اخلاق ۽ عادتون :
انڪ لعليٰ خلق عظيم
ترجمو : بيشڪ اي محمد! اوهان حسن اخلاق جي وڏي رتبي تي آهيو .
حضورجن نهايت نهٺا ، ملڻا، مهربان ۽ رحمدل هئا، ننڍن وڏن سڀني سان محبت ڪندا هئا، نهايت سخي، فياض ۽ همٿائيندڙ هئا. پنهنجن مهمانن جي خدمت پاڻ ڪندا هئا. پنهنجا ڦاٽل ڪپڙا پاڻ سبي وٺندا هئا. پنهنجي ڦاٽل جُتي کي پاڻ ڳنڍي ڇڏيندا هئا، ٻڪريون پنهنجن هٿن سان ڏهندا هئا. ماڻهن جي ميڙ ۾ ويهندا هئا ته سڀني جهڙا ٿي ويهندا هئا. مسجد نبوي ﷺ جي همه اڏاوت ۽ کاهي کوٽڻ ۾ سڀني مزورن سان گڏجي پاڻ سڳورن به ڪم ڪيو .
يتيمن سان محبت ڪندا هئا، غريبن جي مدد ڪندا هئا ، مءلومن جو فرياد ٻڌندا هئا قرضدارن جو قرض ڏيندا هئا، غلامن سان شفقت فرمائيندا، هيڻن تي رحمڪندا ۽ بيمارن کي دلاسو ڏيندا هئا.بيواهن جو سهارو بنبا هئا، ڏوهارين کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا، دشمنن لاءِ خير جي دعا ڪندا، پاڙيوارن جي خبر وٺندا، انهن ڏانهن تحفا اماڻيندا ۽ انهن جي گهر وڃي سندن ڪم ڪري ايندا هئا.
هو، نبين ۾ رحمت لقب جنهن لئه آيو
غريبن جو لايو ڪيو جنهن سجايو
مصيبت ۾ غيرن کي ڪم جيڪو آيو
پراين ۽ پنهنجن جو ڏک جنهن ونڊايو
هو هيڻن جو حامي، فقيرن جو آڌر
غلامن جو موليٰ يتيمن جو ياور
خطاڪار کان درگذر جنهن ڪيو ٿي
شڪي قلب ۾ گهر جنهن ڪيو ٿي
براين کي ميٽي مٽائي ڇڏيائين
قبيلن کي کنڊ کير ٺاهي ڇڏيائين
لهي هو حرا کان طرف قوم آيو
کڻي نسخه ڪيميا ساڻ آيو
ڪٽيل لوه کي جنهن هو ڪندن بنايو
۽ کوٽي کري جو فرق پڻ ٻڌايو
عرب تي هئي ڇانيل صدين کان جهالت
هڪ کن ۾ بدلي ڇڏيئين ان جي حالت
رهيو ڊپ نه ٻيڙي کي موج بلا جو
هتان کان ويو هوڏي ڦري رخ هوا جو
حضرت انس چوي ٿو ته مون ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ گذارياپر پاڻ سڳورنﷺ نه ڪڏهن دڙڪو ڏنائون نڪي ماريائون، نه وري اهو پڇيائون ته تو هي ڪم ڇو ڪيو ۽ هي ڇو نه ڪيو. پاڻ سڳورن سڄي ڄمار ڪڏهن به ڪنهن کي نه ماريو ۽ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته فوج جو هڪ جرنيل جنهن لاڳيتو نو سال لرائين ۾ گذاريا ۽ جنهن ڪڏهن به لڙائي جي ميدان کان منهن نه موڙيو تنهن پنهنجي دشمن تي ڪڏهن به تلوار ڪانه کنئي ۽ نه ڪڏهن پنهنجي هٿ سان ڪنهن تي الر ڪيائون. احد جي ميدان ۾ جڏهن سڀني پاسن کان پاڻ سڳورن تي پٿرن ، تيرن ۽ تلوارن جو مينهن پئي وسيو پاڻ ﷺ پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا. ۽ جان نثار سڄي کٻي وڍجي ڪپجي ڪريا پئي.
اهڙي ريت جڏهن ”حنين“ جي لڙائي ۾ جڏهن اڪثر مسلمانن جا پير اکڙي ويا هئا. حضور ﷺ جن جبل وانگر پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا. صهابي چون ٿا ته لڙائي جي اڪثر مقابلن ۾ پاڻ سڳورا اتي هوندا هئا جتي وڏا وڏا بهادر بيهڻ کي پنهنجي شجاعت جو آخري ڪارنامون ڄاڻندا هئا پر اهڙن خوفناڪ هنڌن تي رهي به دشمن تي هٿ ڪونه کڻندا هئا. احد جي ڏينهن جڏهن مشريڪن جي حملي ۾ سر مبارڪ زخمي ۽ ڏند مبارڪ شهيد ٿيا هيءُ فرمايائون ٿي ” خداوندا! هنن کي معاف ڪر جو هنن کي خبر ڪانهي.“
سالها سال جي ناڪامي جي تڪليفن کانپوءِ به ڪڏهن مايوسي پاڻ سڳورن جي دل ۾ ڪانه اچي سگهي. ۽ نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن پاڻ ﷺ اڪيلا سڄي عرب تي ڇائنجي ويا. مڪه جي تڪليفن کان گهٻرائي هڪ صحابي عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ توهان سان لاءِ ڇو دعا نٿا گهرو اهو ٻڌي پاڻ سڳورن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ فرمايائون ته ” اوهان کان اڳ ۾ جيڪي ماڻهو ٿي ويا انهن کي ڪرٽن سان چيريو ويو انهن جي بدن تي لوهه جون ڦڻيون هلايون ويون جنهن سان کل ۽ گوشت سڀ وڍجي ٿي ويو. پر اهي تڪليفون به انهن کي حق کان ڪونه ڦيرائي سگهيون. خدا جو قسم دين اسلام پنهنجي ڪمال واري مرتبي تي پهچي ئي رهندو، ايتريقدر جو ”صنعاء“ (يمن) کان حضر موت تائين هڪ سوار اهڙي ريت بني ڊپو هليو ويندو جوا ن کي خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو ڊپ ڪونه هوندو.
پاڻ سڳورن جو اهو عزم ۽ اسقلال ياد هوندو، جڏهن پاڻ ﷺ پنهنجي چاچي کي هي جواب ڏنو هئائون ته ” پيارا چاچا!جيڪڏهن قريش منهنجي ساڄي هٿ ۾ سج ۽ کاٻي هٿ ۾ چنڊ آڻي رکن تڏهن به حق جي اعلان کان ڪونه مڙندس.“
هڪ ڀيرو منجهند جو هڪ لڙائي ۾ پاڻ سڳورا هڪ وڻ هيٺيان اڪيلا آرام ڪري رهيا هئا. هڪ عرب آيو ۽ تلوار ڪڍي چيائين. ” ٻڌاءِ اي محمد هاڻي توکي مون کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟“ اطمينان ۽ تسليواري آواز ۾ جواب ڏنائون ” الله“ هو اهو جواب ٻڌي ڏڪي ويو ۽ تلوار مياڻ ۾ کڻي وڌائين.
لڙائين جي مال غنيمت ۽ خيبر وغيره جي زمينن جي پيدائش جو حال ٻڌي ڪنهن کي اهو شڪ نه ٿئي ته ڪو هاڻي اسلام جي غربت جو زمانو ختم ٿي ويو ۽ پيغمبر اسلام ڏاڍي آرام ۽ ٺاهه ٺوهه واري زندگي گذارڻ لڳا هئا. پاڪ بيبين ۽ اهل بيت جي گهرن ۾ جيڪي به ايندو هو اهو ٻين ضرورتمندن ۽ محاتجن جي نذر ٿي ويندو هو ۽ خود پاڻ سڳورن ۽ سندن ﷺ اهلبيت جون حياتيون ائين ئي ترنگدستي ۽ غربت ۾ گذرنديون هيون. خود (پاڻ سڳوار) فرمائيندا هئا ته ”آدم جي اولاد لاءِ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ رُکي سُڪي ماني ۽ پاڻي ڪافي آهي.“ ۽ ان تي ئي پاڻ سڳورن جو عمل هو. حضرت عائشه فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورن جو ڪپڙو ڪڏهن به ويڙهي ڪونه رکبو هويعني هڪ ئي وڳو ڪپڙو هوندوهو ۽ ٻيو ڪونه هو جيڪو ويڙهي رکجي ها.
حضرت ﷺ جن جي گهر گهڻو ڪري فاقو رهندو هو. ۽ ڪيترا ڪيترا ڏينهن تائين رات جو کاڌو ڪونه ملندو هو. ٻن ٻن مهينن تائين لاڳيتو گهرن ۾ چلهه ٻارڻ جي نوبت ڪانه ايندي هئي. ٿورين کجورن تي گزارو ٿيندو هو ته اهو ئي پي وٺندا هئا. حضرت عائشه فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورن ( مدينه جي زماني ۾) ڪڏهنبه ٻه ويلا ڍو ڪري ڪونه کاڌو.
هڪڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ بکيو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ آيو. پاڻ ﷺ پاڪ بيبين مان ڪنهن ڏانهن چوائي اماڻيائون جواب ۾ آيو ته گهر ۾ پاڻي کانسواءِ ڪجهه ڪونهي. پاڻ ﷺ ٻئي گهر ۾ ماڻهو اماڻيائون اتان به ساڳيو جواب آيو. اهڙي طرح اٺ نو گهرن مان ڪٿي به پاڻي کانسواءِ کاڌي جي ڪا شيءِ ڪونه نڪتي.
هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا بک ۾ ٺيڪ منجهند جو گهران نڪتا، واٽ تي حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر گڏيا هي به ٻئي ڄڻا بکيا هئا. هنن کي وٺي حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر آيا. هن کي خبر پيئي ته ڊوڙي آيو ۽ باغ ۾ وڃي کجورن جو هڪ ڇڳو ٽوڙي آيو ۽ آڻي اڳيان رکيائين. ان کانپوءِ هڪ ٻڪري ڪٺائين ۽ کاڌو تيار ڪرائي آڻي اڳيان رکيائين. حضور پاڪ ﷺ جن هڪ ماني تي ٿورو گوشت رکي فرمايو ته هي فاطمه ڏانهن ڏياري موڪليو. هن کي ڪيترن ڏينهن کان کاڌو نصيب ڪونه ٿيو آهي.
حضور پاڪ ﷺ جن جڏهن وفات فرمائي ته حالت هي هئي جو پاڻ سڳورن جي زره ٽي سير جون جي عيوض هڪ يهودي وٽ گروي هئي جن ڪپڙن ۾ وفات ڪيائون انهن ۾ هيٺ مٿي چتيون لڳل هيون.
حضرت فاطمه زهره سان پاڻ سڳورن کي ڏاڍي محبت هئي، پر اها محبت سون چاندي جي زيورن ۽ سرن ۽ چُن جي جاين ۾ ڪڏهن به ظاهر ڪانه ٿي. بيبي فاطمه پنهنجن هٿن سان ڪم ڪندي هئي پاڻي جي مشڪ ڀري ايندي هئي اٽو ڳوهيندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن والد ﷺ سان ڪنهن غلام يا ڪنيز جي فرمائش ڪندي هئي تهفرمائيندا هئا ته ڌيءَ هي تسبيح پڙهندي ڪر. هڪ ڀيري جڏهنگهڻيون ئي ڪنيزون ۽ غلام آيا ته پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ وڃي عرض ڪيائين. فرمايائون : پيءُ جي جان! بدر جا يتيم۽ صفه جامسافر توکان وڌيڪ حقدار آهن.
غربت کان پاڪ سيده جو هي هال هو
گهر ۾ نڪا ڪنيز نه ڪوئي غلام هو
تريون ٻنهي هٿن سنديون وييون گسي هيون
چڪي پيهڻ جو ڪمئي ڏينهن رات جام هو
سيني تي رکي مشڪ پاڻي ڀريندي هئي
گهر نور سان ڀريل پر تيل خام هو
لٽجي ويو ٿي لباس مبارڪ غبار سان
ٻهاريءَ جو ڪم به روز صبح شام هو
آخر وئي جناب رسول خدا اڳيان
اتفاق سان اتي هڪ يڙ عامهو
محرم نه سي هئا ته ٻڌائي سگهي ته عرض
واپس وري جو ايءَ به حيا جو مقام هو
ٻيهر وئي جڏهن پڇيو حضور جن
ڪلهه ڪيئن آئيين ڏس ڪهڙو ڪلام هو
غيرت کان اڄ به هوءَ ڪجهه نه چئي سگهي
حيدر ٻڌايو نيٺ جيڪو پيام هو
ارشاد ٿيو ته ” هي غريبان بي وطن“
صئه نبي ۾ هر دم جن جو قيام هو
واندو اڃان هنن جي ڪم مان به ناهيان
جن لاءِ مون ڪيو هي خاص اهتمام هو
تڪليف جيڪا هي پيا ڀوڳين روز روز
ان جو ذمو اصل کان منهنجي ئي نام جو
توکان وڌيڪ مقدم آهي هنن جو حق
اڃ بک کان جن سندو جيئڻ حرام هو.
سيده سڻي هي هال خاموش ٿي وئي
جرئت نه ٿي وڌيڪ ادب جو مقام هو
هي آهي اهل بيت مطهر جي زندگي
هي ماجراء دختر خير الانام هو
( ختم شد)