جنگي جهاز تي هيٺين عملي جون Ranks پُڻ آهن.

    سيڪيورٽي انجنيئر: بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ سينيئر انجنيئر ضرور جهاز تي ڇڏبو آهي، جيئن هو باهه لڳڻ جهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگھي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سيڪيورٽي انجنيئر يا سيڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سيڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر پڻ هوندو آهي، جنهن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.
    انجڻ روم : جهاز جي انجڻ روم سمجھو ته پنج ڇهه ماڙ پلازا يا بلڊنگ آهي، جنهن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن. جهاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي. جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنهن جو هڪ هڪ سيلنڊر ايترو ته وڏو ٿئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو آرام سان بيهي سگھن۽ اٺ نَوَ فوٽ ڊگھو ٿئي. مين انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون هي آهن. جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئرڪمپريسر، ايووپريٽر، ڪولر، هيٽر، Sewage پلانٽ وغيره
    پروپيلر : جهاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جهاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جهاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جهاز جي پنکي هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.

    سيلنگ بوٽ: جيڪا ٻيڙي سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Ships سڏبا هئا. جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن سان هلن ٿيون اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.

    ڊراءِ ڊاڪنگ : لڳاتار سمنڊ ۾ بيهڻ ڪري جهاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea Growth) چهٽيو وڃن جيڪي جهاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجھن ٿيون ۽ رفتار ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ لڳي ٿي. جهاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جهاز کي خشڪ گوديءَ ۾ اچي بيهاربو آهي جنهن کي ڊراءِ ڊاڪ (Dry-Dock) سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry-Docking سڏجي ٿو. هر ڪارگو جهاز لاءِ ضروري آهي ته ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي ۽ مسافر جهاز لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضروري آهي.

    جيٽي : بندرگاهه جو ڌڪو جنهن سان جهاز لڳي بيهي ٿو، جيٽي سڏجي ٿي. ڪن جهازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهاز جي ڀرسان ٿي بيهندا آهن. اهڙي صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جهاز فلاڻي جيٽيءَ تي بيٺل فلاڻي جهاز جي Alongside آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن مشغول بندرگاهن ۾ جهازن کي عام طرح ’الانگ سائيڊ‘ به بيهاريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جهاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾لاهڻو پوندو آهي. بارج (Barge) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي جنهن کي ’ٽگ بوٽ‘ يا عام لانچ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ رسيءَ ذريعي ڇڪي.

    ڊيرڪون : جهاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جهاز تي لڳل ڪرينن ذريعي سامان لاٿو وڃي ٿو. جهاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.

    ڪئبن : جهاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.

    ڊيوٽي ميس : جهاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي جنهن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو جنهن ۾ سڀ آفيسر، گھڻو ڪري يونيفارم ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي جنهن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ڊيوٽي ميس خبرن ۽ ڪچهري کان مشهور ٿئي. هرڪو فري اسٽائيل ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفه، شعر و شاعري ۽ پنهنجا پراوا Scandal آزادانه نموني بيان ڪيا ويندا آهن.

    برج روم : جهاز جي ڪنٽرول روم کي برج سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو چارٽ روم هوندو آهي. جنهن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگھجن. باقي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي جيئن رات جو سامهون ايندر جهاز ڏسي سگھجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.

    بُل ورڪ : جهاز جي چؤڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bulwark سڏجي ٿو.

    بنڪر : جهاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينهن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جهاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جو ٽنن جي حساب سان وٺڻو پوي ٿو، جنهن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويهه هزار کن ٽن جهاز لاءِ اٽڪل هي تيل وٺبا آهن. جيڪي مهينو کن هلن.

    هيوي فيول H.F.O ــ ٻارهن سؤ کن ٽن
    مئرين ڊيزل آئل ــ چار سؤ ٽن
    لائيٽ ڊيزل آئل ــ هڪ هزار گئلن
    ڪرئنڪيس آئل ــ چار هزار گئلن
    سلينڊر آئل ــ ٻه هزار گئلن
    ٽربائين آئل ــ هڪ هزار گئلن، وغيره وغيره.

    ائنڪر : جهاز جي اڳئين منهن وٽ لنگر (Anchor) لڙڪيل ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ مهل سمنڊ جي تري ۾ ڪيرايو ويندو آهي. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جهاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جهاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾ جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جهاز کي جيٽيءَ تي کتل ڪلي سان ٻڌو وڃي ٿو. لنگر (Anchor) لاءِ مشهور ڳجھارت آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي جڏهن ضرورت پوي ٿي ته اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته پٽ تان کڻي رکي ويندي آهي.

    ائنڪريج : سڄو سفر پورو ڪري، جهاز جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گھڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ بندرگاهه کان ٿورو پرڀرو کلئي سمنڊ ۾ هن کي لنگر (Anchor) ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جهاز تي پهچي، جهاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائلٽ اچي ٿو جيڪو جهاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي بيهاري ٿو.
    هر بندرگاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو، جتي جهاز کي ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيهڻ وارو وقت جهازيءَ لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪري سگھجي ٿي. سو مسافري جو ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر نه آهي جهاز کي ڪڏهن اندر گھرائن جيئن ڪناري تي پير رکي سگھجن ۽ گھمي ڦري سگھجي. اڄڪلهه ڪيترائي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينهن اڌ جي انتظار بعد اندر گھرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم جنهن ۾ ڪراچي کان ڪيوبا سفر ۾مهينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي مهيني کان به مٿي انتظار ڪرڻو پيو. ان بعد مهيني کن لاءِ جهاز بندرگاهه ۾ گھڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏني.
    ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جهاز چار ڏينهن ائنڪر تي بيٺو ان بعد بندرگاهه ۾ اندر آيو.

    ڊوميسٽڪ فرج : جهاز تي ٻه ٽي ڪمرا گوشت، مڇيءَ، ڀاڄيءَ ۽ ميوي کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن ڪمرن کي جنهن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي ان کي ’ڊوميسٽڪ فرج‘ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مهينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليهه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجھي وڃي ٿي، جنهن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خراب ٿي سگھي ٿو ــ جنهن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو ۽ نئين گوشت خريد ڪرڻ لاءِ ويجھي بندرگاهه جو رُخ رکڻو پوي ٿو.


    الطاف جو فن ۽ فڪر

    الطاف شيخ جو هي اٺون سفرنامو: ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي. هن کان اڳ ’اناميڪا ‘1965ع، ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل ‘ 1969ع، ’پيار جي گھُٽ‘ 1970ع، ’سمونڊ جن ساڻيهه‘ 1972ع، ’سمنڊ جي سيوين‘ 1973ع، ’دنيا آهي ڪاڪ محل‘ 1974ع ۽ ’بندر بازارون‘ 1975ع، گُذريل ڏهن سالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
    مذڪوره دلچسپ ۽ معلومات افزا سفرنامن هن جوان سال ۽ زنده دل اديب کي ڏهن سالن جي مختصر عرصي ۾ سنڌ جي ممتاز اديبن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.
    الطاف جي مقبوليت جو سبب هي آهي ته هن جو ذهن سُلجھيل ۽ صاف، ديانتدار ۽ سچو آهي. سندس لکڻين ۾ تازگي، شوخي ۽ ماحول سان هم آهنگي آهي. هو تنقيد ڪرڻ وقت مصلحتن ۽ دنياسازيءَ مان ڄاڻي ئي ڪونه.
    سندس لکڻين جو هڪڙو مقصد هي به آهي ته سنڌ وارن کي بيروني دنيا سان روشناس ڪرائڻ ۽ منجھن سير و تفريح، سياحت ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اتساهه ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ؛ خاص طور سنڌ جي ننڍي ٽَهي ۽ نئين نسل ۾ الطاف شيخ جي لکڻين گھڻو اعتماد ۽ بلند حوصلو پيدا ڪيو آهي.
    اها اسان کي خبر ڪانه هُئي جيڪا الطاف ٻُڌائي ته دنيا جو اهو ڪو شهر، ڪو ملڪ ڪو بندرگاهه ناهي، جتي سنڌي باعزت طور آباد نه هُجن. دنيا جي هر خطي ۾ سٻاجھڙا سنڌي صدين کان آباد آهن ۽ اتي نهايت باوقار ۽ باعزت زندگي گُذارين ٿا ۽ کين سنڌ ۽ شاهه لطيف لاءِ اڄ به بي انتها عقيدت آهي.
    الطاف جي مربوط ۽ تازا ترين سفرنامن جي ملڪي ۽ غير ملڪي پڙهندڙ گھڻي قدرداني ڪئي آهي ۽ پاڪستان رائيٽرس گِلڊ کيس سندس لکڻين تي انعام ڏنو آهي.
    الطاف جو جڏهن پهريون ڪتاب ’اناميڪا‘ شايع ٿيو ته سندس عمر ويهن سالن کان به گھٽ هُئي، هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهي ميرين اڪيڊمي چٽگانگ ويو، جتي هن فني تعليم سان گڏُ بنگالي زبان تي عُبور حاصل ڪيو ۽ چُونڊ بنگالي افسانن جو ترجمو ڪري، سنڌي ۽ بنگالي اديبن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
    الطاف جا سفرناما دراصل انهن ملڪن جي چڱي خاصي تاريخ آهن. تاريخ لکڻ لاءِ مؤرخ ۽ سياح ۾ جيڪي خوبيون هئڻ گھُرجن سي سڀُ هن ۾ بخوبي موجود آهن. مثلاَ ان ملڪ جي ٻوليءَ جي ڄاڻ، ان ملڪ جو بار بار دورو ڪري، اتي جي سياسي پس منظر کان آگاهي، اتي جي مذهبي حالتن جو علم، اتي جي هر طبقي جي ماڻهن سان ميل ملاقات، انهن جي قومي تقريبن ۾ شرڪت، انهن جي شادين مُرادين ۾ شرڪت، ان ملڪ جي تازه ترين لٽريچر ۽ تاريخ جو مطالعو ۽ مشاهدو ۽ انهيءَ سموري معلومات کي غيرجانبداري ۽ فني ترتيب سان تحرير ۾ آڻڻ جو اسلوب ۽ انداز.
    جيئن پوءِ تيئن الطاف وڌيڪ مصروف ٿيندو ويو، هن جڏهن ”سمونڊ جي سيوين“ ۽ ”بندر بازاريون“ ڪتاب لکيا ته هو سينيئر ميرين انجنيئر هو، پر انهن ڪتابن ۾ ويتر وڌيڪ تفصيل ۽ باريڪيءَ سان سفرناما قلمبند ڪيا اٿس ۽ هاڻي جڏهن سندس هي تازه ترين ڪتاب ڇپجي چُڪو آهي ته الطاف چيف انجنيئر جي اهم عهدي تي فائز آهي ۽ تمام مصروف سرڪاري ۽ پيشيوراڻي ذميدارين سان گڏ هو جهاز تي پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ سفر ڪندو آهي. مون سمجھيو ٿي ته هاڻي سندس لکڻ جي رفتار سستُ پئجي ويندي نه ته به ڪم از ڪم هو ايتري باريڪي ۽ گھرائيءَ سان ۽ ايتري Sharp Vision ۽ ڀرپور ائپروچ Approach سان لکي ڪونه سگھندو، پر سندس لکڻين ۾ اهائي حيرت انگيز تازگي ۽ شوخي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، هن ڪتاب ۾ ته ويتر وڌيڪ سنجيدگي ۽ پُختگي به موجود آهي. نه صرف ايترو پر اسان سندس هن ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ کي خالص تحقيقي مقالو چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ سريلنڪا جي تاريخ، تهذيب تمدن، اقتصاديات، جاگرافي، مذهب، ٻولين، ڌنڌن، ريتن رسمن، مزاج، ماحول، مسائل ۽ وسائل جو مستند حوالن سان احوال ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري هي ڪتاب سنڌ ۽ سريلنڪا وارن لاءِ اهم حوالي جو ڪتاب چئي سگھجي ٿو.
    هن ڪتاب لکڻ ۾ الطاف جي ڏهن سالن جي محنت ۽ تحقيق شامل آهي. اڃا هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هو ته هن جا بيشمار قلمي دوست ڪولمبو سان تعلق رکندا هُئا. جن سان هو گھڻو حُجائتو هو ۽ کانئن سندن ملڪن بابت طرحين طرحين جا سوال پُڇندو هو. ڪولمبو هڪ اهڙو بندرگاهه آهي جتي الطاف جي جهاز کي اڪثر هر سفر ۾ ايندي ويندي ترسڻو پوي ٿو ۽ کيس سريلنڪا جو تفصيلي ۽ بار بار دورو ڪرڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن، تنهن سان گڏُ الطاف کي ڪيترن ئي مستند غيرملڪي تواريخن ۽ مذهبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو آهي ۽ کيس سنهالي، هندي، چيني، انگريزي ۽ عربي زبانن سکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هن کي تاريخ اسلام سان گڏُ ٻڌ مذهب ۽ هندو ڌرم جو تقابلي اڀياس (Comparative Study) ڪرڻو پيو ۽ هنن مذهبن جا سمورا مندر ۽ تاريخي يادگار کيس ڏسڻا پيا ۽ انهيءَ معلومات کي مربوط ڪري هن نوجوان اديب سريلنڪا جي ڪلچر ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
    ممڪن آهي ته هي ڪتاب انگريزي يا سلوني زبان ۾ ترجمو ڪيو وڃي ۽ سلون جا رهواسي ۽ ٻيا غيرملڪي پڙهندڙ هن محنتي ۽ مخلص اديب جي تعريف جا ڍُڪ ڀرين. مون کي يقين آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪولمبو يونيورسٽي هن ڪتاب جي قدرداني ڪندي، جنهن ۾ لائق محقق جو خلوص، درد ۽ انساني دوستيءَ جا جذبا ڪارفرما آهن.
    جيڪڏهن هن ڊائري کي ايڊٽ ڪري سمورا حوالا، حاشيه ۾ هيٺيان ڏئي، مسلمه ترتيب سان، مصنف ۽ ڪتاب جو نالو، سن طباعت، تعداد، واليوم ۽ (جلد) پبلشر جو نالو ڏجي ها ته هن تحقيقي ڪتاب کي فني طور وڌيڪ بهتر بنائي سگھجي ها ۽ اڃا وڌيڪ سُٺو ٿئي ها جو هيڏي ساري محنت سان لکيل ڪتاب جي اڳيان فهرست، ماخذ ۽ آخر ۾ ببلوگرافي کي ترتيب ڏئي ڪتاب ۾ شامل ڪجي ها ۽ پڻُ سلون جو نقشو ۽ ٻين تاريخي عمارتن ۽ شهرن جون تصويرون Illustrations and Pictures هن ڪتاب ۾ اچي وڃن ها ته هن ڪتاب جي اهميت کي چار چنڊَ لڳي وڃن ها. ڇو ته يقينن اڳتي هلي هي ڪتاب مؤرخن، محققن ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتي شيءِ ثابت ٿيندو.
    الطاف جي سمورن ڪتابن جو لهجو عوامي اسٽائيل (Spoken Form) ۾ آهي جيڪو عام طور انهن گرامري بندشن ۽ بيهڪ جي نشانين کان مستثنى ۽ آجو هوندو آهي. هو جيئن جيئن سير سفر ڪندي پنهنجي دوست مظهر سان گفتگو ڪري ٿو جيئن جيئن ٽئڪسي وارن، دڪاندارن، بوڪ سيلرن، درزين، سئنيما وارن سان ڳالهائي ٿو، دعوتن ۽ پارٽين ۾ جيڪا سندس گفتگو ٿئي ٿي، ان جو هوبهو هڪ ٽيپ رڪارڊ سفرنامي جي صورت ۾ اسان تائين سندس دوستن جي خطن ذريعي قرطاسي قالب ۾ اوتي اُماڻي ٿو. ائين نه ڪرڻ سان يقينن سندس سفرنامي مان اها اصليت، رنگيني ۽ رونق غائب ٿي وڃي ها. ٺيٺ ادبي ڪتابن ۾ گرامري اصولن موجب لکيل تڪلف واري زبان ۽ لهجي Standard Dialect ۾ Written Form ۾ ڍاليل اسلوب ۾ هي سفرناما لکيا وڃن ها ته هي ڪتاب هڪ رسمي، مصنوعي ۽ اوڦٽو پيو لڳي ها.
    هن ڪتاب ۾ به الطاف سندس ٻين سفرنامن وانگر جا بجا ٻين ملڪن جي حالات کي پنهنجي ملڪ جي حالتن سان ڀيٽيندو ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندو آيو آهي. سندس رايي موجب اڄُ به مشرق جا ڪم و بيش سمورا ترقي پذير ملڪ معاشي بدحالي، غربت ۽ افلاس ، بک بيروزگاري، ناخواندگي ۽ غير يقيني ڪيفيتن سان دوچار آهن. اهڙن حالتن ۽ واقعن جو هن بارها ذڪر ڪيو آهي ۽ نهايت دردانگيز انداز ۾ هن سريلنڪا توڙي ٻين ملڪن جا اهڙا ڀيانڪ منظر چٽيا آهن.
    الطاف هاڻ هڪ سنڌ واسيءَ کان وڌيڪ هڪ بين الاقوامي شهري بنجي چُڪو آهي. ساري دنيا هن جو گھر آهي. بقول اقبال جي

    ”مسلم هين هم وطن هي سارا جهان همارا“

    دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وسندڙ غريب، مفلس ۽ نادار لاءِ ساڳي محبت ۽ همدردي جا جذبا رکي ٿو. ميوو وڪڻندڙ ٻُڍڙِيءَ جي درد انگيز داستان جو بيان ڪندي سندس اکيون آليون ٿيو وڃن. هن حساس اديب لاءِ انسانيت جو درد ۽ ڪرب، چنتا ۽ پيڙا يڪسان طور مؤثر ۽ پريشان ڪُن آهي. چاهي هو سنڌ جو هجي يا سريلنڪا جو.
    هو شاهه لطيف جي هن دعا موجب سموري دنيا ۾ سُڪار ۽ امن ۽ شانتيءَ جو دعاگو آهي:


    ”سائينمِ! سدائين ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار
    دوست مٺا دلدار! عالم سڀُ آباد ڪرين.“


    هر روز هو نوَن نوَن ۽ حيرت انگيز تجربن مان گُذرندو رهي ٿو ۽ انهن حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي ملڪ جي حالتن سان ڀيٽيندو ۽ انهن جي ڀيانڪ نتائج کان خبردار ڪندو رهي ٿو. هر ماحول ۾، هر حالت ۾، هو جيڪو ڏسي ٿو. جيڪي وهي واپري ٿو سو سڀُ هوبهو بنا هٻڪ ۽ هچڪ جي بنا ترديد ۽ ترميم جي اسان تائين پهچائي ٿو.
    الطاف جي انهن لطيفن ۽ واقعن ۾ به هڪ مقصد هوندو آهي ته پڙهندڙ معاشري جي اوڻاين، شراب نوشي، جنسي بي راهه روي، بُک افلاس، بيروزگاري جي اصلي سببن مان به واقف ٿين ۽ انهن ڀيانڪ نتيجن کان به آگاهه ٿين. هو پڙهندڙن جي احساس، حوصلي اخلاق جي اصلاح جو عزم ۽ مقصد رکي ٿو.

    نشي جي عادت، بيروزگاري ۽ افلاس سبب پيدا ٿيندڙ ناخوشگوار حالتون، چوريون، ڦريون، اخلاق سوز واقعات ۽ ٻيون عجيب غريب وارداتون ڏسي هو گھڻي ڏک ۽ حسرت سان لکي ٿو ته:
    ”اهي سڀ اسان جي مشرق جون خاص نشانيون ۽ علامتون آهن.“
    پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي جيڪي نتيجا اخذ ڪري ٿو سي سندس اخلاقي بلندي ۽ اعلى ظرف جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ اسان سڀني لاءِ حوصلي افزا آهن، هو لکي ٿو:

    ”انهن ڳالهين هوندي به جيڪا خوشي (مشرق جي مفلس ۽ نادار) پوڙهيءَ جي چپن تي مسڪراهٽ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي، اهڙي خوشي، اهڙو توڪل ۽ اهڙو سُڪون، مغرب وارن کي سڀُ ڪجھه هوندي به حاصل نه آهي.“

    ڊاڪٽر پروفيسر عبدالرحمان قريشِي
    ايم.اي، ڊي.ايل.سي.سي، پي.ايڇ.ڊي.
    12 آڪٽوبر 1977ع


    هائوس نمبر E-1
    سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي
    حيدرآباد


    ٻه اکر

    ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس هُئي، موسيقيءَ واري شام تي ٿورو دير سان پهتاسين. ماڻهو جايون والاري چُڪا هُئا. اسين سيٽن وچان لنگھندا پنهنجين جاين ڏانهن پئي وياسين ته ڪنهن مون کي سڏُ ڪيو. اوپرو آواز اوپري شڪل جو هڪ نوجوان پاڻ سان گڏ بيٺل ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
    ”ادي هيءَ منهنجي زال آهي، توهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق اٿس.“ هن جي انداز مان ڄاڻ سُڃاڻ هئڻ جو تاثر مليو. هڪ پل ۾ گھڻائي نالا ذهن ۾ آيا. سوچڻ کان پُڇڻ بهتر سمجھيم.
    ”ادا توهين......“
    ”آءٌ الطاف شيخ آهيان ۽ هيءَ منهنجي زال مستوره ......“
    بابا جيڪو مون کان اڳيان هو تنهن يڪدم مُڙي نهاريو.
    ”ڪير ...... الطاف شيخ؟“
    ”ها سائين الطاف شيخ ...... ننڍي هوندي مصباح سان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس.“ هو بابا سان مليو. ”الطاف شيخ ــ الطاف شيخ“ سڀني مُڙي ڏٺو. اهو نالو اسان لاءِ ڪنهن به طرح اوپرو ڪونه هو. منهنجي پُٺيان حُسين هو، ٻئي ڄڻا مليا ۽ پوءِ گڏجي ٿورو پرڀَرو هڪ ٻئي دوست سان وڃي بيٺا. آءٌ ادي مستوره سان ٿي ويٺس. سهڻي سٻاجھي سڀاءَ واري ڀيڻ ٿي ڏٺي ...... اسان جي گفتگوءَ جو موضوع پهرين ادب ۽ پوءِ سفر هو. اتفاق سان ٻنهي جا جيون ساٿي ’لاڳيتو سفر‘ ڪرڻ وارا آهن. هڪ جو سامونڊي سفر ته ٻئي جو هوائي سفر! (پڪ ئي پڪ بقول امر جليل جي انگريزي سفر “Suffer”!) اهو انگريزي سفر پاڻ نه پر اسين سندن اسهڻ کان پوءِ هيڪلائيءَ ۾ ڪنديون آهيون. هوڏانهن هو به شايد ساڳيو موضوع کنيو بيٺا هُئا. هنن وٽ موضوع جي ڪهڙي کوٽ. سڄي دنيا رلڻ (ڀاءُ الطاف سان معذرت)، ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ملڻ ڪري ٻين ڳالهين سان گڏ ڳالهائڻ جو فن به ته اچي ٿو، ۽ جي ان سان گڏُ لکڻ جي ڏات به هُجي ته ــ نتيجو ’الطاف شيخ‘!
    الطاف شيخ کي آءٌ ان وقت کان پڙهندي اچان جڏهن هو اخبار ۾ خط لکندو هو ۽ هڪ ۾ اعتراف ڪيو هُئائين ته مون کي سنڌي ايتري سُٺي لکڻ نه ٿي اچي نه ته جيڪر گھڻو ئي لکان. (اهو بهانو ڪندڙ سنڌي عبرت حاصل ڪن.)
    هن کي ان وقت پڙهيو هئم جڏهن مون حيدرآباد کان وڏو ڪو ٻيو شهر ڪونه ڏٺو هو. تڏهن به هن کي ڏاڍي چاهه مان پڙهندي هئس ۽ هاڻ جڏهن ته نه رُڳو پاڪستان پر ايشيا ۽ يورپ جا ڪيترا وڏا شهر گھُمي ڏٺا اٿم، ته به الطاف جا سفرناما شوق سان پڙهندي آهيان.
    آءٌ پنهنجي شخصي زندگيءَ ۾ توڙي ادبي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ ڪنهن کان متاثر ٿيندي آهيان. مون گھڻائي افسانا ۽ مضمون لکيا آهن. شاعري به ڪئي آهي (مختلف سُگھڙين جي نالن سان) پر انهن ۾ مون ڪنهن جو به اثر وٺڻ کان سواءِ پنهنجي نموني ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ’سگھڙين سٿ‘ لاءِ پنهنجي سفر جون ’يادگيريون‘ ۽ سوچون لکيم ته هروڀرو به الطاف جي اسٽائيل ۾ لکيم. اهو پاڻمرادو به ٿيو ته ڪجھه منهنجي شعوري ڪوشش به هئي. ظاهر آهي ته مون به اهو ئي ٿي چاهيو ته منهنجون لکڻيون به انهيءَ چاهه ۽ شوق سان پڙهيون وڃن جنهن سان الطاف جا سفرناما پڙهيا ٿا وڃن. انهن ۾ به اهو جادوئي اثر پيدا ٿئي جيڪو پڙهندڙ کي گھيريو وٺي.
    لنڊن هُجي يا پئرس، بينڪاڪ هجي يا منيلا يا ٽوڪيو آءٌ اتي جي بازارين، تفريح گاهن، هوٽلن، بسن، ٽيوبن ۾ ۽ رستن تي ــ مطلب ته هر هنڌ پئي سنڌين کي ڳوليندي هئس ته جيئن انهن متعلق لکان. ڪوشش ڪندي هئس ته انهن ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جاگرافيائي حالتن ۽ تاريخي پس منظر تي به لکان، بلڪل الطاف وانگي: پر سچي ته اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي پاڻ کان ڪونه پُڳو.
    سنڌيءَ ۾ سفرناما لکڻ جي تاريخ گھڻي پُراڻي ڪانهي. اسان وٽ تمام ٿورا نالا آهن جن پرڏيهه وڃي جيڪي اتي ڏٺو سو لکيو، پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪيا. ابتدائي سفرناما هئڻ ڪري اهي پنهنجي جاءِ تي اهم آهن پر الطاف پڙهندڙ کي به پاڻ سان وٺي هلي ٿو.
    الطاف جي هن ڪتاب ۾ سريلنڪا جو سفرنامو آهي. هن پُراڻي ــ ويدن جي وقت ۽ هن وقت جي سريلنڪا بابت معلومات ڏني آهي. ڪولمبو ۾ گذريل ڪجھه ڏينهن جي يادگيرين کي ميڙيو آهي. اتي جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي لکيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي مجموعي ۽ سيلونين جي انفرادي سوچ ۽ ذهني لاڙن جي پنهنجي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ ان کي مغرب سان ڀيٽيو آهي. سموري ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ماڻهن جي ذهنيت جو اڀياس ڪيو آهي.
    هن سفرنامي ۾ هن هميشه وانگر معلومات ڏني آهي. سلون جي اصلي نالي جي پُٺيان جي بڻ بڻياد، سلون جي ٻوليءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ اتي رهندڙن جي اصل نسل کان وٺي هيل تائين جي سماجي ۽ مذهبي حالتن ۽ سياسي نظرين تائين تفصيل سان لکيو اٿس. سلون جي جاگرافيائي اهميت کي پڙهندڙن آڏو واضح ڪرڻ لاءِ هن ملٽن ۽ شاهه جي شعرن جا حوالا ڏنا آهن. مختلف تاريخن مان نور نچوئي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، سندس مقصد پڙهندڙ کي معلومات پهچائڻ آهي...... پر هتي هڪ ڳالهه ٿوري تنقيدي گھري ٿي سا اها ته الطاف جي اڳوڻن سفرنامن جي اها هڪ خوبي آهي ته انهن ۾ ’معلومات‘ ذهني تفريح مهيا ڪندي ڪندي ڏني اٿس پر هن سفرنامي ۾ هن جو قلم گھڻو سنجيدو ٿي ويو آهي جيڪو سنجيده ماڻهن کي وڌيڪ وڻندو. هن ۾ وندر کان وڌيڪ هڪ معلوماتي مضمون وارو انداز عام پڙهندڙ کي شايد ايترو Appeal نه ڪي ...... هڪ طرح ائين کڻي چئجي ته هي سفرنامو پڙهيل لکيل طبقي ۾ وڌيڪ پسند پوندو بنسبت عام ماڻهوءَ جي.
    هونئن الطاف پڙهندڙن جي دلچسپيءَ مان واقف آهي. جڏهن سريلنڪا ۾ رهندڙ برگر يا ڊچ نسل جي ماڻهن جو ذڪر ٿو ڪري ته انهن کي پنهنجي ملڪ جي ’ڪارن انگريزن‘ سان ڀيٽي ٿو. ائين پڙهندڙ اڳيان بلڪل صحيح نقشو چٽجي ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ته اهي اسان جي اڳيان موجود آهن. انهن جي احساس برتري (احساس ڪمتريءَ جو ٻيو نالو) جي ڪري، ديسي لهجي ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو نظارو اکين اڳيان ڦريو اچي.
    فرينڪلن جي گھر جو نقشو، اتي پارٽيءَ ۾ ڏٺل ماحول جو ذڪر، اهي سڀُ حقيقي زندگي آهن ۽ اسان جا ڏٺل وائٺل آهن. يا هن کي خبر آهي ته ماڻهن جي اڪثريت ريڊيو سلون ٻڌي ٿي، ان جي انائونسرن ۽ پروگرام پيش ڪرڻ وارن کي سُڃاڻي ٿي، ته هو انهن مان هڪ سان ملاقات ٿو ڪرائي. اڪثر هنڌن تي چرچا ۽ ٽوٽڪا به سندس ’اسٽائيل‘ جو هڪ حصو آهن جيڪي سندس لکڻ ۾ مزاح يا (Humor) جو هڪ طريقو آهي.
    مجموعي طرح هي سفرنامو الطاف جي ٻين سفرنامن وانگر هڪ قسم جو معلوماتي ادب آهي جيڪو يقينن سنڌي ادب جي اؤسر ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.

    فهميده حسين
    4 اپريل 1976ع


    1

    ڪو زمانو هو ــ عيسوي سن کان اڳ جو نه پر ڏهه پنڌرهن سال اڳ (1960) جو ــ جو ڪولمبو سياحن ۽ جهازين (Sailors) لاءِ جنت هوندو هو. دنيا جي هر شيءِ ملندي هُئي ۽ تمام سستي اگھه تي. ٻاهرين ملڪن کان ڪولمبو گھمڻ لاءِ مسافرن جي پيهه لڳي رهندي هئي. يورپ کان آسٽريليا ويندي، آمريڪا، نيوزيلنڊ يا ڏور اوڀر جي ملڪن طرف ويندي، هر مسافر ڏينهن ٻن لاءِ هتي منزل ضرور ڪندو هو. گھمندو ڦرندو هو. هوٽل ۾ کائيندو پيئندو هو. دڪانن تان ديسي ولايتي شيون خريد ڪندو هو. ٽئڪسين ۽ ٽرامن ۾ چڙهندو هو. مندرن، پگوڊائن، نمائشن، چڙيا گھرن ۽ سئنيمائن ۾ پئسا خرچ ڪندو هو ۽ هتي جا شهري ــ بار کڻڻ واري مزور کان وٺي وڏي هوٽل جي مالڪ يا مئنيجر تائين پئسو ڪمائڻ ۾ مشغول هوندا هُئا.
    ڪولمبو جي خاص بارونق علائقن: هاءِ اسٽريٽ، پيٽا، بوريلا، فورٽ ۽ گال روڊ جا دڪان ته هانگ ڪانگ وانگر رات جو ٻارهين هڪ تائين کليا پيا هوندا هئا. ماڻهن جي هل هلان، روشني، ٽهڪ، موٽر لارين جو گوڙ شور ــ ڪولمبو ۾ هڪ عجيب رونق ۽ زندگي سمايل هُئي. ۽ اهي مسافر ۽ جهازي جڏهن ڏينهن ٻن جي ترسڻ بعد هليا ويندا هُئا ته پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏڻ بدران خرچيل غير ملڪي ناڻو ڇڏي ويندا هئا. جن تي هتي جي لوڪل ماڻهن جو گذران ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته سلون جي گھڻي آمدني چانهه، ڪاٺ، ناريل کان وڌيڪ آيل مسافرن تي آهي.
    هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪنري ٻيٽ وانگر سلون کي پنهنجي زرعي ۽ معدني پيدائش، فئڪٽريون ۽ ڪارخانا نه هُجڻ ڪري ــ يا تمام گھٽ هجڻ ڪري، ڪمائيءَ جو دارومدار سياحت (Tourism) تي آهي. پهرين سلون فري ــ پورٽ هئڻ ڪري، سلوني واپاري ڌارين ملڪن مان خريد ڪيل سامان هتي نفعي تي وڪڻي ڪمائي ڪندا هُئا. جپاني مسافر آمريڪا وڃي قميصون خريد ڪرڻ بدران، آمريڪي قميصون هتان سلون مان ئي خريد ڪندا هُئا. ساڳئي وقت آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهو جپان وڃڻ بدران سلون مان ئي جپاني ريڊيا، واچون، ڪئميرائون ڳنهندا هُئا. مطلب ته ڪولمبو ۾ ٻارهوئي ميلو متل هوندو هو.
    پر اڄُ اهو ڪولمبو پساهه کڻندڙ بيمار مثل ٿي پيو آهي. بدلجندڙ حڪومتون، سياستدان، امير، واپاري پنهنجي پنهنجي وت آهر ڊاڪٽرن جي روپ ۾ ان کي مرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن ــ ۽ ان بابت ايترو ضرور چوندس ته هر ڊاڪٽر جي دوا يڪ ٽڪ ۽ هر حڪيم جي سُتي ترياق به ته نه ٿيندي آهي. ڪٿي ڪو ڊاڪٽر دوا جو غلط ڊوز ڏئي، هي سوجھرو به چٽُ نه ڪري ڇڏي.
    هي ٻيٽ جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ٽئپروبين (Taprobane) پڻ چوندا هُئا، هندستان جي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي ايراضي پنجويهه هزار کن چورس ميل آهي. خط استوا واري پٽي (اتر اڌ گول ۾ ڇهه ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي ڪولمبو شهر آهي) تي هجڻ ڪري ٻارهوئي هڪجهڙي گرم ۽ گھميل موسم ٿئيس. فقط ڊسمبر ۽ جنوريءَ جا ٿورا ڏينهن هلڪي ٿڌڪار ٿئي. جنهن کي هتي جا ماڻهو سيارو سڏين. رات جي وقت سنهڙا سئيٽر به پائين ۽ هڪ ٻئي واتان: ”او اڄُ ته ڏاڍو ٺارُ آهي“ جهڙا جُملا ٻڌي سمجھبو ته هيءُ هنن لاءِ چوٽَ جي سردي آهي.
    ڪولمبو پڻ ٻين خط استوا جي ملڪن وانگر بارش کان مشهور آهي ۽ هر وقت وسڪارو لڳو رهي ٿو. بارش ڏسي هتي سڄڻ سارڻ وارن جون اکڙيون هميشه مشغول رهنديون هونديون. شايد اهو ئي سبب آهي جو هتي جي آدمشُماري پڻُ چڱي خاصي آهي. يا ته هتي جي فئملي پلاننگ کاتي جون پڻ جيپون اصل ڊيوٽي بدران شڪار لاءِ استعمال ٿين ٿيون. پروفلئٽڪ (Prophylactic) ٻارن جي راند لاءِ ڦوڪڻا ٿي دڪانن تي وڪامندا هوندا ۽ پبلسٽيءَ جا پئسا ڪئبري ناچن ۽ شاپنگ پُٺيان، کاتي جا عملدار خرچ ڪندا هوندا. بهرحال گھڻي بارش ڪري گھاٽا ٻيلا ۽ ساوڪ جام آهي. ٻيلا ۽ ساوڪ، پکين ۽ جانورن کي وڌڻ ويجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ان ڪري سلون خوبصورت پکين، جانورن، انهن جي کلُن ۽ عمارتي ڪاٺ کان مشهور آهي.


    2

    سلون، هندستان سان خشڪيءَ رستي ڳنڍيل ناهي. پر مڙيئي وچ ۾ ٿورو سمنڊ جو حصو آهي. سلون ۾ رهندڙ ڪيترائي ڏکڻ هندستاني ۽ سلون جا هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ، هر سال ٽرين رستي سلون جي بارڊر تائين وڃن، پوءِ فيريءَ (موٽر لانچ) رستي سمنڊ اُڪري هندستان جي سرحدي شهر تائين پهچن. جتان پوءِ وري اڳتي مدراس ۽ ان جي آس پاس پنهنجن پاڪ آستانن ۽ ڌرمي ٺڪاڻن تائين گاڏي ۽ بس ۾ وڃن. اڄ ڪلهه سلون جي حُڪومت ٻاهر وڃڻ تي بندش وجھي ڇڏي آهي. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي به اجازت ناهي. مذهب جي ڪري فقط زيارت لاءِ مدراس تائين وڃڻ جي موڪل آهي.
    گُذريل ڏهن سالن ۾ هي منهنجو ڪولمبو ۾ ڇهون يا ستون دفعو ٿيندو، هن دفعي هتي آئي به اسان کي چار ڏينهن ٿي ويا آهن. لڳي پيو ته هي اسان جو جهاز ٻه ٽي هفتا ٻيا به هتي ترسي. جپان کان سڌو هتي آيا آهيون. جپان مان آمريڪا لاءِ ڪجھه مشينري کنئي اٿئون جنهن جي تور اٽڪل چار هزار ٽن ٿيندي پئسفڪ سمنڊ کان سڌو آمريڪا جي اولهه ڪناري ڏي ٿي وياسين ته خبر پيئي ته ڪجھه سامان: ناريل جا وار ۽ چانهه ڪولمبو ۾، اسان جي جهاز لاءِ ترسيل آهي ۽ اهو سامان به آمريڪا ويندو. سامان ڪو ڏيڍُ هزار ٽن مس آهي. جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور جي بندرگاهن جي کڻاڻي حساب سان ٽن ڏينهن جو سامان مس آهي. پر هتي جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڪهڙِي ڳالهه ڪجي! هر جهاز جا جهازي (Sailors) ڪولمبو بندرگاهه تان کِلون ڪندا آهن. چوندا آهن ته جو جهاز ڪولمبو ويو سو اتي سوگھو، ڀلي کڻي ڪلاڪ جو سامان چاڙهڻو يا لاهڻو هُجيس.
    هتي مزدورن جو سرڪار طرفان پگھارُ مقرر ٿيل آهي جيڪو سامان جا مالڪ ڏين. مزور چاهي ڪم تکو ڪن يا ڍلو پر سرڪار مالڪن کان کين پگھارُ پورو وٺي ڏئي ٿي. اڪثر ڏسبو ته چار پنج ڄڻا ڪم ڪري رهيا هوندا ته ٻيا گدام جي پاسي ۾، وڻ جي ڇانوَ ۾ يا ڪنهن ٽيبل هيٺ يا خالي ٽرڪ ۾ سُتا پيا هوندا ۽ جاڳندڙ وري پتي راند ۾ رُڌل هوندا. صبح کان شام تائين پتي راند جُون ٽڪريون توهان کي بندرگاهه اندر ڪيترن ئي هنڌن تي ڏسڻ ۾ اينديون. ايتريقدر جو چرچو مشهور آهي ته ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ رسي ۾ سامان پيو لڙڪندو ۽ مزدور پتي راند ۾ مشغول هوندو، جيسين ڪو فورمئن مٿان اچي ڪڙڪين. ڪڏهن ته هو به راند ۾ ويهي رهندو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو ڪولمبو مان سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ڪا به جهازران ڪمپني پنهنجو جهاز موڪلڻ لاءِ ٻه دفعا سوچيندي آهي، ڇو جو ڪمائي ته ڪمائي جي ماڳ اٽلو نقصان نصيب ٿيندو آهي. ان ڪري هتي ڪوبه جهاز سامان آڻيندو يا نيندو آهي ته ڀاڙو به ٻين ملڪن کان وڌيڪ چارج ڪندو آهي. نتيجي طور اها شيءِ هتي جي ٻڌي واپاريءَ کي مهانگي پوي ٿي ۽ ان جو بار ڦري گھري نيٺ وڃي غريب خريدار تي ٽُٽي ٿو.
    اسان جو ڪراچيءَ جو بندرگاهه ٽي چار سال اڳ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ تمام تکو هو، پر افسوس جو اڄڪلهه ڪراچي بندرگاهه کان به ڪيترين جهازران ڪمپنين کي شڪايت آهي ته مال جو اُڪلاءُ آهستي ٿو ٿئي ۽ دير ٿيڻ ڪري بندرگاهه جهازن سان ڀريو رهي ٿو ۽ هر جهاز کي اندر جڳهه ملڻ کان اڳُ ڪيترا ڏينهن (ويندي سڄي مهيني تائين به) ٻاهر ائنڪريج تي (منوڙي کان ٿورو پري کُلئي سمنڊ ۾) انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جڏهن نه ٿو هلي ته به سندس روز جو خرچُ ٽي هزار کنُ ڊالر ٿيو وڃي، جنهن ۾ اليڪٽرڪسٽِي، ايئرڪنڊيشن ۽ ٻين ڪمن جون مشينون آهن جيڪي چوويهه ڪلاڪ هلنديون رهن ٿيون. جهاز جي هلڻ لاءِ فقط هڪ وڌيڪ انجڻ (Main Engine) هلائڻي پوي ٿي جا پنکو (Propeller) هلائي ٿي، جيڪو جهاز کي اڳتي ڌڪي ٿو. مٿئين خرچ کانسواءِ ٻيو به ڪيترو خرچُ آهي جو جهاز جي نه هلڻ وقت به ساڳيو رهي ٿو. جهڙوڪ جهاز جي عملي جو پگھارُ، کاڌو پيتو، مشين جي ڀڃَ ڊاهه (Wear and Tear) بندرگاهه ۾ بيهڻ يا ائنڪر تي بيهي بندرگاهه جون سهوليتون حاصل ڪرڻ جي في، ڪرينون ۽ باهه جي بچاءَ جي حفاظت حاصل ڪرڻ تي پڻ روزانو جهاز وارن کي چڱو بلُ ڏيڻو پوي ٿو. سو ڪوبه جهاز جو مالڪ نه چاهيندو ته ڪو سندس جهاز اجايو بيٺو هجي. ڇوته جهاز تڏهن گھڻو ڪمائي ٿو جڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلندو رهي ٿو.


    3

    سلون جو اصل نالو ’لنڪا‘ پڻُ آهي، جيڪو اڄ ڪلهه وري سندس سرڪاري طرح رکيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن راماين وغيره ۾ پڻ کيس لنڪا سڏيو ويو آهي. شاهه لطيف پڻ سُر سامونڊيءَ ۾ هن لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي.

    کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا
    سودو ڪن سون جو وڏا وهائو
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا.

    اڳ ۾ ههڙا وڏا جهاز ته نه هُئا. ننڍڙا ٻيڙا ڪناري جو ڀر ڏئي هلندا هُئا ۽ ان زماني ۾ لنڪا ڪافي پري ۽ وڏي سفر تي سمجھي ويندي هُئي. پهرين سٽ شايد اڄ جي شاگردن کي مُنجھائي ته کاري پاڻيءَ (سمنڊ جو) سفر ڪري مِٺي ڪهڙي پاڻيءَ ۾ موٽيا! تن لاءِ جواب عرض آهي ته تن ڏينهن ۾ اسان جي سنڌوندي ايترو کٽجي نه وئي هُئي ۽ انهن ننڍن ٻيڙن لاءِ (Navigation) جي قابل هُئي. ٻاهرن ملڪن کان آيل جهاز سنڌونديءَ ۾ ڪافي اندر تائين هليا ايندا هُئا ۽ درياهه جي ڪناري تي ڪيترائي شهر لاري بندر کان بکر تائين مشهور بندرگاهه هُئا جن تي واپار وڙو هليو ٿي. لاري بندر (ديبل) لاءِ ته ’خلافت تواريخ‘ ۾ آهي ته ديبل هيرن ۽ ٻين قيمتي شين جو مرڪز آهي ۽ منجھس لوڻ ۽ لوهه جون کاڻيون آهن، جن مان سرڪار جي ڪافي اپت ٿئي ٿي.
    هڪ ٻئي ڪتاب (The Mehran of Sindh) ۾ ديبل لاءِ آهي ته چار هزار کن ٻيڙيون ۽ جهاز هن بندرگاهه ۾ رجسٽرڊ آهن. (صفحو 469). سترهينءَ صديءَ جي وچ ڌاري مٽي ۽ رءُ سان هي بندرگاهه ڀرجڻ لڳو ۽ اورنگزيب جي شوق تي، جو انهن ڏينهن (52 ــ 1648) ملتان جو گورنر هو، لاري بندر جي ڀر ۾ هڪ ٻيو بندرگاهه اورنگا بندر نالي جوڙايو ويو. پر اهو ڪارآمد ثابت نه ٿيو ۽ ان جو حصو شاهه بندر جي نالي سان سڏجڻ لڳو. جيڪو پوءِ اڳتي هلي ارڙهين صديءَ ۾ ڪُجهه مشهور ٿيو. تاريخ طاهري ۾ پڻُ سنڌ جي ٻين بندرگاهن بابت دلچسپ احوال ڏنل آهي.


    4

    پاڻ واپس سلون تي اچون جنهنجو تازو ٻه ٽي سال اڳ نالو وري ’سريلنڪا‘ رکيو ويو آهي. هتي ڪيترن سُڃاڻن ۽ واقفڪارن سخت دل ۾ ٿي ڪيو، جڏهن انهن اڳيان وات مان ’سلون‘ لفظ نڪري ٿي ويو. هڪ دعوت ۾ ته آئون ڳالهين ڪندي ذري ذري Ceylon – Ceylon چوندو رهيس. آخر هڪ کان رهيو نه ٿيو تنهن ’سريلنڪا‘ ياد ڏياري درستي ڪئي. کانئس پڪ ڪيم ته ’سري‘ آهي يا ’شري؟‘ ته هن ٻُڌايو ته اهو سري (Sri) آهي ۽ سندس معنى متبرڪ، پاڪ يا شريف سمجھڻ کپي. (جيئن پاڻ وٽ سيوهڻ شريف، مڪلي شريف وغيره)
    سو سريلنڪا ــ يعني لنڪا شريف ۾ مهاوامسا تواريخ مطابق وجي نالي هڪ هندو شهزادو عيسوي سن کان به ڇهه سؤ سال اڳ هندستان کان آيو ۽ پهريون سنهالي بادشاهه ٿيو ۽ حڪومت قائم ڪيائين. اهو شهنشاهي راڄُ هلندو ئي رهيو تان جو اوڻهينءَ صديءَ ۾ انگريزن ڪئنڊيءَ جي راڄ تي قبضو ڪيو.
    1905ع ۾ پورچوگيزن اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ڪنارن تي پنهنجون بيٺڪون ٺاهيون. پورچوگيز پهريان يورپي هُئا جن پنهنجي سامونڊي طاقت تي آفريڪا کنڊ لتاڙي ڪيپ آف گُڊ هوپ (Cape of Good Hope) اڪري اچي ننڍي کنڊ جي ڪناري وارن علائقن تي قبضو ڪيو. 1612ع ۾ انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا ته هنن پورچوگالي استادن کي اڳهين اتي ڏٺو! ۽ انگريزن کان گھٽ ۾ گھٽ سٺ ستر سال اڳ هي پورچوگيز سنڌ ۾ آيل هئا، ڇو ته 1555ع ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ لڳل گھرو جنگ ۾ پڻ پورچوگيزن حصو ورتو هو ۽ تاريخ طاهري مطابق شاهه حسن ارغون جي غير حاضريءَ ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي لُٽيو ۽ ساڙيو هو. انگريزن جي لاري بندر (ٺٽي) جي سرزمين تي قدم رکڻ کان اڳ هنن پورچوگيزن جو ايراني نار، گُجرات ۽ گوا سان واپار ڄميل هو ۽ لاري بندر ۾ ٺٽي وٽ ڪليسا پڻ ٺهرايل هو.
    سلون ۾ پڻ پورچوگيز پهرين آيا ۽ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري ڊَچ آيا. پوءِ 1796ع ۾ برطانوي راڄُ (شل سجُ سندن ملڪ ۾ روشن رهي) سلون ٻيٽ تي فتحيابي حاصل ڪئي ۽ کيس مدراس پريزيڊنسيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. 1802ع ۾ سلون کي هندستان کان ڌار ڪيو ويو ۽ سلون (Crown Colony) ٿي رهيو جيئن اڄُڪلهه اڃان تائين هانگ ڪانگ هنن جي هٿ ۾ آهي. (1ـ جولاءِ 1997ع کان هانگ ڪانگ به واپس ٿيو.)
    سلون اڄڪلهه آزاد ملڪ ۽ ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي. کيس آزادي هندستان ۽ پاڪستان کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگھوئي ملي ۽ ان وقت کان سلون کي پنهنجي حڪومت آهي. پهريان چار سال مسٽر ڊي . ڊبليو سينانائڪي پهريون پرائيم منسٽر ٿي رهيو. ان کان پوءِ مسٽر بندرانائڪي (جيڪو پوءِ 1959ع ۾ قتل ڪيو ويو) ۽ 1960ع ۾ سندس زال مسز بندرانائڪي پرائيم منسٽر ٿي. تنهن بعد ڊيوڊلي سينانائڪي ۽ اڄڪلهه وري مسز بندرانائڪي حڪومت جون واڳون سنڀاليو ويٺي آهي.


    5

    انگريزن جي زماني ۾ گول روڊ، فورٽ ۽ بندرگاهه ۾ وڏيون گوٿڪ نموني جون عمارتون اڄ به ڪولمبو ۾ موجود آهن. جنرل پوسٽ آفيس ڀرسان گورنر هائوس ۾ اڄڪلهه سلون جي وزيراعلى مسز بندرانائڪي رهي ٿي. اتاهين ڇت ۽ ڪمانين واري پوسٽ آفيس پڻ انگريزن جي ڇڏيل نشاني آهي. ان کان سواءِ پاڪستان ۽ هندستان وانگر سلون ۾ پڻ ڪيترائي ڪارا انگريز ديسي لهجي ۾ تکي تکي انگريزي ڳالهائيندي نظر اچن ٿا (جن جون ذهني پاڙون انگلنڊ ۽ يورپ جي ڌرتيءَ تي کُتل آهن.) لڪشمي نالي هڪ ڪپڙي جي دڪان تي پنهنجي هڪ جهازي دوست مظهر چيف آفيسر سان گڏُ ويس:
    ”هيئن سُوٽ سببا آهن؟ اندر لاءِ ڪپڙو نه هئانوَ ته مون کان وٺو ها. هي بافتو ۽ پُراڻين پينٽن جو ڪپڙو ڇو وڌو اٿانوَ؟!“ مظهر دڪان جي مئنيجر، درزي ۽ ڀر ۾ بيٺل هڪ ٻن سيلز گرلز سان وڙهندو رهيو، جن سندس جپان مان خريد ڪيل مهانگو ڪپڙو کاري رکيو هو. آئون ان ڪائونٽر وٽان کسڪي دڪان جي در ڀرسان ڪنڊ ۾ رکيل هتي جو ٺهيل ميڪ اپ جو سامان، ڪڇا ۽ گنجيون ڏسڻ لڳس. دڪان خوبصورت ڇوڪرين (Sales Girls) سان ڀريل هو. هڪ ٻه تلڪ لڳل ڇوڪريون هندو لڳيون ٿي. هڪ ٻه ڪارسريون موڱي رنگ جي اسڪرٽن ۾ هتي جون ديسي ۽ اصلي سنهالي لڳي رهيون هيون. ميڪ اپ ۽ ڪڇن واري ڪٻٽ وٽ جيڪا بيٺي هُئي سا چوڻ لڳي:
    ”توهان جو دوست اجايو وڙهي رهيو آهي.“
    ”وڙهي نه ته ٻيو توهان کي گُلن جا هار پارائي؟“
    ”گُل گوتم لاءِ هوندا آهن،“ هن مُرڪي آهستي چيو.
    ”توهان شآيد ٻُڌ ڌرم سان واسطو رکو ٿيون،“ مون کانئس پڇيو، پر سندس جواب ڏيڻ کان اڳ هڪ ٻي سيلز گرل، جنهن کي ڦيٽڙ ڪيسري رنگ جو مني اسڪرٽ پيل هو، اچي وارد ٿي. هوءَ مني اسڪرٽ ۾ سمارٽ لڳي رهي هُئي. سندس مني اسڪرٽ ڳوٺن ۾ وٿاڻن کي ڏنل لوڙهي وانگر هو جنهن مان مال جي حفاظت ته ٿي سگھي پر ساڳئي وقت ٻاهران لنگھندڙ جي نظر اندر ٻڌل مال تي پڻ پئجي سگھي. سندس چال مست مهريءَ وانگر هُئي. چوڻ لڳي:
    ”ها. هيءَ ٻُڌ آهي ۽ هر چنڊ جي چوڏهينءَ تي پگوڊا ۾ گُل ۽ اگربتيون کڻي ويندي آهي.“
    ”مادري زبان ڪهڙي اٿئي ــ سنهالي يا تامل؟“ مون پڇيومانس: پر هن پاران وري مني اسڪرٽ واريءَ اک ڀڃي وراڻيو:
    ”زبانون ته سڀُ سمجھي ٿي پر هونءَ مادري زبان سنهالي اٿس.“
    اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيون به ٻه ٽي ڇوڪريون رونشي خاطر اچي ڀر ۾ بيٺيون. ڪيسري رنگ جي مني اسڪرٽ واري ڇوڪري تکو تکو ڳالهائيندي رهي ۽ اهو پڻ محسوس ڪيم ته ان اڳيان ٻيون ڇوڪريون احساس ڪمتري محسوس ڪري رهيون هيون. ٻين کان ڪجھه رنگ ۽ فئشن ۾ پڻ وڌيڪ کليل هئي. پڇيومانس ته تون به هتي جي اصلي رهاڪو سنهالي آهين؟
    ”او نو! آءِ ايم برگر“
    ”برگر ــ! واٽ برگر؟! برگلر يا هئم برگر؟“ مون تعجب مان پڇيومانس ته ٻيُون سڀُ مون تان کلڻ لڳيون ته مون کي اها خبر ناهي ته برگر ڇا ٿيندا آهن. ۽ واقعي مون کي اها خبر نه هُئي. اها خبر هيم ته هتي سنهالي مسلمانن کي ’مور‘ (Moor) سڏيندا آهن پر برگر ڇا ٿيندو آهي، ڪهڙي قوم آهي، ڄاڻ نه هيم. ٻُڌ سنهالي ڇوڪريءَ کان پڇيم ته برگر ڇا ٿيندا آهن.
    ’برگر ڊچن کي چوندا آهن.‘
    ”پر هيءَ گھڻو ڳالهائيندڙ ڇوڪري ڊچ ته لڳي ڪانه ٿي.“
    ”سندس ماءُ هتي جي سنهالي ۽ پيءُ ڊچ هو.“
    ٻُڌ سنهاليءَ ڇوڪريءَ مون کي سمجھايو. سندس لهجي ۾ طنز هُئي ۽ ساڳئي وقت قوميت جو جذبو، جيڪو برگر ڇوڪري کي ڏاڍو چُڀي رهيو هو. مون يڪدم پنهنجو هٿ وڌائي ان برگر ڇوڪريءَ سان ائين بارعب نموني ملايو جيئن ڪو فوجي اعلى آفيسر نون آيل رنگروٽن جي اسڪاڊ جو گارڊ آف آنر وٺندي ڪنهن جو نالو، ڳوٺ پُڇي، مُرڪي هٿ ملائيندو آهي.
    ”چئبو ته تون هن ٻيٽ تي ڊچن جي، باقي بچيل ۽ ڇڏيل نشاني آهين؟ پليزڊ ٽهُ ميٽ يو (Pleased to meet you)“
    سلون ۾ مختلف قومون رهن ٿيون. جيئن ته سنهالي، تامل، مُور، ملئي، يورئيشن، مالديوين وغيره. قومي ۽ سرڪاري زبان سنهالي، آهي جيڪا هتي جي اصلي زبان آهي. ڏکڻ هندستان کان لڏي آيل ماڻهو تامل ڳالهائين. انگريزي زبان جو واهپو تمام گھڻو آهي. رڪشا، ٽئڪسي ڊرائيور ۽ هوٽل جي بئري کان وٺي مندر جو ٻائو ۽ چڪلي جي رنڊي انگريزي ڳالهائي فخر محسوس ڪري ٿي. ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي انگريز ڪالونين مان انگريزي زبان ۽ ڪلچر جو واهپو جيترو مون سلون ۽ ملائيشيا ۾ ڏٺو آهي، اوترو ٻي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهي. مثال طور: هندستان ۽ پاڪستان ۾ ايترا ڪارا انگريز نه ملندا جيڪي ڳوٺ ۾ به ٽاءِ ۽ ٽيبل بنا نه کائي سگھن ۽ گڏيل هندستان کي انگريزن جيتوڻيڪ فتح ڪيو پر فقط جسماني طرح. دهلي، لاهور، ٺٽي جهڙن شهرن جي رهواسين لاءِ انگريز به ائين هئا جيئن ان کان اڳ ڪيترا ٻيا آيل؛ منگولن کان عربن تائين. پاڻ کي پنهنجي ئي پُراڻي تهذيب ۽ تمدن هو. ان ڪري پاڻ تي انگريزن جو ايترو اثر نه ٿيو جيترو هنن سريلنڪا جي ماڻهن تي ٿيو آهي.
    ساڳي وقت آزاديءَ لاءِ به پاڻ وڌيڪ مٿاڪُٽ ڪئي ۽ وڌيڪ قدر ٿا ڪريون. پاڪستان ۽ هندستان کي آزاد ڪندي، انگريز سرڪار سلون کي به آزاد ڪري ڇڏيو. شايد اهو ئي سمجھي ته پاڻ ائين نه سمجھون ته انگريز رُڳو هڪ قدم هٽائي سلون ۾ ويٺو آهي ۽ ڪنهن وقت وري واپس اچي سگھي ٿو. انڪري سلون وارن جي اها ڳالهه بجا آهي ته بنا ڪنهن قرباني ۽ رتُ وهائڻ جي کين آزادي ملي.
    سلون جو مکيه ۽ ذري گھٽ سرڪاري مذهب ٻُڌ ڌرم آهي ۽ نوي سيڪڙو ماڻهو ٻُڌَ آهن باقي مسلمان، هندو ۽ ڪرسچن آهن. ڪرسچنن ۾ ڪئٿولڪ وڌيڪ آهن. ڪجھه يهودي ۽ جين مت جا پڻ آهن. عرب واپاري هتي ٻارهين تيرهين صدي ڌاري آيا ۽ ڪيترائي هتي رهي پيا ۽ اڃا تائين ڪجھه آهن، پر اصلوڪن باشندن سان سڱابندي ڪرڻ ڪري ڪافي ملي جُلي ويا آهن.
    هونءَ پاڻ وٽ سلون (سريلنڪا) کان ننڍو وڏو چڱيءَ طرح واقف آهي. هڪ ته سلون ريڊيو اسٽيشن ڪري، جيڪا ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان مشهور آهي. (جيتوڻيڪ طاقت ۾ ريڊيو ڊاڪا، راولپنڊي، آل انڊيا وڌيڪ آهن) پر پروگرام جي لحاظ کان ۽ جھوني هجڻ جي ڪري سلون ريڊيو اسٽيشن ڳوٺ ڳوٺ ۾ مشهور آهي. مون ته ڳوٺن ۾ ڪيترن کي ريڊيا ڀيٽيندي اهو به چوندي ٻڌو آهي ته ”تنهنجو ريڊيو ڪنهن به ڪم جو ناهي جنهن ۾ سلون (سريلنڪا) نٿو وڄي.“ يعني ريڊئي تي ٻيون بئنڊيون هجن يا نه پر پنجويهه، ٽيهه يا چاليهه جي ضرور هجي جيئن ڪنهن هڪ تي سلون وڄي سگھي.


    6

    سلون جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ اچي ٿو ۽ ننڍي هوندي ئي ٻار عربن جي سنڌ تي فتحيابيءَ جي باب ۾ سلون بابت پڙهن ٿا. جتان تاريخدانن جي لکڻ مطابق هيرن، جواهرن، مال ۽ مسافرن جو جهاز سلون کان عربستان پئي ويو ته ان کي ديبل بندر وٽ ڦريو ويو هو. عربن ۽ سنڌين وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ آخر عربن جي فتح ٿي ۽ سنڌ تي ٽي صديون کن راڄُ ڪيائون. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر ۽ گاديءَ جو هنڌُ ٺٽو هو.
    جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته تن ڏينهن ۾ تيز رفتار قسم جا جهاز نه هُئا جي ڏينهن جا ڏينهن بنا راشن پاڻيءَ تي هلندا رهن. کاڌي پيتي جون شيون کڻڻ لاءِ هر ويجھي بندرگاهه تي منزل ڪرڻ ضروري هوندي هُئي. انجڻ ته تن ڏينهن ۾ ايجاد ڪانه ٿي هُئي، جو تيل جي ضرورت پوي. جيتوڻيڪ ٻيڙي يا ڪاٺ جي جهاز کي هر مسافري بعد يا موقعو ملڻ تي ٿورو سُڪيءَ تي لاڙي اندران ۽ ٻاهران تيل جا مکَ ڏنا ويا ٿي جيئن ڪاٺ ۾
    مضبوطي رهي ۽ اها هڪ قسم جي (Dry-Docking) ٿيندي هُئي جنهن لاءِ شاهه لطيف پڻ چيو آهي ته:

    ”ويٺو تُن تنهيس، مکَ ڏيهاڙي مڪڙي.“

    جيئن اڄڪلهه جي لوهي جهازن کي خشڪ گوديءَ ۾ بيهاري سندن ٻاهرين حصي تان پهرين سامونڊي لڳل شيون کرڙيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ تيل بدران مختلف تيل وارا رنگ ــ زنگ ۽ ڪٽ کان بچائڻ لاءِ، لڳايا وڃن ٿا. تن ڏينهن ۾ جهاز (يعني ٻيڙا، غوراب، وڏاندريون، پاکڙيون، دنگيون وغيره) ٿلهي ڪپڙي جي سڙهن تي هلندا هُئا، جي کُوهن (اڀين ڪاٺين) ۾ انگاس وانگر ٻڌا ويا ٿي ۽ ناکئا (Navigators) ۽ سونهان (Pilots) پنهنجي لياقت ۽ ڄاڻ مطابق سڙهه اهڙي نموني Set ڪندا هُئا جيئن هوا کان فائدو وٺي جهاز صحيح رستي ڏي ويندو رهي پوءِ هوا جو رخ کڻي ڪهڙي طرف به هجي. سلون کان عربستان ويندي گوا، بمبئي، دوارڪا، لاري بندر، پسني، گوادر ۽ ٻيا ڪيترا انيڪ تَڙَ ناکئن کي ڳولڻا پوندا هُئا. شاهه لطيف جو شعر آهي:

    ”سڙهه ٿي سبيائون، سندر جَن تَڙن تي،
    سڙهه سبي ساڄا ڪري، کوها کنيائون،
    بيرقون بحرن ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
    لهريون لنگھيائون، لطف سان لطيف چئي.“


    سلون هندو مذهب وارن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هندو مِٿِ (Mythology) مطابق رامائڻ ڪتاب ۾ آهي ته: راوڻ، سيتا کي لنڪا ۾ وڃي لڪايو هو جتي هنومان نالي باندر پهچي سيتا جي مدد ڪئي ۽ عزت بچائي کيس آزاد ڪيو ۽ سڄي لنڪا کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
    ”..........ان وقت هنومان جي پُڇَ ۾ باهه جو ڀنڀٽ ٻري رهيو هو.“ شري تلسيءَ رامائڻ جي سنڌي ڇاپي جي صفحي 293 تي لکيل آهي ته:
    ”هو ٽپُ ڏئي هڪ اونچي مڪان تي چڙهي ويو. پوءِ هڪ محل کان ٻئي محل تي هو ٽپندو ڪُڏندو انهن کي باهه لڳائيندو ويو. هو پنهنجي پُڇ کي چؤڌاري ڦيرائي ڇنڊڻ لڳو ته ان مان ٽانڊن ۽ باهه جي مَچن جي ورکا ٿيڻ لڳي. ان ريت لنڪا جي وڏن وڏن محلن کي باهه وچڙي وئي ۽ چؤطرف باهه جا ڀنڀٽ ئي ڀنڀٽ ٿي ڏٺا. ان وقت پَون ديوتا به مدد ڪئي جو زبردست واءُ اچي لڳو ۽ سڄي لنڪا ۾ اڳني ڦهلجي وئي. ائين پئي ڀانيو ته آڪاش مان ڪا اگنيءَ جي ندي وهي رهي آهي. ڪاٺ جا گھر مشعلن وانگر ٻرڻ لڳا. ست اٺ منزلا مڪان ڌو ڌو ڪندا اچي هيٺ ٿي ڪريا. سڄي لنڪا ۾ هاها ڪار مچي ويو ۽ سڀُ ڪو پنهنجي ٻارن ۽ مال کي بچائڻ ۾ لڳي ويو. ان ريت بجرنگ بلي هنومان لنڪا کي جلائي ان جي سوڀيا چٽُ ڪري ڇڏي......“
    جهاز جنهن وقت ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ گھڙي رهيو هو، آئون انجڻ روم ۾ هوس. ’اسٽاپ‘ ’اڳيان آهستي‘ ’اسٽاپ‘ ’پويان آهستي‘ جا ٽيليگراف ذري ذري ايندا رهيا. اسان سڀني کي اهو تجسس هو ته آيا ڪولمبو جي بندرگاهه ۾ جيٽي ملندي يا ٻاهر (Anchorage) تي جهاز کي بيهڻو پوندو. ڌڪي (Jetty) سان لڳي بيهڻ مان اهو فائدو آهي ته جنهن وقت چاهي جهاز تان گھمڻ وڃي سگھجي ٿو، پر ائنڪريج تان ڪناري يا ڪناري تان واپس ائنڪريج تي بيٺل جهاز تي اچڻ لاءِ هر وقت ٻيڙي (لانچ) جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو جيڪا هرهڪ کان اوٽ موٽ جا پنج روپيا کن ٽڪيٽ الڳ وٺي ٿي.
    اليڪٽريڪل انجنيئر کي مٿي موڪليم ته ديدار ڪري اچ ته جهاز ڪٿي لڳڻ وارو آهي، تنهن اچي خوشخبري ٻُڌائي ته جهاز ڪولمبو بندرگاهه جي ٻئي نمبر گيٽ وٽ لڳي رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سامهون ائنڪر تي بنگلاديش جو جهاز ’بنگلاردوت‘ بيٺو آهي.“ هن ٻُڌايو.
    ”اهو ’بنگلاردوت‘ اصل پئن اسلامڪ وارن جو جهاز هو.“ فورٿ انجنيئر کيس ٻُڌايو.
    ”باقي بنگالين (Maintain) واهه جو ڪري رکيو آهي. اصل چمڪي پيو.“
    ”هاڻ ايترو به نه ڪندا ڇا؟“ فورٿ انجنيئر پنهنجا ڪارٺ هاڻا هٿ ڪپڙي سان اگھندي چيو، هونءَ به بنگالي ڪم جا مُڙس ماڻهو آهن. ڏسين نه ٿو انهن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي جهازن جو ڇا حال ٿي ويو آهي.“
    ”ها يار، اسان جو پٺاڻ، مڪراني، ڪڇي يا پنجابي ڪريُو (Crew) اهڙو آهي جو کڻي صفائيءَ لاءِ چئين ته ٺپ جواب ڏين ٿا. بنگالي هُئا ته عيش هو. جهاز (Port) ۾ هوندو هو ته به ٻاهر گھمڻ جو شوق ڪونه هوندو هون. ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هُئا. ڏهه گاريون ڏبيون هيون ته به جي صاحب جي صاحب ڪندا رهندا هُئا.“
    ”هاڻ ته هي پنهنجو (Crew) هر ڳالهه ۾ آرٽيڪل جو حوالو ڏئي ٿو. آرٽيڪل ۾ هيئن آهي، آرٽيڪل ۾ هونءَ آهي. ڪي ڪي خُلاصي ته ائين ٿا سمجھن ته هو جهاز تي ڪم ڪرڻ لاءِ نه پر گھُمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهن.“
    اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فورٿ انجنيئر بحث ڪندا رهيا. مونکي بنگلاردوت جهاز جو نالو هڪدم ڌيان ۾ هُريو ته منهنجو دوست بديع الزمان ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر آهي. بديع الزمان منهنجو يارهن سال اڳ تعليم دوران چٽگانگ ۾ واقف ٿيو هو. اسان ٻئي اتي انجنيئرنگ برانچ جا ڪئڊٽ هئاسين. ڪلاس ۾ ٻنهي جون ڊيسڪون هڪ ٻئي پُٺيان هيون. راند ۾ گڏُ، مانيءَ تي گڏُ، (Rowing) باڪسنگ ۽ پي ٽيءَ تان گُسائڻ ۾ گڏُ ۽ پوءِ سزا کائڻ مهل به گڏُ.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان تان ٻنهي پاسن جا ڪجھه ڪئڊٽ تکا ٿيندا هُئا ته بديع الزمان، سندس ڀرسان ويٺل بنگالي ڪئڊٽ فيض بسواس، ۽ اڳيان ويٺل ڊيسڪ تي آئون ۽ حسن ابدال ڪئڊٽ ڪاليج جو اجتبى حسين کلندا هُئاسين. اسان سڀني شروع کان اهو طئي ڪيو هو ته انهن ڳالهين ۾ نه پونداسين. مشرقي پاڪستان تي گھڻو خرچ پيو اچي يا مغربي پاڪستان گھٽ ٿو ڪمائي، اهڙين ڳالهين تي اسان جي ملڪ جي چونڊيل ميمبرن کي اسيمبلين ۾ وڙهڻ کپي. اسان کي اهڙيون ڳالهيون سوچي بحث ڪري پاڻ ۾ وڙهڻ مُور نه گھرجي ۽ پوءِ بسواس پنهنجو ڪونج جهڙو ڳلو صاف ڪري تن ڏينهن جو هڪ مشهور انگريزي گانو:
    We shall not think of things like that…… ڳائڻ شروع ڪندو هو.
    پنجن سالن جي تعليم ۽ سکيا کان پوءِ به اتفاق سان بديع الزمان ۽ مون کي هڪ ٻئي پٺيان ساڳيا جهاز ملندا رهيا ۽ جونئرشپ جو ڏکيو ۽ تڪليف وارو زمانو گڏ گُذاريوسين. چوندا آهن ته سُک جي ڪاٽيل وقت جا ساٿي وساري سگھجن ٿا، پر جنهن سان چار گھڙيون ڏکيون گُذاريون آهن سي ساٿي وساري نه ٿا سگھجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان کي آئون وساري نه سگھيو آهيان ــ يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته هو هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ آهي. سياست، ملڪ، قوم، مذهب، پئسي جي جھڳڙي کان اتاهون ۽ بلند، انسانيت جو پوڄاري، حق جي ڳالهه چوڻ وارو، چاهي سر اڏيءَ تي رکيو وڃيس. اهو ئي سبب هو جو شايد ڪي ڪٽر قسم جا بنگالي کيس گھڻو پسند نه ڪندا هُئا، جو هو سندن هر ڳالهه جون اکيون ٻوٽي تائيد نه ڪندو هو.
    سال ڏيڍ گڏ مختلف جهازن تي رهڻ بعد اسان ڌار ٿي وياسين ۽ الڳ الڳ جهازن تي جُدا جُدا سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾ ڦرندا رهياسين. 1971ع جي جنگ وارن ڏينهن ۾ آئون امتحان لاءِ موڪل تي لٿل هوس. سندس جهاز چٽگانگ کان آيو هو. مون سان ملڻ ڳوٺ آيو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪا ۾ ملٽري آپريشن شروع ٿي چُڪي هُئي. مون کانئس گھر ۽ ڳوٺ جي خيريت پُڇي ته کين ڪو نقصان ته نه رسيو.
    سندس گھر جي ڀاتين کان ننڍي لاڪون واقف آهيان جو چٽگانگ ۾ تعليم دوران موڪلن ۾ هنن وٽ ڪجھه ڏينهن وڃي ٽڪندو هوس. ياد آيم ته سندس هڪ ڀيڻ هوندي هُئي. نالو هوس حبيبا خانم. گھر ۾ کيس ’آرتي‘ سڏيندا هُئا. ڊاڪا يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪري رهي هُئي. تمام ذهين هوندي هُئي. جڏهن به آئون هنن وٽ ويندو هوس ته هن سان ڪيترن ئي ڳالهڻ تي بحث ڪندو هوس. زناني تعليم بابت. حيدرآباد ۽ ڊاڪا جي گرلس اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليم معيار بابت. ننڍي کنڊ جي سياسي سُجاڳي ۾ عورتن جي حصي بابت. هوءَ گھڻو ڪري سياست ۽ فلسفي تي گھڻوبحث ڪندي هُئي. کيس چوندو هوس ته توکي جيڪو مُڙس ملندو ان جو ته خير ناهي. سڄو ڏينهن غريب سان بحث ڪري مٿو چٽُ ڪندينءَ ته پاڻ شرمائي چوندي هُئي: ”آئون شادي ڪنديس ئي ڪانه.“
    ”واقعي،“ آئون طنز واري لهجي ۾ کلي چوندو هوسانس، ”ڪير توسان شادي ڪري، ان کان هن لاءِ بهتر آهي ته ڪنهن فلسفي جي ڪتاب کي ڀاڪر پائي ويهي. ڳالهه مڙيئي ساڳي.“
    زمان ۽ آئون کيس ’چرئي ڀيڻ‘ سڏيندا هئاسين. هڪ دفعو پڇيومانس ته: ”ڪهڙو ڪلاس ميٽ تنهنجو (Ideal) آهي.“
    ”اڙي بابا مان غريب ملڪ جي هڪ غريب ڇوڪري آهيان. (Idealism) جا نخرا وري ڪهڙا. پهرين ڳالهه ته شادي ڪنديس ڪانه. پر هر ڇوڪريءَ لاءِ اهو ضروري ٿي سمجھان ته هوءَ اهڙو ڇوڪرو ڳولهي جنهن جي دل صاف هُجي، اندر صاف هُجي. صاف خيالن جو هُجي......“
    آئون ۽ زمان سندس ڳالهيون اڌ ۾ ڪٽي زور سان نعرو هڻندا هئاسين: ”مار ته سهي.“
    مون زمان کان ان چري ڀيڻ جو حال پڇيو ته جبل جهڙو اڏول مُڙس اچي سڏڪن ۾ پيو. چوڻ لڳو:
    ”آرتي، جا شاديءَ بابت هميشه توسان وڏيون ڳالهيون ڪندي هُئي سا بنا ڪنوار بڻجڻ جي ماءُ ٿي وئي آهي. هوءَ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن جو شڪار ٿي وئي. الطاف! مان توکي پنهنجي غمن ۽ هن ننڍي کنڊ جي ڏُکن جو داستان ڪيئن سمجھايان. هوءَ اهڙي آرتي نڪتي جنهن کي ٻارڻ کان اڳ وسايو ويو.“
    هو وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. منهنجي اکين ۾ به پاڻي تري آيو. ڳلي ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو ڦاسي پيو. وڌيڪ ڪجھه نه پُڇي سگھيس. ٻئي ڏينهن هو چُپ چاپ موڪلائي ويو. پاڻ تن ڏينهن ۾ جهاز تي ٿرڊ انجنيئر هو. سندس جهاز ٻئي ڏينهن بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) لاءِ لنگر کڻي رهيو هو.
    مهيني ڏيڍ بعد هڪ خط مليو. لفافي جي ٻاهران ٿائلنڊ ملڪ جون ٽڪليون لڳل هيون. زمان جو هو. بئنڪاڪ جي ڪنهن هوٽل مان لکيو هئائين.
    ”...... هينئر پاڪستاني جهاز تان ڀڄي اچي هن هوٽل ۾ رهيو آهيا. سڀاڻي هوائي جهاز رستي دهليءَ کان ڊاڪا وڃي رهيو آهيان. هڪ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪهڙين مجبورين هيٺ آئون ائين ڪري رهيو آهيا. آئون توهان مغربي پاڪستان جي ڀائرن کان ڇڄڻ نٿو چاهيان. پر لاچار آهيان.آءٌ ان ڌوٻيءَ جي ڪُتي وانگر نه گھر جو نه گھاٽ جو ٿي پوندس.“
    ”ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو. ڪڏهن امن ۽ شانتيءَ جو واءُ ورندو. هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران ڪڏهن اسان پنهنجي اصل دشمن ــ بُک، بيماري، بيروزگاري سان وڙهنداسين، ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي. مڙني پراڻن ڪلاس ميٽن ۽ جهازي ساٿين کي منهنجا پيار ڏجُ. حياتي رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه يا اٿاهه سمنڊ تي ملاقات ٿي ويندي.“
    اڄُ جڏهن مون ٻُڌو ته سندس جهاز اتي ئي بيٺو آهي ته ملڻ جي ڏاڍي خواهش ٿي. بنگلاديش ٿيڻ بعد هنن ٻن سالن جي عرصي اندر ڇا وهيو واپريو آهي، ان جو احوال وٺڻ ڏيڻ تي دل ٿي. ڪلاڪ ٻن بعد بندرگاهه طرفان ڊاڪٽر، ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو آيو ۽ رسمي تپاس ۽ خانه پوري ڪرڻ بعد جهاز تي اچ وڃ جي روڪ ٽوڪ لٿي. جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڪنهن ٻڌايو ته بنگلاديش جو جهاز بنگلاردوت لنگر کڻي ويو. بوٽ ڊيڪ تي بيهي ڏٺم ته جهاز ڪولمبو هاربر کان ٻاهر نڪري رهيو هو. ڏاڍو ڏُک ٿيو ته زمان سان نه ملي سگھيس. کيس ته شايد خبر به نه هجي ته ويجھڙائيءَ ۾ منهنجي بدلي هن جهاز تي ٿي آهي، نه ته کيس به ايترو ويجھو اچي الڳ ٿي وڃڻ تي ڏک ٿئي ها. سو هن سامونڊي زندگيءَ جا ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا ڏاڍا چُڀندڙ ٿين ٿا. ۽ هاڻ به خبر ناهي ته ڪهڙي طرف سندس جهاز وڃي ۽ وري ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿئي:

    اولا کڻي اوءِ، پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا،
    آيل! سامونڊين جي، آهي اڙانگي جوءِ،
    ڪڏهن ڏسنديس روءِ، وري هن اکين سين؟


    سو اها آهي جهازين جي زندگي، جنهن لاءِ شاهه صاحب سُر سامونڊي ۾ هڪ ٻئي هنڌ چيو آهي ته:

    ”سامونڊين سڱ، آهي گوندر گاڏئون.“


    ان ڏينهن شام جو مظهر ۽ آئون سبرايل ڪپڙا ڪسٽم جي ڪائونٽر تي ڏيکاري ضمانت رکايل ٽيهه ڊالر واپس وٺي رهيا هئاسين. ڪائونٽر تي آفريڪن شيدي، يوناني، جرمن ۽ ٻين ملڪن جا جهازي پڻ بيٺا هئا. هر هڪ کي جلدي لڳي پيئي هُئي. هڪ يونانيءَ وٽ پنجاهه پائونڊ هئا جيڪي هن بندرگاهه کان ٻاهر کڻي وڃڻ ٿي چاهيا. ڪسٽم آفيسر چيس ته هي فارم ڀري ڏي (جنهن تي جهازيءَ جونالو، جهاز جو نالو، جنهن ملڪ کان جهاز اچي پيو، ان جو نالو وغيره ڀرڻو هو ۽ پئسن جو انداز پڻ) ۽ اسان جو اڌ مغزي يوناني جوان، ڪسٽم آفيسر سان پنهنجي ضد تي اٽل ته ”فارم تون ڀر. آئون رُڳو صحيح ڪندس.“
    ”نو نو فِل دي فارم آلسو.“ ڪسٽم آفيسر سمجھايس.
    ”نو نو آءِ اونلي سائن.“ (No I only sign) يوناني ضد تي قائم رهيو.
    ”اهڙو نواب آهين ته پاڻ سان ٻه ٽي پرائيويٽ سيڪريٽريون کڻي هلندو ڪر.“
    پر اڳيان به سائين اسان جو يوناني ’چريون ڏئي چار، واڇان آنديسين هڪڙي‘ پهاڪي واري واڇان هُئي جا رَسو ڇنائي هتي اچي پهتي هُئي. فارم واپس ڪسٽم آفيسر جي ڪڇ ۾ کڻي ڦٽو ڪيائين ۽ هتي جو غريب ڪسٽم آفيسر، جهازين جي سگريٽن ۽ هلڪي ڦلڪي سامان تي پلجندڙ، اهو سوچي ته ’ٻوڙن سان ڪهڙا سرٻاٽ ڪبا‘، ماٺ ڪري سندس نالو وغيره پُڇي هن لاءِ فارم ڀري، صحيح ڪرڻ لاءِ چيائينس ۽ يوناني جوان سگريٽ جو ڪشُ هڻي، باقي سگريٽ ٻئي يونانيءَ کي جھلڻ لاءِ ڏئي، پين کي سوگھو جھلي فارم تي ائين ڊگھي صحيح ڪئي ڄڻ پنهنجي جهاز جو سودو سريلنڪا گورنمينٽ سان ڪري رهيو هُجي.
    ان بعد اسان جو وارو هو ته هڪ سومالي لئنڊ جي شيديءَ بنگلاديش جا پنجيتاليهه روپيا اڳيان وڌائي ڪسٽم آفيسر کي ڏيکاريا ۽ فارم ڀرڻ لڳو. وارو ته اسان جو هو پر پنهنجي فقط ڇهه فٽ جسم کي شيديءَ جي ست فٽي جسم سان ڀيٽي هن سان وڙهڻ بدران، سلوني پنج فُٽي بندري ۽ سنهي ڪسٽم آفيسر سان وڙهيس ته وارو اسان جو آهي. ”تو هن کان فارم ڇو ورتو؟“
    مخصوص سلوني لهجي واري انگريزيءَ ۾ چيو: ”او مئن آئون ڇا ڪريان. آئون ته هڪ منٽ به ماٺ ڪري ڪونه ويٺو آهيان. توهان کي ته ڏهه منٽ به ڪونه ٿيا آهن ته چئو پيا ته ڪلاڪ ٿيو آهي. هوڏانهن هو يوناني مونکي اڌ چريو الڳ ڪري پيو وڃي.“
    ”ڌميندرو! ڌميندرو!!“ يونانيءَ پٺيان مُڙي کيس چيو ۽ هٿ لوڏيو. مظهر مون کي پٺيان ڇڪي چيو ته ڇڏ يار، جلدي ڪهڙي آهي. پاڻ مزو لڳو پيو آهي. مظهر ۽ آئون ٿورو پرتي ٿنڀ کي ٽيڪ ڏئي انگريزن جي زماني جي ٺهيل بندرگاهه کي ڏسڻ لڳاسين جنهن تان اڃان (H.M Customs) (هر مئجسٽي ڪسٽمس) جا اکر به نه ڊاٿا ويا آهن. هڪ ڪنڊ ۾ چانهه جو دڪان هو جتي سرڪاري طرح فقط پرڏيهي مسافرن لاءِ چانهه وڪامي. اها پروپئگنڊا چانهه هتي جي سڀ کان اعلى سواد ۽ خوشبوءِ واري آهي. پنجين روپئي پائونڊ ۽ اٺ آنا کن دٻي تي ٽئڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو.
    بندرگاهه جي ورانڊي ۾ هڪ ٻه ڪسٽم آفيسر خاڪي قميص ۽ گوڏن تائين ڊگھي خاڪي چڍيءَ ۾ ڦري رهيا هُئا. سندن خاڪي يونيفارم جو رنگ اڇيرو ٿي ويو هو ۽ لڳو پئي ته ڪيترا سؤ دفعا اهو يونيفارم ڌوپي چُڪو آهي. هڪ ڏي گھوري ڏٺم، ته پاڻ ٻٽونءَ جي زنگ لڳل (Zip) جهڙا ميرا ڏند ڪڍي ائين مُرڪڻ لڳو جيئن شاديءَ جي رڌ تي گڏُ ٿيل فقير، وڌڻ واري بورچي يا حجام ڏي هروڀرو نماڻي اکين سان نهاري مُرڪندا آهن. مون به جواب ۾ مسڪرايو ته اڳتي وڌي آهستي پُڇيائين:
    ”هڪڙو سگريٽ هونداوَ؟“
    ”سگريٽ اسان پيئون ڪونه. هي چيونگ گم وٺ“ مظهر سندس تريءَ تي جپان مان ورتل چيونگ گم جي پاڪيٽ مان هڪ ڪڍي رکيو. اهو وٺي پهرين ته هيٺ مٿي ڪري ان جي رنگين ڪور کي ڏسڻ لڳو ۽ جپانيءَ ۾ لکيل اکرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. يا شايد انهن اکرن کي نانگ بلائون يا تصويرون سمجھي ڏسڻ لڳو. پوءِ آهستي آهستي چيونگ گم تان ٻاهريون پنو لاهي، هاڻ چانديءَ جهڙو چلڪڻو ڪاغذ لاٿائين ٿي ته اتي ٻئي ٿلهي ڪاري رنگ جي سنهالي ڪسٽم آفيسر ڀر ڏنس. چيونگ گم جا ٻه حصا ڪري ننڍو حصو ان کي ڏنائين ۽ وڏو پنهنجي وات منجھه داخل ڪيائين.
    ”آئون تنهنجي جاءِ تي هُجان ها،“ ٿلهي سنهالي ڪسٽم آفيسر سنهي کي چيو، ”ته وڏو اڌ توکي ڏيان ها ۽ ننڍو پاڻ بلي.“
    ”ته مون به ائين ئي ڪيو. ننڍو اڌُ توکي ڏنم.“ سنهي چيس.
    تيسين سومالي لئنڊ جو ست فٽ ڊگھو شيدي پنهنجو ڪم پختو ڪري قطار مان نڪتو ۽ ٻين سندس جهازي دوستن جو انتظار ڪرڻ لڳو. مون پڇيومانس: ”ڇا تنهنجو جهاز بنگلاديش کان پيو اچي.“
    ”ها. ۽ ٻن ڏينهن بعد مگديشو (آفريڪا) وينداسين.“
    پاڻ جهاز جي انجڻ روم ۾ آڳ وارو (Fireman) هو. کانئس بنگلاديش جا نوٽ وٺي ڏسڻ لڳس. کيس ٻڌايم ته اسان پاڪستاني في الحال اوڏانهن وڃي نه ٿا سگھون سو هي نوٽ پهريون دفعو پيو ڏسان. ڏهين ڏهين جا چار نوٽ هيس ۽ هڪ پنجين جو، سڀني تي مجيب الرحمان جي تصوير ڇپيل هُئي. مظهر، سڪن لاءِ پُڇيس.
    ”سڪا مون وٽ ڪونه آهن. هي پنجين روپئي جو نوٽ توهان رکي سگھو ٿا.“
    مون اهو وٺي ان بدران کيس سلوني پنجين روپئي جو نوٽ ڏنو، جو هن وڏي زور بعد ورتو. کيس ٻُڌايم ته بنگلاديش جا پئسا ته ٻاهر مٽجي ڪونه ملندا. بئنڪون ته هن وقت بند آهن. باقي عام مارڪيٽ ۾ فقط ڊالر، پائونڊ ۽ جپاني يين (Yen) ٿا مٽجن.
    ”ها مونکي خبر آهي. هي پيسا مون Declare ڪيا هئا سي ٻُڌائي کڻيون پيو وڃان. منهنجي دوست وٽ ڊالر آهن.“
    ايتري ۾ سندس دوست به ڪسٽم آفيسر کان جند ڇڏائي آيو ۽ سامهون بيٺل ڪسٽم آفيسر جيڪي چيونگ گم چٻاڙي رهيا هُئا تن کان پڇڻ لڳو ته ٻاهر شهر ۾ پئسا مٽجي ملندا يا نه؟ هنن پهرين ڏاڍيان کيس ٻُڌايو ته نه سڀاڻي بئنڪ تان مٽائجانءِ. پر پوءِ آهستي ڪنهن هوٽل جو نالو وٺي ٻڌايائونس ته اتان يارهين روپئي في ڊالر مٽائجانءِ. اسان جو ڏٺو ته ملڪ جي محافظن جو ئي اهو حال آهي جو بليڪ تي مٽائڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن واقف هوٽل واري جو ڏس ڏئي رهيا آهن سو اسان کين چيو: ”دوستو گھٻرايو نه. ٻاهر هليا وڃو. ڪنهن به دڪاندار سان ڳالهه ڪندائو ته ٻارهن روپيا خوشيءَ سان ڏيندانوَ.“ ۽ هو کلندا ٻاهر نڪري ويا.
    ”ساڍي ڇهين روپئي ڊالر بئنڪ تان ڪير مٽائيندو.“ مظهر آهستي ڀڻڪيو.


    7

    جهاز تان اڻ سبيل ڪپڙو ڪولمبو جي بندرگاهه مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪجھه پئسا ڪسٽم ڪائونٽر تي جمع ڪرائڻا پوندا آهن، ان ڳالهه جي خاطريءَ لاءِ ته ڪپڙو (سبيل يا اڻسبيل صورت ۾) واپس جهاز تي آڻڻو آهي. اسان به سبيل ڪپڙا ڏيکاري جمع ڪيل ٽيهه ڊالر واپس ورتا. ائنڪر تي بيٺل جهازن جا ڪجھه جهازي جيٽيءَ وٽ ستين وڳي واري لانچ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڀرسان هڪ سنهالي ڪوڪاڪولا وڪڻي رهيو هو. اسان ڪجهه کليل سڪا ڪڍي ڪوڪاڪولا ورتي. دڪاندار ڪوڪاڪولا اسان کي ڏئي اڳتي هڪ مصري عرب کي، جيڪو بلڪل سمنڊ وٽ بيهي ڪوڪا ڪولا پي رهيو هو، سڏڻ لڳو:
    “O’ Friend! Don’t throw the bottle in sea. Give it to me.”
    ”دوست! اها بوتل سمنڊ ۾ نه اڇلجانءِ مون کي واپس ڪجانءِ.“ عرب، جنهن جي شڪل ڪافي معصوم هُئي، وڌيڪ معصوم صورت ٺاهي دڪاندار کي گھوري ڏسڻ لڳو.
    دراصل يورپ، آمريڪا، جپان ۽ ويندي آفريڪا جي به ڪيترن ملڪن ۾ ڪوڪاڪولا يا ڪوبه ان قسم جو ٿڌو شربت پيئڻ کان پوءِ بوتل اڇلائي وڃي ٿي ۽ خالي بوتل جي ڪا قيمت نه ٿئي. خاص ڪري جهازن تي ته جيڪو به ٿڌو ڪوڪاڪولا، فانٽا، سيون اپ، پيپسي يا بيئر، ليمنڊ وغيره ملندو آهي ته بوتل واپس نه ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪو مزو پيئڻ ۾ ايندو آهي تنهن کين وڌيڪ جهاز جي دريءَ مان خالي بوتل کي سمنڊ ۾ ا ڇلڻ ۾ ايندو آهي. پر پاڪستان، ڀارت، سلون ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪجھه ٻين ملڪن ۾ اهي بوتلون وري وري ڪتب آنديون وڃن ٿيون ۽ واپس ڪرڻ ضروري هونديون آهن ۽ ڪن ڪن دڪانن تان بوتل کڻڻ وقت خالي بوتل جا به شربت جيترا پيسا جمع ڪرائڻا پوندا آهن.
    اسان کي کلندو ڏسي دڪاندار پنهنجا سُور روئڻ لڳو: ”سائين ٿوري دير اڳ به ڪجھه جهاز جا ماڻهو آيا. منهنجو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن هو. هو پيئڻ بعد سڀُ بوتلون سمنڊ ۾ اڇلي هليا ويا. آئون غريب نوڪر ماڻهو. فائدو ته فائدي ماڳ، ماڳهين خالي بوتلن جي چٽي منهنجي مٿي تي.“
    مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ها دوست آءٌ سمجھان ٿو. ڏوهه نه تنهنجو آهي نه هنن جو. هنن کي ڪهڙي خبر ته اسان جي ايشيا ۾ ايڏي غُربت آهي جو ڪيترن مريضن وٽ خالي بوتل به نه هوندي آهي جو هو سرڪاري اسپتال مان مفت جي دوا وٺي سگھن. بيئر جو خالي دٻو اسان جي ڳوٺن ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ڪَريءَ طور استعمال ٿيندو آهي. ان جي به چوريءَ جو ڊپُ هوندو آهي، ان ڪري منجھس ٽُنگ ڪري رَسي ٻڌي وڃي ٿي.“
    عرب ويچارو ڪجھه دير تائين سوچيندو رهيو، پوءِ پيئڻ بنا بوتل دڪاندار کي ڏيڻ لڳو.
    ”اڙي بابا هينئر نه. پيئڻ بعد خالي بوتل ڏجانءِ. سمنڊ ۾ نه اڇلجانءِ.“
    عرب ڪو مسخرو ٿي لڳو يا حد کان وڌيڪ سادو. پٽ تان بوتل جو ڍَڪُ کڻي دڪاندار کي ڏيڻ لڳو. دڪاندار هٿ ٻڌي چيس:
    ”او فرينڊ! تو مون کي چڱو تنگ ڪيو ــ مون بوتل تان ئي هٿ کنيو.“ اسان سڀُ وري کلڻ لڳاسين. عرب به هاڻ کلڻ لڳو. اسان پڇيس ته ڪٿي جو آهين.
    ”ناروئين جهاز جو“ سامهون ائنڪر تي بيٺل هڪ ناروي جي جهاز ڏي اشارو ڪري ٻڌائڻ لڳو.
    ”اڙي يار جهاز جو نه، پر شهر جو پُڇي رهيا آهيون، تون ڪهڙي شهر جي سوکڙي آهين؟“ مظهر چيس.
    ”اليگزينڊريه مصر جي“
    ڀرسان ٻه نوجوان ڇوڪرا چوويهن پنجويهن سالن جا پڻ ڪوڪاڪولا پي رهيا هئا. رنگ روپ ۾ پاڪستاني يا اتر هندستان جا ٿي لڳا. پُڇڻ تي ٻُڌايائون:
    ”بنگلاديش جا آهيون. اسانجو جهاز چٽگانگ کان اڄُ هتي آيو آهي.“ اسان ساڻس هٿُ ملائي ٻڌايو ته اسان پاڪستاني آهيون.
    ”آئون سيڪنڊ انجنيئر الطاف آهيان ۽ هي منهنجو دوست چيف آفيسر مظهر حسين آهي.“
    ”آئون ٿرڊ آفيسر آهيان ۽ هي ففٿ انجنيئر آهي.“ هو به وڏي حُب سان مليا. ڄڻ وڇڙيل دوست ۽ مائٽ مليا هجون. مظهر کانئن بنگلاديش جا سڪا پُڇيا ته ٿرڊ آفيسر يڪدم ٻٽونءَ مان ڪجھه سڪا ڪڍي اسان کي ڏنا جن کي تجسس منجھان اسان ڏسڻ لڳاسين.
    ”هي ته ساڳيا پُراڻا پاڪستاني سڪا آهن،“ مون چيومان.
    ”ها سڪا في الحال اهي ئي هلن. تازو ڪجھه نوان به نڪتا آهن. اهي شايد ڪجھه جهاز تي پيل هُجن.“ مصري عرب، جو هيترو وقت وائڙن وانگر اسان جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، سو هڪ دفعو وري معصوم شڪل ٺاهي اسان کان پُڇڻ لڳو.
    ”ڪيئن پيا ڳالهايو ــ؟“، ”جيئن ڳالهائبو آهي تيئن پيا ڳالهايون.“ اسان ورندي ڏنيس. هن جو مطلب هو ته اسان جي وچ ۾ لڳل 1971 واري هيڏي جنگ کي اڃا سال ٻه به نه ٿيو آهي ۽ بنگلاديش جي رهاڪن کي ته اسان سان رُسڻ کپي.
    ”پر،“ هو پُڇڻ لڳو، ”پاڪستان ۽ بنگلاديش ته پاڻ ۾ وڙهيل آهن.“ منهنجي پيشانيءَ تي پگھر ترڻ لڳو. جواب سمجھه ۾ نه آيو. احساس جُرم مون کي کائڻ لڳو. پنهنجي پاپ ۾ پاڻ کي پيڙهجندو محسوس ڪرڻ لڳس. مظهر ۽ مون کي چُپ ڏسي بنگالي ففٿ انجنيئر عرب کي جواب ڏنو:
    ”ڀاءُ اهو جھڳڙو حڪومتن جو سياسي جھڳڙو هو. ملڪ جي غريب عوام جو ٻئي ملڪ جي غريب عوام سان ڪهڙو جھڳڙو، ڪهڙي نفرت، ۽ ٻي ڳالهه ته هيءَ اسان جي جنگ مصر ۽ اسرائيل واري نه هئي. اسان جو ته مذهب ساڳيو، رنگ ساڳيو ۽ ساڳي ڌرتي ساڳيا گيت آهن.“
    لانچ واري سيٽي هڻي هلڻ کان آگاهه ڪيو. جيٽي تي بيٺل هڪ هڪ ٿي لانچ ۾ چڙهيو. عرب به هٿ ملائي موڪلايو. بنگالي ففٿ انجنيئر ۽ ٿرڊ آفيسر پهرين هٿ ملايو پوءِ ڀاڪر پائي موڪلايو. ڪولمبو پورٽ جي ٽيوب لائيٽ جي جھڪي روشنيءَ ۾ مون مظهر جو چهرو ڏٺو. سندس اکين ۾ پاڻي هو. مون ساڻس جهاز تي پهچڻ تائين ڪجھه به نه ڳالهايو. ڪپڙن ۽ چانهه جا بنڊل کڻي، ماٺ ئي ماٺ ۾، مين گيٽ وٽان ڦرندا بندرانائڪي گيٽ وٽ پنهنجي جهاز جي ڏاڪڻ تي اچي چڙهياسين. مٿئين ڏاڪي وٽ سُکانيءَ ڪئبن جي چاٻي ڏني ۽ اسان پنهنجي پنهنجي ڪئبن ڏي هليا وياسين. ماٺ ئي ماٺ ۾ ــ ان رات دير تائين آئون رابندرناٿ ٽئگور جي گيتانجليءَ جو انگريزي ترجمو پڙهندو رهيس.

    --- My debts are large, my failures great, my shame secret and heavy; yet when I come to ask for my good, I quake in fear lest my prayer be granted.
    --- The song that I come to sing remains unsung to this day.
    I have spent my days in stringing and unstringing my instrument.
    The time has not come true; the words have not been rightly set;
    Only there is the agony of wishing in my heart.

    --- Take my wine in my own cup, friend! It loses its wreath of foam when poured out into that of others.
    ٻئي ڏينهن صبح جو نائين بجي دستور موجب انجڻ روم جي اسٽاف کي روز جو ڪم ڏيڻ کان اڳ چيف انجنيئر کي گذريل ڪم جي رپورٽ ڏيڻ ويس. پاڻ ۽ سندس زال ٻاهر گھمڻ جي ڪپڙن ۾ تيار بيٺا هُئا.
    ”ڇو سر! اڄُ صبح ساڻ ڪٿي جي تياري آهي ــ؟“ مون پڇيومانس.
    ”هو بنگالي جهاز آيو آهي نه ڪالهه. ان جو ڪئپٽن منهنجو پراڻو ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي. ڪالهه پاڻ مون وٽ آيو هو ۽ اڄُ اسان لنچ تي هن وٽ گھمڻ وڃي رهيا آهيون.“
    ”ڪالهه هو هتي آيو هو ڇا؟“ مون حيرت منجھان پڇيو، ”بنگلاديش جون ڪهڙيون خبرون ٿي ڪيائين سر؟“
    ”هن جون ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اتي جون حالتون ويتر خراب ٿينديون وڃن،“ سندس زال جيسين اندريون ڪمرو بند ڪري تيسين بيٺي بيٺي چيف انجنيئر ٻُڌائيندو رهيو ”بنگلاديش ۾ مهانگائيءَ جو حال نه پُڇ. ٻڌائين پئي ته ڪپڙي، سيمينٽ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ڏاڍي اڻاٺ آهي. سڀ کان وڌيڪ شڪايت انڊيا جي ٿي ڪيائين ته جنگ بعد هن ڏاڍو غلط رويو اختيار ڪيو آهي ۽ ٻُڌايائين؛ ’هندستان ويتر اسان کي وڌيڪ لُٽي رهيو آهي ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺي رهيو آهي. سڻيءَ جو به اسان سان سستو سودو ڪري پاڻ رکڻ بدران يورپ آمريڪا کي ڳري اڳهه ۾ وڪڻي فائدو ڪمائي رهيو آهي. ڇا اسان کي سڌو موڪلي ڪمائڻ جو حق ناهي ڇا؟ ديده دليري اها جو انڊيا جا جهاز چٽگانگ مان سامان کڻي سڌو آمريڪا ۽ يورپ اسان جي سامهون پيا وڃن. پاڪستان جا ڪجھه جهاز اسان جي هٿ آيا هئا پر Surrender (آڻ مڃڻ) کان پوءِ به انڊيا انهن مان ڪيترن تي بم هڻي ختم ڪري ڇڏيا ۽ چٽگانگ پورٽ کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس من جي مراد شايد اها هئي ته جيئن اسان کي جهازي طاقت نه هُجي ۽ اسان جو سڄو واپار چٽگانگ بدران ڪلڪتي بندرگاهه کان ٿئي. هينئر به ايتريقدر جو بنگالي پائلٽن هجڻ جي باوجود چٽگانگ ۽ چالنا ۾ هندستاني پائلٽ ڪم ڪري رهيا آهن.
    ان کان سواءِ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هندستان جي فوج ۽ ماڻهن جيڪا ڦرلٽ ڪئي سا ڇا بيان ڪجي. فئڪٽرين ۽ ڪارخانن مان مشينون ئي پٽي کڻي ويا. بندرگاهن ۽ اسٽيشن تي رکيل سامان ندين رستي انڊيا کڻي ويا ۽ دنيا کي ويتر اهو نقشو ڏيکاريائون ته اسان هن نئين آزاد ملڪ جي مدد پيا ڪريون ۽ اسان جو اهو حال ته ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙا. آسمان مان ڪرياسين ته کجيءَ ۾ اٽڪياسين. هاڻ جي ڪجھه ڪُڇون به ٿا ته توهان پاڪستاني ڌار کلندائو ۽ دنيا به چوندي ته آهن ئي هي بنگالي لُچ. اڳ ۾ پاڪستان جي دانهن ٿي ڪيائون ۽ هاڻ هندستان جي، جنهن هنن سان چڱائي ڪئي. پر کين ڪهڙي خبر ته دنيا طرفان مليل بنگلاديش لاءِ امداد جا بلاڪيٽ، ڪپڙا، کاڌي جا بند دٻا ۽ دوائون ڪلڪتي جي مارڪيٽن ۾ عام پيا وڪامن.‘“
    ”بنگلاديش جي ماحول عجيب رُخ اختيار ڪيو آهي. مهانگائي، اڻ هوند، بيروزگاري، خوف ۽ هراس ۽ بي يقينيءَ نوجوانن ۾ نراسائي ۽ ذهني افراتفري (Frustration) پيدا ڪئي آهي. هر هڪ شايد اهو ئي سوچيو ته بس بنگلاديش ٿيڻ بعد يڪدم هر گھر ۾ دولت ڪاهي ايندي. هرهڪ نوجوان کي نوڪري ملي ويندي، چؤطرف پڪا رستا ۽ پُليون خودبخود جُڙي وينديون ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي بنا هر هلائڻ ۽ ٻج ڇٽڻ جي اناج ڦُٽي پوندو. تمام ٿورن ماڻهن اهو سمجھيو ٿي ته اڳتي تمام ڏکين ڏينهن جو مقابلو ڪرڻو آهي. ڪيترا پڙهيل لکيل ماڻهو، سياستدان، مفڪر ۽ دانشور اهو ئي سوچي رهيا آهن ته هيڏو رتُ وهائڻ ، هيڏي قرباني ڏيڻ کان پوءِ به ڇا هي آزادي ۽ سک نصيب ٿيو آهي، جنهن لاءِ ڀاءُ ڀاءُ کان جُدا ٿي ويو.“
    چيف انجنيئر جي زال هٿ ۾ ساڙهيءَ جو پارسل کڻي ٻاهر نڪتي جو بنگالي ڪئپٽن جي ڪنوار کي ڏيڻ لاءِ کنيو هُئائين. کانئس مون پُڇيو:
    ”ادي، کيس پهرين کان سُڃاڻين ڇا ــ؟“
    ”آئون ته ملي ئي بنگالي فئمليءَ سان پهريون دفعو آهيان. ڏاڍا سُٺا ماڻهو آهن.“
    آءٌ هنن سان گئنگ وي (ڏاڪڻ) تائين گڏ آيس، ان بعد هيٺ انجڻ روم ڏي ڊيوٽيءَ لاءِ هليو ويس.


    8

    ٽيون ڏينهن اسان جي جهاز تي، سلون شپنگ ڪارپوريشن طرفان، ڪولمبو جي ڪجھه معزز ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. جن جو جهازرانيءَ سان تعلق آهي. سلون شپنگ ڪارپوريشن جو ڪمرشل مئنيجر ڪئپٽن جلال بيگ اسان جي ڪارپوريشن جو پراڻو ڪئپٽن آهي ۽ اسان جا ڪولمبو جا ايجنٽ پڻ سلون شپنگ ڪارپوريشن وارا آهن. دعوت ۾ اسان جي جهاز جا فقط چار وڏا آفيسر: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ انجنيئر سڏايا ويا ڇو جو مهمانن جو تعدا ٽيهن چاليهن کان مٿي هو ۽ جهاز جي ڊائننگ سئلون (Dining Saloon) ۾ جڳهه گھٽ آهي.
    سڄو ڏينهن جهاز جو عملو، جهاز کي سينگاريندو رهيو. رنگين بلب، رنگين جھنڊيون، مختلف ملڪن ۽ سگنلن جا جھنڊا لهرائيندا رهيا. جهاز جي ڊائننگ اسٽاف کان علاوه ڪولمبو جي هڪ وڏي هوٽل جا بئرا پڻ (Serve) ڪرڻ لاءِ گھُرايا ويا هُئا.
    جهاز جو ايئرڪنڊيشننگ پلانٽ ڪم نه ڪري رهيو هو. سو صبح کان چيف انجنيئر ۽ آئون ان تي لڳا رهياسين. گئس چارج ڪري Expansion Valves بدلاياسين پر هر وقت Suction Pressure گھڻو ۽ Compression Ratio گھٽ پئي ٿيو. ڪا خاص ٿڌاڻ ڪانه ٿي ٿي. شام جا ڇهه وڃي ٿيا پر گئس (Leakage) جي خبر نٿي پئي جنهن ڪارڻ سڪشن پريشر وڌي رهيو هو. پارٽي اٺين ڌاري شروع ٿيڻي هُئي. ايئر ڪنڊيشن ضد کڻي ٻَڌو. جهاز جي ڪنهن به فقط هڪ پاسي (کاٻي يا ساڄي) ٿڌي گئس پاس ٿي ڪئيسين ته پريشر صحيح ٿي رهيو پر هڪ ئي وقت ٻنهي پاسي کولڻ سان اڳيون نور به چٽُ ٿي ٿيو. آخر ڊائننگ سئلون واري پاسي ايئرڪنڊيشن کولي ڇڏيوسين جتي مهمانن کي ماني کائڻي هُئي. ان کان اڳ گڏ ٿيڻ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جو بندوبست برج (Bridge) جي ڀرسان کليل حصي (Wing) ۾ رکيو ويو. صبح کان وٺي گرميءَ ۾ ايئر ڪنڊيشننگ پلانٽ پٺيان ڪم ڪرڻ ڪري آئون سخت ٿڪجي پيو هوس. وهنجي ٿوري دير لاءِ سمهي رهيس.
    اک تڏهن کُلي جڏهن نائين وڳي ڌاري چيف آفيسر مظهر اچي اٿاريو:
    ”ڪمال آهي يار! سڀُ مهمان اچي ويا آهن. ٻه هتي جا وزير آهن. هڪ پنهنجي ملڪ جو ائمبيسڊر، ائمبسيءَ جا ڪيترائي آفيسر، آمريڪن ائمبيسيءَ جا ماڻهو، ليڊيز وغيره وغيره“ هو هڪ ساهيءَ ۾ چئي هليو ويو.
    يڪدم يونيفارم پائي چارٽ روم جي پوئين دروازي مان گھڙي برج (جهاز جي ڪنٽرول روم) مان نڪري، آهستي ٻليءَ پير هلي، ونگ (برج جي پاسي ورو حصو) جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي، آيل مهمانن جو جائزو وٺڻ لڳس. هڪ گوري رنگ جو انگريز ٿي لڳو، منهنجي ڀرسان ئي بيٺل هو. ساڻس هٿ ملائي مون پنهنجو تعارف ڪرايو:
    ”آئون الطاف شيخ هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر آهيان. توهان شايد آمريڪن ايمبيسيءَ سان تعلق رکو ٿا.“
    ”اڙي بابا آئون ته پاڪستاني آهيان“ هو صاف اڙدوءَ ۾ ٻُڌائڻ لڳو. ”آئون پاسپورٽ آفيس ۾ هوس ، هاڻ ڇهه مهينا کن ٿيندا ته ڪولمبو بدلي ٿي اٿم ۽ پاڪستاني سفارتخاني ۾ آهيان. منهنجو نالو مئڪنزي آهي.“
    مون کي ڏاڍو شرم آيو ۽ دل ۾چيم ته تڪڙ ڪم شيطان جو. چيائين:
    ”بابا تنهنجي چيف انجنيئر ته مون کي جرمن سمجھيو هو.“
    پاڻ سڀ ۾ وڌيڪ کلمک ۽ زنده دل ٿي لڳو. ٿوري دير ساڻس ڳالهيون ڪرڻ بعد سامهون مظهر تي نگاهه پئي. هو ڪن ٻن سلوني مهمانن سان ڳالهائي رهيو هو. مظهر تعارف ڪرايو ته هي ٻئي هتي جي ڪن آفيسرن جا پُٽ (يا مائٽ) آهن. هڪ جو نالو فرئنڪ ۽ ٻئي جو فرئنڪلن.
    مسٽر فرئنڪ ۽ مسٽر فرئنڪلن هتي جي اتاهين سوسائٽي کي (Represent) ٿي ڪيو. (سندن نالا دراصل ٻيا آهن پر هتي مون اهي لکيا آهن. جو انهن جي نالي سان ڪو سروڪار نه هُئڻ کپي.) گورا انگريز ته ڪجھه عرصو ايشيا ۽ آفريڪن ملڪن ۾ راڄُ ڪري هليا ويا پر ڪُجھه ديسي ماڻهن کي هو جتي ڪٿي ڪاري انگريز جي روپ ۾ ڇڏي ويا آهن جيڪي ديسي هُجڻ جي باوجود پنهنجي ديس ۽ ديسي شين کي نفرت سان ڏسن ٿا. اهڙا ماڻهو پاڪستان، هندستان، سنگاپور ۽ ٻين ڏکڻ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ گھڻا ملندا. پر سڀ کان گهڻا سلون ۽ ملائيشيا ۾ نظر ايندا اهي خواب به انگريزي زبان ۾ لهندا، ٻارن کي دڙڪو به انگريزي ۾ ڏيندا. مٿن جيڪڏهن پابندي وڌي وڃي ته پيار ۽ محبت جو اظهار انگريزي زبان بدران ٻي ڪنهن زبان ۾ ڪريو ته هو گونگا ثابت ٿيندا. هنن جي کائڻ پيئڻ جو طريقو انگريزن جهڙو. ڳالهه ڳالهه ۾ شيڪسپيئر، شيلي ۽ ورڊسورٿ جا حوالا ڏيندا. مٿيان ٻه جوان ان ڪئٽگري جا هُئا. سندن هر ٻئي جملي ۾ يا ته اها خبر سمايل هُئي ته ’سندن پاسپورٽ عنقريب ٺهڻ تي آهي ۽ هو انگلنڊ وڃي رهندا‘ يا هتي سلون ۾ ڪجھه ڪم جي شيءِ نٿي ملي. (انگريزي رڪارڊ به نه ٿا ملن. هتي ته پلي بواءِ رسالو ۽ هيرالڊ رابن جا ناول به نٿا ملن). ها ان کانسواءِ، خاص ڪري مسٽر فرئنڪلن، جنهن کي آسماني ڀرت جي قميص ۽ ناسي رنگ جي پئنٽ تي چهچ سائي رنگ جي ٽائي هُئي ۽ ان تي اڇي رنگ جو قيمتي هيرو لڳل هو، هالي وڊ جي ڪجھه فلمي اداڪارن ۽ سندن اداڪاريءَ جي رکي رکي تعريف ڪري رهيو هو. (جن مان ڪيترن جا نالا منهنجا به اڻ ٻُڌل آهن)، يا جپان، انگلنڊ ۽ يورپ جي موٽر ڪارن تي بحث ڪري رهيو هو، (جن جا هتي ولائتي رسالن ۽ اخبارن ۾ فوٽا ئي نظر اچن ٿا جو اهڙين شين جي درآمديءَ تي سلون ۾ ڪافي عرصي کان سخت بندش پيل آهي): ته فلاڻي ڪار جي تازي ماڊل ۾ پوئين بتي ڪجھه وڏي ٺاهي اٿن. فلاڻي ڪاري جي تازي ماڊل جا (Wiper) پُراڻي ماڊل کان ڪجھه ڊگھا آهن ۽ فلاڻي ڪار جي Latest ماڊل جون اڳيون سيٽون ٻه انچ وڌيڪ پُٺتي ٿي سگھن ٿيون.
    هنن جون ڳالهيون ٻڌي منهنجو ساههُ گھُٽجي رهيو هو. پيرن تي ڄڻ ماڪوڙيون چڙهي رهيون هيون. ڌيان ڪڏهن هيڏانهن پئي ڀٽڪيو ته ڪڏهن هوڏانهن.
    سامهون بئرو ڪيترن ئي قسمن جون سئنڊوچون هڪ ٽري ۾ کڻيو بيٺو هو. ان وٽ وڃي پسند جون ٻه کڻي مڙيس ته هڪ قداور همراهه هٿ ملائي تعارفُ ڪرايو:
    ”آئون ڪمانڊر چوڌري آهيان. هتي جو نيول اٽيچي. پاڪستان نيويءَ سان تعلق رکان ٿو.“
    ڪن ڪن ماڻهن جي ڳالهائڻ ۾ قدرت عجيب ميٺاجُ رکيو آهي. ڪمانڊر چوڌري انهن خوشنصيبن مان هڪ آهي. باوجود وڏي عمر جي هو ڪافي جوان پئي لڳو. اسان ڪيتري دير ڳالهيون ڪندا رهياسين. پاڻ علم ۽ يادگيري جي کاڻ ۽ ڳالهين جو ڳوٺُ ٿي لڳو. پاڻ ڪنهن زماني ۾ پاڪستان نيول اڪيڊميءَ ۾ پڻُ هو.
    ”نجم انصاري به ته توهان جي ڳوٺ جو آهي. هاڻ شايد ليفٽيننٽ يا ليفٽيننٽ ڪمانڊر هُجي. اڪيڊميءَ ۾ منهنجو شاگرد هو“ هن مون کي ٻُڌايو.
    ”ها ڳوٺ جي اسڪول ۽ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو.“ مون ٻُڌايومانس.
    ذهن تي زور ڏئي چوڻ لڳو: ”ته پوءِ تنهنجي معنى ليفٽيننٽ اشفاق بيگ، زيڊ اي شاهه ۽ سڪندر بخت به تنهنجا ڪلاس ميٽ ٿيا.“
    ”هائو سائين.“ مون وراڻيومانس.
    ”زيڊ اي شاهه ته شايد سيوهڻ جي سيدن مان آهي. ڪٿي آهي اڄُڪلهه؟“
    ”پاڻ ويجھڙائيءَ کان انڊيا مان آيو هُجي. مون کي پاڪستان ڇڏي ڳچُ عرصو ٿي ويو آهي. پاڻ (P.O.W) هو، انڊيا ۾.“
    پاڻ ۽ سندس زال ڪيترا دفعا مونکي ۽ جهاز جي ٻين آفيسرن کي سندن گھر اچڻ جي دعوت ڏني. پاڪستاني آفيسر سڀُ ڏاڍي سڪ ۽ قرب سان مليا. کين هڪ عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هُئي ته سندن ملڪ جو هڪ ماڊرن جهاز ڌارئين ملڪ ۾ بيٺو آهي. ان خوشيءَ جي قيمت اُهي ئي ڪَٿي سگھندا. هو وڏي فخر سان سلوني مهمانن کي ٻُڌائي رهيا هئا ته هي جهاز پاڪستان (ڪراچي شپ يارڊ) ۾ چار سال اڳ جو ٺهيل آهي. هيتري رفتار اٿس، هيترا هزار ٽن سامان کڻي سگھي ٿو. هينئر جپان کان سڌو هتي آيو آهي ۽ هتان سڌو بنان ساهيءَ جي آمريڪا ويندو. سڄو عملو پاڪستاني اٿس. وغيره وغيره.
    ساڳي خوشي ۽ فخر جو اظهار هتي جي پاڪستاني سفير ۽ ٻين جي چهري تي هو. سلوني مهمان ڪافي مرعوب ٿي ڏٺا ــ نه فقط اسان جي جهازسازي ۽ جهازراني کان، پر سندن تازي شروع ڪيل ڇهن جهازن تي مشتمل ’سلون شپنگ ڪارپوريشن‘ جو ٻيڙو، جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني آفيسر آهن، انهن مان پڻ. اهڙي ڳالهه جو ذڪر هتي جو آيل شپنگ منسٽر پڻ ڪندو رهيو. ڊنر وقت آئون هتي جي وزير آبادگاري (Plantation-Minster) مسٽر ڪولون آر. ڊي سلوا جي ڀرسان وڃي ويٺس. پاڻ سلون جو وڏو ۽ مشهور سياستدان آهي ۽ سندس واسطو سلون جي ٽراٽسڪائيٽ (Trotskyite) پارٽيءَ سان آهي. پاڻ ڪنهن زماني ۾ لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس ۾ هرالڊ لاسڪي پروفيسر وٽ پوليٽيڪل سائنس جو شاگرد رهي چُڪو آهي. جنهن خاص ڪري آزاديءَ لاءِ غلام ملڪن جا ماڻهو تيار ڪيا هُئا. سندس ٻين شاگردن ۾ گھانا جو وزيراعلى ڪوامي نڪرما، ڪينيا جو جومو ڪينياٿا، عراق جو هاشم جواد ۽ محمد حديث، هندستان جو ڪرشنا مينن، اين ايم پريرا ۽ سلون جي مٿين پارٽيءَ جا پڻ ڪيترائي ميمبر هُئا.
    تحريڪ آزاديءَ ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن ۾ سلون جي هن ڪولون ڊيسلوا جو نالو به ڪيترا دفعا پڙهيو هوم. اڄ هن سان گڏ ساڳي ٽيبل تي ماني کائيندي خوشي پئي ٿيم. ان کان سواءِ ڊپٽي منسٽر آف پلانٽيشن، ان جي زال ۽ هڪ آرميءَ جو ڪو آفيسر هو.
    کانئس سندس پارٽيءَ بابت، ان بعد سلون ۾ 1958ع ۾ ٿيل سنهالي ۽ تامل ڳالهائيندڙن جي زبردست فساد، ايشيا جي ملڪن جي مستقبل ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت ڳالهيون پُڇندو رهيس. ڳالهه پيٽرول جي مهانگائي جي اچي نڪتي. اتان اچي سائيڪلن جي نڪتي ته سلون لاءِ سڀ کان بهترين سواري آهي ۽ وزير اهو ٻُڌايو ته سندس حڪومت ولائت مان سائيڪلون درآمد ڪرڻ چاهي ٿي. پاڻ ٻُڌايائين ته انگلنڊ جي سائيڪل سڀ کان سٺي ۽ مضبوط آهي ۽ پاڻ جڏهن انگلنڊ ۾ تعليم دوران رهيل هو ته هو اسڪول ڪڏهن ڪڏهن سائيڪل تي ويندو هو.
    ”توهان سڄي دنيا گھُمي آهي“، هن مون کان پُڇيو، ”توهان جو ڇا خيال آهي ته ڪٿي جي سائيڪل سُٺي آهي.“
    ”مجنونءَ کان ڪنهن نادان پُڇيو،“ مون کلي پهرين کيس هڪ لطيفو ٻُڌائڻ چاهيو، ”ته خلافت تي حق حضرت حُسين جو هو يا يزيد لعين جو؟ وراڻيائين: ’جي سچُ پُڇو ته ليلى جو.‘ سو مونکان پُڇندائو ته آئون اهوئي چوندس ته سائيڪلون پاڪستان جون.“
    سڀُ کلڻ لڳا. وزير جي سيڪريٽريءَ پُڇيو: ”ڇا پاڪستان ۾ سائيڪلون ٺهن ٿيون؟“
    ”بلڪل ٺهن ٿيون. هي هيڏو سارو جهاز ٺهيو وڃي، ڇا سائيڪلون نه ٺهنديون هونديون. دراصل اسان جا ڪيترائي پاڙيسري ملڪ آهن جتي ڪيتريون شيون سُٺيون ٺهن ٿيون ۽ ويجھي هُئڻ ڪري گھُرائڻ جو ڀاڙو به گھٽ لڳي سگھي ٿو. پر گھٽ اشتهاربازيءَ ڪري ٻين کي ان بابت خبر ناهي. اسان سڀ ترقي پذير ملڪ آهيون ۽ اسان به هڪ ٻئي جي مدد نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو. پاڪستان ۾ مثال طور پيڪو ڪمپني آهي جنهن جون ليٿ ۽ ڊرل مشينون آمريڪا به خريد ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ويٽ هارويسٽر ۽ ٿريشر کان وٺي ٽيوب ويل ۽ نٽ بولٽ سُٺي ساک جا ٺهن ٿا پر اسان جي ايشيا جي ملڪن تي اهو اثر ويٺل آهي ته دنيا ۾ بهتر شيءِ يورپ ۽ آمريڪا جي ئي آهي.“
    مانيءَ کان پوءِ جهاز گھُمائڻ دوران آيل مهمانن کي انجڻ روم ۾ ڪيتريون مشينون ۽ پمپ ڏيکاريم جي پاڪستان ۾ ٺهيا آهن.
    هڪ ڳالهه هتي جي وزيرن ۽ ٻين اعلى عملدارن ۾ نوٽ ڪيم ته ٿر جي ماڻهن وانگر ڏاڍا سادگي پسند ۽ نهٺائيءَ وارا آهن. غُرور ۽ وڏائي مُور نه اٿن. موڪلائڻ مهل مسٽر ڊيسلوا کي ٻُڌايم ته مون کي لکڻ جو شوق آهي ۽ آئون ايشيا جي ڪجھه نامور سياستدانن، اديبن ۽ فنڪارن جا انٽرويو گڏُ ڪري رهيو آهيان. ان سلسلي ۾ توهان جو نالو پڻ لسٽ تي اٿم. اميد ته نراس نه ڪندا.
    ڀاڪُر پائي چيائين: ”موڪل وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڪنهن وقت به گھر يا آفيس ۾ اچي سگھين ٿو. آئون ته ڪو وڏو ماڻهو آهيان ڪونه ۽ نه ڪي مون وڏا ڪم ڪيا آهن. ها البت اسان جي غلطين ۽ سياسي ناسمجھين مان، اڄُ جو نوجوان، جنهن ڄمندي ئي آزاد فضا ۾ ساهه کنيو آهي، ڪجھه سبق پرائي سگھي ته اسان سمجھنداسين ته اسان جي زندگي سڦل گُذري......“
    هتي ڪولمبو ۾ ڪافي ماڻهو اڳ جا ۽ ڪُجهه هن دفعي واقف ٿيا آهن. پر هيستائين هتي جو ڪوبه سنهالي ڳالهائيندڙ ٻُڌ واقف نه هو. تازو هڪ اهڙي فئملي واقف ٿي آهي. ساڻن ملاقات اوچتو ٿي. سان هن ريت:
    اسان جي جهاز ڀرسان هڪ مالديپ ٻيٽ جو جهاز (Ocean Glory) نالي بيٺو آهي. جنهن جو چيف آفيسر راشد پاڪستاني آهي. پاڻ ننڍي هوندي (Lower-topa) لورٽوپا ڪاليج ۾ هوندو هو ۽ هڪٻئي سان واقفيت تڏهن راند جي مئچن دوران ٿي هُئي. ان بعد اوچتو هتي ملاقات ٿي وئي. سندس جهاز جيئن ته هتي تمام گھڻو ايندو رهي ٿو، سو سندس هتي ڄاڻ سُڃاڻ به گھڻي آهي. هو ڪجھه سنهالي زبان پڻُ ڄاڻي ٿو.
    هڪ ڏينهن ساڻس سندس جهاز تي ملڻ ويس ته مٿئين سنهالي ٻُڌ فئملي هن وٽ ويٺي هُئي. مون سان تعارفُ ڪرايائين. ٻه عورتون: روهيني ۽ چاندراڪا هيون. ۽ سندن مڙس: راندينيا ۽ والٽر هُئا. هڪ ٽن چئن سالن جو ٻار روهيني ۽ راندينيا جو پُٽ هو. والٽر راندينيا جو ڀيڻيويو ٿئي ۽ سڀُ ڪولمبو جي خوبصورت علائقي ”بامبل پٽيا“ ۾ هڪ ئي گھر ۾ رهن ٿا. والٽر ۽ سندس زال ٻئي چڱا ٿلها آهن پر روهيني ۽ سندس مُڙس سلوني ماڻهن جي حساب سان چڱا ڊگھا آهن، خاص ڪري روهيني جو قد اٺهٺ انچ ٿيندو. پاڻ رنگ ۾ تمام صاف ۽ ڪچي بصر جهڙي خوبصورت لڳي رهي هُئي. باقي والٽر جي زال چاندرڪا جو منهن جيتوڻيڪ گھڙيل پر باقي بدن بي ڊولو. ڳالهائڻ سندن وچئين طبقي جي ماڻهن وانگر سنهالي لهجي ۾ انگريزي، رکي رکي ٻار سان به انگريزي ۾ ڳالهائي رهيا هُئا. منهنجي تعجب تي راندينيا ٻُڌايو ته ”هو اڃا اسڪول ته نه ويندو آهي پر گھر ۾ اسان هن سان هر وقت انگريزي ڳالهايون.“ پاڻ هڪ غير ملڪي ايمبيسيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ سندس زال هڪ آرڪيٽيڪ فرم ۾ آرٽسٽ آهي. والٽر کي اٺن مهينن جي ڪِڪِي پريتا آهي. پاڻ اتر سلون جي هڪ شهر جافنا جو آهي. واپار سانگي ڪولمبو ۾ ئي رهي. ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ عمارتي ڪاٺ موڪلي. سندس زال پڻ ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڪري ٿي. ٻارن جي سنڀال ۽ رڌُ پچاءُ گھر ۾ رکيل آيا ۽ بورچياڻي ڪري.
    پاڻ سڀُ خوش اخلاق ۽ دلچسپ ٿي ڏٺا. پنهنجي جهاز تان صوف ۽ چاڪليٽ گھرائي کين ڏنم. جو هتي سلون ۾ ٻيو ميوو ٿئي پر صوف ڪونه ٿين ۽ ٻاهرين هر شيءِ گھُرائڻ تي بندش آهي. چندرڪا چيو: ”هتي سلون ۾ ته اڄُڪلهه سينگار جو سامان: عطر، لوشن، پائوڊر ۽ سينٽ به ڪونه ٿو ملي.“
    ”اهو ته پاڻ سُٺو،“ سندس مُڙس والٽر وراڻيو، ”اسان پاڻ خرچ کان بچيا پيا آهيون. ۽ هونءَ به اهڙين شين مان ڇا فائدو. وهنجڻ سان سڀُ غائب.“
    ۽ پوءِ ڪجھه دير ٻئي زال مُڙس پاڻ ۾ وڙهندا رهيا.
    کين فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اسان ٻنهي کي ٻئي ڏينهن ملڻ ۽ فلم ڏسڻ جي دعوت ڏنائون جا راشد ته اهو چئي ٿڏي ڇڏي ته سندس ڪا ڪولمبو ۾ پراڻي گرل فرينڊ آهي. جنهن سان ملڻو اٿس. مون ان پروگرام ۾ ڪجھه ترميم آڻي هن ريت منظور ڪرايو ته فلم بدران پگوڊا وٺي هلو ته بهتر. ٻُڌن جي عبادت گھر کي پگوڊا سڏجي ٿو. (هونءَ ته ٻُڌن لاءِ پپر جو وڻُ به عبادت جو مرڪزُ ۽ پاڪ شيءِ آهي جو پپر جي وڻ جي هيٺان گوتم ويهي ساڌنا ۽ سچ جي کوجنا ڪئي هُئي.)
    ٻُڌ ڌرم عيسوي سن کان به ڇهه سؤ سال پُراڻو آهي، جنهن جا پوئلڳ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. هن مذهب جي شروعات اتر هندستان کان ٿي ۽ سلون، نيپال، تبت، منگوليا، انڊوچين، برما، ٿائلنڊ چين ۽ جپان تائين پکڙجي ويو. تبت ۾ ٻڌ ڌرم اڳتي هلي لامازم جو روپ اختيار ڪيو. سلون ۽ برما ۾ اڃا تائين اصلي روپ ۾ هلندو اچي ۽ ”هنايانا“ سڏجي ٿو. چين ۽ جپان ۾ ڪجھه تبديلين بعد ”مهايانا“ ٿي ويو. ان کان سواءِ ڪجھه ٻيا فرقا ٿيا. سڀ کان مشهور چين ۾ ”چان ٻُڌزم“ ۽ جپان ۾ ”زين ٻُڌزم“ آهن.
    هن ڌرم جو رهنما هندو شهزادو سڌارٿا گوتم هو، جو ٻُڌ (جيڪو روشن هجي) جي نالي سان مشهور ٿيو. ٻُڌ ڌرم جا اَٺ خاص مَتا آهن: سچ ۽ حق جا رايا، صحيح خواهشون، صحيح ڳالهه ڪرڻ، صحيح هلت چلت، صحيح ڪوشش، حق حلال جي ڪمائي، حال، مستقبل ۽ ماضيءَ جي صحيح ڄاڻ رکڻ ۽ صحيح سوچ ويچار، هن ڌرم موجب انسان مري مري مختلف روپن ۾ وري ڄمي ٿو ۽ نرواڻ تڏهن مليس ٿو جڏهن مٿين اصولن تي سچو ثابت ٿئي ٿو. ٻڌزم ڪرما جو اصول سيکاري ٿو، يعني ماڻهوءَ جا اعمال هن جو مقدر سنوارين يا بگاڙين ٿا.
    گوتم ٻُڌ جون ڪيتريون ئي نشانيون تبرڪ طور ڪيترن ملڪن جي پگوڊائن ۾ رکيل آهن جي پوڄيون وڃن ٿيون. سندس لکڻيون ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: عام ماڻهوءَ لاءِ، ٻائن لاءِ ۽ فيلسوفن لاءِ. گوتم ٻُڌ جا متا سندس مرڻ بعد سندس پوئلڳن (ويندي راجا اشوڪ عيسوي سن کان 244 سال اڳ تائين) ڪيترن ملڪن ۾ پٿرن تي لکائي هڻي ڇڏيا. خاص ڪري ٿائلنڊ، جپان ۽ سلون ۾ ته ڪيترن ئي هنڌن تي اهي اڃا تائين نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ پن جھِرڪن ۾ هڪڙي ٽڪريءَ تي ڦٽل ڪوٽ آهي، جنهن کي ڪافر ڪوٽ يا راجا ماجي راءِ جو ڪوٽ سڏين، ان جي ڀر ۾ ٻُڌ ڌرم جو هڪڙو قديمي ٺلهه آهي.


    9

    سلون ۾ نوي سيڪڙو ماڻهو ٻُڌ آهن. دنيا جا ڪيترائي وڏي ۾ وڏا پگوڊا سلون ۾ پڻ آهن ۽ ٻُڌ ڌرم سلون جو هڪ قسم جو سرڪاري مذهب آهي، ان مذهب جي پاڪ ڏينهن تي موڪلون ٿين. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ (سڄي چنڊ جي رات) ٻُڌ گُل کڻي پگوڊائن ۾ عبادت لاءِ ويندا آهن ۽ گوتم جي مورتي اڳيان ڀينٽ رکن. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ سڄي سلون ۾ موڪل ٿئي. ان ڏينهن کي پويا ڊي (Poya Day) سڏين. ان ڪري سلون موڪلن جي معاملن ۾ سخي آهي. ڪي ته پري پويا (Pre-Poya) ۽ آفٽر پويا (After-Poya) (پونم جي رات کان هڪ ڏينهن اڳُ ۽ هڪ ڏينهن پوءِ وارو) به موڪل ڪن. دڪان، آفيسون، هوٽلون ــ سڀُ بند. ٿالهه ۾ گُل کڻبا ۽ پگوڊا ڏي رُخ ڪبو. حالت اها هوندي آهي جو چوڏهين تاريخ پگوڊائن ۾ تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هوندي آهي. زالون، مرد، ٻار ٻچا سڀُ اتي، زالون گھڻو ڪري ان رات اڇي ساڙهي اوڍين. هڪ چنڊ جي سُهائي، ٻيو گُلن جي خوشبوءِ ۽ اڇي پوشاڪ هڪ خوبصورت نظارو هوندو آهي. ننڍڙا ڏيئا سوين پيا ٻرندا، نغارن ۽ گھنڊن جي آواز ۾ جادوئي ڪيفيت هوندي آهي.
    هڪ لطيفو مشهور آهي ته چنڊ تي جڏهن مختلف قومن جا ماڻهو پهچي ويا ته معلوم ٿيو ته سڀُ ڪم ڪار ۾ لڳا پيا آهن. سواءِ سلونين جي. ڪنهن پُڇيو:
    ”خير ته آهي؟ توهان ڪو ڪم ڪار ڪونه پيا ڪريو.“
    ”ڪم ڪار ......؟“ هڪ سلونيءَ کلندي چنڊ جي افق ڏي هٿُ گھمائي چيو: ”ڏسين نٿو ته (Full Moon) لڳو پيو آهي ۽ سڄو چنڊُ معنى موڪل ــ پويا!“


    10

    ٻئي ڏينهن، مٿي ذڪر ڪيل سنهالي فئملين مون کي هتي جا ٻه پگوڊا ڏيکاريا. هڪ ته سندن گھر جي بلڪل ويجھو هو. پنجاهه سٺ سال کن پُراڻو ٿيندو ۽ ٻيو ست اٺ ميل پري ڪاليا جو پگوڊا سڏجي ٿو ۽ ڪولمبو جو سڀ کان وڏو پگوڊا آهي. ٻنهي ۾ ماڻهوءَ جي قد کان ٻيڻا ٽيڻا وڏا گوتم جا بُت رکيل آهن. ڪٿي سُتو پيو آهي. ڪٿي گيان ويٺو ڪري. ڪٿي پوڄاري (بکشو) چؤڌاري بيٺا اٿس. ٻنهي پگوڊائن جي وڏي ٻائي سان ملرايائون. هڪ وڏي هال ۾ ڀتين تي تصويرون (Paintings) ٺهيل هيون، جن بابت هڪ نوجوان بکشو سنهالي زبان ۾ سمجھائڻ لڳو. جيڪو اتي جو اتي (ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان) والٽر ۽ سندس زال انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻُڌائيندا رهيا: ”هيءَ تصوير گوتم جي ڄمڻ وقت جي آهي. هن پينٽنگ ۾ جوتشي گوتم جي والدين کي جنم پُتري ٻُڌائي رهيو آهي ته هي ٻار غير معمولي شخصيت جو ٿيندو. هن کي محل ۾ ئي رکجو، ڪنهن به ٻاهر جي ڏک جي کيس خبر نه ڏجو. گوتم کي فقط هڪ طرف جي خبر پوي ٿي. هن کي اها خبر ناهي ته ٻاهر جي دنيا ۾ انيڪ انسان ڏکن ۽ غمن جي زندگي گُذاري رهيا آهن. هن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ ڏينهن گوتم گھر کان ٻاهر لڪي نڪتو آهي ۽ هن کي دنيا جا ڏک نظر اچن ٿا. پهرين کيس هڪ پوڙهو فقير نظر اچي ٿو ۽ پوءِ سندس نظر هڪ مريض تي پوي ٿي......“

    ”پهرين فقير تي نه ......“ چاندرڪا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي سندس مُڙس درستي ڪئي، ”پهرين مريض تي نظر ٿي پويس ۽ پوءِ فقير تي.“
    چاندريڪا جي سمجھائڻ جو سڄو جوش ڪرڪرو ٿي ويو. ڀت ڏي نگاهه ڪيم. ويهن کان به مٿي مُورتيون هيون. بکشوءَ اڃان ٽي چار مس سمجھايون هيون. سندس نظرون تصويرن ۾ گھٽ روهيني ۽ چاندريڪا ۾ وڌيڪ کُتل هيون، شايد انهن نظرن جي تکاڻ محسوس ڪري روهيني ته ٽري ويئي. ٻائو پنهنجو ليڪچر ڊگھو ڪرڻ لڳو جنهن ۾ مقصد جي ڳالهه ٿوري ۽ لانڍ گھڻي هُئي. والٽر کي چيم ته مونکي سڄي ڪٿا جي خبر آهي ته گوتم هڪ شهزادو هو ۽ ڪيئن هڪ رات پنهنجي خوبصورت زال ۽ ٻار کي محل ۾ اڪيلو ڇڏي پپر جي وڻ هيٺان ويهي سچ جي ڳولا ۾ ڌيان ڌريو هُئائين. آئون کسڪي ويس. ٻائو لڳاتار ڳالهائيندو رهيو.
    پگوڊا جي مين هال جي ڏاڪڻ تي ٻه چار آيل زالون ٻارن سان گڏ ويٺيون هيون. روهيني پڻ انهن سان گڏ وڃي ويٺي ۽ پيرن جي آڱوٺن سان پٽ تي پيل ريتيءَ ۾ هر ڪاهيندي رهي. چاندرڪا ۽ آئون به اچي ان جي ڀرسان ويٺاسين. چاندرڪا کي چيم ته، ”دراصل گوتم کي هن دنيا ۾ ٿيندڙ پاپن ۽ ظلم کان نفرت هُئي.“
    ”جي ها،“ هوءَ وري هڪ دفعو ساڳي جوش ۾ اچي هڪ سنجيده عالم ۽ مذهبي رهنما وانگر سمجھائڻ لڳي،......

    “Actually Goutam could not tolerate the sufferings of this world of human beings.”

    ”هو سوچڻ لڳو ته هي ڇا آهي ته هن دنيا ۾ غريب به آهن ته امير به! آخر ڇو؟ هي جھڳڙا، هي مارڪُٽ، هي پاپ ڇو ــ ؟“
    ”مون ٻُڌو آهي ته توهان جي مذهب مطابق ڪنهن به شيءَ کي مارڻ پاپ آهي، چاهي وڇون يا نانگ بلا هُجي!“ مون پُڇيومانس.
    ”اهو ته آهي،“ چاندرڪا ڪُجهه دير سوچي وراڻيو، ”پر اڄُڪلهه ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن تي ڪير ٿو عمل ڪري؟ توهان جي مذهب مطابق شراب ۽ سوئر جو گوشت وغيره حرام آهي. ان هوندي به ڪيترا آهن جي شراب ته کُلي عام پيئن ٿا. معاف ڪجو، اهو حال سڀني مذهبن سان وڃي ٿيو آهي. هڻ هڻان، حوس، هرس ۽ اڄُڪلهه جي لالچي ۽ ماديت سان ڀرپور زندگيءَ انسانن کي روحانيت کان پري گمراهه ڪري ڇڏيو آهي.“


    ”اڄُڪلهه جو نوجوان سخت منجھيل آهي ته پاپ ڇا آهي پُڃ ڇا آهي؟ روشني ڇا آهي، اوندهه ڇا آهي؟، سٺائي ڇا آهي، بُرائي ڇا آهي؟ ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اهڙي ته سنهي تندُ آهي جو خبر نٿي پوي ته ڪٿي نيڪي ختم ٿي ۽ ڪٿان بدي شروع ٿي. هر ڳالهه جو طريقو (Trend) بدلجي چُڪو آهي.“
    ”زمانو هو جڏهن دروپديءَ جي عزت تي حملو ٿيو ته مهاڀاري لڙائي لڳي هُئي. سيتا کي ڀڄايو ويو ته کيس واپس آڻڻ لاءِ سڄي لنڪا کي ساڙي ڀسم ڪيو ويو هو. عربن جي جهاز تي چڙهيل مسافرن ۽ مال سان سنڌين هٿ چُراند ڪئي ته عربن چار صديون ويهي حڪومت ڪئي. پر اڄُ رام ۽ ارجن جو اولاد راوڻ ۽ دريوڌن بڻجي ويو آهي. هو کلندي کلندي سيتا ڀڄائي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيندي دروپديءَ جي ساڙهي لاهي ٿو. ڪيترا عرب، اسلام جا پوئلڳ ۽ پڪا مسلمان سڏائڻ وارن جو اولاد، ڪئسوناوا بڻجي ڪلبن ۽ هوٽلن مان ڇوڪريون ڀڄائيندا وتن. شرافت، شانتي، مريادا ۽ سڀيتا اڄُ ڳوليندي به نٿيون ملن. هونءَ ٻُڌ ڌرم، ڌرم نه آهي! ٻُڌزم هڪ قسم جو فلسفو آهي. اٽ از اي فلاسافي......“ ۽ سندس مُڙس والٽر به ان وقت اتي اچي پهتو ، تنهن چاندرڪا جو فقط آخري جُملو ٻڌي ترديد ڪئي:
    ”ڪير ٿو چوي ته اهو فلسفو آهي. اهو هڪ مذهب آهي.“ چاندرڪا کي والٽر جو ائين وچ ۾ ٽپي اچڻ نه وڻيو. آئون زال مڙس جي جھيڙي مان نڪري ڪار مان بوٽ ۽ جوراب ڪڍي پائڻ لڳس. پٺيان سنهالي زبان ۾ چاندرڪا کيس چئي رهي هُئي:
    ”توکي ڪهڙن خبر دنيا جي مذهبن ۽ تاريخ جاگرافي جي. توکي رڳو اها ڄاڻ آهي ته ڪاٺ ڪهڙو اگھُ، ڪهڙو ڪم ٿو اچي ۽ ڪٿان چيريو وڃي ......“
    ڪار ۾ چڙهندي راندينيا مون کي بوٽ پائڻ کان جھليو ته اڃان هڪ ٻئي پگوڊا ۾ به هلڻو آهي.
    ”ان بعد توکي ريڊيو سلون جي اسٽيشن تي وٺي هلنداسين.“
    والٽر ۽ چاندرڪا به وڙهندي اچي ڪار ۾ چڙهيا. والٽر مُنهن سُڄائي ڪار جي اسٽرينگ کي زور سان جھلي، ڦوڪجي سوڪجي، پُٺيءَ جو ڪنڊو اڀو ڪري ائين ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو ڄڻ ڪا ڪار نه هُجي پر روسي ٽريئڪٽر اڻ ريجائتي ڌرتيءَ ۾ مُڏي هر سان ڪاهي رهيو هُجي.
    ٻيو پگوڊا ڪجھه پري هو. رستي تي ريڊيو اسٽِشن سلون آئي ته والٽر بريڪ هڻي کڻي ڪار بيهاري. سجُ لهي چُڪو هو ۽ شام جي چُنجھين بتين ۾ مون سمجھيو پگوڊا اچي ويو. ويتر جو عمارت اڳيان گوتم جو وڏو بُت ڏٺم ته پيرن اگھاڙو هيٺ لٿس. روهينيءَ پنهنجي مُڙس کي آهستي منهنجي پيرن ڏي اشارو ڪيو ۽ مون شڪي ٿي پُڇيو، ”ڇا بوٽ لاهڻ جي هتي ضرورت ناهي؟“ سڀ اچي کل ۾ پيا ۽ والٽر جي چهري تي به هاڻ مُرڪ وري آئي. مون اڇي رنگ جي بلڊنگ جي چوٽيءَ ڏي نهاريو، جنهن تي انگريزيءَ ۾ (Radio Ceylon Broadcasting House) لکيل ڏسڻ ۾ آيو هو.
    ريڊيو سريلنڪا جيڏي طاقتور ۽ مشهور اسٽيشن آهي ان جي مقابلي ۾ عمارت ننڍي اٿس. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد يا ڪراچي جي عمارت به ان اڳيان وڏي ـــ جنهن جي ٻاهر ڇٻر تي ڪيترائي آرٽسٽ، فنڪار، ڪلارڪ، آيل ماڻهو ۽ نوڪر پيا هلندا. پر هتي ڪڪڙون تو لڳي پئي هُئي!
    سلون ريڊيو اسٽيشن جي ٻاهرين خاموشي ۽ سفيد عمارت ڏسي لڳي ٿو ته عبادتگاهه هُجي. هيترا دفعا سلون ۾ اچڻ بعد هي پهريون دفعو ان مرڪز اڳيان بيٺو هوس، جتان براڊڪاسٽ ٿيل گانا، فلمي ڪهاڻيون، لطيفا ۽ اشتهار گذريل ويهن سالن کان شوق سان ٻُڌندو اچان ۽ هيءَ اسٽيشن مون جهڙن لکين ماڻهن لاءِ باعث وندر ۽ Inspiration رهي آهي. دروازي وٽ ٽي سپاهي بلو (شايد سليٽي ــ ياد نه اٿم) ورديءَ ۾ بيٺا هُئا. راندينيا چيو ته شايد اندر اچڻ نه ڏين. بندرانائڪي جي قتل بعد ههڙن هنڌن تي اچڻ تي سختي آهي، خاص ڪري شام جو چئين وڳي کان پوءِ. سپاهي پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. اسان گھڙياسين پر هنن ڪُڇيو ڪونه. عمارت جي لونج ۾ ڪائونٽر پٺيان ٻه سلوني سنهالي ڇوڪريون بيٺيون هيون. شام جا سوا ڇهه ٿيا هُئا (پاڪستان جا پوڻا ست) فلمي گانا هلي رهيا هُئا. والٽر ۽ راندينيا مون کي اندر وٺي هلڻ جي ڪوشش ۾ هئا. سندس ڪو واقف همراهه جوزف نالي هو جو گھر وڃي چُڪو هو ۽ هي ڪنهن ٻئي واقفڪار جي ڳولا ۾هُئا. آئون ڪائونٽر وٽ بيهي ٻنهي سلوني ڇوڪرين ۾ هروڀرو دلچسپي (Interest) وٺڻ لڳس. هڪ پاسيري بيهي براڊڪاسٽ ٿيل پروگرام چيڪ ڪري رهي هُئي. ٻي (Receptionist) ڇوڪري قد ۽ عمر جي تمام ننڍڙي پر ايتري به ننڍي نه جو ’روٽي‘ کي ’روتي‘ چوي! سورهن سترهن سالن جي ٿيندي. رنگ جي چهچ ڪاري. (ٿوري معمولي ڪاري هُجي ها ته کڻي ٿورو گھڻو وڌاءُ ڪري مشڪي چوانس ها). پاڪستان ۾ اهڙي جي توهان کي اوچتو نظر اچي وڃي ته جيڪر ٻي نظر وجھڻ جي ضرورت محسوس نه ڪريو.
    اسان جو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ خالد مخدوم ته جيڪر سلون جي سونهن جو ههڙو ڪريل اسٽئنڊرڊ ڏسي ته يڪدم نرڙ تي ڌڪ هڻي سلون بابت چوي:

    ’سرتيون سڄي سُڃ، متان ڪا مونسين هلي،
    متان مري اُڃَ، ڏئي پاراتو پنهل کي.‘

    پر هفتو کن هتي سلون ۾ ان کان به وڌيڪ ڪاريون، ميريون، سنهيون، ڪانگن جي ٽنگن جهڙيون ڇوڪريون ڏسي ڏسي اسانجو به هاڻ بقول هادي بخش ميمڻ جي ٽيسٽ Develop ٿيو آهي ۽ ڪي ڪي سلوني ڇوڪريون وڻڻ لڳيون آهن ۽ هن جي منهن ۾ ته پوءِ به چڱي چهراڻ هُئي، جنهن جي پويان لائوڊ اسپيڪر تي ’ائسپرو لي لو، ائسپرو لي لو‘ وڄي رهيو هو، ۽ پاڻ بال پين سان ڏند وڄائي رهي هُئي. ۽ هونءَ به ــ سپريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مدُ!
    هڪ همراهه آيو تنهن کي ڦُڙتيءَ سان ڊيسڪ جي خاني مان فارم ڪڍي ڏنائين. هو اهو وٺي ڀر ۾ ٻي ٽيبل تي رکي ڀرڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ٻيو همراهه داخل ٿيو جنهن ڪنهن سان ملڻ ٿي چاهيو. ڇوڪريءَ ڊيسڪ تان هڪ ڪٽ لڳل مائيڪروفون کڻي ان تي اعلان ڪري ان جي دوست کي گھُرايو. آئون پهرين ته ڪائونٽر جي ڪنڊ وٽان کيس ڏسندو رهيس پوءِ بلڪل سامهون بيهي عجيب بيوقوفن وانگر کيس غور سان ڏسڻ لڳس. سندس اکيون ڪجل سان ڀريل هيون جنهنجا ڪارا لينگھا اکين مان ٻاهر نڪري آيا هُئا پر پري کان نظر ڪونه پئي آيا. چپن تي هڪ ردي قسم جي کهنڀي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل هُئي. هوءَ هاڻ بال پين بدران مائيڪ سان ڏند وڄائڻ لڳي. آئون لڳاتار سندس منهن ۽ ڪائونٽر مٿان نڪتل جسم جي حصي کي گھوري ڏسندو رهيس. مون سمجھيو منهنجي ان بيهودي حرڪت تي هن کي ڪاوڙ لڳندي ته آئون هن جي نٻل جسم کي گھوري ڇو پيو ڏسان. پر کلي مائيڪ مون ڏي وڌائيندي چيائين:
    ”توهان شايد هن پُراڻي زماني جي مائيڪ بابت سوچي رهيا آهيو؟“ ”ڏاڍي ٻُڌائي،“ مون دل ۾ چيو. ـــ ”من درچه خيالم وفلک درچه خيال (آئون ڪهڙي خيال ۾ آهيان ۽ آسمان ڪهڙي خيال منجھه!)“
    والٽر ڦلهڙو منهن کڻي منهنجي ڀرسان آيو. آئون سمجھي ويس. چوڻ لڳو، ”هن وقت ڪو سُڃاڻو ته نظر ڪونه ٿو اچي جو اندر وٺي هلي. اٺين بجي هڪ ٻئي منهنجي دوست جي ڊيوٽي آهي ان تائين انتظار ڪريون؟“
    ”نه ــ نه اهڙي ڪا ضرورت ناهي. بس ريڊيو سلون جي عمارت تائين پهتاسين، اهو ئي ڪافي آهي. باقي ٽرانسميٽر ۽ مشينري ڏسڻ جو شوق ناهي“ ٻاهر نڪتاسين ته رستي تي مون کي اوچتو خيال آيو. کانئن اجازت وٺي وري ڪائونٽر وٽ ان ڇوڪريءَ وٽ آيس جا ساڳئي حال ۾ بيٺي هُئي ــ يعني بال پين سان پنهنجا ڏند کڙڪائي رهي هُئي. کانئس پڇيم ته، ”اڄُ جو مکيه انائونسر ڪير آهي؟“
    ”منوهر مهاجن“
    ”ڳالهه ٻُڌ، آئون ٻاهران ڏورانهين ڏيهه کان آيو آهيان ۽ سگھوئي واپس وڃڻ وارو آهيان. مسٽر مهاجن سان جيڪر ملندو وڃان، هو هينئر بزي هوندو پر منٽ ٻن لاءِ واندو ٿي سگھندو؟“
    هن پين ڊيسڪ تي رکي مائيڪروفون هٿ ۾ کنيو ۽ ان سان پنهنجا ڏند وڄائيندي ٻُڌايو.
    ”هوندو ته بزي پر آئون انائونسمينٽ ٿي ڪريان ته هو ملي سگهي ته ٻاهر اچي.“
    پوءِ ٿوري دير لاءِ ڏند وڄائڻ بند ڪري مائيڪ جو سئچ آن ڪري مهاجن لاءِ اعلان ڪيائين. پنج ڏهه منٽ گُذري ويا ۽ جڏهن هو نه آيو ته کيس (محترمه کي) پاڻ بابت ٻُڌايم ته، ”منهنجو لکڻ سان واسطو آهي ۽ منهنجا ڪيترا پڙهندڙ سلون ريڊيو جا پرستار آهن مون کان هر وقت هن اسٽيشن، منوهر مهاجن، امين سياني ۽ ٻين انائونسرن جو پُڇندا آهن. خوش قسمتيءَ سان اڄُ مهاجن جي ڊيوٽي آهي. ٻاهر نڪري ته کيس پاڪستان ۾ رهندڙ سندس اڻ ڏٺل پرستارن جا سلام چئجانءِ.“
    هن پني جي ڀور تي منهنجو نالو (غلط سلط اسپيلنگ سان) لکيو ۽ آئون لونج مان ٻاهر نڪري، ڇٻر لتاڙي، مين گيٽ کان نڪري ڪار ۾ اچي ويٺس. اڃان دروازو مس بند ڪيم ته ريڊيو اسٽيشن مان هڪ هلڪي ڦلڪي بدن جو نوجوان ’الطاف الطاف‘ چوندو ڊوڙندو آيو. ڪار مان نڪتس ته هٿ ڏئي پڇيائين:
    ”سنڌ کان توهان آيا آهيو؟“
    ”جي ها.“ مون وراڻيومانس.
    ”آئون منوهر مُهاجن آهيان.“
    مون ساڻس ملڻ تي سڪ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هو يڪي اڌ ڪلاڪ جو پروگرام ــ ٽيپ چاڙهي ٻاهر نڪري آيو هو. ساڻس سڀني تعارف ڪرايو. پاڻ اندر وٺي هلڻ لاءِ زور ڪرڻ لڳو، پر مون کيس ٻُڌايو ته توهان سان ملاقات ٿي ۽ عمارت ڏٺيسين ايترو في الحال ڪافي آهي. پاڻ جلد جلد ٻاهران ڪولڊ ڊرنڪ اسان لاءِ گھُرائي، پُڇيائين ته، ”پاڪستان ۾ سلون چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي يا نه؟“
    ”منهنجي خيال ۾ سلون سڀ کان چٽو پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. ان بعد ايران، اتر آفريڪا ۽ اڃا به مٿي لبنان، ترڪي، بلغاريه، رومانيه تائين سلون ٻُڌو اٿم. باقي سلون جي ساڄي پاسي اوڀر توڙي اتر طرف، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي جپان ڪوريا ۾ سلون چٽو نٿو ٻُڌڻ ۾ اچي. ڪڏهن ته صفا جھپجي نه سگھندو آهي.“


    11

    ريڊيو سلون جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هڪ سلوني صحافي وٽاچي تارازي جي لکيل ڪتاب (The Brown Sahib) ۾ پڙهي هيم:
    ”ٻي جنگ عظيم کان اڳ ريڊيو سلون تمام ننڍي ريڊيو اسٽيشن هُئي جا سلون ۾ به مس ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي، پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ڏکڻ اوڀر جي ملڪن سان ريڊيو ذريعي بين الاقوامي رابطو قائم رکڻ لاءِ هڪ طاقتور ريڊيو اسٽيشن تيار ڪرائي ۽ 1947ع ۾ ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت انگريزن سلونين کي سستي اگھه تي وڪڻڻ چاهي ٿي. تن ڏينهن ۾ سلون جي گورنر جنرل سر اوليور کي خبر پئجي وئي ته انگريزن کي اها اتي ئي ڇڏڻي پوندي جو ان کي پٽرائي واپس انگلنڊ کڻي وڃڻ تي کين ان جي قيمت کان ٻيڻو خرچ ڪرڻو پوندو. سو انگريزن جي اها سستي آڇ به قبول نه ڪيائين.“
    ”نه سائين، اسان کي سستي به نه کپي. اسان کي ضرورت ناهي. اسان غيرملڪي ناڻو پهرين ٻين ضروري شين تي خرچڻ چاهيون ٿا.“
    انگريزن هن کي ٿڌو ڪري چيو، ”ميان ڪاوڙج نه. مفت ۾ ئي ڀلا پُراڻن ڏينهن جي صدقي رکُ.“
    سلوني حڪومت ان طاقتور ٽرانسميٽر کي واپاري لائين تي هلائڻ شروع ڪيو ۽ اڄُ ڏينهن تائين هلندي اچي.
    ريڊيو اسٽيشن بعد ڪولمبو جي سڀ کان وڏي پگوڊا ۾ وياسين. جتان موٽندي رات جا نَوَ ٿي ويا. هاڻ آئون ان ڪوشش ۾ هئس ته شهر ۾ ڪنهن هنڌ پهچون ته هن سنهالي فئمليءَ کان اجازت وٺجي نه ته اجايو ڪٿي هنن تي مانيءَ جو بار به نه پَوي. ڪار گال روڊ (Galle Road) تي ويلوتا مارڪيٽ وٽ پهتي ته مون کانئن اجازت گھرڻ چاهي پر هو مون کي مانيءَ لاءِ گهر وٺي آيا.
    گھر پهتاسين ته سندن پوڙهي بورچياڻيءَ ۽ نوڪرياڻي درُ جھليو بيٺيون هيون ۽ ڪا خبر رليز ڪرڻ جي موڊ ۾ هيون. جهڙو ڪار مان لٿاسين ته ٻنهين پوڙهين گھر جي مالڪن کي سنهالي زبان ۾ هٿ جي اشارن سان زبردست ائڪٽنگ سان ڪا سنسني خيز خبر ٻُڌائڻ شروع ڪئي. آئون ڪڏهن هڪ پوڙهيءَ اڳيان بيهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، ڪڏهن ٻي پوڙهيءَ جي ــ پر زبان يار من ترڪي، و من ترڪي نمي دانم ـــ هڪ اکر به سمجھه ۾ نه آيو پر سندس ڳالهائڻ جي انداز مان سمجھيم ته ڪا پراسرار ڳالهه هجي ڪٿي چوري ته نه ٿي آهي. هي ويچارا مون ڪارڻ گھر پوڙهين جي حوالي ڪري ويا، پٺيان ڪجھه ٿيو اٿن. پوڙهين جي ڳالهه ختم ئي نه پئي ٿي ۽ منهنجي حالت خراب ٿي رهي هُئي. ڀر ۾ چاندرڪا بيٺي هُئي تنهن کي اشارو ڪيم ته ڇا ڳالهه آهي. والٽر کي اشارو ڪيم پر ٻئي پوڙهين جي ڳالهه ٻُڌڻ ۾ مشغول هُئا. هر هڪ پوڙهي ٻن ڄڻن کي جھلي رام ڪهاڻي ٻُڌائي رهي هُئي ۽ آئون جهار هڪليندڙ مالهيءَ وانگر ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن. آخر ڳالهه ختم ٿي ته مون پُڇيومان:
    ”ڇو خير ته آهي؟ ڪا چوري چڪاري ته نه ٿي آهي؟“
    ”نه، نه. هي پيون چون ته ڪجھه دير اڳ ٻه ٽي دفعا فون آيو. ڪو انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ کين چڱيءَ طرح سمجھه ۾ ته نه آيو آهي سواءِ ان جي ته جهاز تي ڪجھه ٿي ڇيو آهي. شايد توسان ڳالهائڻ ٿي چاهيو. پر هنن بيوقوف پوڙهين جي ڳالهين تي ڪو اعتبار ڪونهي. سڀ خير هوندو. تون ماني کائي پوءِ وڃُ.“ هنن کين ٽيبل تي ماني لڳائڻ لاءِ چيو. مون کي ياد آيو ته دستور موجب ڊيوٽي انجنيئر کي جهاز ڇڏڻ وقت پنهنجو اتو پتو ٻُڌائي آيو هوس ۽ والٽر وارن جو فون نمبر پڻ ڏئي آيو هوس جيئن ايمرجنسي جي صورت ۾ اطلاع ڪري سگھي.
    روهيني ۽ چاندريڪا پوڙهين کان ماني وٺي جلدي جلدي ٽيبل تي رکي. گانگٽن جو ٻوڙ هو. گوشت جون پڪل ٻوٽيون. ڪڙهي جهڙي ڪا شيءِ پٽاٽا ۽ ڀاڄي اوٻاريل ۽ Staple Food ۾ چانور يا ڊبل روٽيءَ بدران هاٽ اسٽيمر هُئا، جي ستربينيءَ جهڙي شڪل ۾ اوٻاريل سيويون ٿين. سلون ۾ اٽي ۽ چانورن جي اڄڪلهه ايتري کوٽ آهي جو هفتي ۾ ٻه ٻه ڏينهن گوشت سان گڏ چانور ۽ اٽو پڻ بند ٿئي ٿو. اٽو جيڪو ملي ٿو سو به اهڙو ميرو ۽ مٽيءَ هاڻو جو اسان جي جهاز تي به سڀني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جهاز جي راشن لاءِ هاڻ ڪجھه وقت لاءِ رستي تي ايندڙ بندرگاهه ڪيپ ٽائون ۾ جهاز ترسائڻو پوندو، تيسين جپان وارو بچيل اٽو کائي رهيا آهيون.
    مون سيوين جا ٻه ٽڪرا کنيا. ان مٿان والٽر گانگٽن جو ٻوڙ، پٽاٽا وغيره سڀُ ڪجھه وڌو. هتي سلون جي ماڻهن جو کاڌو کائڻ جو طريقو به ڏکڻ هندستان جي تامل ماڻهن ۽ بنگالين جهڙو آهي. مڇي، گانگٽ گھڻو کائين ۽ ٻوڙ ۾ رسُ تمام گھڻو ڪندا پوءِ کائڻ مهل رسُ (شوروو) هٿن جي آڱرين ۽ ڪراين وٽان پيو وهندو. کين ٻُڌايم ته اسان جي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ چانور Staple Food آهي. هي سيويون کنڊ ۾ پچائي کائبيون آهن ۽ سيويون معنى عيد جو ڏينهن ۽ عيد جو ڏينهن معنى سيويون. کين هڪ چرچو ٻُڌايم ته جپان ۾ نئين آيل اسان جي ملڪ جي هڪ ڳوٺاڻي روز جپانين کي صبح شام سيويون کائيندو ڏسي ٻي کان پڇيو ته هتي روز عيد آهي ڇا؟ پوءِ لوڻ مرچ ۾ اوٻاريل اتي جون سيويون چکي چيائين: ”غلط، اهڙي روز جي عيد کان اسان جي ملڪ ۾ سال ۾ هڪ عيد بهتر آهي. منجھس ميٺاجُ ته آهي.“
    ڏکڻ هندستانين وانگر هن سلوني فئمليءَ جو کاڌو به مرچن ۽ مسالن سان ٽٻيل هو. هر گراهه کائڻ بعد پاڻيءَ جو ڍُڪ پيڻو ٿي پيو ۽ سيوين سان ٻوڙ کائڻ يا پٽاٽا، مٿئين ڳوٺاڻي وانگر اسان لاءِ به غلط بلڪل غلط چڪر هو. مٿان انناس جا ٻه چار ٽڪر کائي کانئن موڪلايم.


    12

    رستي تي ٽئڪسيءَ واري کي چيم ته اڏام جوان اڏام! گيٽ نمبر ٻيو. بندرانائڪي گيٽ. سڄي واٽ سوچيندو آيس ته ڇا ايمرجنسي ٿي سگھي ٿي، جنهن لاءِ مونکي ٻه ٽي دفعا ٽيليفون ڪيو ويو آهي. ڪٿي جنريٽر ته نه ويهي رهيو آهي. پر ان صورت ۾ ٻيو هلائين ها. ٽيون هلائين ها. رات جو ٻارهين تائين نه ته صبح جو ته اچي نڪران ها. اهڙي به ڇا ڳالهه! جهاز کي شفٽ ڪرڻ جو ته پروگرام ئي نه هو پر جي اوچتو ٿيو به آهي ته چيف انجنيئر ته جهاز تي موجود آهي. ڪٿي باهه ...... نه. نه نه! الله خير ڪندو. اليڪٽرڪ باهه لڳي آهي يا تيل جي باهه. وسائڻ جا Extinguishers، ڊراءِ ڪيميڪل، سوڊا ائسڊ، فوم وارا سڀ صحيح صورت ۾ آهن. استعمال ڪن ها. ڊوميسٽڪ فرج ڪمپريسر جو گھپلو ٿيو هوندو. يا ونچز جو مسئلو ٿيو هوندو يا بنڪر آيو هوندو. ۽ جي ڪا به اهڙي خاص ايمرجنسي نه نڪتي ۽ معمولي ڳالهه ثابت ٿي ته پوءِ ڊيوٽي انجنيئر ۽ سيڪيورٽي انجنيئر جو ڪمال آهي جو ڪنهن معمولي ڳالهه کي به هو اڪيلي سر منهن نه ڏيئي سگھيا آهن. هيترا سارا سال سمنڊ تي رهڻ بعد هنن کي پاڻ ۾ ايترو اعتماد ضرور آهي جو خود مشڪلات جو مقابلو ڪري سگھن. ٽئڪسي مان لهي سڌو جهاز جي ڏاڪڻ وٽ آيس۽ تکو تکو هڪ ڏاڪو ڇڏي ٻيو چڙهڻ لڳس. هر ڳالهه معمول مطابق نظر اچي رهي هُئي. ڏاڪڻ جي مٿئين حد وٽ سکاني چيلهه چٻي ڪري (يعني Bull work کي ٽيڪ ڏئي) آرام سان هڪ ٻئي سلوني مزدور کان سنهالي سکي رهيو هو. تيل وارو گئلريءَ مان گرم گرم چانهه ٺاهي انجڻ روم ۾ وڃي رهيو هو. اليڪٽريڪل انجنيئر سموڪ روم ۾ گانا ٽيپ ڪري رهيو هو. سڌو سيڪيورٽي انجنيئر جي ڪئبن ۾ اچي هن کان پُڇيو. هن Oui (اوئي) رسالو وهاڻي هيٺ رکندي چيو:
    ”مون ته ٽيليفون نه ڪيو هو، باقي گھڻي دير اڳ چيف آفيسر فون نمبر وٺي ويو هو.“
    ڪئبن کان ٻاهر نڪتس ته چيف آفيسر مظهر ۽ ڀرواري مالديوين جهاز (Ocean Glory) جو چيف آفيسر راشد ۽ سيڪنڊ انجنيئر طيب سوٽ ڪوٽ ٽاءِ ۾ تيار بيٺا هُئا. مون کي ڏسي مظهر چيو:
    ”مُبارڪ. مبارڪ. اچي ته ويا. اسان انتظار ڪري اڌُ مُئا ٿي ويا آهيون. فرئنڪلن جي برٿ ڊي پارٽيءَ لاءِ ڪونه هلندين؟ هن هر هر اچڻ لاءِ پئي چيو.“
    اسان وري پويان پير کڻي بندرگاهه جي دروازي کان نڪري ٽئڪسي جي ڳولا لاءِ مين روڊ تي اچي بيٺاسين. رستي تي راشد پنهنجي اَن تي ڇڏيل مُڇن کي آڱرين سان استري ڪندي چيو:
    ”فرئنڪلن ڪرسچن ۽ هتي جي هاءِ سوسائٽيءَ جو آهي هلو ته نمونو ڏسي اچون. ڪيتريون ئي ڇوڪريون به آيون هونديون. ڊانس جو به پروگرام هوندو.“
    مظهر خار کائيندي منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو:
    ”هڪ فرئنڪلن ڪارو انگريز، هڪ هي پنهنجو ڪرنٽو راشد. اچي ٿيا ته خوار آهيون، پر هاڻ هل. پاڻ ٻئي جلدي موٽي اينداسين.“
    اوشئن گلوري جهاز جي سيڪنڊ انجنيئر طيب وات ۾ آڱوٺو ۽ آڱر گھيڙي هڪ زور سان سيٽي وڄائي ۽ جنازو کڻندڙ بس جهڙي هڪ ٽئڪسي چرڙاٽ ڪندي اڳتي ينگ وومين ٻُڌ ائسوسيئيشن (Y.W.B.A) بلڊنگ وٽ وڃي بيٺي.
    ٽئڪسيءَ واري چيو ته، ”ميٽر تي ڪونه هلندس. عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪي جي حُڪومت کاڌي تي مهانگائي ڪئي آهي.“
    ”اڙي دارون پي ٽئڪسي ٿو هلائين،“ سيڪنڊ انجنيئر طيب سنهاليءَ ۾ چيس. ”هل ’ڪال ــ پٽيا‘ جي ٿاڻي تي ته ٺيڪ ڪرائين.“
    ”ڪال پٽيا جي ٿاڻي تي هلندس. پر،“ ڊرائيور جھومندي چيو، ”رات جو وقت آهي ميٽر تي ڪونه هلندس. پنڌرهن روپيا ٿاڻي تائين جا وٺندُس ڇاڪاڻ ته عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪي جي حُڪومت .......“
    ”سخت گڏھ ٿو ڪو ڏسجي.“ طيب ڀڻڪندي چيو، ”هر ڳالهه ۾ عربن تيل بند ڪيو آهي ۽ بندرانائڪي جو ڏوھ!“
    ڀر ۾ اچي بيٺل هڪ ٻي ٽئڪسي جي ڊرائيور اسان کي پاڻ ڏي سڏيو. پهرين ٽئڪسيءَ واري کيس ڀاڙو کڻڻ کان منع ڪئي، پر هن ميٽر هيٺ ڪري در کولي اسان کي اندر ويهاريو. منهنجي پاسي وارو درُ ٻه ٽي دفعا بند ڪرڻ جي ڪوشش سان به بند نه ٿيو. ڊرائيور لهي سوتليءَ جي ڌاڳي سان چڱيءَ طرح ٻَڌو.
    ”اڙي ذليل،“ پهرين ٽئڪسيءَ واري ٻي کي چيو، ”منهنجو ڀاڙو ٿو کڻيو وڃين. حرامي، سوئر، دروازو ته پهرين درست ڪراءِ پوءِ ٻين جي روزي تي لَتَ هڻُ.“
    اسان جو ڊرائيور چُپ چاپ ٻڌندو گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. چوٿون دفعو چاٻي گھُمائڻ سان گاڏيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ٿي. هن گاڏي گيئر ۾ وڌي ۽ پوءِ ڪلچ تان پير کڻڻ کان اڳ پهرين ٽئڪسي واري کي ڪچي گار ڏيندي چيو.
    ”ميٽر پنهنجو ٺيڪ ڪراءِ ڪُتا! نه ته بُک مري ويندي.“ ۽ پهريون ان کان اڳ ڪا ورندي ڏئيس يا عربن ۽ بندرانائڪي کي ڏوهاري ٺهرائي تنهن کان اڳُ اسان جي ٽئڪسي زوڪاٽ ڪندي، ڪولمبو جي رات جي ماٺ کي چيريندي اڳتي هلي وئي.


    13

    فرئنڪلن جي گھر پهتاسين. مين گيٽ اڪري اندر آياسين. فرئنڪلن در تي ئي اسان کي وٺڻ آيو. اندر ڪمري ۾ سگريٽن جي دونهين پُٺيان ڪوچن تي سندس ست اٺ دوست ويٺا هُئا. جن مان هڪ آرميءَ جو ڪئپٽن هو، هڪ پوليس جو ڊي ايس پي، هڪ سندس ڀيڻويو جيڪو تازو انگلنڊ مان گھمي موٽيو هو (جنهن جي خواهش ڪولمبو کي هڪ ننڍڙو انگلنڊ بڻائڻ هُئي) هڪ اک سڄيل، سلون شپنگ ڪارپوريشن جي ڪنهن جهاز جو ٿرڊ آفيسر هو. جو نيويگيٽر گھٽ ۽ بقول مظهر جي بحري قزاق (Pirate) وڌيڪ ٿي لڳو. ۽ هڪ همراهه ڪنهن بئنڪ جو، بقول فرئنڪلن جي، ايماندار مئنيجر هو. (ڇا بي ايمان مئنيجر به ٿيندا آهن ڇا؟) ۽ ڪجھه ٻيا هُئا.
    پول (Pool) وارو اڪائيءَ جو وڏو ٽيپ رڪارڊر سڄي آواز تي واڄٽ ڪري رهيو هو ۽ ساڳيا ساڳيا انگريزي گانا (جنهن جي به پسند جا هُئا ان تي رحم ٿو اچي) ٻُڌندا رهياسين. ٻن ٽن قسمن جي شراب جون بوتلون، وچ تي پيل هڪ ننڍڙي ٽيبل تي رکيون هيون. سوڍا ختم ٿي چُڪي هُئي، جنهن جون ٽي چار خالي بوتلون ٽيبل هيٺان پيرن سان ٽڪرائي رهيون هيون. سوڍا بدران جڳ مان پاڻي اوتي همراهه گلاس ڀري رهيا هُئا. ڳالهيون لنڊن، پئرس ۽ هالي ووڊ جون هلنديون رهيون. اهي ئي ته سلون ۾ ڪئڊبري چاڪليٽ به نه ٿا ملن. لنڊن ۾ هر دڪان تي ملن ٿا. آڊري هيپبرن روز لڪس صابڻ سان وهجندي آهي. پر پئرس جي لڪس ۽ ڪولمبو جي لڪس ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. رچرڊ برٽن جڏهن اسپتال ۾ ايلزبيٿ ٽيلر سان ملي ٻاهر نڪتو هو ته ڏاڪڻ وٽ سندس کاٻو پير ترڪڻ ڪري چيچ مُڙي پئي هُئي. ڊائريڪٽر جارج هل جي فلم ’سلاٽر هائوس فائول‘ آمريڪا ۾ رليز ٿي چُڪي آهي پر ڪولمبو ۾ ايندي ايندي سال ته لڳندُس. باءِ جو (By Jove!) هي به ڪو ملڪ آهي رهڻ لاءِ!
    ”(It is very backward country)“ ۽ پوءِ اسان کان اسان جي ملڪ جو حال پُڇڻ لڳا. اسانجي نمائندگي راشد ڪري رهيو هو. تنهن الله جي ڏني مان جيڪي پُڄيس ٿي سي ڪوڙ ۽ گشا سٽي کين وڌيڪ زخمي ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪيو ٿي: ’او مئن! اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ته هر اها فلم جيڪا انگلنڊ ۾ رليز ٿي ٿئي سا ان ئي ڏينهن ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿئي. آف ڪورس ڪجھه ڪلاڪن جو فرق ته ٿئي.. ڪراچيءَ ۾ ڪلر ٽي وي آهي.......‘ (جيتوڻيڪ تن ڏينهن ۾ اڃان نه هُئي) وغيره.
    ٽيبل تي رکيل سئنڊوچ ۽ مڇيءَ جي ڪوفتن جي پاروٿي شڪل مان لڳو پئي ته اسان واقعي دعوت ۾ دير سان آيا آهيون ۽ پارٽي گھٽ ۾ گھٽ ٻن ٽن ڪلاڪن کان شروع ٿيل آهي.
    فرئنڪلن انهن پاروٿن ڪوفتن ۽ سئنڊوچن جون پليٽون کڻي اسان کي کارائڻ لاءِ زور ڪرڻ لڳو ۽ ذري ذري چوندو رهيو: ”توهان ته اڄُ جي پارٽيءَ جا مهمان خُصوصي آهيو. سيس (Sister) چوڻ لڳي: دي وونٽ ڪم (They wont come) پر آئون چوندو رهيوسانس: امپاسيبل (ناممڪن) تون سئنڊوچ ٺاهه. هو ضرور ايندا.“
    ڪوچ ۽ ڪُرسيون گھٽ هيون ۽ مهمان گھڻا. مظهر ۽ آئون (نام نهاد مهمان خُصوصي) هڪ ئي ڪوچ تي ويٺا هُئاسين. ٻنهي هڪ هڪ سئنڊوچ کنئي. بک صفا نه هُئي. مظهر کي اڙدوءِ ۾ چيم ته پاروٿي سئنڊوچ کي نه ڏس، خلوص کي ڏس.
    ”اسڪاچ وسڪي، جن، برانڊي ــ ڇا پيئندائو. پنهنجو گھر ڪري سمجھو.“ فرئنڪلن چوڻ لڳو. پر پيئڻ جي معاملي ۾ اسان جي نمائندگي طيب ڪري رهيو هو. ۽ جنهن رفتارسان سئنڊوچون ۽ ڪوفتا ختم ڪري رهيو هو، ماڳهين ميزبانن ۽ باقي مهمانن کي اچي ڊپُ لڳو ته ٻيا نه ٺهرائڻا پون. اسان ٽن لاءِ فرئنڪلن خبر ناهي ڪهڙي پاڙي وارن کي اٿاري هڪ کٽو شربت وٺي آيو جو اسان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳاسين. طيب کي اسان جي صوفين واري ڳالهه نه وڻي پر شايد اهو سوچي خوش ٿي ٿيو ته چڱو جو اسان شراب نٿا پيون ۽ هاڻ اهو اسان جو حصو به کيس ڦٻجي رهيو آهي.
    ٿوري دير کان پوءِ مظهر مونکي آهستي چيو ته يار طيب ڏاڍو بور ڪيو آهي، اٿڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي. وڃي پيئندو. ڪجھه ته چوينس ته هلي.
    ”نه بابا، آئون ته ساڻس فري آهيان ڪونه راشد کي ٿو چوان“. وجھه وٺي آهستي راشد کي چيم ته طيب اڃان بس نه ڪندو ڇا؟
    ”طيب،“ راشد وراڻيو، ”اهو گڏهه آهي جو هڪٻئي پُٺيان ڏهه گلاس پي ويندو پر ڳڻيندو هڪ به نه!“
    مون کي ۽ مظهر کي اوٻاسيون ڏيندو ۽ بور ٿيندو ڏسي فرئنڪلن ڀت تي ٽنگيل سندس فئمليءَ جون تصويرون لاهي اسان کي ڏيکارڻ لڳو. سندس ماءُ اندرين ڪمري مان ٻيون به تصويرون لاهي در وٽ سندس ننڍي پُٽ کي ڏنيون ته هي به مهمانن کي ڏيکار. ان بعد سندس ڀينرن جي ڀرت ۽ مشين جو ڪم، فرئنڪلن ڏيکارڻ لڳو ۽ ڀيڻن کي سڏي کين ٻيو ڀرت آڻن لاءِ چيو. جن اهو ڀرت پيرن تي هلندڙ مشين جي خاني مان ڪڍي ڏيکاريو. مشين پڪ سلون کي آزادي ملڻ کان اڳ جي ٿي ڏٺي. جنهن جي مٿان ڇنل ميرو پوش، تنهن مٿان ڪنهن بستري جي پُراڻي، پر ڌوتل ريشمي چادر ۾ ائين ڍڪيل هُئي ڄڻُ مشين نه پر ڪنهن اولياءَ جي تربت مٿان پڙُ چڙهيل هُجي.
    ڇوڪرين جي آرٽ جي تعريف راشد ۽ ڇوڪرين جي ماءُ واري وٽيءَ تي ڪئي ۽ ڪندا رهيا، ڄڻُ ڪنهن ميمبر جي اليڪشن ۾ ڪنواسنگ هلي رهي هُجي. مظهر ته نموني سان راشد کي اڙدوءَ ۾ ٽوڪي ورتو: ”تعريف ٿو ڪرين يا بي پي جا کٽمٺڙا ٿو وڪڻين؟“
    طيب جي ڀرسان بيهي چيم: ”ڪامريڊ! هاڻ ڇپيل پروگرام مطابق گھر ــ يعني جهاز تي واپس هلجي يا خميسي خان کان الغوزي تي لوڪ ڌنون ٻُڌجن؟“
    سندن جواب ڏيڻ کان اڳُ مظهر چيو: ”واپس، ڏاڍي دير ٿي وئي آهي.“
    ”ڪا پوڙهي جهاز تي انتظار پئي ڪرئي ڇا جو ايڏي تڪڙ اٿئي،“ طيب کيس پنجابيءَ ۾ چيو، ”مون کي ته اڃا سُرور به نه آيو آهي.“
    ”اوڪي نائو گُڊ باءِ.“ راشد زور سان اسان سڀني پاران موڪلايو. فرئنڪلن جو ننڍو ڀاءُ اسان کي ڪار ۾ جهاز تائين وٺي آيو. رستي تي راشد اڙدوءَ ۾ اعلان ڪيو ته آئنده طيب کي پاڻ سان هرگز نه وٺي هلبو.
    طيب قسطن ۾ کلندي چيو، ”اڙي نادانو! آءٌ پاڻ اهو سوچي رهيو هوس ته توهان سان اڳتي ڪهڙو ڪافر هلندو. اڃان ته مونکي سُرور ئي نه آيو آهي.“
    ”ايڏو شراب انسان لاءِ سُٺو ناهي.“ راشد پوڙهن وانگر نصيحت ڪيس.
    ”غلط بلڪل غلط،“ طيب پنهنجي شاهد آڱر اڀي ڪري سندس خيال مطابق حق جي صدا بلند ڪئي، ”اهو انسان نه پر گڏھ آهي جنهن کي هن دنيا ۾ غم نه هُجن، ۽ اهو انسان گڏهن کان به بدتر آهي جيڪو پنهنجا غم شراب جي پيالي ۾ نٿو ٻوڙي!“
    راشد آهستي مون کي ڪن ۾ چيو ته، ”هي اهو ڪُتي جو پُڇ اٿئي جو يارهن مهينا نڙ ۾ وجھڻ بعد به سڌو نه ٿئي، ويتر نڙ کي چٻو ڪري وجھي.“
    جهاز تي پُهچڻ وقت، ڪار مان ٽپ ڏئي ٻاهر نڪري طيب اسان کي چيو: ويندي وقت ٽئڪسيءَ کي مون پئسا ڏنا هُئا. ايندي وقت هاڻ توهان مان ڪو ڏئي.
    راشد ٺونٺ هڻي چيس: ”انڌو آهين؟ توکي هيءَ ٽئڪسي ٿي نظر اچي. ميٽر ڪٿي اٿس.“
    ”ميٽر تي اڄُ ڏينهن کان پوءِ ڪير نه هلندو“ ڪار ۾ ٿڌي هوا لڳڻ ڪري طيب جي حالت سُرور واري ڊگريءَ مان ٽپي نشي واريءَ ۾ پهچي چُڪي هُئي ۽ ٿڙندي چيائين، ”ڇاڪاڻ ته عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪيءَ جي حڪومت شراب تي بندش وجھي ڇڏي آهي.“
    راشد کيس سهارو ڏئي سندس جهاز جي ڏاڪڻ طرف وڃڻ لڳو ۽ اسان پنهنجي جهاز جي ڏاڪڻ چڙهي دير تائين کين ڏسندا رهياسين، تان جو هو ڪئبن اندر هليا ويا.


    14

    دنيا جي نقشي ۾ سلون ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته Pearl ’مڻئي‘ جي شڪل جهڙو هي ٻيٽُ اسان جي ويجھو هئڻ جي باوجود به هو اسان وانگر ٻين ملڪن جي ويجھو ناهي. مثال طور اسان جو ملڪ ته ساڳي وقت ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍيو پيو آهي. هڪ پاسي ايران افغانستان ته ٻئي پاسي چين ۽ روس جي سرحد به سڏ پنڌ تي. ان کان سواءِ دبئي، دوحا (قطر)، ڪويت، عمان، سعودي عرب پڻ سڏ پنڌ تي. ڪيترن ئي ملڪن سان ريل ۽ روڊ ۽ ٽيليفون سان ڳنڍيل. اوسي پاسي جي ملڪن جون ڪمزور ريڊيو اسٽيشنون به ٻُڌڻ ۾ اچن. پر نقشي ۾ سلون کي ڏسبو ته سلون جو ٻيٽ فقط اتر ۾ هندستان سان ٿورو لاڳو آهي (يعني هڪ سنهو ’پلڪه‘ نالي ڳچي سمنڊ اٿس) ۽ هندستان جو ڪورو منڊل سامونڊي ڪنارو اتر سلون کان پنجويهه ميل کن پري ٿيندو. باقي سلون جي ڏکڻ پاسي پري پري تائين ڪنارو ناهي. ويندي ائنٽارڪٽڪ سمنڊ جي برفائين ڪناري تائين. جتي ڪا آبادي ناهي فقط سي گل ۽ پينگُئن جهڙا پکي رهن ٿا.
    ڪولمبو جي اولهه ۾ به هزار ٽي سؤ پنجاهه ميل پري مگديشو (سومالي لئنڊ) آهي. وچ ۾ ننڍن مالديو ٻيٽن کان سواءِ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ۽ اوڀر ۾ هڪ هزار اٺ سؤ پنجويهه ميلن کان پوءِ سنگاپور ٿو اچي.دنيا کان ايترو ڇڄيل هجڻ جي باوجود سلون ٻن هزار سالن کان دنيا ۾ مسالي، قيمتي پٿرن، هيرن جواهرن، لعلن ياقوتن کان مشهور آهي. ۽ جهازن لاءِ سڻائو، وڻندڙ ۽ دلچسپ تڙ (Port) پئي رهيو آهي. هينئر ته سڀڪُجهه: نديون، نارا، ڍنڍون ڍورا، سمنڊ جبل، هر شيءِ نقشن تي ماپيل ۽ ميل آهي ۽ ٻين ڳالهين سان گڏُ جهازراني به ڪافي ترقي ڪئي آهي ۽ ڪابه جڳهه پري يا ڏکي ناهي. پر تعجب آهي ته پراڻي زماني ۾ جڏهن سجُ، چنڊُ تارن ۽ هوائن کان سواءِ ٻيو ڪوبه Navigational Aid يا جهازرانيءَ ۾ مدد ڪندڙ اوزار نه هو، تڏهن به يوناني، رومن، عرب، چيني، پورچوگيز، ڊچ وغيره سڀُ سلون کان ڀلي ڀت واقف هُئا. سنڌباد جا سفر ته سنڌ ۾ به مشهور آهن. هو پنهنجي روايتي سفرن دوران سلون ۾ پڻ ٻه دفعا آيو.
    پليني (جو رومن هو) تنهن سلون جو پهريون نقشو، پهرين صديءَ ۾ تيار ڪيو. ان ۾ سلون جي ماپ بابت گھڻو وڌاءُ ڪيل آهي. تيرهينءَ صديءَ ۾ مارڪوپولو دنيا (يورپ آفريڪا ۽ ايشيا) جو چڱو سفر ڪيو. هن يار پنهنجي ڪتاب ۾ سلون جو گھيرو ٻه هزار چار سؤ ميل لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور شاعر ملٽن پڻ جنهن جو (Paradise lost) نالي ڪتاب تمام گھڻو مشهور آهي، ان ئي ڪتاب ۾ سلون جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سلون جو يوناني نالو تئپروبين (Taparobane) استعمال ڪيو آهي. سندس جاگرافي بابت معلومات ايتري سٺي نٿي ڏسجي يا شايد فقط رديف قافيه يا وزن بحر جي چڪر ۾ شاعريءَ جي خيال کان ڪنهن ’ڏورانهين ملڪ‘ لاءِ سلون جو نالو استعمال ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جاگرافيڪل ڄاڻ: مندن، هوائن، سمنڊن، جبلن، ماٿرين، کاڻين، معدنيات، مختلف جڳهين مان درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شيون، فصل پوکون وغيره بابت سندس شاعري مان تمام گھڻي لڳي ٿي.
    پهرين به لکي آيو آهيان ته سلون کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. سلون جو سڀ کان پراڻو نالو يورپي ڪتابن ۾ ٽئپروبين ڏنل آهي جو يوناني آهي ۽ سڪنداعظم ۽ ان جا سپاهي جيتوڻيڪ سنڌ مان ملتان کان اڳتي نه وڌيا پر هنن هن مسالي جي ٻيٽ بابت گھڻو ٻُڌو. (جي سنڌ جي گرمي سڪندر جي سپاهين جا لاهه نه ڪڍي ها ته سلون جي گھڻي ساوڪ ڀيلجي وڃي ها.)
    هڪ برٽش عالم ايمرسن ٽينٽ سڀ کان بهترين سلون بابت ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي جو 1859ع ۾ ڇپيو. ان ۾ هن لکيو آهي ته ٽئپروبين سنسڪرت جو بگڙيل لفظ آهي جنهن جي معنى ’وڏو حوض‘ يا ’ڳاڙهن ڪنول جي گُلن سان ڍڪيل تلاءُ‘ آهي.
    سلون بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هڪ ٻيو ڪتاب (Ceylon- Pearl of the East) نالي هئري وليمس جو لکيل آهي. ان ۾ صاحب موصوف اهو لکيو آهي ته اهو ٽپروبين نالي ’پالي‘ زبان (جيڪا آرين ويدن جي ٻولي هُئي ۽ اڳتي هلي ٻڌُ ڌرم جي پوتر زبان ٿي) مطابق تامباوانا (معنى ٽامي جي رنگ جهڙو) آهي. اهو نالو شايد سلون جي ڳاڙهسري ڌرتيءَ ڏي اشارو آهي، جتي راجا وجيه سان گڏ ٻيا به آريا عيسوي سن کان پنج سؤ سال اڳ پهتا هُئا. سندن پهريون گاديءَ جو هنڌُ ’تمبا پاني‘ نالي شهر هو ــ جنهن پُٺيان ٻيٽ جو نالو مشهور ٿيو.
    پٽولمي ٻي صديءَ جو مشهور جاگرافر ٿي گُذريو آهي. تنهن سلون کي ’سموندو‘ (پاڪ قانون جو مک) سڏيو آهي. ان کان علاوه سلون لاءِ ٻيو نالو ’سلائيق‘ سڏيو آهي. جو ”سنهالا“ لفظ جي بگڙيل صورت ٿو ڏسجي، هونءَ سنهالا لفظ کي (جنهن جي معنى ’شينهن جي رهڻ جي جڳهه‘ آهي) اتر هندستان کان لڏي آيل باشندن وڌيڪ ترجيح ڏني آهي.
    ويجھڙائيءَ ۾ سلون بابت هڪ ڪتاب Ceylon- the Resplendent Land پڙهيو اٿم. ان جو ليکڪ آرگس نالي هڪ آمريڪن آهي (سندس ٻيا به ڪيترائي مشهور ڪتاب آهن. مثلاَ (Reading to others ۽ Myths of Turkey وغيره). ان ۾ آهي ته سنهالا جو شينهن وجيه گھراڻي (سلون جو پهريون حاڪم) جو نشان آهي ۽ اها ڪٿا مشهور آهي ته وجيه جي ڏاڏيءَ بنگال جي هڪ شينهن سان شادي ڪئي جنهن مان وجيه جو پيءُ ڄائو. اڄُ به سلون جي جھنڊي تي سلون جو شينهن اسٽائيل ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. سندس مٿي ڪيل اڳئين پير ۾ خنجر جھليل آهي.


    15

    رچرڊ برٽن جنهن سنڌ بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن (جن مان ڪُجهه سنڌي ادبي بورڊ ترجما پڻ ڪرايا آهن) کي ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي. تنهن جي خيال موجب سلون جو لفظ ”سيهالا“ سنسڪرت مان نه پر پالي زبان مان ورتل آهي جنهن جي معنى ’جواهرن جي جڳهه‘ آهي.
    بهرحال ’سنهالا‘ يا ’سيهالا‘ اڳتي هلي ’سينديوا‘ ۽ ’سلانديوا‘ ٿيندو عربن جي زبان مطابق ’سرنديپ‘ سڏجڻ لڳو ۽ ان کي ڪرونڍڙو ڪري پورچوگيزن ’سيلائو‘ سڏيو. زيئلان (Zeilan) يا (Ceilan) ڊچن سڏيو ۽ ان بعد انگريزن سيلان (Ceylon) نالو رکيو جيڪو اڃا تائين هلندو اچي ۽ اسان وٽ سنڌ هند ۾ سلون ٿو سڏجي. سندس پراڻو سنسڪرتي نالو ’لنڪا‘ (معنى چمڪندڙ) وري ويجھڙائيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڇو ته سيلان انگريزن جو نالو رکيل آهي. ان مان شايد غلاميءَ جي بوءِ اچي ٿي، ان ڪري ان جو جھونو نالو سريلنڪا رکيو ويو آهي، جنهن نالي سان هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ ۾ ذڪر ٿيل آهي.
    پاڻ وٽ سنڌ ۾ هن ٻيٽ لاءِ سلون، لنڪا ۽ سرنديپ نالا مشهور آهن. جهڙي طرح ڪيترائي عربي لفظ انگريزي زبان ۾ اچي ويا آهن جيئن آلجبرا، ڪيمسٽري وغيره. تهڙي طرح سرنديپ (جيڪو عربن نالو مشهور ڪيو) مان مشهور انگريزي لفظ (Serendipidity) ٿيو آهي. جيڪو پهرين ارڙهين صديءَ جي انگريز ليکڪ هورئس والپو پرين جي آکاڻي ”ٽي سرنديپ جا شهزادا“ ــ (Three Princes of Serendeb) ۾ استعمال ڪيو آهي. ان ۾ سڀني هيرن (شهزادن) ۾ اها لياقت آهي ته هر اتفاق ۽ حادثي ۾ اچانڪ هنن کي ڪانه ڪا سُٺي ايجاد يا خوشي حاصل ٿيو وڃي. ان تان ئي انگريزي لفظ جُڙيو Serendipidity، جنهن جي معنى آهي:

    Pleasant ability to come upon good things by chance.
    پُراڻي زماني کان سلون سونهن، ساوڪ ۽ پيار جي علامت پئي رهيو آهي. نه فقط ننڍي کنڊ جي شاعرن ۽ اديبن ان جو ذڪر ڪيو آهي پر يورپي شاعرن ملٽن کان اووڊ تائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سلون هڪ ڏورانهين سحر انگيز ۽ موهيندڙ ملڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي. انجيل (عيسائين جي ڌرمي ڪتاب) ۾ طارشش نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي جتان حضرت سُليمان جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ”چاندي عاج، ڀولڙا ۽ مور کڻي ايندا هُئا“ ـــ (1)
    سلون جي ڏکڻ اولهه ڪناري تي هڪ
    شهر گال (Galle) آهي (جنهن تان ڪولمبو جي مکيه رستي جو نالو گال روڊ پيو آهي).
    ٽيننٽ جو ته اهو يقين آهي ته بائيبل ۾ ذڪر ڪيل مٿيون شهر طارشش اهو سلون جو شهر گال آهي. (جتيوڻيڪ اڄُڪلهه جا ماڊرن جاگرافر اهو ٿا چون ته اهو بائيبل ۾ ذڪر ڪيل طارشش جو شهر اسپين ۾ آهي). پر ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سلون ۾ چاندي، ڀولڙا، مور ۽ هاٿين ڪري عاج تمام گھڻو آهي ۽ نه اسپين ۾.
    ڪيترن ئي بائيبل جي عالمن ۽ عيسائين جو اهو عقيدو آهي ته حضرت نوح جي ٻيڙي طوفان کان پوءِ سرنديپ وٽ اچي بيٺي

    (1) (Bible -I kings-10,32)

    ¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬هُئي ۽ ڪيترن مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته حضرت آدم ۽ بيبي هوا جنت مان نڪرڻ بعد پنهنجي زندگي ڌرتيءَ تي سلون جي عدن باغ جي ڀر ۾ گُذاري جيڪا بيشڪ هڪ خوبصورت جڳهه آهي.
    سلون بابت ڪيتريون ئي آکاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون لکيون ويون آهن ڪي ته ڪهاڻيون پڙهڻ سان لڳي ٿو ته اهڙي نموني سان لکيون ويون آهن جيئن اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ اڙدو ۽ سنڌي رسالن ۾ شڪاريات جون ڪيتريون من گھڙت ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون. يعني جوان ڪڏهن ڪڪڙُ به حلال نه ڪئي هوندي باقي بند ڪمري ۾ ويهي زور چيتي ۽ شينهن جي شڪار جي احوال لکڻ تي. مثال طور سلون بابت ڪيترين ڪهاڻين ۾ پڙهيو اٿم ته هن مسالي جي ملڪ ۾ دال چيني ايتري ٿئي ٿي جو ان جي خوشبوءِ سوين ميل پري تائين اچي ٿي ۽ اڳئين زماني جا جهازي ان خوشبوءِ جي آڌار تي سلون پهچندا هُئا.
    ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سلون ۾ گرم مسالو ڏاڍو ٿئي ٿو ۽ دال چينيءَ جي خوشبوءِ سُٺي ٿئي ٿي پر ايتري تکي به خوشبوءِ ناهي جو سوين ميلن تائين سونگھي سگھجي. ان کان سواءِ جن اهو مسالو ڏٺو آهي ۽ واقف آهن تن کي خبر آهي ته اهي وڻن جا ڇوڏا آهن ۽ انهن مان تيسين خوشبوءِ هرگز نه ٿي اچي جيسين کين چڱيءَ طرح سُڪايو نه وڃي. آءٌ پهريان ٻه ٽي دفعا سلون ويجھو اچڻ تي، ڊيڪ تي بيهي ڊگھا ساهه کڻندو هوس ته من ڪا ڪنهن طرف کان دال چيني جي خوشبوءِ اچي، پر ڪابه اهڙي رومانٽڪ خوشبوءِ يا ان سان ملندڙ جُلندڙ، منهنجو نڪُ سونگھي نه سگھيو. ها البت بندرگاهه جي ويجهو هاريل ڪني ڊيزل آئل، ڪچي تيل، ڏامر ۽ سڙيل ڳريل مڇين جي گندي ۽ ککي ڌپ ضرور آهي.
    سلون تي پورچوگيزن 1505ع ڌاري قبضو ڪيو هو. ان وقت تائين سلون بابت ڪيترائي عرب، ايراني، چيني، اتر آفريڪن ۽ يورپي سياح لکي چُڪا هئا. انهن ۾ ڪيترن ئي من گھڙت ۽ خيالي ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪيترن ته ٻين جهازين (Sailors) کان ڳالهيون ٻُڌي لکيون آهن. پر حقيقت اها مڃي وڃي ٿي ته اوائلي دؤر جي ليکڪن ۾ عربن (يونانين يا رومين کان وڌيڪ) صحيح حقيقتون ڄاڻايون آهن. مثال طور الف ليلى، سندباد جهازيءَ جي داستان ۾ به سلون بابت (گھٽ ۾ گھٽ ڪناري ۽ ماڻهن بابت) صحيح خبرون آهن. باقي اندروني حالت بابت عجيب خيالي ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن.


    16

    اوائلي سياحن مان (جيڪي سلون ۾ آيا) هڪ تمام مشهور سياح ابن بطوطه آهي. هي ٽئنجير جو مُور (مسلمان حبشي) هو ۽ سلون ۾ 1347ع ۾ آيو هو. انهيءَ زماني ۾ عربن دال چينيءَ کان دنيا کي واقف ڪرائي ڇڏيو هو. تن ڏينهن ۾ دال چينيءَ جو قدر سون وانگر ڪيو ويندو هو ۽ هڪ قسم جي عياشي سمجھي ويندي هُئي. ابن بطوطه کان اڳ ڪنهن به دال چينيءَ جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه تيسين دال چيني مشهور ٿي هُئي.
    ابن بطوطه هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ ”آدم جي چوٽِيءَ“ (Adam’s Peak) تي پڻ زيارت لاءِ ويو جيڪا سنهالي زبان ۾ سري پادا سڏجي ٿي (يعني پاڪ پير جو نشان) جتي چيو وڃي ٿو ته حضرت آدم عليه السلام جي پير جو نشان آهي. هي جبل صدين کان ٻُڌن، هندن، مسلمانن ۽ عيسائين لاءِ زيارت گاهه رهندو اچي. هن جبل جي چوٽيءَ تي هڪ وڏو پٿر آهي جنهن تي پير جو نشان آهي جيڪو ٻُڌ ڌرم جي اٺين سال (ٽيو دفعو) جڏهن گوتم سلون ۾ آيو هو ته اتي اچي بيٺو هو يعني شهزادي وجيه جي سلون اچڻ کان ڪجھه سال اڳ جي ڳالهه آهي.


    17

    هندو چون ٿا ته اهو سيوا جو نشان آهي ۽ مسلمان ۽ عيسائين جي عقيدي مطابق اهو حضرت آدم جي پير جو نشان آهي ۽ زمين تي لهڻ وقت ان جڳهه تي حضرت آدم عليه السلام هڪ پير تي هڪ هزار سال بيٺو هو. ڪجھه عيسائين جو اهو به چوڻ آهي ته اهو پير سينٽ ٿامس جو آهي. جبل جي چوٽيءَ تي هر سال سلون جا ۽ ٻاهران آيل ٻُڌ تيرٿي (زيارتي) هزارين اچن ٿا ۽ ٻُڌن لاءِ ’پاڪ ڏند‘ کان پوءِ سلون ۾ ٻيو نمبر عزت ۽ احترام جي جڳهه سري پادا (پاڪ پير) آهي.
    ان پير جي نشان جي زيارت لاءِ اڄڪلهه جي موسم بهترين آهي. (يعني جنوري، فيبروري، مارچ ۽ اپريل) هنن ڏينهن ۾ اڃان ايتري بارش شروع نه ٿي آهي. باقي اپريل کان پوءِ سانوڻي شروع ٿيو وڃي ۽ هتي جي سانوڻيءَ جو مطلب لڳاتار وسڪارو.
    ڪولمبو يا سلون جي ڪنهن به وڏي شهر کان ’هئنن‘ شهر تائين ريل گاڏي ۾ وڃي سگھجي ٿو. اتان پوءِ زيارتين کي بسون ۽ ٽئڪسيون ’لڪساپانا‘ تائين کڻيو وڃن جيڪا جڳهه جبلن جي قدمن ۾ آهي. پوءِ جبل جي چوٽيءَ تائين پيرين پنڌ ڪُل اٺَ ميل آهي. لاهوت لامڪان تي پهچڻ وانگر هي به ڪافي ڏکيو رستو آهي. جبل جي چوٽيءَ تائين اٺَ ميل ڏينهن جي تکي اُس ۾ پنڌ ڪرڻ بدران رات جي ٿڌڪار ۾ وڌيڪ سولا آهن.
    جن ڏينهن ۾ ابن بطوطه ۽ مارڪوپولو هتي آيا هُئا تن ڏينهن ۾ ته سڄي واٽ جبل جي چوٽيءَ تائين اونداهه ڪانڀار هوندي هُئي (ويندي 1950ع تائين) ۽ مسافر پاڻ سان ٽارچون ۽ ڏيئا کڻي هلندا هُئا. پر هاڻ جبل جي قدمن کان چوٽيءَ تي ٺهيل مندر تائين اليڪٽرڪ جا بلب ٻرن ٿا. مزي جي ڳالهه ته اهي بلب تن ڏينهن جي وزير مواصلات ۽ محنت، سرجان ڪوٽيلا والا هڪ سُکا پوري ٿيڻ تي لڳايا هُئا. جا سُکا اها هُئي ته سلون ۾ Hydro Electric پهرين اسڪيم ڪامياب وڃي.
    ٽيننٽ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن آدم جبل جي چوٽيءَ کان اوائلي چيني مسافر ۽ جهازي پڻ متاثر هُئا ۽ سلون ۾ ايندي وقت سمنڊ تي رستو ڳولهڻ لاءِ ان جبل جي چوٽيءَ جي Bearing وٺندا هُئا. تڏهن جا چيني پڻ ان چوٽيءَ تي زيارت لاءِ ويندا هُئا. هنن جو عقيدو اهو هو ته اها دنيا جي پهرين پيدا ٿيندڙ ماڻهوءَ (جنهن کي هو ’پان ــ ڪو‘ سڏين) ٺاهي هُئي ۽ سلون جا هيرا جواهر ان پهرين پيدا ٿيل انسان پان ڪو جي اکين جا ڳوڙها آهن جيڪي سُڪي ٺوٺ ٿي هيرا ٿي پيا آهن.
    چين ۾ ٻُڌ ڌرم پکڙڻ سان سلون کي وڌيڪ اهميت ملي ۽ گوتم ٻُڌ جي مورتين جي ضرورت وڌڻ لڳي جيڪي سلون جا سنهالي آرٽسٽ ٺاهيندا هُئا. ان ڪري چينين جي سلون ۾ اچ وڃُ شروع ٿي وئي ۽ سلون وڻج واپار، خوبصورتي، وڻڪار ۽ ڪلچر کان تڏهن کان مشهور ٿي ويو هو.
    مارڪوپولو چين کان جڏهن واپس وري رهيو هو ته رستي تي سلون ۾ 1291ع ۾ ترسيو هو. هن انهن ڏينهن ۾ سلون ۾ آفريڪي مسلمان حبشين کي واپار ڪندي ڏٺو. همراهه سلون جي هيرن جواهرن کان ڏاڍو متاثر ٿيو. خاص ڪري هڪ رُبي (لعل) کان. ”ماڻهن جي ٻانهن جيڏو ياقوت“، پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو اٿس، ”جنهن تي ڪوبه داغ ناهي ۽ جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ قبلائي خان سڄو شهر ٿي ڏنو پر بادشاهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو.“
    بهرحال پراڻن سياحن ۽ ليکڪن جون ڳالهيون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته سلون جو ٻيٽ ماضيءَ ۾ به خوبصورت ۽ مشهور رهي چُڪو آهي. وڻج واپار کان. گھمڻ ڦرڻ کان. قصن ڪهاڻين کان. مذهبن ۽ ماڻهن کان.
    سلون اڄُ به ڪيترن ملڪن کان وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ هي ٻيٽ اڃا به اهڙو ئي سهڻو، وڻندڙ ۽ ساوڪ سان جھنجھيل رومانوي دنيا آهي جهڙي اڄُ کان سوين سال اڳ ابن بطوطه، مارڪو پولو ۽ سوپاٽر جي ڏينهن ۾ هُئي. جيتوڻيڪ وقت ۽ زمانو بدلجي ويو آهي. ان سان گڏُ انساني قدرن ۽ فئشن پڻ. سلون جي دال چيني جيڪا ڪنهن زماني ۾ بادشاهن کي تحفي طور ڏني ويندي هُئي سا هينئر سنڌ اسلاميه هوٽل يا گھرن ۾ پلاءَ ۽ ٻوڙ ۾ مس وڌي وڃي ٿي ۽ خوشبوءِ لاءِ شئنل فائو، ايرامس ۽ ٻيا سينٽ، عطر، ڪولون ۽ ڊيڊڊورنٽ نڪري پيا آهن. سلوني هاٿي جن کي وڏي ملٽري حيثيت حاصل هُئي تن ويچارن کي هن ميزائلن ۽ ائنٽي ميزائلن جي دؤر ۾ ڪو پُڇي ڪونه ٿو ۽ چڙيا گھرن جي پڃرن ۾ بيهي فقط ٻار ئي ريجھائين ٿا يا مٿن ٻئي درجي جا ٻار مضمون لکن ٿا. بهرحال اڄڪلهه جا هاٿي به ڇا پُراڻا ڏينهن ياد ڪري سوچيندا هوندا ته ڪنهن زماني ۾ ته هو راجائن ۽ شهنشاهن جي عزت ۽ دٻدٻي جي نشاني هئا ۽ هاڻ اها حالت آهي جو:

    اڳي ائين هُياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
    هاڻ ائين ٿياس، جو ڏير نه نينم ساڻ.


    18

    اڄڪلهه سلون جي هيرن جواهرن جو دنيا جي مارڪيٽ ۾ ايترو کاپو نه رهيو اهي جيترو چانهه ۽ رٻڙ جو آهي (جنهن جي ڄاڻ اوڻويهين صديءَ ۾ پئي). اوائلي سنهالين جا اڏيل وڏا شهر ۽ عمارتون ٺٽي ۽ سيوهڻ وانگر کنڊر ٿيندا وڃن.
    ان هوندي به سلون جو موهه، قدرتي سونهن، ساوڪ، گُلڪاري، رومانيت اڃان تائين ٻاهرين لاءِ باعث ڪشش آهي ۽ هڪ هتي جي سلوني (جي ــ وجاياتنگا) جي مشهور شعر مطابق سندس سلون سڀ کان سهڻو ٻيٽ آهي. پاڻ اهو شعر سلون جي آزادي جي پهرين ڏينهن، چوٿين فيبروري 1948ع تي لکيو هئائين:

    There is a land I know where the wind so softly blow
    And skies are kind and the fields are green;
    There is a land I know where the rivers softly flow.
    And the heat is ravished by what is seen,
    That land is Lanka, fairest into of all,
    Whose hills the clouds do hug and kiss:
    That land is Lanka, at whose sacred call,
    Our hearts do stir with pride and bliss
    There is a land I know……….

    ”ڌرتي،
    سا ڌرتي مان ڄاڻان ٿو،
    جنهن تي گھُلن ٿيون
    ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون.
    آڪاش جنهن تي ـــ
    هر دم آ ٻاجھارو،
    ساوا جنهن جا ٻنيون ٻارا
    جنهن تي تيزيءَ ساڻ وهن ٿا
    نديون نارا
    جنهن کي ڏسڻ سان دل کي ــ
    راحت جو احساس ٿئي ٿو.
    جيڪا سڀ جي من کي موهي ــ
    سا ڌرتي لنڪا جي ڌرتي،
    جنهن جي ٽڪرين کي هردم
    ڪاريون ڪڪريون سيني لائي
    چميون ڏين ٿيون.
    تنهن لنڪا،
    ڌرتي ماتا جي پوتر سڏَ تي
    دليون اسان جون
    فخر وچان
    جھومي جھومي ڇير وجھن ٿيون
    مست ٿين ٿيون
    سا ڌرتي، سا ڌرتي،
    مان ڄاڻان ٿو...........“
    (ترجمو تاج بلوچ)


    19

    مون پنهنجي مضمونن ۾ خط استوا واري پٽي جي ملڪن جي ساوڪ، پکين ۽ جانورن جي گھڻائيءَ جو ذڪر هر هر ڪيو آهي. تعليم دوران بنگال ۾ منهنجي غير بنگالي دوستن کي بنگال جي مڇرن، ماڻهن، مينهن ۽ گاهه جي گھڻائيءَ تي ڏاڍو تعجب لڳندو هو. بنگال ته وري به خط استوا کان پري آهي پر سلون خط استوا جي اتر ۾ پنج ۽ ڏھ ڊگري ويڪرائي ڦاڪ جي وچ ۾ اچي ٿو. هتي جي موسم ۽ حالتون ٻين خط استوا وارن ملڪن وانگر اهڙيون آهن جو هر شيءَ جو نسل تکو تکو وڌي ٿو. پکين، جيت بلائن، گاهن، وڻن ٽڻن ۽ ولين کان وٺي جانورن تائين ــ تمام گھڻو ڄمُ آهي. اڃان به جانورن مان هاٿي (جيڪو تمام سگھارو ۽ سياڻو جانور آهي ۽ انسان سان جلد هريو وڃي) ختم ٿي رهيو آهي. ڇو جو جھنگلن ۾ تمام ٿورا هاٿي وڃي بچيا آهن ۽ هاٿي لڳُ (Sex) جي معاملي ۾ ڪافي شرميلو جانور آهي ۽ پالتو حالت ۾، پڃرن ۾، آباد علائقن يا جتي ماڻهن جي اچ وڃُ جو شڪ آهي، اتي هاٿيءَ جي نسل وڌڻ جي ڪا اميد نٿي رکي سگھجي.
    جيتوڻيڪ اڄُڪلهه هاٿيءَ جو اهو پراڻو قدر نه رهيو آهي ته به هن مشينري جي دور ۾ به هتي سلون ۾ ڪٿي ڪٿي ڪيترا ڳرا ڪم هاٿيءَ کان ورتا وڃن ٿا. توهان ڪولمبو ۾ جيڪڏهن هوائي جهاز رستي ايندا ته هوائي جهاز جي دريءَ مان پهرين ڪولمبو جو مشهور سامونڊي بندرگاهه ڏسڻ ۾ ايندو. تنهن کان پوءِ سرڪاري جڳهيون ۽ آفيسون، ريس ڪورس جو ميدان، ڳاڙهي رنگ جي سرن وارين ڪنڊائتين ڇتين وارا گھر. بارش ڪري هتي سلون ۾ يا ٻين اهڙن ملڪن ۾ سنڌ وانگر سڌين ڇتين بدران گھرن جون ڪنڊائتيون ڇتيون آهن. جيئن لڳاتار ۽ گھڻي مينهن جو پاڻي جلدي هيٺ وهي وڃي، ناريلن جا ڊگھا ۽ سهڻا وڻ، سارين جا فصل، لئوينا (Lavina) جو تانگھو سامونڊي ڪنارو ۽ نيٺ ڪولمبو جو رتمالانا هوائي اڏو ــ جنهن جي ڀرسان ڪيترا هاٿي ڪم ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا.
    هاٿين جي وڌندڙ کوٽ کي مدنظر رکي هاٿين جي شڪار تي يا پالڻ تي 1951ع کان هتي سخت بندش وڌي وئي آهي، (ان قاعدي تي ڪيتري ڪڙي نظر رکي پئي وڃي يا عمل ٿي رهيو آهي، ان بابت ڪجھه چئي نه ٿو سگھان، ڇو ته اسان جي ايشيائي ذهنيت مطابق جنهن شيءِ لاءِ منع ڪئي ويندي آهي، اهائي ڪري ڏيکاري ويندي آهي. جيئن پاڻ وٽ رستي تي جتي جتي ”هتي تترن جي شڪار جي منع آهي“ جا بورڊ لڳل هوندا آهن اتي ئي شڪاري بندوقن سان نظر ايندا آهن.)
    وڏيرن ۽ زميندارن کان وڌيڪ سرڪاري عملدار ان قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا. سئنيمائن ۽ هوٽلن اڳيان جتي لکيل هوندو آهي پيشاب ڪرڻ جي منع آهي، اتي ئي توهان کي ڏسڻا وائسڻا مُٽندي يا وٽُ ساريندي ملندا.
    بهرحال، هتي جي هاٿين کي ٻاهرين ملڪن (خاص ڪري يورپ، آمريڪا، جپان) کان آيل سياح وڏي شوق سان ۽ تعجب مان ڏسن ٿا. جن جا (يعني هاٿين جا ۽ نه سياحن جا) پير ٿلهن زنجيرن ۾ ٻڌل هوندا ۽ ڳرا بُنڊ ۽ وڻ ڇڪيندا رهندا آهن. هاٿي هر پڻ ڪاهين. (هاٿيءَ کان علاوه هتي هرُ ڪاهڻ جو ڪم ’سانَ‘ کان پڻ ورتو وڃي ٿو. نه فقط هتي پر ٿائلنڊ ۽ ملائشيا ۾ پڻُ سانُ هر ڪاهڻ ۽ سواريءَ جي ڪم ۾ استعمال ٿئي ٿو.)
    ڪمبوڊيا ۽ برما ۾ پڻ سانُ هرَ ۾ جوٽيو وڃي ٿو. پاڻ وٽ سنڌ ۾ شايد سانَ کان اهڙو ڪم ان ڪري نٿو ورتو وڃي جو سانُ يا مينهن اوسي وارا جانور آهن ۽ کين اڃَ ڏاڍي لڳي ٿي. سلون، ملايا يا برما ۾ ته پاڻيءَ جي کوٽ ناهي. پاڻ وٽ جتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پورو ۽ صحيح پاڻي ناهي اتي جانورن کي ڪٿي ٿو پاڻي ڏيئي سگھجي! يا ٿي سگھي ٿو ان جو ڪو ٻيو سبب هجي جو سانُ سنڌُ ۾ هرُ ڪاهڻ يا سواريءَ لاءِ ڪم نٿو اچي.
    هونءَ مون هڪ سنڌي جنتريءَ ۾ پڙهيو آهي. (جنهن کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ ليکڪ صاحب ان ۾ وضوءَ ۽ نماز جا صحيح طريقا، ڪجھه رڌ پچاءَ جا نمونا، ورزش جا اصول؛ پيار ۾ ڪاميابي، امتحان ۾ بنا ڪاپيءَ جي نمبر کڻڻ، اگھائيءَ کان شفا حاصل ڪرڻ جا يڪ ٽڪ تعويذ، طاقت شباب ۽ جوانيءَ جا اول درجي جا نسخا ۽ خوابن جا تعبير پڻُ ڏنا هئا). ان سنڌي جنتريءَ مطابق خواب ۾ سانَ جي ’سواري‘ معنى موت! ۽ هڪ امريڪن ليکڪ جو تعبير نامون پڙهيم، ان مطابق خواب ۾ سانُ ڏسڻ يا سانَ تي سواري ڪرڻ معنى نئين آٽوميٽڪ ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ملڻ واري آهي.
    هتي جي هاٿين جا ڪن ننڍا ٿين ۽ گھڻو ڪري نيش (Tusk) نه ٿين. کين اڳين ٻن پيرن ۾ پنج ۽ پوين ۾ چار آڱريون ٿين. ماضيءَ ۾ وڏن نيشن واري هاٿي (جن ۾ پوين پيرن ۾ به پنج آڱريون هونديون هيون) تن کي رکڻ ماڻهپي جي نشاني سمجھي ويندي هئي ۽ گھڻو ڪري اهي راجائن ۽ حاڪمن وٽ هوندا هئا. (جيئن سلون جي راجا ڌٿا گامنيءَ جو مشهور ڪانڊولا هاٿي). پر اهڙا هاٿي اڄڪلهه تمام ٿورا وڃي بچيا آهن. جن مان ڪُجهه ته ڪئنڊي شهر جي ’ڏند مندر‘ ۾ آهن جن کي ڏند واري جلوس ۾ ’پاڪ ڌن‘ کڻي هلڻ جي عزت حاصل آهي.
    هاٿين کان علاوه هتي جا ٻيا به ڪجھه جانور آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن. جيئن ته وڏن سڱن وارو ڦاڙهو (جنن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ ’سامبر‘ چئون ٿا ۽ هي سلوني ’سئمڀور‘ سڏين) جھنگلي سانُ، جھنگلي سوئر، رڇُ، چيتو، واڳون، ڀولڙا ۽ هرڻ جا ڪيترائي قسم، خاص ڪري چٽن وارو هرڻُ.


    20

    سلون جي ماڻهن (سنهالين) جو شينهن سان وڏو تعلق آهي (جيئن شروع ۾ ڄاڻائي آيو آهيان) پر مزي جي ڳالهه ته سلون ۾ هڪ به شينهن نه آهي سواءِ سلون جي جھنڊي تي ڇپيل شينهن جي يا ڪولمبو جي چڙيا گھر ۾. ۽ (Tiger) واڳهه ته چڙيا گھر ۾ به نه آهي. جيتوڻيڪ اهي سڀُ جانور سلون کان فقط ڪجھه ميل پري ڏکڻ هندستان ۾ جام آهن. ڪار يا بس ۾ ويندي، اسان جي ملڪ وانگر هتي به رستي تي رکي رکي نور نظر اچي ٿو ان کان علاوه هڪ سانڊي جهڙي ڊگھي چچي (ڪرڙي) ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن کي هتي جا ماڻهو ڪابراگويا سڏين ٿا ۽ قد ۾ ڇهه فوٽ ڊگھي ٿئي ٿي.
    ڀولڙا هتي آباد جاين يا شهرن ۾ گھٽ نظر اچن ٿا. باقي جھنگلن، ويران عمارتن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ رستن تي هڪ وڻ تان ٻئي تي ٽپندا ڏسڻ ۾ ايندا. ڀولڙا ويرانيءَ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ ڊٺل ڀڳل شهرن ۽ جاين جي علامت سمجھيا وڃن ٿا.
    سلون ۾ واسينگ نانگ (Cobra) جتي ڪٿي ملندا. ويندي ڪيترن بنگلن جي ڇٻرن تي پڻُ. واسينگ نانگ جي هندو توڙي ٻُڌ عزت، ادب ۽ مڃتا ڪن ٿا. ڪيترن مندرن ۾ (سلون توڙي هندستان، سنگاپور، ملائيشيا ۾) پڻُ هي نانگ نظر ايندا. ننڍڙو ٻيٽ ٿي ڪري سلون ۾ ايترا ته مختلف قسمن جا پکي، گُل، ٻوٽا آهن جو دنيا ۾ شايد ڪنهن ٻئي هنڌ هُجن.
    ڪولمبو جي هڪ چيني هوٽل ۾ هڪ علم نباتات (Botany) جي پوڙهي ماهر سان مُلاقات ٿي. هو آمريڪا کان هتي ريسرچ ورڪ لاءِ ٽن سالن کان آيل آهي. هن ٻُڌايو ته سلون ۾ فقط اهي ٻوٽا جيڪي گُل ڏين ٿا تن جا ٽن هزارن کان مٿي قسم آهن. )سينور Mosses۽ کنڀين جا قسم ان کان سواءِ هن ٻيٽ تي ڦُٽن ٿا). انهن ٻوٽن ۾ نَوَ سؤ کن اهڙا آهن جيڪي سلون کان سواءِ دنيا جي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. باقي مئڊاگاسڪر (ملاگاسي) سماترا، جاوا ۽ موريشش ۾ پڻُ ٿين. جيڪي ٻيٽ ڪنهن زماني ۾ ڌرتيءَ جو هڪ ئي حصو هوندا هئا. ڇو ته اهو ئي سمجھو وڃي ٿو ته هي دنيا جو گولو جڏهن ٻَرندڙ سج کان ڌار ٿيو ۽ ٿڌو ٿيندو هن صورت ۾ آيو ته اوائلي ڏينهن ۾ مٿيان ٻيٽ يعني سلون، ملاگاسي، سماترا، جاوا ۽ موريشش هڪ ئي زمين جا ٽُڪرا هئا، جيڪي هندستان جي ڏاکڻي پُڇ (ڪيراله رياست ۽ مدراس) سان ڳنڍيل هئا. ۽ پوءِ ڇڻي (يا ڇڄي) ڌار ڌار ٿي ويا.
    سلون ۾ پاڻي گھڻو هجڻ ڪري چؤڌاري ساوڪ نظر اچي ٿي. هتي تمام گھڻو مينهن پوي ٿو ۽ هٿ جي ليڪن وانگر سلون ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون، هن ٻيٽ جي زمين کي سيراب ڪن ٿيون. خاص ندي ٻه سؤ ميل ڊگھي مهاويلي گنگا نالي آهي. جنهن جي ڇوڙ وٽ سلون جو ٻيو مشهور بندرگاهه ٽرڪومالي آهي. اوري آرو، ڪالا اويا، يان اويا ۽ ڪيلاڻي گنگا به هتي جون مشهور ۽ وڏيون نديون آهن.
    گھڻي پاڻي هئڻ ڪري هتي سال ۾ ٽي ٽي فصل به لهن. سلون جي چپي چپي تي ساوڪ، وڏا وڻ، گُلن سان جھنجھيل، ڇٻر ۽ ٻيلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتي اهو ٻُڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته هتي جا ٻيلا برازيل جي گندن، گھاٽن، خوفناڪ ۽ ڪنن وڻڻ ۽ ڏنگيندڙ جيتن سان ڀريل ٻيلن جهڙا نه آهن ۽ نه برما ۽ ٿائلنڊ جي جهنگلن جهڙا، جيڪي Bridge On the River Kawai ۽ فلم ۾ ڏسون ٿا.
    هتي جا ٻيلا سٺي عمارتي ڪاٺ وارن خوبصورت وڻن جا آهن. جن ۾ جتي ڪٿي کليل چراگاهه، ڍنڍون ۽ حوض نظر اچن ٿا. انگلنڊ ۽ ڪيليفورنيا (آمريڪا) جي سهڻن باغن جهڙا هتي باغ پڻ جام آهن. جن ۾ ڀاڄيون، بيٽَ، پيز، مٽر ۽ ٻيون اهڙيون ڀاڄيون ٿين جن کي ساڳئي وقت اس جي ضرورت ٿئي ۽ ٿڌڪار جي پڻ، تنهن کان سواءِ هتي جي باغن ۽ ٻيلن ۾ ڀانت ڀانت جي رنگن، نمونن ۽ خوشبوئن وارا گُل پڻ ٿين.
    سلون ۾ ٿوري عرصي لاءِ آيل مسافرن کي جيڪڏهن هن ٻيٽ جا گُل ڦُل، ٻوٽا، وڻ وليون ۽ ٻي نباتات ڏسڻي آهي ته هتي جا جڳ مشهور چڙيا گھر، ڪئنڊي شهر لڳ پيرادينيا باغ ۽ ’نوارا‘ وٽ ’هاڪ گُل‘ ضرور ڏسي. هڪ ٽيون باغ ڪولمبو جي ڀرسان ’گام پاها‘ پڻ ضرور ڏسي سگھجي ٿو، جتي سلون جا پهريان رٻڙ جا وڻ پوکيل نظر اچن ٿا.
    وڻن ۽ جانورن کان علاوه سلون ۾ چار سؤ کان مٿي پکين جا قسم آهن. جن ۾ چاليهه ته اهڙا آهن جيڪي دنيا ۾ ڪٿي به نه آهن. سلون بابت هڪ مزيدار ڳالهه اها آهي ته دنيا جي ڪنهن به بندرگاهه ڏي ايندڙ يا ويندر جهاز جو آڌرڀاءُ ڪبوتر جهڙا اڇي رنگ جا سي ــ گُل (Sea-Gul) پکي ڪن ٿا. پر ڪولمبو دنيا جو اهڙو بندرگاهه آهي جتي خوبصورت سي گُل پکين بدران ڪاري رنگ جا ڪانگ (اسان جي سنڌي ڪانگن کان وڏا، ڪوئٽه جي ڪانگن جهڙا سڄا ڪارا) نظر اچن ٿا. سندن نهار ۽ چال پنهنجي ملڪ جي ڪانگن کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ ڌاڙيلن جهڙي آهي. شهر ۾ به اهي پکي ايترا نظر ايندا جو هڪ ٻاهر جو نئون آيل مسافر شايد اهو سمجھي ته ڪولمبو ۾ فقط ڪانگ آهن يا جھرڪيون ۽ ڪٻرون. پکي ڏسڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪرڻ ضروري آهي يا هتي جو ”روحونا نئشنل پارڪ“، يا ”واياتو نئشنل پارڪ،“ ڏسڻ ضروري آهي. جن ۾ انيڪ قسمن جا پکي نظر ايندا. ڪيترا ته اهڙا رنگين ۽ خوبصورت جو تصويرن ۾ به ڪيترن نه ڏٺا هوندا.
    هتي دريائن ۽ سمنڊن ۾ پڻ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون آهن. سڀُ عام مڇيءَ کي هتي جي زبان ۾ ’سير‘ سڏين. اها سامونڊي مڇي سواد ۾ (رانوس مڇيءَ) جهڙي ٿئي ۽ سلون جي هوٽلن، ريسٽ هائوس ۽ دعوتن وقت گھرن ۾ ايتري ٿي تيار ٿئي جو هتي نئون آيل اها مڇي کايو ورچيو پوي. مڇين کان
    وڌيڪ هتي جا ننڍا گانگٽ (Prawns) ۽ وڏا گانگٽ (Lobsters) ۽ کيکڙا (Crabs) وڌيڪ مشهور آهن ۽ سلون جي سامونڊي ڪنارن تي تمام سستا ملن ٿا. سلون جي اوڀر پاسي بنگالي اپسمنڊ مان وڏي قد جون سامونڊي ڪُميون (Turtles) ڦاسن، جي هتي جا تامل ماڻهو شوق سان کائين. ڪناري وٽ هڪ ٻئي قسم جا ڪڇون ڦاسن جن جي مٿئين ڍڪ مان ڦڻيون ۽ پيتيون ٺهن. هتي جي اونهي سامونڊي زندگي (Deep Sea Life) بابت ڪجھه پڪ سان چئي نه ٿو سگھان جو ان بابت تمام گھٽ معلومات حاصل ڪري سگھيو آهيان. ائين ٿو لڳي ته اها ايتري پرڪشش ناهي. ڪناري کان پري ڪڏهن ڪڏهن شارڪ مڇي نظر اچي ٿي جنهن بابت هتي جي ماڻهن ۽ شڪارين جا مختلف رايا آهن. هتي جي ڪن گھاتن ٻُڌايو ته اهي آدمخور شارڪ مڇيون آهن. ڪي چون ٿا ته اهي ماڻهوءِ جو نالو نٿيون وٺن ۽ شڪاري اڪثر خير سان واپس موٽي اچن ٿا. پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن بقول شيخ اياز جي:

    انگ اگھاڙا ٻارڙا، ڪنڌيءَ تي ڪُنبن،
    گھاتو گھر نه آئيا، وهون وايون ڪن،
    ڏيل پيا ڏهڪن، مُڙس پيا ڪنن مامري.

    پاڻ وٽ هي چرچو مشهور آهي ته ٽي موالي نشي جي حالت ۾ وڃي رهيا هئا. هڪ ٻئي کان پُڇيو:
    ”ادا! سمنڊ کي باهه لڳي ته مڇيون ڪاڏي وينديون؟“
    ٻئي ٿوري دير غور ۽ سوچ کان پوءِ وراڻيس. تنهن تي ٽئي کلي چيو:
    ”مڇيون ڪي مينهيون آهن، جو وڻن تي چڙهي وينديون.“
    سو اهو ٿيو ته موالين جو چرچو. مڇين لاءِ اڏامڻ يا وڻن تي چڙهي وڃڻ، پاڻ وٽ ناممڪن ڳالهه آهي پر اها حقيقت آهي ته مڇيون اڏامي به سگھن ٿيون ۽ وڻن تي به چڙهي سگھن ٿيون. اڏامندڙ مڇين جا ته ولر جا ولر، سَوَن جي تعداد ۾ ڪولمبو کان سنگاپور تائين ملائيشيا جي ڳچي سمنڊ (Strait) ۾ ۽ ڪيوبا کان آمريڪا تائين ميڪسيڪو اپسمنڊ (Bay of Mexico) ۾ پاڻيءَ مٿان اڏامنديون نظر اچن ٿيون. جهاز لنگھڻ وقت جهاز جي آواز تي يڪو مڇين جو ڌڻُ سمنڊ مان نڪرندو آهي ۽ فرلانگ ٻه اڏامي وري سمنڊ ۾ ٽُٻي هڻندو آهي. ماهي بي آب جو شاعرانه اصطلاح ۽ تخيل به سلون ۾ بي معنى آهي.
    وڻن تي چڙهندڙ مڇيون سلون جي خاص تعجب خيز شين مان آهن. اهي خشڪي پار ڪري سگھن ۽ وڻن تي به چڙهيو وڃن ۽ هڪ ٻيو مڇين جو قسم هتي ٿئي، جي ڳائڻيون مڇيون سڏجن. اهي چانڊوڪي رات ۾ ڪناري وٽ اچي جھونگارينديون آهن.


    21

    سلون آدمشماريءَ جي حساب کان هندستان کان به وڌيڪ ڳُتيل آهي. سلون ۾ ستر سيڪڙو ماڻهو سنهالي آهن، جيڪي قديم زماني مان اتر هندستان کان آيا هُئا. انهن جي سنهالي زبان سنسڪرت مان نڪتل آهي. تامل زبان ڳالهائيندڙ دير سان هندستان کان لڏي هتي آيا. سنهالين مان ڪي تامل ڳالهائيندڙن سان سڱا بندي ڪري ملي ويا آهن. پر ڪئنڊين (Kandyen) سنهالي پنهنجي انفراديت قائم رکندا اچن ۽ تامل ۽ يورپين جي هن ٻيٽ تي اچڻ وقت مقابلو هو. سنهالي گھڻو ڪري سڀُ ٻُڌ (هنيانا ٻُڌ) آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪرسچن پڻ آهن.
    ڏکڻ هندستان جا تامل ماڻهو انگريزن مزدوريءَ لاءِ سلون، ملايا، سنگاپور ۾ آندا هُئا ۽ اڄڪلهه سلون جي سڄي آدمشُماري ۾ پنجويهه سيڪڙو کن ٿيندا. اهي گهڻو ڪري مزدوريءَ وارا ڪم ڪن. ڪنهن زماني سلون ۾ سنهالي ۽ تامل پاڻ ۾ پيار محبت سان رهندا هئا پر پوءِ آهستي آهستي ٻنهي ڌرين ۾ نفرت ۽ ڌڪار وڌڻ لڳي، جنهن جو نتيجو 1958ع واري ايمرجنسي آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خون خرابو ٿيو. ڪيترا اهڙا به تامل آهن جيڪي ويجھڙائيءَ ۾ ڏکڻ هندستان کان لڏي هتي سلون ۾ آيا. هتي اڳيئي آدمشُماري، ڏُڪار ۽ بيروزگاري وڌيل آهي. نتيجي طور سلون جي حڪومت انهن کي رکڻ لاءِ تيار نه آهي نه انهن جي اولاد کي هتي جي (Citizenship) ملي ٿي ۽ ساڳئي وقت هاڻ هندستان به انهن کي پاڻ وٽ موٽائي نٿو رکڻ چاهي.
    تامل درويدن جي زبان آهي ۽ سنهالي زبان کان بلڪل نرالي آهي. ٻئي مختلف زبانون (جن جي لکڻي به مختلف آهي) آزاديءَ تائين بنا ڪنهن ڇيڙڇاڙ جي هلنديون رهيون ۽ قومي زبان انگريزي هُئي. پر انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ قومي جذبي هيٺ ڪن سياستدانن 1956ع ۾ سنهالي کي سرڪاري زبان جو درجو کڻي ڏنو ۽ ان ڳالهه تان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونريزيءَ جي حد تائين جھڳڙا ٿيا.


    22

    تامل ڳالهائيندڙ گھڻو ڪري هندو مذهب جا آهن. ڪي عيسائي ۽ مسلمان پڻ آهن. تامل جن کي هتي رهي جيتوڻيڪ سؤ کان به مٿي سال ٿي ويا آهن پر اصلي باشندن (سنهالين) سان نٿا ٺهن. هونءَ تامل پورهئي ۽ ڪم ۾ سنهالين کان مُڙس ماڻهو آهن ۽ تعليم ۾ پڻُ.
    سنهالين ۽ تاملن کان علاوه ٻيون به ڪجھ قومون، ذاتيون ۽ فرقا سريلنڪا ۾ مشهور آهن. مثال طور مور، برگر، ويدا، بورا، کوجا وغيره، مور عرب واپارين ۽ آفريقا جي حبشي مسلمانن جو اولاد آهن. جن جا وڏا واپار سانگي سلون ۾ آيا ۽ ڪن پاڻ سان زالون آنديون، ڪن هتي اچي شادي ڪئي. اهي سڀُ مسلمان آهن ۽ سلون جي اوڀر واري ڪناري ۽ ڪولمبو شهر ۾ گھڻا رهن ٿا. زبان گھڻو ڪري تامل ڳالهائين. انهن مان ڪيترن جون زالون پڙدو به ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ هتي جي گھڻي آدمشماري (جا ٻُڌن ۽ هندن تي مشتمل آهي) پڙدو ڪانه ڪري.
    مدراس ۽ بمبئي کان علاوه پاڪستان کان آيل بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي پڻ ڪولمبو ۾ آهن. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جا آيل سنڌي هندو واپاري سنڌي سڏجن ۽ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي شهرن ۾ گھڻا آهن. ڊچن ۽ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يورپين جو اولاد برگر سڏجي ٿو. انهن جي اولاد مان گھڻن سنهالين سان شادي ڪري، ملي جُلي ويا آهن پر ڪيترن پنهنجو پاڻ کي الڳ رکيو آهي. هنن جي ڪنهن زماني تائين، خاص ڪري غلاميءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي لئه هُئي ۽ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ برتر ۽ اتاهون سمجھندا هُئا پر آزاديءَ کان پوءِ قومي جذبي جاڳڻ تي سندن اها عزت ڪانه رهي آهي. نتيجي طور ڪيترا ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا لڏي ويا آهن ٻيا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ ڪُجهه هتي جي لوڪل ماڻهن سان رلي ملي ويا آهن. برگر گھڻو ڪري پروٽيسٽنٽ (ڪرسچن) آهن ۽ ڪُجهه ڪئٿولڪ پڻُ.
    سلون ۾ ڪُجهه بمبئيءَ جا واپاري، گواني، چيني ۽ آفريقا کان گھرايل مزدور شيدي جيڪي ’ڪافر‘ سڏائين ۽ ڏکڻ هندستان جا ڪجھه تيلگو ۽ مليالم زبان ڳالهائيندڙ پڻ آهن.
    سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.
    تامل ماڻهو سنهالين کان وڌيڪ ڪارا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھٽ پٽ سڃاڻپ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو چينين ۽ تائيوان جي ماڻهن جي وچ ۾ يا ڪورين ۽ جپانين جي وچ ۾. سندن نالن جي آخر ۾ گھڻو ڪري ’م‘ ’مي‘ ’نون‘ يا ’راجا‘ جهڙا اُچار اچن. مثال طور: پارا راجا، سنگھام، ڪومارا سوامي، وائٿياناٿن، وگني راجا وغيره. ڪن پنهنجا نالا آمريڪا کان آيل عيسائي پادرين جي نالن کان ورتا جيئن ته: بارنيس، گربن، نائيلس، ولسن وغيره.
    ڪي ڪي ته تامل نالا اهڙا ڏکيا آهن جو سڄو ڏينهن اُچارڻ سان به ياد نٿا بيهن ۽ پني تان ڏسي سڏڻو پوي ٿو. ڪي وري اهڙا آهن جو اچاريندي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ته ڄاڙي ڀڳي. جيئن اسان جي هتي جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اسسٽنٽ جو نالو آهي: ”ٿيرو گاناسام پانڌاموٿيونائينارــ پلالي.“
    Thirugansam Panda - Muthiunainar – Pillali
    پلالي سندس ذات آهي، باقي نالو آهي رپلي وارن کي پنهنجي ڪتاب Believe in or not لاءِ نوٽ ڪرڻ کپي. آئون کيس ڪڏهن ’ساري گاما پاڌا ني سا‘ سڏيندو آهيان. ڪن جا نالا هندستاني فلم اسٽار: رتي اگني هوتري، شتروگهن سنها، قلبوشن کربندا، امول پاليڪر ۽ اتپل دت سان ڪافي ملن ٿا. مورس جا نالا مسلمانن وارا آهن. جيتوڻيڪ ڇوڪرين جا نالا، هندو ڪلچر جي گھڻي اثر هئڻ ڪري، نرگس، ڀاونا، سيتا، مينا، بينا، راکي، ڪجن، ريتا وغيره پڻ عام آهن. برگرن جا نالا: وان لئگنبرگ، واندر سمگت، جانسز، سانسوني، ڪوليٽ، گارون وغيره آهن.
    ذات پات جو چڪر سنهالين ۾ آهي ته تامل (ڏکڻ هندستانين) ۾ پڻ. ننڍ وڏائيءَ جي حساب سان هندن جا چار مُکيه درجا آهن: برهمڻ، وئش، کتري ۽ شودر (اڇوت). اهڙي نموني سان سنهالين ۾ ذاتين جي حساب سان درجا آهن پر ايڏا سخت نه. ۽ اڄُ ڪلهه جي نوجوانن ۾ جيڪي گڏُ پڙهن ٿا، کيڏن ٿا، گھمن ڦرن ٿا، ننڍ وڏائيءَ جو چڪر گھٽبو وڃي. سنهالين مطابق چار مٿاهيون ذاتيون آهن:
    گوبيگاما (زميندار)، ڪاراوا (مهاڻا، ساٽِي)، سالا گاما (دال چينيءَ جا ڇوڏا ڇليندڙ) ۽ دراوا (تاڙي، کجيءَ جو عرق ڪڍندڙ). انهن کان پوءِ هيٺاهيون ذاتيون واڍن، رازن، ڪاشيگرن، ڪنڀرن، حجامن، ۽ مڱڻهارن جون آهن. ويندي آخري هيٺاهين ذات، ’رودي‘ آهي.
    رودي ذات جا ماڻهو، هندن جي شودرن وانگر اڇوت ۽ گھٽ ذات وارا سمجھيا وڃن ٿا. هي تمام هيسيل ۽ ڊپ ۾ رهن ٿا. پنهنجي روزي گھٽ ۽ نيچ ڪمن ذريعي حاصل ڪن. فقير، بازيگر، ڀنگي، رنڊيون وغيره هن گروپ ۾ اچن.
    چيو وڃي ٿو ته ان ذات (رودي) جا ماڻهو وڏي مرتبي وارا هُئا ۽ بادشاهن سان گڏ شڪار تي هلندا هئا يا انهن لاءِ شڪار ڪري ايندا هُئا. پوءِ هڪ دفعي هڪ سست رودي (شڪاريءَ) بادشاهه کي هرڻ جي گوشت بدران مئل ماڻهوءَ جو گوشت کارايو. ان کي سزا ڏيڻ خاطر سڀني رودين کي بادشاهه گھٽ ذات ۽ ڪمينو قرار ڏنو. انهن کان سڀُ سهوليتون پڻ کسيون ويون. ان کان پوءِ، وقت جو حاڪم جڏهن به ڪنهن نواب وزير يا اعلى عهدي واري کي سزا ڏيندو هو ته ان جي زال ۽ ڌيئرون رودي ماڻهن سان پرڻائيندو هو. (يعني ڏٺو وڃي ته اڄُ جا رودي اعلى ماڻهن ۽ حاڪمن جو اولاد آهن ۽ اها ڳالهه اڄُ جا رودي به محسوس ڪري فخر ڪن ٿا.) هنن رودين لاءِ اهو به شرط وڌو ويو ته رودي مرد توڙي عورتون چيلهه کان مٿي بدن جو حصو اگھاڙو ڪري هلندا. اڄُ به ڪولمبو جي ڪيترن دڪانن تي خوبصورت رودي ڇوڪرين جا اگھاڙين ڇاتين سان فوٽو ڪارڊ (View Cards) وڪامن ٿا.
    پر اهي سلوني باليون هاڻ ڪنهن به سياح کي اڌُ اگھاڙي ڊريس ۾ نظر نه اينديون، جو ويجھڙائيءَ ۾ سلون حڪومت ڇاتيون اگھاڙيون ڪري هلڻ تي بندش وجھي ڇڏي آهي.
    مختلف قسمن جون هيٺ مٿاهيون، ذاتيون، مذهب ۽ زبانون سياستدانن لاءِ ئي فائديمند رهن ٿيون. جڏهن هنن کي وڻي ته پنهنجي غرض لاءِ ٻن ذاتين، ٻن مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجو ڪم ڪڍي وٺن ــ خاص ڪري هن ننڍي کنڊ جا جذباتي، حساس ۽ سياسي شعور کان عاري ماڻهو دنيا ۾ ڪٿي ملندا...؟


    23

    هن دفعي اسان کي ڪولمبو ۾ آئي، هفتي کان به مٿي ٿي ويو آهي. اسان جي جهاز تي ڪم ڪندڙ عملي ۽ خلاصين مان ڪي ته پهريون ڀيرو آيا آهن ۽ ڪي ته ڪيترائي ڀيرا اچي چُڪا آهن ــ خاص ڪري اهي جيڪي هن کان اڳ ننڍن جهازن تي رهيا آهن، يا اهي جهاز جيڪي ويجھن ملڪن ۾ وڃن ٿا ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ يڪ ساهيءَ وڃڻ بدران هڪ هڪ ملڪ مان ٿيندا وڃن ٿا. انهن جهازن ۾ تيل ۽ پاڻي کڻڻ لاءِ ايتريون ٽانڪيون نه آهن جو يڪساهي وڏو سفر ڪري سگهن. اسان جي جهاز لاءِ هتي اچڻ اتفاقي آهي. هاڻ هتان کان سڌو نيويارڪ (آمريڪا) وينداسين جو مفاصلو هتان کان ٻارهن هزار ميل آهي. اسان جي جهاز جي رفتار مطابق ٽيهه ڏينهن ۽ ڪُجهه ڪلاڪ لڳڻ کپن. يعني پورو مهينو کن. ڪالهه ڪنهن جونيئر آفيسر چيو:
    ”مار، هاڻ يڪا ٽيهه ڏينهن سمنڊ تي! خبر ناهي ڪيئن گُذرندا.“
    ”ٽيهه ڏينهن ته ڪُجهه به نه ٿيا“ چيف آفيسر مظهر وراڻيو، ”يعني فقط چار آچر.“
    پوءِ جڏهن جهاز سمنڊ تي هوندو آهي ته واقعي اسان جو يار مظهر ڏينهن نه ڳڻيندو آهي. هينئر جپان کان سلون ايندي به هڪ ڏينهن لنچ تي پڇيومانس ته ڪهڙو ڏينهن آهي؟
    ”سمنڊ تي ڏينهن جا نالا پُڇي ڇا ڪبا؟ سڀُ ڏينهن هڪجهڙا ته ٿين ٿا. مان ته رُڳو چڪن برياني ڏسي سمجھندو آهيان ته اڄُ خميس يا آچر هوندو!“
    واقعي سمنڊ تي چاهي آچر هُجي يا سومر، عيد جو ڏينهن هُجي يا عاشوري جو، موڪل ته ٿيڻي ڪانهي. ڏينهن رات مقرر ڊيوٽيون ڪرڻيون پون ٿيون. هڪ ڏينهن ٻئي کان مختلف نه ٿئي. فقط آچر ۽ خميس جو ڏينهن ٻين کان ٿورو مختلف ٿئي. پاڪستاني ڪمپنين جو سڀني جهازن تي سالن کان اهو دستور هلندو اچي ته ٻين ڏينهن جو (Menu) کاڌو بدلبو رهندو، پر خميس ۽ آچر تي ساڳيو هوندو. صبح نيرن تي ڊبل روٽيءَ بدران اڦراٽو يا پوري ٿئي ۽ ٻي ڀاڄي. منجھند جو چڪن برياني، پاپڙ، ٻوڙ، آچار ۽ پنير وغيره ٿئي. رات جي ماني: چڪن سوپ، ۽ عام مانيءَ بدران ٿلها مکڻ لڳل اڦراٽا ۽ قيمون. اهو کاڌو مٿين ٻن ڏينهن تي ساڳي ساڳي سواد ۽ نموني جو هر جهاز تي نظر ايندو. ڀلي جهاز سمنڊ تي هجي يا بندرگاهه ۾، ڊگھي سفر تي هجي يا ننڍي تي، روس يا ڪئناڊا جي سرديءَ ۾ هُجي يا پورٽ سوڊان ۽ بحر احمر جي گرميءَ منجھه، بارش هُجي يا طوفان منجھ، مجال آهي جو ڪو ڦير ڦار ٿئي.
    نه فقط پاڪستاني جهازن تي پر هندستاني ۽ هاڻ بنگلاديش جي جهاز جو به خميس ۽ آچر وارو مينو ساڳيو ٿئي. لڳي ٿو ته اهو رواج آزادِيءَ کان به اڳ کان هلندو اچي. ايتريقدر جو چرچو مشهور آهي ته موڪل تي هڪ جهازي ٻئي جي گھر ويو. منجھند جي مانيءَ تي چڪن برياني ڏسي پُڇڻ لڳو: ”اڄُ آچر آهي ڇا؟“
    سلون ۾ گرم مسالو چڱو سستو آهي. ڪجهه سال اڳ ته ان کان به گھڻو سستو هو پر هينئر به (1970ع ۾) دنيا ۾ سڀ کان سستو هتي آهي. مثال طور ڦوٽا اسي روپيا سير، ڪارا مرچ يارهين روپئي سير، چانهه چار روپيا پائونڊ، گدامڙي ٽي روپيا سير، لونگ چاليهه روپيا سير، جاوتري ٽيهه روپيا سير، ڪمال پٽ ڇهه روپيا سير، ۽ ناريل جو تيل، ڏونگھيون، انناس ۽ پپيا پڻ هتي تمام سستا آهن. انهن مان ڪن شين تي بندرگاهه وٽ ڪسٽم آفيسرن کي ٽئڪس ڏيڻو پوي ٿو. هتي جي ڪسٽم آفيسرن کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ايندي آهي ته ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي. آئون سمجھان ٿو ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سلون جهڙو ڪٿي به اهڙو (Corrupt) بدنام ۽ غريب ڪسٽم جو عملو نه هوندو.
    بندرگاهه جي هر در وٽ ست اٺ ڄڻا (ڪسٽم آفيسر) خاڪي، ميرن ۽ اڻ استري ٿيل ڪپڙن ۾ بيٺا هوندا يا ڪني ڌپ واري تماڪ جي سگريٽن ۽ پُراڻي فئشن جي سبيل قميص ۽ ڪاري ڪپڙي جي نوڙيءَ جهڙي ٽاءِ ۾ ٽيبل پٺيان انگريزن جي زماني جي ڇنل واڻ جي مرُ لڳل ڪرسين تي ويٺا هوندا. اهڙي ادا ۽ نموني جون ڪرسيون ڳوٺن ۾ حجامن جي دڪانن تي گھڻو ڪري نظر اينديون آهن. ڪيترن جي ڏاڙهي وڌيل، ڏند پيلا (بقول چيف انجنيئر مهتاب جي، سندن ستن پيڙهين ڏند صاف ڪرڻ جهڙي فئشن تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي) ڳجھن وانگر جھُڳٽو ٺاهي ويٺا هوندا. ڪو جهازي بندرگاهه کان ايندو يا ويندو ڏسندا ته ائين خوش ٿيندا ڄڻُ مٿئين پکيءَ کي اُٺُ مئل نظر آيو. پهرين ته پُڇندا ڪهڙي جهاز جا آهيو ۽ ڇا (Rank) اٿانوَ؟ پوءِ ابتي کل لاهڻ جي ڪوشش ڪندا ــ پر گھڻو ڪري ڪامياب نه ٿيندا آهن. ويهه پنجوين روپين کان وٺي شُروع ٿيندا آهن ۽ قصو اڪثر ٽرپل فائيو (555) جي فقط هڪ سگريٽ تي اچي بيهندو آهي.
    هن کان اڳ دفعي جڏهن سلون آيا هئاسين ته دروازي وٽان پُڇي ويو هوس ته گرم مسالو وٺي ٿو اچان، ڇا ڊيوٽي ٽئڪس لڳندي. سڀني چيو ته ڪو خاص نه هڻنداسين ۽ تنهنجي مدد ڪنداسين. (دل ۾ سوچيم ته هڪ چور جي چوڪيدار مدد ڪندا اهو به خوب.) وٺي آيس. ٻه اڍائي سؤ روپين کن جو ٿيندو. حساب لڳائي چيائون ته ان جا پنجويهه روپيا ٽئڪس ڏي. پئسا ڏئي رسيد گھُري مان ته ڏهن جي ڪڍي ڏنائون. منهنجي ضد تي سمجھائڻ لڳا (۽ ٿورو پڻ ڪرڻ لڳا) ته ائين ڪرڻ سان پنجويهه روپيا نه ته رسيد وٺڻ سان پنجاهه روپين کان به مٿي سرڪاري ڪسٽم لڳندو، پر جيئن ته مون سان مدد جو وعدو ڪيو هئائون (ٻين لفظن ۾ پنهنجي ملڪ جي معيشت جا ترا ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هئائون) سو مونکان اڌ ٽئڪس پنجويهه روپيا وٺي رسيد ڏهن جي ٿا ڏين.
    ”جيئن اسان جو به ڀلو ٿئي ــ“ هڪ ڪسٽم آفيسر کلي چيو هو. پوءِ خبر پئي ته اهو مدد جو وعدو فقط مون تائين محدود نه هو پر اها سندن هٿ ٺوڪي مدد سلون جي ڪناري وانگر وسيع آهي.


    24

    ٻئي ڏينهن پوئين فلم شو تان موٽندي رستي تان انناس، پپيا ۽ ڪيڪ وٺي جهاز تي پئي آياسين ته گيٽ کان چار پنج قدم پهرين ئي ڪسٽم آفيسر آڌرڀاءُ ڪيو. لفافن ۾ سامان ڏسي چيائين:
    ”اندر ڪسٽم جو وڏو آفيسر ويٺو آهي، تمام گھڻو ٽئڪس لڳندو. توهان مون کي پنج روپيا ڏيو، آئون توهان جي مدد ڪندس، هن کي چوندس ته هنن وٽ کاڌي پيتي جون شيون آهن.“
    اسان کان کل نڪري وئي ته ’سڃا هليا آهن ڀينگن وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي‘ صاف صاف کيس چيوسين ته پنهنجي وڏي آفيسر کي چوندي ڇا. ’آهي ئي کاڌي جو سامان‘ ۽ اسان پنج روپيا ڏيڻ کان پڙُ ڪڍي بيهي رهياسين. دل ۾ فيصلو ڪيوسين ته جيڪڏهن ڪسٽم واري جهاز تي سامان کڻي وڃڻ نه ڏنو ته بندرگاه جي ٻاهران ئي کائي هٿين خالي هلنداسين. باقي Tax نه ڏينداسين. اڄُ رات پنج روپيا وٺڻ لاءِ هن ڪسٽم واري کي اجايو ڏاند ڏهڻا پوندا. اسان جو پارو چڙهيل ڏسي سڀ چُپ ٿي ويا. اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏنائون. اسان مان ڪنهن چيو ته اهڙو ڪمال ٿيو آهي ڄڻ سُئيءَ جي پاکي مان اُٺُ لنگھي ويا. پٺيان فورٿ انجنيئر (جنهن جو سئنيما ۾ اونداهه ۾ ڏاڪڻ تان پير ترڪڻ ڪري مُڙي ويو هو) منڊڪائيندو آيو ’ڌوڙ آ پئي‘ فورٿ انجئينر اسان تائين پهچي چيو، ”مون کان سريلنڪا ــ پاڪستان دوستيءَ جي نالي ۾ ٻه سگريٽ وٺي ئي ڇڏيائون.“
    هن دفعي پهرين ڏينهن اسان جهاز جا چار پنج آفيسر جنهن وقت وڃي رهياهئاسين ان وقت شام جا پنج ٿيا هئا. سڀني وٽ غير ملڪي ناڻو هو. سڀني خفي کان بچڻ لاءِ پئسا لڪائي ڇڏيا هئا. مون چيومان ته گيٽ تي آئون هي کليا ٻه ڊالر ڏيکارينديس. متان هنن کي شڪُ پوي ته بنا پئسن جي ٻاهر پيا وڃن ۽ پوءِ تلاشي وٺي لڪيل پئسا ضبط ڪن. در وٽ پهچي ڪسٽم وارن کي ٻُڌايم ته ٻه ڊالر اٿم.
    ”هن گيٽ تي فارم ته ڪونه آهن. هتان نمبر ون گيٽ تي وڃو (جو ميل کن پنڌ تي آهي) ۽ فارم ڀري پوءِ بئنڪ تي مٽائڻ لاءِ وڃو. پر بئنڪون هينئر بند ٿي چُڪيون آهن. صبح جو بئنڪ تي وڃي اتي به فارم ڀرجو ۽ پوءِ پئسا سرڪاري اگھه تي مٽائجو.“ ڪسٽم آفيسر ڊگھو ليڪچر ڏئي سمجھايو. مطلب ته مون غريب جو سرُ ويو. مون چيومانس ته ٺيڪ آهي اسان چانهه پيئڻ ٿي وياسين. سو هينئر بنا پيئڻ جي فقط واڪ ڪري موٽي ٿا اچون. هي پئسا کڻي اينداسين.
    هن انڊپين جو نڀُ ٽيبل جي ڪنڊ تي سڌو ڪري، پسرندڙ پني تي منهنجو نالو لکيو ۽ پوءِ در کان نڪرڻ وقت آهستي ڪن ۾ چيو ته در وٽ رابرٽ جو دڪان آهي، ان کان مٽائجو (جو شايد هن جو ڪو مائٽ يا دوست ٿي لڳو جنهن سان هن جي ڪميشن پڪ ٻڌل هوندي.) ڊالر جا هن اٺ روپيا ٿي ڏنا. ڪيترا ته نوان آيل جهازي ان کان مٽائيندا هوندا پر اسان نه مٽايس. اڳتي هڪ گھٽيءَ ۾ هر دڪاندار يارهين روپئي ڊالر وٺي رهيو هو. انهن ٻن ڊالرن کان سواءِ ٻيا سڀ پيسا مٽاياسين. فلمون ڏسي واپس دير سان آياسين. در تي ساڳي ڪسٽم آفيسر کي ٻه ڊالر ڏيکارياسين جنهن ڏسڻ به نه ٿي چاهيا پر اسان به پنهنجي نالي ماتر شرافت جو ٺپو هن جي نالي ماتر ايماندار روح تي هڻڻ چاهيو ٿي. يا ٻين لفظن ۾ اڳتي لاءِ پڪو ٿي ڪيوسينس. چوڻ لڳو:
    ”سڀاڻي آءٌ توهان جي جهاز تي ايندس. مون توهان جي جهاز جي چيف آفيسر مظهر جي مدد ڪئي آهي. هن وٽ ڏيڍ سؤ ڊالر هئا.“
    جهاز تي سڌو مظهر وٽ آيس. ڪئبن ۾ گھڙڻ سان مون کان اڳُ هو چوڻ لڳو: ”ٻه ڊالر کڻي سڄي پلٽن کي وٺي ڪيڏانهن ويو هُئين. مون لاءِ به ڪونه ترسين.“
    ”ٻه ڊالر! توکي ڪسٽم آفيسر ته ڪونه ٻُڌايو؟“ مون وائڙو ٿي چيومانس. کلي چيائين ته ڪولمبو جا ڪسٽم وارا به مڱڻهار آهن.
    ”آئون به سڌو تو وٽ ان لاءِ آيس ته يار هي ڪسٽم آفيسر ته صفا ڪو دهل آهي. تو لاءِ سڀني کي ٻُڌائيندو وتي ته ڏيڍ سؤ ڊالر کڻي نڪتو هُئين.“
    ”ڪسٽم آفيسر نه ٿيو، چڱي خاصي خبر رسان ايجنسي ٿي.“ مظهر مٿو کنندي چيو: ”ڏيرياڻيءَ کان لڪائڻ ۽ ڏيهه کي ڏسڻ؛ ان کي چئبو آهي.“
    ”ٻيو نه ته وري ــ مون کي ته اهو فڪر کائي ويو آهي ته ريڊيو آفيسر ڇا سوچيندو ته هن پاڻ کان اڌار گھُري ته پاڻ ٻنهي چيس ته تمام ٿورا پئسا آهن ۽ ڏيئي نه ٿا سگهون. پر اهو ته ڇڏ مون کي پاڻ تعجب آهي ته ڏيڍ سؤ ڊالر (ڏيڍ هزار روپيا) کڻي ڪهڙي مومل جي ڪاڪ تي ڪاهه ڪرڻ ويو هُئين؟“
    ”اڙي بابا نه. نه. توهان غلط فهميءَ ۾ آهيو. آمريڪن ڊالر ٿورائي هُئا. ڏيڍ سؤ هانگ ڊالر يعني ٽي سؤ روپيا کن هُئا ۽ تن جا به ان ڪسٽم آفيسر جي دوست رابرٽ گھٽ پيسا حساب ۾ ڏنا. راشد سان گڏُ فلم تي ويس. ڪجھه کاڄا ورتم، هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل ۾ ماني کاڌيسين ۽ واپس آيا آهيون. پنجاهه سٺ روپيا ته ٽئڪسيءَ جي ڀاڙن پُٺيان خرچ اچي ويو آهي. ڳالهه ختم.“
    ”بهرحال نمبر ون اها ڳالهه ته هو سڀني کي تولاءِ پيو چوي ته ڏيڍ سؤ ڊالر کڻي ويو هُئين ۽ موٽيو هٿين خالي آهين يعني ٻين لفطن ۾ خريداريءَ بدران رنڊيءَ وٽ ويو. نمبر ٽو اها ڳالهه ته سڀاڻي تنهنجو اهو دادلو ڪسٽم آفيسر تو وٽ اچي پيو يعني مون وٽ پڻُ. ڏاڍي محبت پئي ڏيکاريائين . اچي ڇو پيو؟ اها کيس خبر. مون کان نه پُڇجانءِ.“


    25

    ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي ڌاري انجن جو ٽيون نمبر پسٽن ڪڍرائي ٻاهر جهاز جي ڏاڪڻ وٽ هوا کائي رهيو هوس. بئالر سوٽ ۾ هوس ۽هٿ منهن تيل ۽ ڪارٺ ۾ ڪارا هُئا. پگھر ڳچيءَ کان پيرن تائين پئي ٽميو. اتي هن رات واري ڪستم آفيسر کي جهاز جي ڏاڪڻ تي چڙهندي ڏٺم. هن مون کي انهن افعالن ۾ ڪونه سُڃاتو ۽ مون کان ئي منهنجو ۽ چيف آفيسر جو پُڇڻ لڳو:
    ”سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر ڪٿي آهن؟“
    چيومانس ته سيڪنڊ انجنيئر جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ پاڻ کڻائي اسپتال ويو آهي. باقي چيف آفيسر مٿي ڪئبن ۾.
    ۽ پوءِ کيس ٿوري دير بعد واپس به ويندي ڏٺم. چيف آفيسر جي تعريف ڪندو ويو. پڇيومانس ته ”تنهنجو ڪهڙو ڪم هيو چيف آفيسر ۾؟“ چوڻ لڳو ته ”هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر منهنجا دوست آهن. هڪ پرائيويٽ ڪم هو.“
    پنهنجي ڪئبن ۾ پهچي مظهر کي فون ڪيم.
    ”ڪر خبر؟“ مون پُڇيومانس.
    ”يار ڪٿي آهين؟ رات وارو ڪسٽم آفيسر آيو هو.“
    ”تنهنجي تعريف ڪندو پيو وڃي ــ ڪهڙا هن جا ڍڳا واپس ڪرايا اٿئي؟“ مون تعجب مان پڇيومانس.
    ”يار سگريٽ وٺڻ لاءِ گھران آيو هو ــ مون وڏي دل ڪري ٻه پاڪيٽ ڪڍي ڏنامانس.“
    ”حاتم جي قبر تي وڏي لت هنئي.“ مون وراڻيومانس.
    سو اهي حال آهن هتي جي ڪسٽم آفيسرن جا.


    26

    هتي ڪولمبو ۾ هڪ ته اسان جا جهازي همراهه گرم مسالو وٺڻ ۾ پورا آهن ۽ ٻيو هندي فلمن تي مارو اٿن. اڄُ ڪلهه ته جيڪي چار پنج فلمون هلن پيون سي سڀُ گانن ۽ ڪهاڻين جي خيال کان سٺيون چيون وڃن ٿيون. ’تلاش‘ فلم جي هيرو راجڪُمار جو دوست سنڌي ڏيکاريو اٿن. جو اصل زندگيءَ ۾ به سنڌي آهي. فلم ۾ هو سائيڊ هيرو ۽ ڪاميڊين پڻ آهي. هتي جي رهاڪو سنڌين ٻُڌايو ته هو دادو پاسي جو آهي. ان جو فلمي پيءُ به سنڌي (ساڌنا جو چاچو) ڏيکاريو اٿن. فلم جا ڪي ڪي پهلو سنڌين لاءِ اڻ سهائيندڙ، ڏکوئيندڙ ۽ اعتراض جوڳا لڳا. خبر ناهي ڪيئن اها فلم هندستان ۾ رهندڙ سنڌين (جن اها ڏٺي هوندي) برداشت ڪئي آهي. جڏهن ته ڪيترائي اداڪار ميوزيشن، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر هندستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ سنڌي آهن.
    ’اپنا ديش‘ فلم جي ٽيم مون کي ڏاڍي وڻي. هن ۾ سماج جي خرابين کي ڏيکاريل آهي، جي نه فقط هندستان ۾ عام آهن پر ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ پاڪستان، سلون، برما، ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، ۽ ٻين پٺتي پيل ملڪن ۾ موجود آهن. بلڪ پٺتي ئي اهي ملڪ انهن بُراين ڪري ٿيا آهن.
    اوم پرڪاش ائڪٽر کي هڪ اهڙو سماج دشمن ماڻهو ڏيکاريو ويو آهي جو اندر ۾ هڪ آهي ته ٻاهر ۾ ٻيو. ٻاهران ته ڏيکاءَ لاءِ وڏا خير خيرات ڪندو وتي، اسڪول ۽ اسپتالن جا سنگ بنياد رکرائيندو وتي، ڳوٺ ۽ شهر جو نمائندو ۽ چيئرمين بنيو ويٺو آهي. پر اندر ئي اندر شهر جي لوفرن سان ملي شريف ماڻهن (جيڪي سندس ڪُڌن ڪمن ۾ رُڪاوٽ آهن) جا خون ڪرائيندو وتي، سمگلنگ ۽ چوريون پيو ڪرائي. سرڪاري آفيسرن کي رشوتون ۽ ڊپ ڏيو ناجائز ڪم پيو ڪرائي. غريبن سان ظلم ڪندو وتي. پوءِ ڪهاڻي موڙُ کائي ٿي ته اڄُ جي زماني ۽ هن گندي سماج ۾ ضرورت آهي هڪ اهڙي نوجوان جي، جو ان مڪار عمارت جي ڀتين کي ڌوڏي ڇڏي.
    راجيش کنا هڪ اهڙو غريب نوجوان آهي، پر همت، سچائيءَ ۽ محنت جي جذبن سان ٽمٽار، هو برائيءَ سان مقابلو ڪري ٿو ۽ ملڪ جي غدارن جي چهري تان ڪوڙو پوش لاهي عوام جون اکيون کولي ٿو ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي خوش آئندو ڏئي رهنمائي ڪري ٿو.
    ڪاش اهڙي نموني جي فلم پاڻ وٽ تيار ٿئي. يا ٿي سگهي ٿو ته تيار ٿي چُڪي هُجي.
    فلم ’شرميلي‘، ’راجا راني‘ ۽ ’رامپور ڪا لڪشمن‘ هڪ قسم جون رومانوي فلمون آهن، جنهن جهڙيون فارمولا ٽائيپ ڪهاڻيون (جي حقيقت ۾ اڻلڀ ۽ ناممڪن) پر فلمي پڙدي تي پاڻ وٽ جام ڏيکاريون وڃن ٿيون. هيرو هيروئن جو ڪنهن بهاني ملڻ؛ بس اسٽاپ تي، پڪنڪ تي، سائيڪل ٽڪرائڻ تي، يا وري هيروئن کي ڪنهن غنڊي کان بچائيندي ــ هڪ عام جملو؛ ”او توکي شرم نه ٿو اچي ڪمينا، بي غيرت، ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ تي اکيون کڻندي (پوءِ غريب هيروئين سڄي فلم ۾ هيرو صاحب مان ڦاٿي)، يا خريداري ڪندي، کوهه تان پاڻي ڀريندي، پوءِ وري ڪجھ دير لاءِ وڇڙڻ ۽ پوءِ آخر ۾ فلم جو انت خوش ڏيکارڻ لاءِ هيروئن ۽ هيرو جي شادي ٿيندي. ڄڻُ ته شادي هر خوشي حاصل ڪرڻ جو ڪئپسول آهي. ان بعد ڏک، ڪا بيماري، ڪو غم ڪو فڪر، در ٽپي نٿو سگھي ۽ شاديءَ بعد هيرو کي نه نوڪري ڪرڻي آهي نه پورهيو. هيروئن کي نه ٻُهاري ڏيڻي آهي ۽ نه گھر جا ٿانوَ ملڻا آهن. بس ٻنهي کي گڏجي ’دوگانا‘ ڳائڻا آهن.“
    فلم ۾ ان کان علاوه ڇهه ست ڏک ۽ خوشيءَ جا گانا زبردستي ٺوڪيل، ٻه چار ٺونشي بازي ۽ ’مار ڌاڙ‘ جا سين ۽ هڪ ٻه اگھاڙا سين، جن جي ضرورت هُجي يا نه، پر اَهاني بهاني ڏيکاريل. مثال طور هيروئن صاحبا کي سڄي فلم ۾ هڪ ٻه دفعا ترڻ جو شوق ضرور ٿيندو (۽ نصير واهه، بگھياڙ، ڀونڦاڙ يا ڦليليءَ جهڙي ميري پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران ڪنهن سئمنگ پول جي صاف پاڻيءَ ۾ ترندي جيئن پاڻ حيرت انگيز ۽ سوڙهي انگيءَ ۽ ڪڇي ۾ پاڻيءَ ۾ پسڻ سان اشتعال انگيز لڳي سگھي.) يا ٽيليفون جي گھنٽي ان وقت وڄندي جڏهن هيروئن (خاص ڪري شرميلا ٽئگور جي Case ۾، وهنجي رهي هوندي ۽ کيس ننڍو ٽوال ٻڌي ٽب مان نڪري هڪ هٿ سان فون جهلي ڳالهائڻو پوندو ۽ ٻئي سان هر هر ڇُڙندڙ ٽُوال کي جھلڻو پوندو.) يا هيرو ۽ هيروئن ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ اچي ويندا جتي ڪئبري ڊانس ضرور هوندي. نه صرف هوندي پر ان جو ولوله انگيز آخري سين هلي رهيو هوندو، باربرا ڪارٽلنڊ جي ناولن وانگر سڀني فلمن جي ڪهاڻي ذري گھٽ ملندڙ جُلندڙ.


    27

    مٿي لکي آيو آهيان ته سلون ۾ غير ملڪي ناڻي جي سرڪاري قيمت هڪڙي آهي ۽ عام مارڪيٽ جي ريٽ ٻي آهي. جيئن اڳ ۾ اسان وٽ هوندو هو. پر هاڻ اسان وٽ ڊالر يا ٻئي غير ملڪي ناڻي جي قيمت ساڳي وڃي ٿي آهي. هتي سلون ۾ ٻيون ٻاهر جون شيون ته ڪونه ملن، پر جيڪي ملن سي سرڪاري اگھه تي. مثال طور ڪتاب، دوائون وغيره. ڪنهن ڪتاب جي قيمت هڪ ڊالر آهي ته ڇهين روپئي ملي. جيتوڻيڪ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ته ٻارهن روپيا ٿي. پاڻ وٽ به ٻاهرن ملڪن جا ڪتاب پهرين سستا ٿي مليا. ويندي ٽائيم، نيوز ويڪ، ريڊر ڊائجسٽ تائين. پر هاڻي اصل اگھه تي ملن ٿا.
    چيف آفيسر مظهر کي ٻُڌايم ته پڙهڻ لاءِ ڪتاب وٺڻا هُجئي ته هتان وٺُ، آمريڪا ۾ هلي جيڪي ڊالر جو ڪتاب وٺندين سو هتي ڇهين روپئي (اڌ ڊالر) ۾ پوندءِ. اهوسوچي اسان سڀ ٻي شاپنگ (مسالو، کوپري جو تيل ۽ چانهه وغيره) وساري ڪتابن جي خريداري ڪئي اٿئون. دڪانن ۽ جهاز وارن اهو ئي سمجھيو ته يا ته چريا ٿيا آهيون يا ته ڪا لئبريري ٽنڊي باگي يا ٿاڻي بولا خان ۾ کولڻي اٿئون. خاص ڪري جپان کان هتي پيا اچون ۽ جپان ۾ ته انگريزي ڪتاب اهڙا مهانگا هُئا جو دنيا ۾ ڪٿي به نه هُجن. ٻاهر جا ته ڇا پر جپان ۾ ڇپيل جپاني ليکڪن جا ڪتاب به مهانگا. ساڳيا ڪتاب هتي سريلنڪا ۾ تمام سستا پيا ملن.
    سو ڪولمبو ڪتابن جي خريدارن لاءِ جنت آهي. ڪيترا آمريڪن ڪتاب جيڪي جپان ۾ به ڪونه ٿي مليا پر هتان سيٽن جا سيٽ ملي ويا آهن. پنهنجي دلپسند ليکڪن، هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، جين پال سارتر، مشيما يوڪيو، هال ڪين، ڊاڪٽر گورڊن، جان ماسٽرس، ولادمير نابوڪوو، اليگزينڊر سولزٽسن، فالسٽر ۽ گرهام گريني کان علاوه به ڪيترن سلوني، ملئي ۽ آفريڪن ليکڪن جا انگريزي ترجما ملي ويا آهن. ساڳي طرح مظهر جي پسنديده ليکڪن اگاٿا ڪرسٽي، بابرا ڪارٽلنڊ کان وٺي ڪاميو ۽ اسٽائن بيڪ تائين جا ڪتاب هتي ملي ويس. هاڻ ٻئي ڄڻا خريد ڪيل ڪتاب ڏسي پيا ٺرون. هاڻ آمريڪا تائين ڊگھي سفر جو ته فڪر نه اٿئون پر جي ڇهه مهينا کن وچ سمنڊ تي جهاز بيهاريو وڃي ته به اسان طرفان اجازت. پڙهڻ جي اهڙي عادت ٿئي ٿي (ڪني يا سُٺي) جو ننڊ به تيسين نه ٿي اچي جيسين ڪلاڪ ٻه ڪو ڪتاب نه پڙهجي. ڪيترا مون ڏٺا آهن، خاص ڪري جهازن تي، جن کي پڙهڻ لاءِ جيڪو به رسالو يا ڪتاب مليو ته پڙهندا رهندا. نه مليو ته ڪوبه فرق نه پوندو. پر منهنجي پسند ڏاڍي چُونڊ واري (Selective) ۽ محدود آهي. کاڌو صحيح ملي يا نه ملي پر ڪتاب ملڻ کپي نه ته بدهضمي ٿيندي ۽ جيڪو ڪتاب پڙهڻ جو مزو سمنڊ تي اچي ٿو سو ڪٿي نه آهي. ساڳئي وقت بنا ڪتابن جي جيڪو ذهني عذاب سمنڊ تي ڀوڳيو آهي سو ڪٿي به نه. اهي ڏينهن ڪڙن بادامن کان به وڌيڪ ڪڙا ۽ بگھڙ جي ڏندن کان به وڌيڪ تکا ٿا لڳن. هونءَ به ڪارگو ۽ ٽئنڪر جهازن تي ماڻهو گھٽ ۽ وقت وڌيڪ ٿئي. وقت گُذارڻ لاءِ ڪا ته وندر هُجڻ ضروري آهي.
    هتي سلون ۾ ڪيترائي پاڪستاني پڻُ رهن ٿا، جيتوڻيڪ هندستان جا تمام گھڻا آهن جو سلون هندستان کي ويجھو آهي. ان کان سواءِ هندستان جي حڪومت سندن ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پئسو ڪمائڻ لاءِ همت افزائيءَ ۽ مدد ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ڏورانهن ملڪن ۾ ته هندستاني گھڻا آهن پر عرب ملڪن ۾ توڙي ڏورانهن ننڍن ٻيٽن تي به ملندا. خاص ڪري واپاري ۽ مزدور طبقو.
    اهي نه فقط پنهنجي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿا پر ساڳئي وقت پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي پرچار پڻُ ڪن ٿا. ڪيترا اهڙا ملڪ آهن جيڪي حڪومت جي ليول تي ته پاڪستان جا دوست آهن پر انهن جو عوام هندستان جي دوستيءَ جي هام ڀري ٿو. ڇو جو اتي ڪيترا هندستاني رهن ٿا ۽ اتي جي عوام سان ملي هو هندستان جي شهرن ۽ ماڻهن جي تعريف ڪري رهيا آهن. جپان ۾ مون سان ڪم ڪندر جپاني انجنيئر جا ٻار هر وقت هندستان جي تعريف ڪندا رهيا. کانئن مون پُڇيو ته هو شايد اتي ڪافي وقت رهي آيا آهن. پاڻ ٻُڌايون ته سندن پاڙي ۾ هڪ هندستاني فئملي رهي ٿي ان کان کين هندستان بابت ڄاڻ پئي آهي.
    ڪينيا ۽ ماريشش ۾ هندستانين کي ڏسي اتي جا ماڻهو به اهي ڪپڙا پائڻ لڳا آهن. ملائيشيا ۾ هڪ مسلمان فئمليءَ جون ڇوڪريون هندي گانا ڳائي رهيون هيون. کانئن مون راڳ جي معنى پُڇي ته هنن چيو ته معنى جي کين خبر ناهي، سندن هندستاني ساهيڙين سان ڳائيندي ڳائيندي هنن کي ياد ٿي ويا آهن. چوڻ لڳيون پاڪستاني گانا سُٺا نه آهن. مون پُڇيومان ته توهان ٻُڌا آهن؟ چوڻ لڳيون ته نه. جپان ۾ هڪ فئملي چوڻ لڳي ته هندستاني هر ڳالهه ۾ سڌا آهن ڏوهه فقط پاڪستانين جو آهي. پڇيومان ته ڪيئن ٿا چئو. معلوم ٿيو ته اهو سندن فيصلو ناهي پر اها راءِ هنن پاڙي ۾ رهندڙ هندستانين جون ڳالهيون ٻُڌي قائم ڪئي آهي. ساڳي طرح جپان ۾ هڪ اسڪول جا ٻار ايندڙ موڪلن ۾ انڊيا ۾ فتح پور سڪري ۽ دهليءَ جُون پُراڻيون عمارتون ڏسڻ لاءِ سنبري رهيا هُئا. کين مون ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ موهن جو دڙو، هڙپا، ٽئڪسيلا جا کنڊر ۽ ٺٽي ۽ سيوهڻ جون پُراڻيون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن ته وائڙا ٿي ويا ۽ ٻُڌايون ته کين سندن اسڪول جي مس جا انڊين آهي تنهن ته ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ ڪُجهه به نه آهي.
    سو انهن ڪُجهه مثالن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن معمولي ڳالهيون ڪيترو وڏو اثر رکن ٿيون.
    آمريڪا ۾ نائجيريا جي هڪ وزير سان ملاقات ٿي. سندن ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي تمام گھڻي کوٽ هُئي ۽ تمام ڳري پگھار تي ٻاهرين ملڪن جا ڊاڪٽر پنهنجي ملڪ ۾ گھُرائي رهيا هُئا. مون چيومانس ته پاڪستان مان ڇو نٿا گھُرايو. پاڪستان ۾ ڪيترائي ميڊيڪل ڪاليج آهن جن مان هر سال ڪيترائي ڊاڪٽر تيار ٿي نڪرن ٿا. گھٽ ۾ گھٽ توهان جي ملڪ جي گھُرج ته پوري ٿي سگھي ٿي.
    چوڻ لڳو ته پاڪستان سان ته هنن جا تمام سُٺا لاڳاپا آهن ۽ کيس تمام ويجھو ٿا سمجھن ۽ سڀ کان اڳ پهرين پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ترجيح ڏنائون پر وقت تي ڪيترا ڊاڪٽر پهچي نه سگھيا، ۽ انهن جي جاين تي کين ٻين ملڪن جا رکڻا پيا. ڪيترن ته سرڪاري رنڊڪن پاسپورٽ ۽ N.O.C جي چڪرن ڪري هنن اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کين چڱي دقت ٿي. ساڳي وقت انڊيا جا ڊاڪٽر بنا ڪنهن دير جي اچي ٿي نڪتا. ساڳيو حال انجنيئرن، پروفيسرن ۽ پورهيتن جو آهي. دبئي ۽ دوحا (قطر) پاڪستان کي تمام ويجھا آهن جتي مزوري تمام ڳري آهي. امير ملڪن مان آهن. جتي ڪٿي ٺهندڙ عمارتن، آفيسن، رستن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۾ هندستانين جو تعداد گھڻو نظر ايندو پر پاڪستان مان فقط ڪُجهه پٺاڻ ۽ مڪراني نظر آيا تن ۾ ڪيترائي سرڪاري طرح نه پر پنهنجي مُڙسيءَ تي جان جوکي ۾ وجھي ڀڄي آيل هُئا. هاڻوڪي حڪومت مڙيئي ان طرف ڌيان ڌريو آهي ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪمائڻ لاءِ موقعا ميسر ڪيا آهن. پاسپورٽ تي به مون ٻُڌو آهي ته هاڻ اها سختي نه رهي آهي.
    ڪجهه پنهنجو (يعني ماڻهن جو) به ڏوھ آهي. لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کي دنيا جي مسلمانن سان ڏاڍي همدردي آهي. هن پنهنجي ملڪ جي اسپتالن لاءِ ڪيترن ئي مسلمانن ملڪن جي ڊاڪٽرن، ڪمپائونڊرن، ٽيڪنيشنن ۽ نرسن کي ڳري پگھار ۽ سٺين سهوليتن تي گھُرايو، پر ڪيترن ماڻهن اتي پهچي اهڙيون ناپسنديده حرڪتون ڪيون جو ماڳهين ملڪ جو نالو خراب ٿي پيو. نتيجي طور هيئنر لبيا سان اسان جا اهي لاڳاپا نه رهيا آهن جيڪي پهرين هُئا.
    هونئن هتي سلون۾ پاڪستانين کي چڱي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪيترائي پاڪستاني سلون ۾ سٺين نيم سرڪاري نوڪرين ۾ آهن ۽ واپار ۾ به نالو روشن ڪيو اٿن. ٽي چار سال اڳ سلون پنهنجي جهازن جي ڪمپني ”سلون شپنگ ڪارپوريشن“ کولي ته ان جو ڪم به پاڪستانين کي سونپيائون. سندن جهازن تي نيويگيشن ۽ انجنيئرنگ ۾ وڏن عهدن جا آفيسر سڀُ پاڪستاني آهن (جيسين سندن سلوني تعليم حاصل ڪري انهن عهدن لائق ٿين) سڄي ڪارپوريشن جو ڪمرشل مئنيجر ڪئپٽن بيگ پڻ پاڪستاني آهي.
    تازو گُذريل سال هتي سلون ۾ پهرين ’ڪولمبو انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل‘ ٺهي تيار ٿي آهي. ان هوٽل جو مئنيجر به پاڪستاني آهي.
    سلون ۾ ٻيا به ڪيترائي دڪاندار پاڪستان جا آهن. خاص ڪري ميمڻ ۽ کوجا. ان کان علاوه ڪيترن نوجوانن کي ٻاهر نڪرڻ جو اڄُڪلهه شوق ٿيو آهي. هڪ رات فلم شو مان نڪتاسين ته ٻه نوجوان ڇوڪرا شلوار ڪُڙتي ۾ نظر آيا. هتي جي لوڪل ڊريس ته گوڏ آهي يا مغربي پتلون يا چڍي. سو شلوارن ۾ ڏسي سمجھي وياسين ته پاڪستاني هوندا. پاڻ ٻُڌايائون ته هو ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪاليج جا شاگرد آهن. موڪلن ۾ اوسي پاسي جا ملڪ گھمڻ نڪتا آهن. هتان پوءِ ملائيشيا ويندا.
    هڪ ڏينهن بازار ۾ پڻ ٽي ڄڻا شلوارن ۾ ڏسي سمجھي ويس ته پاڪستاني هوندا. ٻه ڄڻا پٺاڻ هئا ۽ ٽيو ڏاڙهيءَ وارو لاهور جو. سلام دعا ٿي. پڇيومان تازو پاڪستان کان پيا اچو ـــ ؟
    ”ها.“ هنن ٻُڌايو. ”اسان ٽئي هتي واپار جي سلسلي ۾ آيا آهيون.“
    ”ڪهڙي شيءِ جو واپار؟“
    ”هي ٻُهارن جي سلسلي ۾،“ لاهور واري همراهه ٻُڌايو ”هي گرم مسالي جي سلسلي ۾ ۽ آئون سوپارين ۽ پان جو واپار ڪرڻ ٿو چاهيان.“
    اهڙي نموني سان ڪولمبو ۾ ٻين به ڪيترن وطن جي ماڻهن سان گس پنڌ تي ملاقات ٿيندي رهي ٿي. ڌارئين ديس ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي.
    اهو لکڻ وسري ويو ته هڪ ڏينهن سئنيما هال ۾ هڪ ڇوڪرين جو ڌڻُ ڪوڪا ڪولا پيئندي نظر آيو ۽ اسان سمجھي وياسين ته هي پڪ هتي سلون جون نه آهن ۽ آيون به هتي تازيون آهن. اڄ ڪلهه ڊسمبر جو مهينو آهي پر اسان جي حساب سان ڪجھه به سردي ناهي ۽ ههڙي گرميءَ ۾ پاڻ وٽ آئيس ڪريم، ڳنڍا، ڪلفي وغيره عام طرح هوندا آهن پر هتي هي ڏينهن سياري جا سمجھيا وڃن ٿا. جيئن پاڻ وٽ سرديءَ ۾ اهڙي ٿڌي شيءِ نه کائبي آهي (بلڪ سخت بيوقوفي سمجھي ويندي آهي) تيئن هتي پڻ هتي جا ماڻهو اهڙي ڪا شيءِ کائڻ کان پرهيز ڪن ٿا.
    واقعي سوچ جي اها ڳالهه آهي ته ڪولمبو ۾ کڻي سيءُ ڪونه پيو پوي، پر هن موسم (ڊسمبر، جنوري) ۾ ڪي ٽو ۽ ڪنچنچنگا جبلن جي چوٽين تي ته برف پئي وسي. ڪوئيٽا ۽ ڪشمير ۾ ته ٿڌيون هوائون پيو لڳن ۽ اتي جا رهاڪو پرهيز ڪن يا نه پر اسان کي ڪولمبو جي (Centrally Heated) نيوميجسٽڪ سئنيما هال ۾ (Blind Terror) فلم ڏسندي ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ جهڙي غلطي هرگز نه ڪرڻ کپي.
    فلم ختم ٿيڻ وقت اهو معلوم ڪري ته اهي هڙيئي محترمائون پاڪستاني آهن، پنهنجو موروثي حق ڳالهائڻ جو ۽ ملڪ جي خبرچار وٺڻ جو سمجھيوسين. جهجهڪندڙ لباس ۽ ميڪ اپ جو رعب، ڀرسان لنگھندڙ اٻوجھه سلوني ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن تي ويهارڻ لڳاسين.
    مٿيون مڙيئي ڇوڪريون پنجاب جي ڪنهن ڪاليج جون شاگردياڻيون هيون. پاڻ ٻُڌايون ته هو ڪاليج جي خرچ تي ستن ڏينهن لاءِ سلون (سريلنڪا) گُهمڻ آيون آهن. خبر ناهي ڪن ڪن ڪاليجن کي ايڏو پئسو ڪٿان ٿو اچي! منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته ڪو گھمڻ نه نڪرجي. ضرور نڪرجي (ڪو خاص اعتراض نه آهي) آئون فقط اهو سوچي رهيو آهيان ته ههڙي غربت جي دور ۾ به ڪن ڪن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پئسو ڏاڍو آهي. گھمڻ ڦرڻ، عمارتن مٿان عمارتون، راندين جا ميدا، ڇٻرون ۽ گلڪاريون ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻُ هنن وٽ ڪا پئسي ٺاهڻ جي منٽنگ (Minting) مشين آهي. جيتوڻيڪ آئون نٿو سمجھان ته ملڪ ۾ ايترو پئسو آهي جو موري ۽ دادوءَ وچ ۾ پل ٺهي سگھي. هالا، پاٽ، ڪنڊيارو، ڳڙهي ياسين جي اسپتالن ۾ ڪُجهه دوائون اچي سهگن. سنجھورو، راڌڻ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ بينچون ٺهي سگهن.


    28

    جهازين (Sailors) جا ٽي ڊبليو (W) مشهور آهن: World, Wine and Women (دنيا، عورت ۽ شراب).
    جيتوڻيڪ پويون ٻه شيون اسان جي پاڪستاني (Sailors) سان گھڻو لاڳو نه آهن؛ جن جو سبب مذهبي رڪاوٽون، پاڪستان جهازران ڪمپنين جي قاعدن جي سختي، جهاز جو ماحول ۽ معاشي حالتون آهن. پر ان هوندي به اسان جا ڪيترا شهزادا ٿڙندا رهندا آهن. ٿاٻڙندا رهندا آهن ۽ ايمان جي ڪچي گھر جي ڀتين ۾ سيرون پونديون رهنديون آهن. ڪي ته خاص انهن ٽن ڊبليوئن لاءِ هيءَ نوڪري پسند ڪن ٿا. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا جهازي (Sailors) انهن ڳالهين کان ڪافي بدنام آهن ۽ انهن ملڪن جي ناولن ۽ فلمن ۾ پڻ سيلر کي چڱو بدنام ڪيو ويو آهي. پوءِ هاڻ کڻي ڪو پاڻ کي ڪيترو به معتبر رکي پر نالو جو بدنام ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ماڻهن تي جهازين (Sailors) جو سٺو اثر ويٺل ناهي. ان ڪري ڪنهن به ڌارئين سان ملڻ وقت هميشه اهو خيال رهي ٿو ته ڪٿي هن تي خراب اثر ته نه ويٺل آهي. جيئن اسان وٽ پي ڊبليو ڊي ۽ روينيو کاتو معنى ’اڪثر آفيسر رشوت خور‘ سمجھيا وڃن ٿا پوءِ کڻي ڪير نه به هُجي ته به اثر ته خراب ويٺل آهي. جپان ۾ هڪ هوٽل ۾ اسان جي جهاز جو سيڪنڊ آفيسر ۽ ٿرڊ انجنيئر ڪافي پي رهيا هُئا ته ڀر واري ٽيبل تي ٻه ڪاليج جون جپاني ڇوڪريون اچي ويٺيون ۽ کين ڌارئين ملڪن مان آيل ڏسي کانئن پاڪستان بابت خبرون پُڇڻ لڳيون ۽ ڳالهين ڪندي هڪ اوچتو پُڇيو:

    “Are you Sailors?”

    ”نو،“ سيڪنڊ آفيسر معصوم صورت ٺاهي چيو، ”وي آر گُڊ سيلرس“ (We are good Sailors) يعني جهازي آهيون پر اهي نه آهيون جيڪو اسان بابت ماڻهن جو رايو آهي..
    (هاڻ جهاز تي انهن جو نالو ئي ”گُڊ سيلرس“ پئجي ويو آهي.) سو انهي قسم جي جرم جو احساس اڪثر سڀني جهازين کي رهي ٿو ــ خاص ڪري جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انگلنڊ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ (Sailors) کي سُٺي نظرن سان نٿو ڏٺو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ته نه پر خاص ڪري انهن ملڪن جي وڏن بندرگاهن ۾. اهڙن هنڌن تي شرابخانا، ڪلب، بار هوٽلون؛ ناچ گھر، مساج گھر، هر قسم جون عورتون جام ملنديون ۽ ڪيترا لاپرواهه جهازي ناسمجهيءَ ۾ پنهنجي صحت خراب ڪري وهندا آهن ۽ هو ٻاهر جي رونق ۽ ڏيک جي ڄارَ ۾ ڦاسي، باد فرنگ (Syphilis) ۽ پرميل (Gonorrhoea) جهڙين خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي پوندا آهن.
    بار گرلس يا وئيشيا جو آسان نشانو (Sailors) هوندو آهي. هو هن جو ٻٽون ڳرو ڏسي ڀر وٺنديون آهن ۽ اسان جو متين موڙهيل ’هيرو‘ ان چال کي انهن جي سچائي ۽ قرب سمجي فدا پيو ٿيندو آهي. پوءِ هر بندرگاهه ۾، جهاز جي ’ڊيوٽي ــ ميس‘ اهڙن قصن ٻُڌڻ جو مرڪز هوندي آهي، جتي روز نيون نيون خبرون (مرچن مسالن ۽ چٽڻيءَ سان گڏُ) ٻُڌايون وينديون آهن.
    اسان جي جهاز جو فورٿ انجنيئر شڪيل به (سندس نالو ته ٻيو آهي پر ٻين ڪيترن نالن وانگر سندس نالو به هتي بدلائي پيو لکان)، ڪولمبو ۾ پهچڻ سان سندس ساهيڙيءَ (جنهن سان سندس ملاقات هتي جي هڪ هوٽل شنورا ۾ ٿي)، جو جيسين روزانو ذڪر ۽ تعريف نٿو ڪري تيسين سندس کاڌو هضم نٿو ٿئي، پاڻ هتي ڪولمبو ۾ اڳ به ڪيترا دفعا اچي چُڪو آهي. جهاز اڃا سلون جي سامونڊي حد ۾ ئي نه گھڙيو هو ته سندس زبان تي (Shinora) هوٽل جي تسبي هُئي. پهرين ڏينهن ئي پاڻ سان ڪجھه مُريد وٺي اتي پهتو ۽ جنهن نموني سان ان شنورا بار جي (Definition) وصف پئي ٻُڌائين، ان مان مون اندازو لڳايو ته اهو هڪ اوپيرا هائوس Opera House يا ٿيئٽر نموني جي هوٽل آهي جتي آرٽسٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ تمام سُٺي قسم جي ٽيسٽ جا ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. جيئن آسٽريليا، روس، مصر ۽ يورپ جي ڪيترن ٿيئٽرن ۾ (WalTz) (موزورت، بيٿوون وغيره جي ميوزڪ پئي هلندي آهي) يا اوپيرا ۽ بيلي ڊانسز هلن، جي عام ماڻهن کي نه سمجھه ۾ اچن ۽ نه مزو ڏين.
    هڪ رات مظهر جهاز تي مشغول هو. آئون اڪيلو بور پئي ٿيس سو فلم تي هليو ويس. فلم تان نڪتس ته مٿئين فورٿ انجنيئر شڪيل تي نطر پئي. خوش ٿيس ته هو به اڪيلو آهي. مون کي جوڙُ ملي ويو ۽ گڏجي ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائي هڪ ئي ٽئڪسيءَ ۾ جهاز تي هلنداسين. کانئس سندس ڇپيل پروگرام پڇيم (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي معذرت سان) ڏاڍو شرمائي، لڄائي، موڙيل جهوريل لفظن ۾ پنهنجي منشا ٻڌائين ته هو پنهنجي دلرُبا، ماه لقا، چند آفتاب چند مهتاب، حسن ۾ لاجواب (ڇا ڳالهه ڪجي!) سلوني ساهيڙيءَ سان شنورا ۾ ملڻ ٿو وڃي، جتي هوءِ روز ايندي آهي. مطلب ته ٻين لفظن ۾ هو مون کي ڪمپني نه ڏئي سگھندو ۽ آئون اهڙي ايمرجنسيءَ ۾ ٻيو فلم جو شو ڏسي سگھان ٿو. مون فلم شو ڏسڻ لاءِ بوريلا جي لڊو سئنيما ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو.
    فلم شروع ٿيڻ ۾ ڪي ٿورا منٽ هُئا. ٽئڪسيءَ وارا ان مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ لڳا ۽ ميٽر تي هلڻ بدران منهن گھُريو ڀاڙو گھُرڻ لڳا (جيتوڻيڪ سلون جي ٽئڪسين جو ميٽر ٽئڪسيءَ جي انجڻ کان به تکو ڊوڙي ٿو). سئنيما ڪافي پري هُئي (يا ميٽر تي هلڻ جي ضد ۾ ٽئڪسيءَ وارو ’ڪيچين جي وڃڻ‘ جو رستو ڄاڻندي به ڪولمبو جي باقي ويهن واٽن تي ٽئڪسي ڊوڙائڻ لڳو) بهرحال گھڻي ڊيگھه ڪرڻ بدران، حاصل مطلب هي ته سئنيما پهچڻ تي معلوم ٿيو ته فلم شروع ٿي وئي آهي (۽ ان فلم جو هيرو صاحب هڪ خوشيءَ جو، هڪ ڏک جو هڪ انتظار جو ۽ هڪ عدد وڇوڙي جو گانو ڳائي چُڪو آهي) سو فلم لاءِ لهڻ غلط هو. ٽئڪسيءَ کي ڇڏڻ ان کان وڌيڪ غلط ڪم هو جو چؤڌاري ۽ ڏُور ڏُور ڪابه ٽئڪسي، لاري رڪشا يا سائيڪل نظر ڪانه پئي آئي. بس جي انتظار ۾ بيٺل سلوني ماڻهن جي وچ ۾ جهاز جو اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ريڊيو آفيسر ڪنَ ڪڍيو بيٺا هئا. کين مون ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ۽ ويهڻ سان ڊرائيور کان ماچيس وٺِي ريڊيو آفيسر سگريٽ دُکايو ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر ان وساميل تيليءَ سان ڪن کوٽيندي ٻُڌايو ته هنن جو شنوراــ بار ۾ وڃڻ جو پروگرام آهي.
    ”آئون جي ڪواب ۾ هڏي نه ٿيان ته آئون به توهان سان هلان؟“ مون پُڇيومان ۽ هلڻ لڳس.


    29

    ڪنهن گھاٽي باغ جي وچ ۾ اها هوٽل هُئي. رات جو وقت هو. اونداهه ۾ چڱيءَ طرح خبر نٿي پئي ته باغ آهي يا ڪو ٻيلو. آس پاس ۾ ڪي ٻيون عمارتون نظر ڪونه ٿي آيون. ٽئڪسيءَ مان لٿاسين. هوٽل جي در وٽ هڪ همراهه جھيڻي روشنيءَ ۾ (جيڪا رومانٽڪ گھٽ پر ٿاٻا کارائيندڙ وڌيڪ ٿي لڳي)، داخلا جون ٽڪيٽون وڪڻي رهيو هو. سندس ڀر ۾ هڪ وڏي عمر واري ٿلهي عورت اسڪرٽ ۾ بيٺي هُئي. هن ٽنڊي الهيار جي موالين وانگر سگريٽ جا ڊگھا ڊگھا ڪش پئي هنيا. هوءَ ان هوٽل جي شايد مالڪ، مئنيجر، دادا يا ڪا ٻي اهم شخصيت ٿي لڳي. تامل ۽ مليالم زبانن جي فلمن ۾ ڏيکاريل ماٽيلي ماءُ وانگر خوفناڪ ۽ ظالم پڻُ لڳي رهي هُئي. آءٌ علي بابا وانگر جهاز جي مٿين همراهن (چاليهه چورن) سان گڏُ سندن غار ۾ (’کُلي وڃُ سم سم‘ چوڻ بدران پنج پنج روپيا ٽڪيٽ جا ڏيندو) اندر ويس، جتي سندن هيرا جواهر ۽ ملڪيت رکيل هُئي جن کي هو روز پسڻ ويندا هُئا.
    اندر گھڙڻ سان مختلف برانڊن جي سگريٽن جو دونهون، ولايتي ۽ ديسي شراب جي مليل جُليل ڌپ ۽ سستي قسم جي ميڪ اپ جي خوشبوءِ نڪ جي ناسن ۾ گھڙي وئي. ڀتين سان لاڳو رکيل ڪوچن تي يوناني، جرمن، نارويجن، آمريڪن ۽ آفريڪن شيدي ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو نظر اچي رهيا هُئا، جن ۾ گھڻا جهازي (Sailors) ٿي ڏٺا. سندن ڀر پاسن ۾ ڪاريون سلوني ڇوڪريون انهن سان گڏُ شراب به پي رهيون هيون ۽ ڳالهه ڳالهه تي بناوٽي ٽهڪ به ڏئي رهيون هيون. عمر ۾ ڪي خاص ننڍيون ڪونه ٿي لڳيون. گھٽ ۾ گهٽ ٽيهه پنجٽيهه جي سن جون ٿينديون. پر افسوس (Sailors) جي اها پئٽنٽ غلطي (يا ڪمزوري) ته پوڙهيءَ کي به هو ڇوڪري سمجھندو آهي ۽ هتي شنورا جي جھيڻي ۽ چُنجھي روشنيءَ ۾ ته هو واقعي ايتريون پوڙهيون نه ٿي لڳيون ۽ ننڍين نيٽين ڇوڪرين وانگر نخرا ڪري رهيون هيون. ڪُجهه اهڙو ئي ڪوجھين ڇوڪرين جو سانڌاڻو (آچار) اندر هال جي وچ ۾ ڪن ڦاڙ ميوزڪ (جا ميوزڪ گھٽ، گوڙ وڌيڪ ٿي لڳي) غلط سلط ڊانس ڪري رهيون هيون. اليڪٽريڪل انجنيئر کي آهستي چيم ته: ’يار ڪا خاص لئه ته ڪانهي، هتي‘. هن مون ڏي ڏسڻ بدران، ٻمڀ وٽ بيٺل ڇوڪريءَ کي ڇڪيندي چيو:
    ”سيڪنڊ صاحب! مجنون جي اک سان ڏسو“
    ”ڪمال آهي“ مون ريڊيو آفيسر ڏي منهن ڪندي چيو، ”مجنون جي اک نه ٿي، گرين وچ آبزورٽري جي اسٽينڊرڊ دوربين ٿي.“
    هڪ ڪنڊ ۾ اسان جو فورٿ انجنيئر شڪيل هڪ ڪاري ڇوڪريءَ کي ڀاڪر پائي ديسي بيئر (Arrack) جون چسڪيون ڀري رهيو هو ته تريل کاڄا به کائي رهيو هو. اسان کي اوچتو طلسمي ديون وانگر سامهون بيٺل ڏسي ٿورو شڪيو، ٿورو شرمايو ۽ ٿورو ڀاڪر کي ڍرو ڪيو. کيس بور ڪرڻ لاءِ مون کيس آفيس طرفان تازو آيل (Fleet Order) پنجابيءَ ۾ ٻُڌايو ته جهاز جي ڪنهن به آفيسر کي ڌارين ملڪ جي ڪنهن به ڇوڪريءَ سان نه ته شادي ڪرڻي آهي ۽ نه ئي وري ان کي ان بابت ڪو ڏٽو ڏيڻو آهي.
    ”نه نه!“ هن ڦڪائيءَ جي کل کلندي چيو، ”سيڪنڊ صاحب! اهڙي ڳالهه ڪانهي، ائين وقت پاس ڪرڻ لاءِ.“
    ”پر تنهنجي هتي جي گرل فرينڊ ڪٿي آهي، جنهن جي ساراهه ۾ تنهنجو ساهه ويندو آهي؟“
    لڄائي چيائين، ”هيءَ ئي ته آهي.“
    هن اسان کي ”هيلو“ چئي کيڪاريو ۽ پوءِ بيئر جي بوتل ٽيبل تي رکي، ٽيبل پُٺيان نڪري وئي، باٿ روم طرف رواني ٿي وئي. کيس ڪارو ڊگھو ۽ بيڊولو اسڪرٽ پيل هو (يا ٿي سگھي ٿو ته ان بيڊولائيءَ ۾ درزيءَ جو ڏوهه نه هُجي پر سندس جسم ئي اهڙو هُجي.) اسڪرٽ جي وچ ۾ ريشمي اڇي ڪپڙي جو پٽو هو. جھونجھاڪڙي ۽ ڪاري رنگ جي ڪپڙي ۾ پٺيري پري کان ائين لڳي رهي هُئي ڄڻُ فقط اڇو پٽو هُجيس. تعجب مان شڪيل کي چيم ته، ”هيءَ آهي تنهنجي ڪولمبو جي ساهيڙي، جنهن جي تعريف ۾ ٻه اڌ پيو ٿيندو آهين ــــ.“
    ”هيءَ ماڻهو نه پر چمڙو ٿي لڳي“ شڪيل جي جواب بدران ريڊيو آفيسر وراڻيو، ”گھر ۾ مائٽ کٽ تي ته سمهڻ نه ڏيندا هوندس. ڪوٽ جي هينگر ۾ ابتي ٿي چمڙي وانگر سُمهندي هوندي.“
    اسان اڳتي اندر هال ۾ گھڙياسين ته اسان تي نظر پوڻ سان ڪنڊ ۾ بيٺل ڇهه ست وانديون ڇوڪريون، ”هيلو“ ڪندي اسان ڏي ڊوڙيون. هڪ جانٺي جسم جي، قد جي لحاظ کان سڀ ۾ ڊگھي، مون کي بيلاڊونا پلستر وانگر چهٽي وئي ۽ ڇڪي ڊانسنگ فلور تي وٺي آئي. ميوزڪ ته خبر ناهي ڪهڙي هُئي، رمبا سمبا يا فاڪسٽريٽ پئي هلي، پر هُن مونکي وچ فلور تي ائين وٺي ڀاڪر ۾ گول ڦيرايو جيئن ڊرل مشين جو ساڪيٽ ڊرل کي سوگھو جھلي گول ڦيرائيندو آهي يا ليٿ مشين جي چَڪَ ۾ جاب (Job) ڦرندو آهي.
    سندس سڄو منهن اڍنگي نموني جي ميڪ اپ سان ٿپيل هو. اڃان به کڻي چئجي ته پينٽ ٿيل هو. سستي قسم جو عطر سخاوت سان سندس ڪپڙن ۽ بدن تي ڇڻڪيل هو پر ان هوندي به ايترو سارو عطر ان حقيقت کي لڪائي نه سگھيو ته هوءَ ٿوري دير اڳ ککي مڇي کائي آئي آهي. (نوريءَ جهڙي پاڻ ته سهڻي هُئي ڪانه ۽ نه وري ڪو آءٌ ڄامُ تماچي هوس جو ککي ڌپ برداشت ڪري سگهان.) ٿوري دير بعد مون باٿ روم وڃڻ جو بهانو ڪري کانئس جان آجي ڪرائي ۽ پوءِ ڀت جو ڀرُ ڏئي هال کان ٻاهر پوئين ورانڊي ۾ وڃي نڪتس، جتي ڪُجهه ٻيون به ڇوڪريون سگريٽن جا سوٽا هڻي رهيون هيون. منهنجي لنگھڻ تي هرهڪ ناز سان ”هيلو“ چئي پاڻ ڏي توجهه ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. منجھن، مون کي ڪا رتي برابر سونهن به نظر نه آئي.
    حال جي پوئين ورانڊي مان ڦري ساڳئي گيٽ وٽان ٻاهر نڪتس. تامل ۽ مليالم فلمن جي ماٽيلي ماءُ وري جھُڪي کيڪاريو. ٻاهر ڪيترين بيٺل ٽئڪسين مان هڪ ۾ اچي چڙهيس ۽ کيس هوٽل انٽرڪانٽينينٽل هلڻ لاءِ چيم. هو گال فيس روڊ وٺي فورٽ (Fort) طرف هلڻ لڳو. اڌ رستي تي ياد آيو ته غلطي ڪيم ڀاڙو اڳ ۾ طي ڪيان ها، هاڻ ابتي کل لاهيندو. تير ڪمان مان ته نڪري چُڪو هو پر پڇيومانس ته ڪيترا پيسا وٺندين.
    ”سائين تيرهن روپيا کڻي ڏجو.“
    ”فورٽ آهي ئي ڪيترو پري؟ ميل به ته نه ٿيندو؟!“
    ”سائين! سلون ۾ تيل يارهين روپئي گئلن آهي“
    ”ته تنهنجي گاڏي گئلن ۾ ميل ٿي هلي ڇا؟ توهان ٽئڪسين وارا ڏاڍو ڦُريو ٿا“.
    ”سائين ڦُرين ته اهي ڇوريون ٿيون. اسان کي ته ٻه ٻه ڪلاڪ شنورا بار جي ٻاهر انتظار ڪرڻو ٿو پوي، تڏهن ڪو مس ڀاڙو ملي ٿو. ڏينهن رات نوڪري ڪرڻ بعد اٽي لاءِ پئسا ڪي مس ٿا بچن، سلون ۾ عيش ته انهن رنڊين جو آهي، جي مفت ۾ کائين پيئن، ان کان سواءِ چند ڪلاڪ سمهڻ جا الڳ پئسا.“ هو چوندو ويو ۽ پوءِ ٿوري ساعت ترسي آرسيءَ مان مون کي پٺيان ڏسي پُڇڻ لڳو:
    ”توهان شايد ٻاهرين ڪنهن ملڪ جا بزنيس مئن آهيو؟“
    ”نه، آئون جهاز جو انجنيئر آهيان.“
    ”ته پوءِ توهان جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙين وٽ وڃڻ نه کپي. آئون هڪ ٻه پرائيويٽ سُڃاڻان، جي کڻي سمجھيو ته سڄي ڪولمبو جي کير جي ملائي آهن. توهان جهڙن فارينرس يا پنهنجي ملڪ جي آفيسرن کان سواءِ ڪنهن ٻي کي ته کنگھن به ڪونه، هڪ ته پورن سورهن سالن جي آهي، بيحد سيڪسي آهي، نالو اٿس.......“
    هو حجامن وانگر لڳاتار ڳالهائيندو رهيو. ٽئڪسي فورٽ جي ويجھو اچي پهتي هُئي ۽ هاڻ هندي وڏي سمنڊ جو ڪنارو وٺي هلي رهي هُئي. پري پري تائين اونداهو ڪنارو ۽ ڪارو سمنڊ ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن جي ڇولين جي اڇي گجي ڪناري طرف وڌندي رهي ٿي. رکي رکي لائيٽ هائوس جي روشني چؤڌاري ڦيرو کائي وئي ٿي. ڇولين جي ڇپڪي ۽ ٽئڪسيءَ جي دريءَ جي سيرُن مان گھڙي ايندڙ تکي هوا محسوس ڪري اندازو لڳايم ته سمنڊ ڏاڍو خراب ٿيندو وڃي، جيڪي جهاز اڄ رات لنگر کڻندا يا هيڏانهن اچي رهيا هوندا، يا هتان لنگھي رهيا هوندا انهن ويچارن سان حالت هوندي. ٽئڪسيءَ جي اوچتي بريڪ تي خيال ٽُٽا، ڊرائيور جي اڻ ختم ٿيندڙ ڳالهه جاري هُئي. ڪولمبو انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جي رنگين يونيفارم پهريل بيري ٽئڪسيءَ جو دروازو کوليو، ٻئي بئري هوٽل جو اسپرنگن وارو درُ کولي مون کي اندر گھڙڻ ڏنو.
    ڊائننگ هال جي هڪ ڪنڊ ۾ اچي ويٺس. بيري کي لئمب اسٽيڪ ۽ اسپاگهيٽي آڻڻ لاءِ چيم. (بلڪ ان خود اهو آڻڻ لاءِ چيو جو شايد هميشه وانگر هتي جي سويڊش ۽ جرمن بورچن ٻين ڊشن کي ڪچو يا وڌيڪ ڦڪو ڪري ڇڏيو هو.) جيسين بئرو ماني کڻي اچي تيسين چؤڌاري تازو هن سال ٺهيل هن هوٽل جو جائزو وٺڻ لڳس. رنگين درن، ديوارن، بئرن، بار بئائز ۽ روم بئائز جا يونيفارم ڏسڻ لڳس. غلط ۽ ٽرڙن رنگن جي باوجود به وڻي رهيا هُئا. هلڪي ميوزڪ وڄي رهي هُئي. چؤڌاري رنگين ماڻهن مان اعلى قسم جي ڊيوڊورنٽ ۽ عطرن جي خوشبوءِ اچي رهي هُئي. رکي رکي ڪڏهن ڪنهن ٽيبل تان هلڪا خوشيءَ ڀريل ٽهڪ ٻُڌڻ ۾ پئي آيا. بئرو يورپين نموني سان نئپڪن ۽ ڪوڪا ڪولا رکي کاڌو سرو ڪرڻ لڳو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪولمبو جا ڪيترا ته مختلف روپ آهن. ٻاهر جي دنيا هن ننڍڙي هوٽل جي دنيا کان ڪيتري ته مختلف آهي جيڪي ٻاهران آيل مسافر چند گھڙين لاءِ ڪولمبو جي ههڙي هوٽل ۾ ترسي ويندا هوندا سي ته چوندا هوندا ته سلون ۾ ڪا غربت نه آهي، ڪا بُک نه آهي، ڪو ڏک نه آهي.


    30

    اڄُ مان ڪولمبو ۾ هڪ بت اڳيان بيٺو آهيان. منجھيل ڌاڳن وانگر ڪجهه تاثرات منهنجي دماغ جي پڙدي تي اڀرن ٿا، جن کي افسوس جو آئون باوجود ڪوشش جي سلجھائي نه ٿو سگھان.
    هڪ پوڙهو سلوني منهنجي ڀرسان بيهي هٿَ ٻَڌي ان ڀڳل بُت اڳيان ڪجھه پرارٿنا ڪري ٿو، ختم ڪرڻ تي مان کائنس پڇان ٿو:
    ”هن مٽيءَ جي بُت کي ڪهڙي محمود غزنويءَ ڀڳو آهي؟“
    ”شاگرد“، ٿڌو ساهه کڻي هُن وراڻيو، ”اڄُ جو شاگرد اسٽرائيڪ ڪرڻ وقت ديوتائن مان به نه ٿو مُڙي. اڄُ جو شاگرد جو ذهن ڀڃَ ڊاهه ڏي مائل آهي. ان جو ثبوت بسن جا ڀڳل شيشا ۽ چٻا دَرَ، دڪانن ۽ گھرن جا سڙيل حصا، ڪيرايل اشتهاري بورڊ، ڀتين تي ڪاري مسُ سان ٿلهن اکرن ۾ نعرا ۽ گاريون لکيل آهن“.
    ”اڄُ جو شاگرد Destructive Minded آهي ــ خاص ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جو.“ آئون سوچيان ٿو ته، ڇا تعليم ۽ استاد جي ڪا عزت ۽ ڊپُ نه رهيو آهي؟ ڪنهن رسالي ۾ لطيفو پڙهيو هوم ته اڳ اهڙو زمانو هو ته ڪي شاگرد کي پرنسپال جي آفيس ۾ ڏسبو هو ته سمجھبو هو ته شاگرد جو خير نه آهي، پر هاڻ ڪو شاگرد پرسنپال جي آفيس ۾ نظر اچي ٿو ته سمجھيو وڃجي ته پرنسپال جو خير نه آهي.
    اڄُ اڪيلو ئي اڪيلو ڪولمبو ۾ آئون بنا ڪنهن رٿيل يا ڪٿيل پروگرام جي هيڏانهن هوڏانهن شهر جي گھٽين ۾ ڦري رهيو آهيان.
    ـــ ڇا ڪولمبو جا رستا ۽ گھٽيون ڏسڻ ضروري آهن؟ خاص ڪري هڪ اهڙي ملڪ جي باشندي کي جيڪو خود به اهڙي ئي مشرقي ملڪ جو آهي؟ (دماغ ۾ هڪ اوچتو ۽ اڄاتو اڀريل سوال) پر آئون ان هوندي به هن شهر جي هڪ گھٽيءَ مان لنگهي ٻيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان. هڪ رستو ٽپي ٻي تي وڃي رهيو آهيان. هي مشرق آهي. گھٽين ۾ بازارين ۾، رستن تي، توهان کي، مشرق جي جھلڪ ڏسڻ ۾ ايندي. مٽي، ڌُوڙ، بيماري، پيٽ سُڄيل اگھاڙا ٻار، فقير ۽ انگ اگھاڙيون پينو عورتون، گھوريئڙا، ڌوتا، ننڍا ننڍا پُراڻا دڪان ــ ۽ منجھن بي ترتيب نموني سان ڌُوڙ ۾ لٽيل سامان، ڪچرو ۽ مکيون ــ موڳيون ۽ ڍڪيل مکيون، جي ويهڻ بعد اٿڻ جو نالو نه وٺن. مسجدن جا شهيد منارا، مندرن جون جھُريل چؤرس ڇتيون، ويڪرا ۽ ڍلا ڪپڙا، ماڻهن جا ميڙ، سوڙهين گھٽين مان رکي رکي زور سان هارن وڄائينديون ويندڙ گاڏيون، ڏار پيل عمارتون. هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر ڦرندڙ رول ڪتا ــ بيمار، ڏٻرا ۽ حد درجي جا ڀاڙي.
    اهي شيون آهن جيڪي اسان مشرق جا رهاڪو مشرق ۾ رهي محسو نه ٿا ڪريون، پر مغربي سياح ڏسي فرق محسوس ڪن ٿا. ۽ ها، جتي ڪٿي، سوڙهين گھٽين جي نالن تي، ريل جي پٽيءَ جي لاڳو ۽ کليل ميدانن تي ٻار ۽ وڏا هنگندي نظر اچن ٿا. هي اسان جو ڪولمبو آهي. هي اسان جو سلون آهي. هي اسان جو مشرق آهي.
    اسان جي پاڪستان ۽ هندستان وانگر هتي به هرڪا ڳالهه علامتي (Symbolic) آهي. وڻن پوکڻ جو هفتو ــ اخبار ۾ فوٽو ايندو، ڪو وزير گُلن جو هار پائي، ڪنهن خوبصورت وڻ جي چڪي لڳائي رهيو آهي. (۽ ڪيترن کي خبر آهي ته خيا ۽ پوري ڌيان نه ملڻ ڪري ستر اسي سيڪڙو وڻ اخبار ۾ ڦوٽو ڇپجڻ کان اڳ سڙي وڃن ٿا.) ”ٻارن جو ڏينهن“ ــ اخبار جي پهري صفحي تي تصوير سان گڏُ خبر: ڪنهن وڏي شهر جو چيئرمين وڏي شهر جي وڏي اسڪول جي ٻارن ۾ تحفا ورهائي رهيو آهي ۽ ساڳئي اخبار جي پوئين صفحي تي اها خبر ته شهر ۾ پاروٿو ميوو کائڻ ڪري ويهه ٻار ڪالرا جو شڪار ۽ زهريلي کير پيئڻ ڪري فلاڻي ڳوٺ ۾ ٽي ٻار مري ويا . مليريا روڪ هفتوــ جنهن جا انگريزيءَ ۾ لکيل اشتهار اڻپڙهيل ڳوٺاڻن لاءِ ڳوٺن جي ڀتين تي لڳل!
    پوءِ جتي هر ڪم سمبالڪ (علامتي) آهي اتي ليبل هر شيءِ، هر جڳهه، هر ماڻهو لاءِ ضروري بڻجيو وڃي.
    شهر جي وچ مان ڪار وڃي رهي آهي. ڪار منجھه لوفر قسم جا ڇوڪر، رستي تان لنگھندڙ عورتن کي چيڙائيندا وڃن. ڪار جي اڳيان ۽ پويان نمبر پليٽ مٿان خوبصورت وڏن اکرن ۾ M.P (ميمبر آف پارليامينٽ) يا ’فئملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ‘ يا ’منسٽري آف فوڊ‘ جا اکر لکيل، يا وچ رستي تي غلط جڳهه تي جيپ پارڪ ٿي پئي آهي. جيپ جي پويان وڏن اکرن ۾ D C لکيو پيو آهي.
    هڪ گھر جي در تي لڳل وڏي بورڊ تي لکيل (House of S.D.M) ۽ گھر جي اڳيان غير قانوني طور وڌايل گئراج (انڪروچمينٽ!)
    منهنجا ڀاءُ! هي فقط ڪولمبو يا سلون جي ڪهاڻي نه آهي. هيءَ پنهنجي وطن جي پڻُ ڪهاڻي آهي ۽ ايشيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ويندي هندستان، ملائيشيا، انڊونيشيا، برما وغيره جي پڻُ اها ڪهاڻي آهي. هڪ ٻن سلوني دوستن سان مٿين ڳالهين تي بحث ڪيم ته هنن کڻي دل ۾ ڪيو. اسان ايشين ڪيڏو ته حساس آهيون! سچائيءَ کان منهن موڙيندڙ. اسان کي شُترمُرغ وانگر حقيقت کان لِڪڻ لاءِ واريءَ ۾ منهن لڪائڻ جي ڏاڍي عادت آهي.
    اسان جي هتي ڪولمبو جي آفيس جو هڪ ڪلارڪ روزانو آفيس جي ڪم سانگي جهاز تي ايندو اهي. سندس پگھارُ ٻه سؤ ٽيهه روپيا آهي. پاڻ سان گڏُ آفيس جو هڪ پٽيوالو آڻيندو آهي، جو خاڪي ڦاٽل ورديءَ ۾ پيرين اگھاڙو هوندو آهي ۽ ڪلارڪ صاحب جا فائيل کڻي هن جي پٺيان هلندو آهي.
    آفيس جي ڪم بعد ڪلارڪ کان هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون پُڇندو آهيان. سندس پيءُ ۽ چاچو واڍا آهن. پاڻ پنهنجي ڪهاڻي وڏي تجسسُ سان ٻُڌائين ته هو پيءُ ۽ چاچي وانگر ذري گھٽ واڍو ٿيڻ وارو هو. پر مئٽرڪ ۽ بي. اي پاس ڪري وڏي ڪوشش بعد سرڪاري آفيس ۾ نوڪري حاصل ڪري ورتائين. (هي اسان جا اسڪول ۽ ڪاليج ــ هي ڪلارڪ پيدا ڪرڻ جون فئڪٽريون! جن ۾ ڪنهن به قسم جي فني يا ٽيڪنيڪل تعليم نٿي ملي. ۽ هي انگريز جو اسان تي ظلم جن اسان جي دماغ ۾ اهو اُٺُ ويهاريو ته اڇا ڪپڙا پائي گھٽ پگھار تي ڪلارڪ ٿيڻ بهتر آهي. واڍو، رازو، ويلڊر، مڪينڪ، مستري ٿيڻ عيب آهي.) يا شايد ننڍي کنڊ ۾ ذات سسٽم جي ڪري اسان جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته جوتا پالش ڪرڻ ۽ چمڙي جو ڪم ڪرڻ وارو گھٽ ذات شودر آهي ۽ ان کي شودر ئي رهڻ کپي. جپان، آمريڪا يا يورپ جي وڏين آفيسن ۾ ته فائيل کڻڻ يا ڪرسي سيري ڏيڻ يا چانهه پيارڻ لاءِ به ڪو نوڪر يا پٽيوالو نه هوندو آهي. وڏي کان وڏو صاحب به گھران آندل ٿرماس مان چانهه پاڻهي ڪڍي پيئندو آهي. پر اسان وٽ وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ جا نرالا ماپا آهن ۽ انهن ماپن مطابق ڪلارڪ جو ڪم ٽيهه سال کن فقط پين کي ڪاغذ تي ڌڪڻ آهي. ڏهن ڪاغذن تي مشتمل فائل کڻڻ پٽيوالي جو ڪم آهي. پٽيوالي جو ڪم ڪلارڪ ڪيئن ڪري سگهندو!؟

    “…And do thy duty, even if it be humble rather than an other’s even if it be great.
    To die in one’s duty is life, to live in an other’s is death.”
    هيءَ گيتا آهي. جنهن ذات سسٽم جو سبق شيڪسپيئر جي (Ulysses) کان به پندرنهن سؤ سال اڳ ڏنو.
    “When unrighteous disorder prevails, the woman sin and are impure, and when woman are not pure, Krishna, there is disorder of castes, social confusion.”
    اها پڻ گيتا آهي. ان مطابق، خاص ڪري ڏکڻ هندستان ۽ سلون ۾ ذات پات جو ڪو وڳوڙ ناهي، ڪوبه سماجي گھمسان ناهي. ڪلارڪ ڪلارڪ جو ڪم ڪري ٿو، صاحب صاحب جو ۽ پٽيوالو پٽيوالو رهي ٿو. صاحب چاهي مري پوي پر پٽيوالي جو ڪم يعني اڌ پاءُ وزن جو فائيل نه کڻندو.


    31

    پاڻ وٽ سنڌ ۾ برهمڻ وانگر سيد کي مٿاهون درجو حاصل آهي يعني سيد کڻي خراب ڪم ڪري ته به پاڪ پوتر ۽ جنت جي ڪنجي ان جي هٿ ۾ ۽ ڪو اُمتي غريب ڪيڏو به پاڪ صاف رهي چڱا ڪم ڪري ته به گھٽ درجي واروــ پٽ تي ويهڻ ۽ هر وقت سر جھُڪائڻ وارو. جيتوڻيڪ اسلام ته اهو ئي چوي ٿو ته الله جي نظر ۾ اهو ئي ويجھو ۽ بهتر انسان آهي جيڪو وڌيڪ نيڪي ڪري ٿو. چڱا ڪم ڪري ٿو ــ ته پوءِ هي مسلمانن ۾ سيد مٿي ۽ ميمڻ، متقي، چانڊيو، جتوئي، ڦلپوٽو هيٺائون ڪيئن؟ ڇا ڪٿي اهو گيتا جو اثر آهي هن سڄي برصغير تي ــ يا انگريز اهي درجا سيکاري ويا. چڱيءَ طرح پنهنجي ڪالوني قائم رکڻ لاءِ ۽ آساني سان حڪومت ڪرڻ لاءِ.
    هڪ ڏينهن مٿيون پنجويهن سالن جو جوان سلوني ڪلارڪ مون وٽ آيو. ساڻس گڏ سندس هم عمر هڪ ٻيو به ڇوڪرو هو. وار کنڊريل ۽ چيڙهه لڳل. ڏاڙهي وڌيل. چمپل اڊڙيل ۽ ڇڳل. نالو ’وجي‘ ٻُڌائين.
    جهاز گھمائڻ ۽ مون سان ملائڻ لاءِ کيس سندس دوست ڪلارڪ وٺي آيو هو ۽ مون سان فري هجڻ جي ڀريل هام پوري ڪرڻ لاءِ ان ڏينهن مون سان حجت سان ڳالهائڻ لڳو.
    ريفريجريٽر کولي سيون اپ جا دٻا کولڻ لڳو. مون سان سندس دوست جو تعارف پنهنجي سلوني نموني جي تکي ۽ اڌ اکري انگريزي ۾ ڪرائين:
    ”سر! سر! هي وجي آهي نه، تمام سٺو شاعر آهي.“ ۽ پوءِ مون ڏي رڙهي راز واري لهجي ۾ چيائين:
    “He is a great drinker. Too much whisky” (ڏاڍو شراب ٿو پئي)
    يعني اها هن جي شاعر هجڻ جي ثابتي آهي ته شراپ پيئي ٿو. مون هن ڏي نهاري طنزيه مسڪرايو ۽ دل ۾ سوچيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان، هندستان يا سلون ۾ شاعر يا فنڪار لاءِ اهو ڇو لازمي سمجھيو وڃي ٿو ته هو شرابي (Alcoholic) ۽ غمگين ضرور هُجي. هن جا حال افعال بُڇڙا هُجن.


    32

    هتي هڪ وڏيري ٽائيپ شخصيت سان مليس. سندس گھر جي بيڊ روم توڙي ڊرائينگ روم ايئرڪنڊيشن آهي. جنهن ۾ ان وقت هو هڪ آرامده ڪوچ تي نئڙي چڪن سوپ پي رهيو هو. نوڪر پيالو خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ با ادب بيٺو هو. ٻيو نوڪر سندس ٽنگن کي زور ڏئي رهيو هو.
    پاڻ صاحب موصوف سمورو وقت ڪميونزم ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ ڳالهائيندو رهيو. کيس اها ئي هڪ تمنا هُئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ کيس حڪومت ۾ فقط ڪا اهم پوزيشن ملي ته پوءِ ملڪ کي ڪيئن نه ٿو ٺاهي.
    ”ڏس،“ هن مون کي ٻُڌايو، ”مائوءَ سوشلزم ذريعي ڪيئن ملڪ کي ٺاهي ڇڏيو آهي. تون ته چين ۾ رهي آيو آهين. ڇا سوشلزم سُٺي شيءِ ناهي.“
    ”بلڪل سٺي شيءِ آهي.“ با ادب نوڪر وانگر ڪنڌ ڌوڻي مون به ها ڪئي. دل ۾ سوچيم ته مائوءَ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ چڪن سوپ پيئندي ۽ نوڪر کان زور ڏياريندي، ملڪ جي حالت نه بدلائي هُئي. سندس ٽيبل تي مائوءَ جا لکيل چارئي واليوم ۽ ڪُجهه ٻيا ڪتابڙا ۽ داس ڪيپيٽال وغيره سينگاريل هُئا. پاسي کان ولائتي شراب جون بوتلون ۽ سگريٽ جا پاڪيٽ رکيا هُئا. ڀت تي پلي بئاءِ رسالي جي وچ مان نڪتل (ٽيويهه انچ ڊيگھه ۽ يارهن انچ ويڪر واري) اگھاڙي تصوير لڳل هُئي. مون کي پڪ آهي ته هن، هنن ڪتابن مان ڪو هڪ به نه پڙهيو هوندو ۽ اهي فقط سينگار لاءِ رکيل هُئا. منهنجو خبر ناهي ڇو ساهه گھُٽجي رهيو هو. مون کي شنگھائيءَ ۾ هڪ هنڌ ڀت تي وڏن اکرن ۾ لکيل چيئرمئن مائوءَ جو قول ياد آيو:

    “Everyone should do the manual labour also to rid the mind of any idea of class superiority.”

    چين جي هڪ ٻئي شهر دئرين ۾ هڪ هنڌ مائوءَ جو لکيل هڪ ٻيو قول ياد آيو اٿم:
    “A good comrade is one who is more eager to go where the difficulties are greater.”

    مٿين شخصيت هر وقت ’مائو مائو‘ ڪري رهيو هو. مون سان گڏ جيڪو سلوني دوست هتي جي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ پڻ هليو هو تنهن ٻاهر نڪري مون کي چيو: ”آئون ته يار کيس چوڻ وارو هوس ته او مائوءَ جا دادلا مائو کي تنهنجي ڪمن جي خبر پوي ته سريلنڪا کي باقي امداد (AID) ڏيڻ ته بند ڪري پر ڏنل به واپس وٺي.“
    سلون ۾ گھمڻ لاءِ ڪيتريون ئي جڳهيون آهن. گھڻو ڪري ٻاهرين ملڪن جا سياح ڪولمبو ۾ اچي مائونٽ ليوينا تي ضروي وڃن ٿا جو ڪولمبو کي تمام ويجھو آهي جتي جون
    خوبصورت هوٽلون، سئمنگ پول، تانگھا ڪنارا ۽ رومانوي نظارا ڏسڻ وٽان آهن.
    هڪ ڏينهن شام جو گال فيس هوٽل ۾ چانهه پي رهيا هئاسين. هيءَ هتي جي مشهور ۽ پراڻي هوٽل آهي. آزاديءَ کان اڳ هن ۾ فقط گورن کي اچڻ جي اجازت هُئي. ڪارن ماڻهن ۽ ڪُتن جي داخلا تي بندش هُئي. پر اڄُڪلهه ڪا جھل پل ناهي. البت سندس هڪ ڊانسنگ هال ۾ ليئو پاتم ته انگريزي لباس ۾ انگريزن جي زماني جي با ادب بئري ڊڄي ڊڄي چيو:
    ”سائين هتي ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾ اچڻ جي اجازت آهي.“
    مون کان کل نڪري وئي. پنهنجي جهازي ساٿي مظهر کي چيم ته چرئي جو ــ بلڪ هوٽل جي انتظاميا جو دماغ خراب ٿيو آهي. زمانو الائي ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتو آهي. اهي انگريز ۽ گورا جن اهي دستور ٺاهيا ۽ جھنگ ۾ پڪنڪ ڪندا هُئا تڏهن به ڪوٽ ٽاءِ ۾، نئپڪن اڳيان رکي، ڪانٽي ڇُريءَ سان کائيندا هُئا، سي ته اڄُڪلهه قدرتي لباس کي ترجيح ڏيندا وتن ۽ هر جڳهه اگھاڙيون ڪالونيون (Nude Colonies) ٺاهيندا وتن ۽ هي انگريزن جي لڏي وڃڻ (يا تڙجي نڪرڻ) بعد به ٽاءِ ۽ ڪوٽ جي چڪر ۾ پيا آهن.
    وري ليئوپائي ڏٺم. ڪو هڪ اڌ شايد گورو هجي باقي هتي جا ڪارا ’صاحب‘ ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾، پگھر ۾ شل، اڻ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ڊچ برگر ۽ ائنگلو سلوني ڇوڪرين سان ڊانس ڪري رهيا هُئا ــ جن ڇوڪرين جي اسڪرٽن (پَڙن) جي ڊيگھه ۾ اشتعال انگيز ته نه پر حيرت انگيز گھٽتائي ضرور هُئي.
    اسان سڄي هوٽل جو معائنو ڪندا اچي هڪ خالي ٽيبل تي ويٺاسين ۽ فرينچ فرائيز (پٽاٽا) ۽ چانهه گھُرائي پيئڻ لڳاسين. ٽيبل چڱي وڇوٽيءَ تي رکيل هئا ۽ ذري گھٽ سڀُ ڀريل هُئا، جن تي گورا ٽوئرسٽ يا عرب ۽ ايشيا جي ملڪن جا واپاري ويٺل ٿي لڳا. خدمتگار نوڪر هتي جا ڪارا تامل ۽ سنهالي ڇوڪرا هُئا. ڏکڻ هندستان جي مشهور ميوزڪ ڪرناٽڪ وڄي رهي هُئي ۽ پُراڻي زماني جي لڳل لائوڊ اسپيڪرن جي ڦاٽل نڙگھُٽن مان ٿيندي اسان جي ڪنن تائين پهچي رهي هُئي. مظهر ۽ آئون چُپ چاپ هڪ ٻئي جي شڪل ڏسي خارون کائي رهيا هُئاسين. ٿوري دير بعد ٻه آمريڪن ڇوڪريون ٻيو ڪو ٽيبل خالي نه ڏسي اسان کان موڪل وٺي اسان جي ٽيبل سان باقي لڳل ٻن ڪرسين تي اچي ويٺيون ۽ يڪدم اسان سان گُفتگو ۾ لڳي ويون. پاڻ هچ ــ هائڪرس هيون. آمريڪا جي اسٽيٽ ’جارجيا‘ کان نڪتيون هيون. ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪنهن يوناني مال بردار جهاز ۾ پار ڪري اسپين جي بندرگاهه بارسيلونا (Barcleona) ۾ لٿيون، جتان بس، ٽئڪسين، ڪارن، ٽرڪن ۽ ٻين مفت جي سوارين ۾ لفٽ وٺنديون، گھمنديون ڦرنديون، فرانس، جرمني، چيڪوسلاويڪيا، آسٽريا، يوگيوسلاويه، ترڪي، ايران، افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان کان ٿينديون هتي پهتيون هيون. هتان ان چڪر ۾ هيون ته سنگاپور ٻيٽ تائين ڪنهن جهاز ۾ مفت ۾ لفٽ ملي وڃي ته پوءِ اتان بس رستي، ’جوهور ڳچي سمنڊ‘ جي پل ٽپي ملائيشيا، ٿائلنڊ، ڪمبوڊيا، لائوس ۽ برما وغيره به گھُمي سگھن. يا کڻي چئجي ته رلي سگھن.
    پٺيءَسان ٻڌل ٿيلها (Haver Sacks) جنهن ۾ سفر جو نهايت مختصر سامان پيل هون، هيٺ لاهي آرام سان ويٺيون ۽ بئري کي بيئر جو آرڊر ڏنائون. مظهر کين ائين ڏسڻ لڳو جيئن اسڪول لئباريٽري ۾ ٽائٽريشن وقت هر ڦُڙي ڪرڻ وقت ٽيوب کي گھوري ڏسبو آهي ته ڪنهن وقت ٿو (Solution) جو رنگ تبديل ٿئي. مون کان به رهيو نه ٿيو سو پُڇي ويٺوسان ته جوان جون ٻچيون هيڏي وڏي مسافري اڪيلي سر ڪيئن لڳانوَ؟ ڇا ڊپُ به نه ٿيانوَ؟
    هڪ جنهن کي ڪرمچي رنگ جي بيل باٽم پتلون (Slacks) ۽ گنجي پئي هُئي جنهن تي ٿڌي آسماني رنگ ۾ Love not War لکيل هو، تنهن چيو:
    ”اسان (Sex) جي معاملي ۾ تمام آزاد خيال ۽ سخي آهيون ڳالهه ختم، ٻيو ڊپُ وري ڇاجو ــ؟“
    مظهر جا ڪنوارا ڪن شايد ان قسم جي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار نه هُئا تنهن کان ڇرڪُ نڪري ويو، پر پوءِ جلدي پنهنجو پاڻ کي معمول تي آڻي هنن جون ڳالهيون ائين تعجب ۽ مزي سان ٻُڌڻ لڳو جيئن ميڊيڪل جا شاگرد جورس (Jurisprudence) جي پيرڊ ۾ ريپ (زوري زنا) تي ليڪچر ٻُڌندا آهن.
    ٻئي ڇوڪريون، مختلف ملڪن جي ڊرائيورن سان، سندن پيل واسطي ۽ جنسي تجربي جون ڳالهيون، بنان ڪنهن رک رکاءَ جي اسان کي ٻُڌائڻ لڳيون. پٺاڻن ۽ يونانين کان سخت ناراض ٿي لڳيون. عرب ۽ تُرڪ ڊرائيورن جون تعريف ڪنديون رهيون. (خاص ڪري انهن ٽرڪ ڊرائيورن جي تعريف ڪيائون جن کين چرس جو پڻ چڱو مزو چکايو هو.) پاڻ ٻُڌايون ته کين وري ساڳئي رستي کان واپس وڃڻ جو ارادو آهي. مظهر نڪ شيڪيندي مون کي آهستي چيو: ”ڇوريون آهن يا ڪُتيون!. هر ملڪ ۾ عصمت لُٽائينديون اچن. ڪا پرواهه ئي ناهي!“
    اسان کان پُڇڻ لڳيون ته ڪهڙي ملڪ جا آهيون. جنهن جي ٻُڌائڻ تي ٻي ڇوڪريءَ (جنهن کي فيروزي ۽ پيازي پٽن وارو اسڪرٽ هو) چيو ته پاڪستان ۾ پشاور کان بهاولپور تائين ٽرڪ ۾ ايندي ڊرائيور ۽ ڪلينر هنن سان تمام جھنگلين وارو ورتاءُ ڪيو. ان کان سواءِ ننڊ ۾ (بلڪ نشي جي حالت ۾ جڏهن هو بيخبر هيون) ته سندن لاڪيٽ لاهي ورتو. شهر ۾ لاهڻ بدران گھڻو اڳ جھنگ ۾ لاهي ڇڏيو. ”شايد ان ڊپ کان ته پوليس کي نه ٻُڌايون، اتان پوءِ ٻي ٽرڪ واري کنيو ۽ سکر تائين اچي ڇڏيو.“
    کيسي مان سگريٽ ڪڍي جنهن ۾ چرس پيل هو، ڇڪڻ لڳيون. سگريٽ جي چند سوٽن هڻڻ سان چرس جي ڌپ هوٽل جي پُر سحر ماحول کي ڄڻُ ڏنگي رکيو. سڀُ ماڻهو ڪُجهه دير لاءِ بي چين ٿي هيڏانهن هوڏانهن منهن ڪري ڊگھا ساهه کڻي، نڪ کي موڙا ڏئي، ڌپيل ماحول سان صلح نامو ڪري وري پنهنجين پنهنجين پچارن ۾ لڳي ويا، هي جوانڙيون، نيپولين بونا پارٽ جون پڳ وارثياڻيون، ڪنهن جي به پرواه نه ڪندي، سوٽن مٿان سوٽا هڻنديون رهيون ۽ بيئر جو ڍُڪ ڍُڪ ڪري آهستي آهستي پيئڻ لڳيون. گنجي واري ڇوڪريءَ چيو، ”منهنجي نانيءَ جو چوڻ آهي ته بيئر يا ڪوبه شراب هميشه ڍُڪ ڍُڪ ڪري ائين پيئڻ گھُرجي ڄڻُ ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهڻ کان اڳ اهو آخري گلاس هُجي.“
    ”ڌُوڙ آهي پئي توکي ۽ تنهنجي نانيءَ کي.“ مظهر آهستي ڪنجھيو جو فقط مون ٻڌو ۽ مظهر ڏي، پوءِ ڇوڪري ڏي سندس ڳالهه جي تائيد ۾ ٻه دفعا ييس ييس چيم.
    مظهر وري هنن جي مٽي لڳل بدن ۽ منجھيل وارن کي ڏسڻ لڳو. لڳو پئي ته مهيني ٻن کان (يعني جڏهن کان هو گھران نڪتيون آهن) وهنتيون نه هيون. يا ته سڄو ڏينهن بلڊوزر هلائي ڪو ڀڏو لٽي سڌيون هتي آيون آهن. گھميل هوا ڪري وارن ۾ چيڙهه ڄمي ويو هون. اهڙي قسم جون هپي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا خاص ڪري انهن ملڪن ۾ گھڻا ملندا آهن جتي چرس عام ٿئي. نشي جي پِٽ کان ڪٿان ڪٿان ڪَهي اچي اتي نڪرن. نشي کان سواءِ انهن جو ٻيو ڪو ڪم نه هوندو آهي.
    مظهر هنن ڏي ٽيڏي اک سان نهاري مون کي آهستي چيو، ”سخت غلط قسم جي ڇوڪرين سان اچي واسطو پيو آهي. جھٽ اٿي جان ڇڏائڻ کپي.“
    ”بئري کي جلدي سڏ ڪري چيڪ گھُراءِ ته بل ڏئي اُٿون نه ته اردو جي چوڻيءَ موجب: ’مان نه مان مين تيري مهمان‘ وانگر ٻئي فلمون ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون.“ مون مظهر کي خبردار ڪيو.


    33

    بل ڏئي ٻاهر نڪتاسين ته ٽوئرسٽ بس بيٺي هُئي جا ’سان مشيل‘ وڃي رهي هُئي. اها هڪ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽاڙي آهي. ان تي هڪ هوٽل آهي. بس ۾ چڙهي پياسين فقط ڏهه ٻارنهن سياح هُئا. جن ۾ مرد به هئا ته عورتون به. پوئين سيٽ تي ويٺل ٽي عرب نوجوان هميشه وانگر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُئا. رکي رکي سادات، ناصر ۽ حسين جو نالو سمجھه ۾ آيو ٿي. اسان جي بس ڪولمبو شهر جي گوڙ گھمسان مان نڪري ڪولمبو جي پُل ٽپي سڌو ويندي رهي. رستي جي ٻنهي پاسي ڊگھا ڊگھا ساوا وڻ ۽ لهندڙ سج ڪري انهن جا ڊگھا پاڇا عجيب منظر پيش ڪري رهيا هُئا. اڳتي هلي جھنگ وڌيڪ گھاٽو ٿيڻ لڳو، جنهن منجهان اندران ئي اندران بس ٿيندي اڳتي مُڙي ڍنڍ جي ڪناري تي ڇڏيو. وڻن هيٺان ڪجھه ڪارون ٽئڪسيون مسافرن کي واپس وٺي هلڻ لاءِ بيٺيون هيون. اسان ٻئي ڪئميرائون ڪلهن تي لڙڪائيندا، ٻين مسافرن کان الڳ جيٽيءَ تي اچي بيٺاسين. ٻيا مسافر ڪجھه وقت اتي بيهي وري واپس ساڳي بس ۾ هليا ويا. اسان ٻئي موٽر بوٽ ۾ اچي ويٺاسين. ٻه چار ٻيا مرد عورتون پڻ اتي آيا ۽ لانچ ۾ چڙهيا. هو آهستي آهستي جپاني ڳالهائي رهيا هُئا. سندن ڳالهائڻ ڪنهن ننڍي جيت جي پرن جي ڀون ڀون کان وڌيڪ نه هو پر چؤڌاري سانت ئي سانت هجڻ ڪري اها ڀون ڀون به گھڻي ٿي لڳي. ڪنهن سُڪل پن تي ڪنهن جو پير ٿي آيو ته ان جي چچڙجڻ جو آواز پري پري تائين ويو ٿي. اهڙي گھاٽي ماٺِ هُئي.
    ٿوري دير کان پوءِ لانچ واري، انجڻ جي فلاءِ ويل تي رسو ٻڌي ان کي ڇڪيو ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ سان ڍنڍ جي چؤڌاري ڊگھن وڻن تي ويٺلن پکين ۾ ڦيٽاڙو پئجي ويو. خاموشيءَ ۽ سانت جي پٺ ۾ ڄڻُ ڪنهن ڇُرو وهائي ڪڍيو. سانت جي پُٺ ۾ ڇُرو وهائڻ! ــ لڳي ٿو ته اها تشبيهه ڪنهن تازي پڙهيل افساني جي دماغ ۾ ويٺل آهي. پڪ نسيم کرل يا قمر شهباز جو افسانو هوندو.
    ٿورو اڳتي هلي ڍنڍ جي وچ ۾ هوٽل جي ننڍي جيٽي سان ٻيڙي لڳي. سڀُ مسافر لهي هوٽل ۾ آياسين. هوٽل ۾ هلڪي هلڪي روشني هُئي. چيني شمعدانن ۾ ڳاڙها ۽ ميٽوڙي رنگ جا بلب ٻري رهيا هُئا. هڪ ٻه نوجوان جوڙا هوٽل جي ورانڊي ۾ ڪاٺ جي ٻنوڙي کي ٽيڪ ڏئي آهستي آهستي ڳالهيون ڪري رهيا هُئا. عجيب اداسي ڇانيل هُئي. اهڙي اداسي حميد سنڌيءَ جي افسانن ۾ هوندي آهي يا بندرگاهه ڇڏڻ وقت جهاز تي هوندي آهي. هلڪي هلڪي ميوزڪ وڄي رهي هُئي. سچ ٿو چوان ته ماحول ۾ عجيب قسم جي سنسني هُئي. ائين ٿي لڳو ڄڻُ هيءَ ممتاز دمساز، حاتم طائي يا گُل بڪاولي جهڙن ناولن واري طلسمي دنيا هُجي ۽ اجھو ته خوفناڪ ديو آدم بوءِ آدم بوءِ چوندو آيو. هي طلسم ڄاڻ ته ڀڳو ۽ اسان سڀ سرنهن جا داڻا ٿي وينداسين.
    مظهر ۽ آئون چپ چاپ فروٽ جيلي کائڻ لڳاسين. نيٺ مظهر کي چيم ته يار ڪجھه ته ڳالهاءِ ته هي جادو ٽُٽي. عجيب خوف طاري ٿي رهيو آهي. پوءِ ٻئي کلڻ لڳاسين. با ادب بئري مظهر جي چوڻ تي هڪ سڄو بند ٿيل فروٽ جو دٻو ۽ اوپنر اچي اڳيان رکيو. دٻو کولي جيليءَ ۾ وڌيڪ فروٽ ملائڻ لڳاسين.
    پپئي، گدري، صوف، انناس جا ننڍا ننڍا ڳترا هئا ۽ ان کانسواءِ انگورن ۽ رسپ بيريءَ جا ڪجھه ڪڻا پيل هُئا.
    ميوي جو بند دٻو آمريڪن هو. دٻي جي هيٺان Consolidated Foods Corporation Chicago USA. لکيل هو. مظهر پڙهي چيو:
    ”برادر هي ميوو خبر ناهي ڪهڙين خوبصورت آمريڪن ڇوڪرين ڇلي ٽُڪرا ٽڪرا ڪري هن دٻي ۾ بند ڪيو هوندو. کين بند ڪرڻ وقت ڪهڙي خبر ته هي خاص دٻو سلون جي هڪ ويران جڳهه جي هوٽل ۾ ٻه پاڪستاني چَٽُ ڪندا.“
    مون کان کل نڪري وئي، ڇو جو مهينو ڏيڍ اڳ جپان ۾ پڻ مظهر ان قسم جي ڳالهه ڪئي هُئي. جپان ۾ گھڻو ڪري پاڪستان کان آيل گانگٽن جا بند دٻا استعمال ٿين. هڪ هوٽل ۾ گانگٽ کائيندي مظهر چيو ته خبر ناهي هي ڪهڙين پاڪستان جي خوبصورت ڇوڪرين گانگٽ ڇلي دٻن ۾ بند ڪيا هوندا.
    ”گھڻو خوشفهميءَ ۾ نه پئه. جهاز تي ويندي وقت روز کارادر جي بس اسٽاپ تي ڪجھه ڊگھن ميرن چولن ۾ مڪراني پوڙهين عورتن کي ته ڏٺو هوندءِ. جي فش هاربر ڏي ويندڙ بس ۾ وڙهندي چڙهنديون آهن؟ ته بس تماچي صاحب اهي ئي خوبصورت نوريون آهن جيڪي روز گانگٽ ڇلي دٻن ۾ پئڪ ٿيون ڪن.“
    مظهر به شايد اها ڳالهه ياد ڪري کلڻ لڳو ۽ ٽيبل تي رکيل ٺڪر جي ننڍڙي گھُگھيءَ مان مگن ۾ پاڻي اوتيو. مظهر پنهنجو شرم پرچائڻ لاءِ گھگھي طرح اشارو ڪري ان بابت عمر خيام جي رُبائي ٻُڌائڻ لڳو.
    ”اي ٺڪر جا ڪپڙ! ائين ته نه آهي جو ڀيم ۽ ارجن جوڌن جي ٻانهن جي مٽيءَ مان تنهنجي ڳچي جُڙي هُجي؟
    متان لقمان حڪيم يا ارطاليس فيلسوف جي بدن جي خاڪ مان تنهنجو هي گول ڪنارو ٺهيو هُجي ــ؟
    ائين ته نه آهي جو تنهنجو ترو قارون ۽ سڪندر جي سٿر مان بڻيو هُجي؟“


    34

    ميوزڪ بند ٿيڻ تي هڪ ڊچ برگر ڇوڪريءَ مائيڪروفون هٿ ۾ کڻي ميري هاپڪن جو هڪ درد ڀريو پراڻو گانو ڳائڻ شُروع ڪيو:
    Those were the days my friend
    We thought they will never end…

    مون کي اوچتو ائن لڳو ڄڻُ آئون هن هوٽل ۾ پهرين به اچي چُڪو هجان. ڄڻُ آئون هن هنڌان پهرين به هڪ دفعو ٿي ويو آهيان ڄڻُ هر شيءِ ساڳئي ترتيب ۾ ٿي رهي هُجي. هوبهو ساڳيو ڏٺل وائٺل محسوس ڪيل ماحول ــ ماڻهو کڻي هن دفعي بدليل آهن. وقت کڻي بدليل آهي پر ڪيڏي ساڳائي آهي!
    O come alone with me
    To my little corner of the world
    And dream a little dream
    To my little corner of the world.
    قرت العين حيدر جو ناول ”سيتا هرن“ توهان پڙهيو آهي؟ ان ۾ سيتا نالي هڪ سنڌي ڇوڪري ورهاڱي بعد آمريڪا ۾ تعليم دوران لکنو جي هڪ مسلمان ڇوڪري جميل سان شادي ڪري ٿي. کيس پٽ راحل اتي ڄمي ٿو. ڪجهه گهرو اڻ بڻت جي ڪري هوءَ مڙس کان رُسي جميل جي مائٽن وٽ هندستان اچي ٿي رهي. راحل کي پيءُ پاڻ سان ئي رکي ٿو. جميل جا ڪجهه مائٽ لڏ پلاڻ وارن ڏينهن ۾ پاڪستان وڃي رهيا آهن. ڪجهه وقت کانپوءِ جميل جون ڀينرون پنهنجي مائٽن وٽ گهمڻ ڪراچيءَ اچن ٿيون. سيتا به انهن سان گڏ اچي ٿي. ڪار رستي ڪراچي کانپوءِ ٺٽي، خيرپور، سکر ۽ جيڪب آباد مان ترسندا مٿي ملتان ۽ لاهور تائين وڃن ٿا. قرت العين حيدر ان ناول ۾ سنڌ جو ڪافي ڪلچر ۽ تاريخ ٻڌائي آهي. نه فقط سنڌ ۽ پنجاب جي پر اڳتي هلي ناول جي پوئين اڌ ۾ سلون ۽ فرانس بابت پڻ، جتي پڻ اها سنڌي ڇوڪري سيتا وڃي ٿي.
    سيتا کي خبر ٿي پوي ته سندس مڙس جميل جيڪو (U.N.O) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ان سان ملڻ لاءِ سيتا ڪولمبو پهچي ٿي ۽ جميل جي هڪ ٻئي مائٽ عرفان (جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ ڪولمبو آهي) سان ملي ٿي ۽ ٻئي جميل کي پرچائڻ ۽ پٽ سان ملڻ لاءِ پروگرام ٺاهين ٿا. ان سلسلي دوران هڪ ڏينهن سيتا عرفان سان گڏ انهيءَ مٿئين هوٽل ”سان مشيل“ ۾ ئي اچي ٿي.
    مونکي ياد اچي ويو ته هن هوٽل ۽ ماحول بابت مون ڪجهه وقت اڳ قرت العين حيدر جي ان ناول ”سيتا هرن“ ۾ پڙهيو هو. سيتا ۽ عرفان هوٽل ۾ داخل ٿين ٿا، ڊچ برگر ڇوڪري هن ئي ماحول ۾ مائيڪروفون تي مٿيون گانو ڳائي رهي آهي:

    O’ come alone with me
    To my little corner of the word.

    رات جا ساڍا نَوَ اچي ٿيا هئا. مظهر کي اتي ڏاڍو سڪون اچي رهيو هو. پر مونکي ننڊ تپائي ڏنو. اوٻاسين جو ڦهڪو لاهي ڏنم. مظهر اٿڻ جي نه پئي ڪئي (شايد ڪنهن قسم جي ڊراپ سين جي انتظار ۾ هو). آخر کيس ڇڪي هوٽل کان ٻاهر ڪڍيم. اچي لانچ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. چوڌاري ڍنڍ جي پريان اونداهه ۾ ڊگها ڊگها وڻ هيبتناڪ لڳي رهيا هئا. رکي رکي ڪنهن کڙ کٻيتي چمڪاٽ ٿي ڪيو. آسمان تي ڪو به رءُ يا ڪڪر نه هو. سڀ تارا ۽ گرهه صاف نظر پئي آيا. ڪپيلا، وينس، ويگا، سيرس serius حمل Hammal...... مظهر ڪِن تارن ۽ سيارن جا نالا وٺڻ لڳو، جن جي هو روزانو هن وقت سمنڊ تي سائيٽ وٺي جهاز جي پوزيشن معلوم ڪندو آهي ته جهاز ڪيترو هليو ۽ سمنڊ جي ڪهڙي حصي ۾ آهيون.
    ”انهي سڀني ستارن ۽ سيارن تي پنهنجي پنهنجي دنيا آهي، پڪ انهن تارن تي به ههڙي رومانٽڪ هوٽل هوندي...“ مظهر آسمان ڏي گهوري مون کي جاگرافيءَ جو دور ٿي شروع ڪرايو (يا ته هو حد کان وڌيڪ رومانٽڪ ٿيڻ جي موڊ ۾ هو.)
    ”ها،“ مون اوٻاسي ڏئي اڌ ۾ ڪٽيومانس، ”ها ههڙي رومانٽڪ دنيا هوندي يا ته دادو ۽ جيڪب آباد ضلعي جهڙي گرمي ۽ سڃ هوندي.“
    لانچ اچڻ تي ان ۾ چڙهي پياسين.


    35

    اڄ اسان جو هتي ڪولمبو ۾ هن مختصر رهائش جو آخري ڏينهن آهي. اڄ رات جو ڪنهن وقت لنگر کڻي ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي رخ رکنداسين، اتان پوءِ جهاز کي مٿي موڙي آمريڪا ڏي وٺي وينداسين. ٿي سگهي ٿو اسان کي ڪيپ ٽائون ۾ اٽي لاءِ ڪجهه ڪلاڪ ترسڻو پوي جو هتي ڪولمبو مان جهاز جي راشن لاءِ اٽو نه ملي سگهيو آهي. ميري هجڻ کان علاوه اُن ۾ مٽي ۽ پٿريون پڻ آهن. هتي سلون ۾ اڄڪلهه اناج جي ڏاڍي کوٽ آهي. ڪجهه اهڙو زمانو اچي ويو آهي جو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو حال وڃي ٿيو آهي. جاپان، سنگاپور، ٿائيلينڊ ڏي به اها حالت هئي ۽ مهانگائي ان کانسواءِ. اهو ئي سبب آهي جو هتي سلون ۾ اڄ ڪلهه هفتي ۾ ٻه ڏينهن اٽو ۽ ٻه ڏينهن چانور کائڻ تي به بندش آهي. جيئن پاڻ وٽ ٻه ڏينهن گوشت بند رهي ٿو. هتي کنڊ وڏين هوٽلن ۾ به ڳاڙهي مستيءَ جهڙي هلي ٿي.
    ڪولمبو هتي جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي پر بک ۽ بيروزگاري جو اهو حال آهي جو شام جي وقت بند ٿيل هوٽلن جي اڳيان پيل گند ۽ هڏن جي ڍير تي ڪيترا غريب بچيل سچيل کاڌو ڦولهي پيا کائيندا آهن. اهڙا درد ڀريا حال ڏسيو اکين ۾ ڳوڙها اچيو وڃن. ماڻهن ۾ سخت بي چيني ۽ بي يقيني آهي. نوجوان طبقو ذهني طرح سخت مايوس (Frustrated) ٿو ڏسجي.
    هڪ ڏينهن رات جو اٺين نائين بجي ڌاري ٽئڪسي ڳوليندا اچي بوريلا جي بس اسٽاپ وٽ پهتاسين. اتي هڪ همراهه (جو پوءِ خبر پئي ته هتي جي ڪنهن انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪري ٿو) تنهن ٻڌايو ته ٽئڪسين اڄ اسٽرائيڪ ڪئي آهي. اسان کي صحيح نمبر واري بس ۾ وهاريائين. کيس گهڻو اڳتي وڃڻو هو، اسان کي رستي تي لهڻو هو. پاڻ ٻڌائين (جو ٻين ڪيترن جي واتان پڻ ٻڌو هئوسين) ته اڄ ڪلهه رات جي وقت ڪولمبو ۾ اڪيلو ڦرڻ يا ٽئڪسي ۾ وڃڻ جان جوکم ۾ وجهڻي آهي. ڪيترا اهڙا واقعا ٿيا آهن جو ماڻهن کي اڪيلو ڏسي هنن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا. عورت ته ڳهه پائي اڪيلو هلي نٿي سگهي. پوءِ همراهه ٿڌو ساه کڻي چيو:
    ”ڇا ڪجي بيروزگاري ۽ بک وڻ ويڙهيءَ وانگر اسان کي وڪوڙي وئي آهي. سڄي ملڪ جو نظام درهم برهم ٿيندو وڃي. ليڊر آهن جو رڳو سوشلزم جا نعرا هڻي غريب عوام کي بيوقوف پيا ٺاهين. انکان ته اڳ بهتر هئاسين.“
    ”ڇو ڀلا،“ مون پڇيو مانس، ”سوشلزم ڪري چين ته ڏاڍي ترقي ڪئي آهي.“
    ”اتي جا ليڊر هيئن اسان وانگر ايئر ڪنڊيشنڊ گهرن ۽ آفيسن ۾ ويهي مزدور جي پگهر ۽ پورهئي تي ڪو نه ٿا ڳالهائين. هو پنهنجا پيٽ ۽ گهر ڀري سوشلزم جو نعرو ڪو نه ٿا هڻن. ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي قسمت ئي خراب آهي.“
    هو ڳالهائيندو رهيو، بنا ساهي کڻڻ جي. سندس منهن مان ڪچي شراب جي تکي ڌپ اچي رهي هئي. سرور ۾ ضرور هو پر اهو نه چوندس ته نشي ۾ هو. پڙهيل ڳڙهيل ۽ کليل دماغ جو لڳو ٿي ۽ ساڳي وقت سخت ڏکويل پڻ. هو وڌيڪ چوڻ لڳو: ”سنگاپور، هانگ ڪانگ به اسان جهڙائي ٻيٽاڙا آهن. پاڻ معدنيات ۽ نباتات ۾ اسان کان غريب پر ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا کي ڪلهو پيا هڻن. انهن جي عوام منجهه سجاڳي آهي. سياسي شعور آهي. ليڊر ايماندار اٿن. هتي هر ڪو پنهنجو گهر ۽ ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آهي. ملڪ چاهي وڪامي وڃي ته وڪامي وڃي. هينئر ٿوري ترقي جو تِرورو نظر آيو پئي ته عربن تيل مهانگو ڪري اسان جي آسن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. هر شيءِ جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. هاڻ کڻي تيل ساڳي اگهه تي اچي ته به ٻين شين جا اگهه ۽ ٽئڪس ساڳيا رهندا. بيوقوف عوام ۽ حاڪم پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ بدران رڳو غيرملڪي امداد تي ڀاڙيو ويٺا آهن. ”ڪشتو ۽ وڌايل هٿ“ اسان جي ملڪن جي قومي نشان بڻجي ويو آهي. ڪي چين جي امداد تي، ڪي آمريڪا جي خيرات تي ڀاڙيو ويٺا آهن. پر ڪو به ڌاريون ملڪ ڪڏهن به سچو نه ٿيو آهي. هر هڪ طمع ۽ لالچ پٺيان مدد ڪري ٿو.“


    36

    بس بندرانائڪي اسٽيڊيم وٽان لنگهي رهي هئي جيڪو چين حڪومت مرحوم بندرانائڪي (مسز بندرانائڪي جي مڙس) جي ياد ۾ سلون کي تحفي طور ٺهرائي ڏنو آهي. اسان واري بس ۾ ويٺل يار ان عمارت ڏي اشارو ڪري پوءِ ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”هي ڏس! هي ڏس! چينين به اسان کي چڱو بيوقوف ٺاهيو آهي. عام ماڻهو روز عمارت کي ڏسي ٺري پيو ٺري. اها خبر ئي نه ته ان جي پٺيان ڀل ڪو ڦريندو رهي. چينين پهرين هر شيءِ سستي وڪي ۽ ماڻهو اهو ئي سمجهندا رهيا ته انهن جهڙو ڪو شريف واپاري نه آهي. هاڻ جڏهن مارڪيٽ تي قبضو ٿي ويو اٿن ته ڄمايو ويٺا آهن. هر شيءِ ساڳي مهانگي ڪئي اٿن.
    ”ساڳيو حال آمريڪا جو آهي. جيڪو ان ڪِنو ٿئي سو موڪلين اسان ڏي. اَن جي عيوض اسان جو قيمتي رٻڙ کڻن، ناريل جو تيل کڻڻ، پر ماڻهن تي اهو اثر ته آمريڪا جهڙو ڪو همدرد ملڪ نه آهي. اڙي آئون چوان ٿو جي همدردي ڏيکارڻي اٿانوَ ته پهرين پنهنجي ملڪ جي ڪارن شيدين تي ڏيکاريو. انهن کي پورا پورا انساني حق ڏيو. اسان ته پوءِ به آمريڪا جي شيدين کان وڌيڪ جاهل، غير مهذب ۽ ڌاريان آهيون.“ هو زور زور سان تقرير ڪندو رهيو. اسان جي لهڻ جو هنڌ اچي ويو. کيس اڳتي شايد ”پيٽا“ وڃڻو هو. اسان موڪلائي اٿياسين. ڪلهي تي هٿ رکي چيائين:
    ”يار معاف ڪجو، دل ۾ نه ڪجو، آئون الائي ڇا جو ڇا چوندو رهيس، دوست! دراصل اسان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ کپي. شينهن جي پٺيءَ تي چڙهي پاڻ کي طاقتور سمجهڻ واري جو انت هميشه ان جي پيٽ ۾ ئي ٿيندو آهي.“
    مظهر ۽ آئون بس مان هيٺ لٿاسين. مظهر کلي چيو:
    ”ڪو پراڻو دوست هئي ڇاــ؟“
    ”نه.“
    ”ڳالهايانوَ ته ائين پئي جو مون ته پري کان سمجهيو ته واقف مليو هجنئي.“
    ”نه يار. هونءَ هر انسان کي ڳالهائڻ جو بنيادي حق هجڻ کپي ۽ ان جا خيال ضرور ٻڌڻ کپن.“


    37

    اڄ مان سلون جي ڪيترن ئي ماڻهن جون ڪيتريون ڳالهيون ٻڌڻ بعد هيءَ خوبصورت ڌرتي ڇڏي ويندس. هي جهاز جو ڪمرو ۽ ٽيبل ڪرسي ساڳي هوندي پر دريءَ مان سامهون ڪولمبو جو بندرگاهه نظر اچڻ بدران سمنڊ يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو شهر هوندو. هن وقت ريڊيو سري لنڪا تان سنهالي ۾ انائونسمينٽ پيو ٿئي ــ پر پوءِ ان بدران ڪا ٻي زبان ٻڌڻ ۾ ايندي.
    هيٺ دريءَ مان سلوني ڏٻرا مزدور پيرين اگهاڙا نٽهڻ اس ۾ چانهه جا بنڊل ٽرڪن مان لاهي، ڄار ۾ ڀري، ڊيرڪن ذريعي جهاز تي چاڙهي رهيا آهن. اڄ هو تکو تکو ڪم ڪري رهيا آهن جو کين وقت اندر سامان پورو ڪرڻ تي ڪجهه وڌيڪ روپيا ملڻ جو آسرو ٿيو آهي. مزورن مان ڪي گوڏ ۾ آهن جيڪا گوڏن وٽان مٿي مڙيل آهي ۽ ڪي فقط ڪڇي ۾ هيڏانهن هوڏانهن سامان پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. ڪي مزور سامهون بيٺل هڪ پوڙهي عورت کان ونگا خريد ڪري رهيا آهن. سائي رنگ جي سادي ۽ ميري سوٽي ڪپڙي جي ساڙهيءَ ۾ هيءَ پنجاهه سٺ سالن جي عورت روز صبح جو هڪ وڏي ڇٻيءَ ۾ ڪجهه انناس، ڪيلا، پپيا ۽ ونگا کڻي ٿاٻڙندي ايندي آهي. سندس لوڏ Unbalanced مان لڳندو آهي ته سندس مٿي تي وزن، هن جي کڻڻ جي طاقت کان تمام گهڻو آهي.
    منهنجي ڪمري جي بلڪل سامهون پهچي ڪنهن مزور کي منٿ ڪندي آهي جو سندس کاريءَ ۾ هٿ وجهرائي هيٺ لهرائيندو آهي. پاڻ پهرين هڪ وڏو کانگهارو ڪڍي ساڄي ٻانهن سان چپ اگهندي آهي ۽ سندس ميرو بلائوز (جو جڏهن صاف هو ته اڇي رنگ جو هو) وڌيڪ ميرو ٿيندو آهي. ان بعد پلئه ۾ ٻڌل ڪجهه پانن مان هڪ پان ڪڍي وات ۾ وجهندي آهي. ان بعد ٻيو ۽ پوءِ ٽيون ۽ صبح کان وٺي شام تائين سندس منهن جي مشين ۾ پان ڪتر وانگر ڪاتر ٿيندا رهندا آهن.
    پان وات ۾ وجهڻ بعد کاري اڳيان ويهي اهي ونگا ۽ پپيا جيڪي گهڻن ڏينهن ڪري پچي ڪنا ٿي ويا آهن تن جا داغيل ۽ ڦٿل پاسا هيٺ ڪري رکندي اهي جيئن پري کان ڏسڻ وارو سمجهي ته سڀ تازا ۽ سٺا آهن. ان بعد اٿي بيهندي آهي ۽ هڪ هٿ چيلهه تي ٻئي سان پنهنجا اڇا چانديءَ جهڙا وار (جيڪي تکي اس ۾ وڌيڪ چلڪندا آهن) تن کي کنهندي آهي ۽ کنهندي رهندي آهي. ڪڏهن جهاز ڏي ته ڪڏهن مزورن ڏي نهاري مسڪرائيندي آهي.
    ويچاري غريب، سخت اس ۾ پيرين اگهاڙي سڄو ڏينهن بنا ماني کائڻ جي بيٺي هوندي آهي ان ئي اميد تي ته من ڪو مزور يا جهاز جو خلاصي سندس ميوو خريد ڪري. ڪڏهن ڪڏهن ڪو مزور ايندو آهي ته خوشيءَ مان جلدي ساڙهيءَ جي پلئه سان پنهنجن گهنجن ڀريل نرڙ تان پگهر اگهي جلدي جلدي ساهمي ۽ تورا ڪڍندي آهي. مزور سندس اڳيان ويهي ونگا اٿلائي پٿلائي ۽ پوءِ ميوي يا اگهه کي ناپسند ڪري، جهڙو ايندو آهي تهڙو هليو ويندو آهي ۽ پوڙهي جي چهري مان غم ۽ نا اميدي صاف ظاهر پئي ٿيندي آهي. سڄو ڏينهن شام تائين ائين گذري ويندو اٿس. ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مينهن جو وسڪارو ٿيندو آهي ته کاري مٿي تي رکرائي ڊوڙ پائي گدام جي ڪانس هيٺان وڃي بيهندي آهي جتي اڌ گابرو پسي ويندي آهي. مينهن ختم ٿيڻ تي وري جهاز اڳيان اچي بيهندي آهي. پسيل ميوي کي ساڙهيءَ جي پلئه سان اگهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ورلي اچي ونگو يا پپئي جو ٽڪر خريد ڪندو اٿس.
    آئون شام جو وڃڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو آهيان ته ذري گهٽ سندس کاريءَ ۾ ايترو ئي ميوو هوندو آهي جيترو صبح جو آڻيندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳي پاڻ ميري ساڙهيءَ ۾ ۽ ساڳي کاريءَ ۾ ساڳيو پاروٿو ميوو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سڄو ڏينهن ڇا ڪمائي ٿي. هن عمر ۾ ههڙي نٽهڻ اس ۽ مينهن ۾ سڄو ڏينهن بک ۾ بيهي وڪڻڻ ڪيڏو ڪٺن ڪم آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن کي ڪا مجبوري ڪرائيندي هوندي. سڀ کان وڏي مجبوري انسان جو پيٽ آهي جيڪو دانا ديوانا ڪريو ڇڏي. بکئي پيٽ تي دين، ڌرم، وطن، ملت جي ڳالهه سمجهه ۾ ڏکي ٿي اچي ۽ ان تي عمل تمام ڏورانهين ڳالهه آهي.
    شايد اهو به ڪو وقت هو جڏهن انسان کي پنهنجو پاڻ پنهنجي نفس تي ضابطو هو. سوچڻ ۽ سمجهڻ جا قدر مختلف هئا. انسان جو روحانيت ۾ وڌيڪ عقيدو هو. هن پاڻ کي روحاني طرح خوش ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ ماديت (Materialism) کي ڪا وقعت نٿي ڏيڻ چاهي. تڏهن ته شاهه لطيف چيو:

    ”گندي ۽ گراهه، جن سنياسين سانڍيو،
    انهن کان الله اڃان آڳاهون ٿيو“

    پر اسان سڀني کي معلوم آهي ته هن دور ۾ اهي ٻئي شيون هر انسان لاءِ ضروري ٿي پيون آهن ۽ بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا جي هلندڙ زماني جي حالتن، زندگيِءَ جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جا قدر ۽ ماپا ئي بدلائي ڇڏيا آهن. هن دور ۾ هر انسان اهو چئي رهيو آهي ته اٽو، لٽو ۽ اجهو پهرين کپي. هن نعري ۽ للڪار نه فقط عام ماڻهوءَ کي متاثر ڪيو آهي پر هن وقت جا دانشور، سُخنور ۽ سياڻا به زندگي جي بدليل حالتن کان متاثر ٿيا آهن.
    بقول شيخ اياز جي:

    ”سدا آهي ساه کي ڳڀي جي ڳولا
    ڍو بنا ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن ۾“

    پيٽ ۾ ڍؤ آهي ته پوءِ ماڻهو آداب، اطوار، فئشن، سونهن هر ڳالهه بابت خيال رکي ٿو. سوچي ٿو.
    ڪجهه سال اڳ سنڌ ۾ سخت ٻوڏ اچڻ ڪري ڪيترا مڇي ماني وارا ۽ چڱن گهرن جا ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ڪيترا ته ڪراچي جي فٽ پاٿن تي ڪيترا ڏينهن اچي رهيا. هڪ ڏينهن خالد مخدوم سان جناح ڪورٽس هاسٽل وڃي رهيو هوس ته هڪ فارينر انهن ماڻهن جو فوٽو ڪڍي رهيو هو جيڪي ويچارا اخبار جي پني تي ڀت رکي کائي رهيا هئا.
    ”هي فارينر به ڇا سوچيندا هوندا ته اسان پاڪستان ۾ ڪيئن ٿا رهون ۽ کائون.“ مون چيو هو.
    ”اهو ته آهي، پر“ خالد چيو، ”سڀ فضيلتون، تهذيب، آداب، اطوار پئسي ۽ پيٽ ڀرجڻ بعد ئي قائم رهي سگهن ٿا.“
    پوءِ ساحر لڌيانويءَ جو مشهور شعر ”مادام“ ٻڌايو هئائين، جو هن وقت وري منهنجي ذهن ۾ ڦري رهيو آهي.

    ”نور سرمايه سي هي روئي تمدن ڪي جلا،
    هم جهان هين وهان تهذيب پل نهين سڪتي،
    مفلسي حسِ لطافت ڪو مٽا ديتي هي،
    بهوڪ آداب ڪي سانچون مين نهين ڍل سڪتي“

    ڪرشن چندر جو ڪو ناول پڙهيو هوم جنهن ۾ ڪو همراهه جنسي هوس پوري ڪرڻ خاطر ڪنهن غريب ڇوڪري سان محبت جو ڍونگ ڪري ٿو ۽ هن سان ملڻ وقت هڪ دفعي چوي ٿو؛
    ”اچ پياري، جتي به لڪل هجين هلي اچ. مان ڪڏهن کان تنهنجي محبت جو بکايل آهيان.“
    هوءَ ورندي ٿي ڏئيس: ”تون ته فقط محبت جو بکايل آهين. هتي اسين سڀ ڀَت جا بکايل آهيون. اَن ديوتا اسان کان رُسي ويو آهي.“
    تڏهن هن کي معلوم ٿو ٿئي ته ڀَت رپئي جو هڪ پاءُ ٿي وڃي ته سمجهو محبت، مامتا، دوستي، مائٽي، عزت آبرو سڀ ختم ٿيو وڃن.
    بک انسان کان ڇا نٿي ڪرائي. ٿي سگهي ٿو هن پوڙهي سلوني عورت کي نه فقط پنهنجو بکايل پيٽ ڀرڻو هجي پر هن جو ڪو بيروزگار پٽ، بيمار مڙس يا ڌيءُ هجي، جنهن جي لاءِ هن کي پئسا کپن. کيس سندس گهر جي مسواڙ لاءِ پئسن جي ضرورت هجي يا ڪو ڀاءُ ڀائٽيو ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿل هجي ۽ وڪيل جي في جي پورائي ڪرڻي هجيس.
    اڄ هوءَ پنهنجي منهن رکي رکي ڪڏهن پنهنجي کاري ڏي، ڪڏهن جهاز ڏي نهاري مرڪي ٿي. کيس شايد ڪنهن اميد، ڪنهن خوشيءَ جو جهڪو تِرورو نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو اهو سوچي مرڪي رهي هجي ته اڄ هي اسان جو جهاز هليو ويندو. سڀان هتي ڪو ٻيو جهاز اچي جاءِ ولاريندو. ٿي سگهي ٿو ان جهاز جا خلاصي سندس هي پاروٿو ۽ ڦسيل ميوو وٺن جنهن مان هن جي هڪ ڏينهن جي ماني ٿي سگهي. بيمار پٽ جي دوا خاطر هڪ وڌيڪ وزن يا سئي خريد ڪري سگهي. پنهنجي ڪنواري ڌيءُ جي شادي لاءِ ڪجهه ڪپڙو ڳنهي سگهي... ڏک، بيماري، بک، بيروزگاري، بي يقيني، گندگي ــ هي اسان جي مشرق جون خاص نشانيون آهن. خاص علامتون آهن. جن کان مغرب آجو آهي. پر ان هوندي به جيڪا خوشي هن وقت پوڙهيءَ جي چپن تي مرڪ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. اهڙي خوشي، اهڙو توڪل، اهڙو سڪون مغرب وارن کي سڀ ڪجهه هوندي به حاصل ناهي. اسان ٿوري دير کان پوءِ لنگر کڻي مشرق جي دنيا ڇڏي مغرب ڏي هليا وينداسين. جڏهن مهيني کن کانپوءِ فليڊيلفيا (U.S.A) جي بندرگاهه ۾ جهاز وڃي لڳندو ته هن کان ڪيڏي مختلف دنيا هوندي. ساڳي ڌرتي وچ ۾ فقط ٿورو کارو پاڻي پر ڌرتيءَ جي ٻنهي حصن ۾ ڪيڏو وڏو فرق ـــ! مشرق ۽ مغرب ۾ ڪيڏو ته فرق آهي.
    دوست ــ! ڪيڏو نه فرق!!

    گڊ باءِ ڪولمبو. گڊ باءِ سري لنڪا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397329
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ