دشمنن سان سلوڪ:
بدر جي فتح مسلمانن جي قسمت بدلائي ڇڏي.هاڻي هورڳو هڪ مذهب ۽ هڪ نظام الاهي جا داعي ڪونه هئا پر اُڀرندڙ سياسي قوت هئا،جن جومقصد نه رڳو عرب جي سوين ننڍين ننڍين بي نظام رياستن جي جاءِ تي هڪ مضبوط ۽ باقاعده حڪومت قائم ڪرڻ ،بلڪ قيصر وڪسريٰ جي ظالم حڪومتن کي ختم ڪري دنيا ۾ عدل و انصاف ۽ مساوات ۽ برابري واري سلطنت قائم ڪرڻ هو.
قريش جو وڏو زور ٽٽي ويو هو،مڪه جا گهڻا رئيس مارجي ويا،انهن جي جاءِ انهن سڀني جو رئيس ابوسفيان بڻيو.هن فتح منافقن جون دليون به ڏڪائي ڇڏيون ۽ انهن کي خبر پئجي وئي ته هاڻي ساهمي جو ڪهڙو پُڙ ڳرو پيو ٿئي.هوڏانهن يهودي به هوشيار ٿي ويا ۽ انهن کي اهو ڊپ ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن جلد هن نئين طاقت کي چٿيو ويو ته پوءِ سندن ڪٿي به ٺڪاڻو ڪونه هوندو.