مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

المُعز= عزت ڏيندڙ ، المذل = ذلت ڏيندڙ

المُعز= عزت ڏيندڙ ، المذل = ذلت ڏيندڙ
دنيا آخرت ۾ عزت جي واڳ صرف رب ڪريم جي هٿ ۾ آهي. (حضرت رحه )
[b]تعلق[/b] : دنيا آخرت جي عزت ا ن کان گھري ۽ ٻنهي جهانن جي خواري ۽ ذلت جي ان کان پناهه گهري ۽ ڄاڻي عزت فرمانبرداريءَ ۾ ۽ ذلت نافرماني ۾ آهي.
[b]تخلق[/b] : جنهن کي حق تعاليٰ علم ۽ معرفت سان نفس ۽ طبعيت جي سببان عزت ڏني هجي ته ان جي عزت ڪري ۽ جنهن کي رب تعاليٰ ڪفر ۽ گمراهي نفس پرستي ۽ جھل سان خوار ڪيو هجي ان کي خوار ڪري.