مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلجبار = وڏي زور وارو

اَلجبار = وڏي زور وارو
جبار اها ذات آهي جيڪا پنهنجو ارادو جبر وارو سڀني تي جاري رکي ۽ ان تي ڪنهن جو وس يا ارادو نه هلي، نه ان تي ڪو قبضو ڪري سگھي نه ئي ان جي قبضي کان ٻاهر نڪري. (حضرت)
[b]تعلق[/b] : جبار جي اڳيان هميشھ ڀڳل دل سان حاضر هجي هميشھ شريعتي ارادتي امُرن جي تابعداري ڪري.
[b]تخلق[/b]: پنهنجي نفس جي بڇڙي ۽ خسيس خصلتن کي ڪمايلت ۽ فضيلتن جي حاصل ڪرڻ سان نهائي . نفس سرڪش تري غالب رهي ان کي تقويٰ ڏئي هميشھ اٿاري چڱائي جو امر ڪرڻ ۽ برائي کي روڪڻ تي زور وارو هجي.