مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

ذُوالجلالِ وَالاِکرام = بزرگي ۽ عزت وارو

ذُوالجلالِ وَالاِکرام = بزرگي ۽ عزت وارو
الله تعاليٰ اها ذات ذوالجلال آهي جنهن کان سواءِ نه ڪنهن جو جلال آهي نه ڪنهن جو ڪمال آهي ۽ الله تعاليٰ ذوالاڪرام به آهي يعني جهان ۾ جيڪا عزت تعظيم آهي اها خدائي قدوس وحده لا شريڪ لھ کان آهي.
[b]تعلق[/b] : الله تعاليٰ جي وڏائي سڃاڻي سندس در اڳيان نوڙت ۽ هيٺاهين ڪري ان جيڪي عزت ڏني آهي ان جو شڪر ادا ڪري.
[b]تخلق[/b] : ٻانهن کي جيڪا شرف ڪماليت جي بزرگي حاصل آهي سا حاصل ڪري.