مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

عام تبليغ

پر اسان جي رسول ﷺانهن سرادرن جي خفا ٿيڻ جي پرواهه ڪانه ڪئي ۽ بت پرستي جون برائيون ظاهر ظهور بيان ڪندا رهيا۽ خدا جي هيڪرائي عبادت ۽ سٺن اخلاقن ۽قيامت جو وعظ فرمائيندا رهيا.جن جون دليون سٺيون هيون اهي سندن ڳالهه قبول ڪندا ويا پر جيڪي دل جا نيڪ نه هئا اهي شرارت تي لهي آيا ۽ پاڻ سڳورن کي طرحين طرحين نموني سان ستائڻ لڳا.رستي ۾ ڪنڊا رکي ڇڏيندا هئا پاڻ نماز پڙهڻ بيهندا هئا ته تنگ ڪندا هئاڪعبي جو طواف ڪرڻ ويندا هئا ته ٽوڪون ڪندا هئا ماڻهن ۾ پاڻ سڳورن کي شاعر جادوگر،چريو وعيره مشهور ڪندا هئا۽ جيڪو نئون ماڻهو ايندو هو ان کي اڳواٽ وڃي چئي ايندا هئاته اسان وٽ هڪ شخص بي دين ٿي ويو آهي ان وٽ نه وڃجو.
پاڻ سڳورا انهن جون اهي سڀ سختيون سهندا هئا ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا هئا.قريش جڏهن ڏٺو ته هي ڪنهن به نموني نٿو رهي ته هڪڏينهن گڏ ٿي پاڻ سڳورن جي چاچي ابو طالب وٽ ويا ۽ چيائون ته تنهنجو ڀائيٽو اسانجن بتن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو اسانجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ٻڌائي ٿو ۽ اسان کي نادان سڏي ٿو،هاڻي يا ته تونوچ مان هٽي يا تون به ميدان ۾ لهي اچ ته اسان ٻنهي(ڌرين)مان هڪ جو فيصلو ٿي وڃي.ابوطالب ڏٺو ته هاڻي وقت نازڪ آهي.حضرتﷺ جن کي گهرائي چيائين ته مون پوڙهي تي ايترو بار نه وجهو جو کڻي نه سگهان.ظاهري طرح حضورﷺ جن کي جيڪڏهن ڪنهن جي مدد جو آسرو هو ته اهوئي چاچو هو.ان جي اها ڳالهه ٻڌي سندن اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا پوءِ فرمايائون ته ”چاچا! خدا جو قسم جيڪڏهن هي ماڻهو منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ آني رکن،تڏهن به پنهنجي ڪم تان هٿ ڪونه کڻندس.“پاڻ سڳورن جو اهو عزم ۽ ارادو ڏسي ۽ سندن اها اثر ڀريل ڳالهه ٻڌي ابوطالب تي ڏاڍو اثر ٿيو کين چيائين”ڀائيتا وڃ پنهنجو ڪم ڪندو هل هي تنهنجو ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندا.“
چاچي جي اها ڳالهه ٻڌي دلکي ڏاڍو ڏڍ آين ۽ پنهنجو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪرڻ شروع ڪيائون اڪثر قبيلن جا ٿورا ٿورا ماڻهو مسلامن ٿيڻ لڳا قريش سردارن ڏٺو ته ڌمڪي سان ڪم نه ٿيو هاڻي ٿورو ريهي ريبي ڪم هلايون سڀني صلاح ڪري عُتبه نالي قريش جي هڪ سرادر کي سمجهائي ٺاهي پاڻ سڳورن وٽ اماڻيو هن پاڻ سڳرن وٽ اچي هيءُ چي”اي محمدﷺقوم ۾ ڏار وجهڻ سان جيڪڏهن تون مڪه جي سرداري گهرين ٿو ته اها حاضر آهي،جيڪڏهن ڪنهن وڏي گهراڻي مانشادي ڪرڻ گهرين ٿو ته اها به ٿي سگهي ٿي ،جيڪڏهن دولت کپيئي ته اسين ان لاءِ به تيار آهيون پر تون هن ڪم تان هٿ کڻ.“
عتبه جو خيال هو ته اسان جيڪا اٽڪل ويڙهائي آهي ان جي ڪاميابيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.محمد ﷺانهن ڳالهين مان ڪنهن هڪ جي لالچ ۾ اچي ضرور اسان سان صلح ڪندو پر پاڻ سڳورن جي زبان مان هن اهوجواب جنهن جي هن کي ذري جيتري به اميد ڪانه هئي،پاڻ سڳورن قرآن پاڪ جون ڪجهه آيتون هن کي ٻڌايون انهن آيتن جي ٻڌڻ سان هن جي دل دهلجي وئي واپس آيو ته قريش ڏٺو ته هن جي منهن جو رنگ اڏامي ويو آهي.عتبه چيو،”محمدﷺ جيڪو ڪلام پڙهي ٿو اهو نه شاعري آهي ۽ نڪي جادوگري آهي .منهنجو رايو هي آهي ته اوهين کيس سندس هال تي ڇڏي ڏيو.جيڪڏهن هو ڪامياب ٿي عرب تي غالب اچي ويو ته اها اسان جي ئي عزت آهي.نه ته عرب جا ماڻهو پاڻ ئي کين پورو ڪري ڇڏينداپر قريش هن جي ڳالهه نه مڃي پنهنجي هوڏ تي ائين ئي ڄميا رهيا.
هاڻي پاڻ سڳورن جو هي ڪم هو ته هڪ هڪ ماڻهو وٽ ويا ٿي ۽ ان کي سمجهايائون ٿي ڪنهن مڃي ورتو ٿي ڪو ماٺ ڪري ٿي ويو ڪنهن جھڻڪي ٿي ڇڏيو اهڙي حالت ۾ جن ماڻهن مان ايمان آندو ۽ مسلمان ٿيا انهن جي وڏي واکاڻ آهي ۽ انهن مان ڪن ڪن جي مسلمان ٿيڻ جو قصو ڏاڍو دلچسپ آهي.