العزيز = غالب
عزيز انهيءَ بلند مرتبي ۽ هستي جو نالو آهي جنهن جو مثل معدوم هجي انهيءَ سان گڏ انهيءَ ڏانهن سخت حاجت هجي ۽ ان ڏانهن پهچڻ مشڪل ٿو هجي، جيستائي ٽئي معنائون گڏ نه ٿينديون اسم عزيز ان تي نه ڳالهائبو اهي ٽئي معنائون الله پاڪ جي ذات ۾ عيان آهن.
[b]تعلق[/b] : ڄاڻي ته عزيز اهو آهي ان کان عزت گھري، ان جي عزت ڪري جنهن کي الله پاڪ معزز بڻايو آهي.
[b]تخلق[/b] : پنهنجي نفس ۽ سَڌُ تي غالب هجي، نفس ۽ شيطان تي سخت هجي پنهنجي عزت ۽ آبرو دنيا دارن جي در تي نه هاري ٻئي اڳيان احتياج ظاهر نه ڪري.