آقاﷺ جي هجرت
آسمان مان چٽو پيغام اچي ويو.
هلڻ جي ڪجي.
آيت لٿي
”تون چئه! اي منهنجا پالڻهار! مونکي سُٺي نموني سان پهچائي ۽ مونکي سُٺي طريقي سان موڪل ۽ پنهنجي طرفان مدد ڪرڻ واري سگهه مهيا ڪر.“
]سوره الاسراء-80[
سج ڪاپارتي اچي ويو هو. 13 آگسٽ 622ع جو گرم ڏينهن، آرهڙ جا ڏينهن هئا 26 صفر 14 نبويءَ جو سال.
ڪجهه گهڙيون اڳ ئي دارلندوه ۾ آقاﷺ جي قتل جي ’نعوذ بالله‘ رٿ رٿي وئي هئي. ندوه گهر جي ندوي سازش اڃا شايد سازش گهر مان ٻاهر نه نڪتي هئي. جو آقاﷺ کي آسمان تان خبر پهچي ويئي.
حڪم مليو
حڪم ملندي ئي آقاﷺ گهر مان ٻاهر نڪتا.
پنهنجي دوست سيدنا ابوبڪررضه گهر جو دروازو کڙڪايو.
سيدنا ڇرڪيو.
اهڙي وقت ۾ آقاﷺ جي آمد، ضرور ڪا خاص ڳالهه هوندي.
آقاﷺ پهچندي ئي حڪم ڏنو.
”سڀني کي موڪلي ڇڏ.“
سيدنا ابوبڪررضه سمجهي ويو. ضرور ڪا خاص ڳالهه آهي.
آقاﷺ فرمايو
”هلڻ جو حڪم اچي ويو آهي.“
سيدنا ابوبڪر جي اکين ۾ موتي اچي ويا ۽ پَلڪن کي سجدي ۾ جُهڪائيندي ادب مان چيائين:
”مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“
آقاﷺ مُرڪيا ۽ فرمايائون
”هائو.“
سيدنا ابوبڪر جون جُهڪيل پلَڪون ڏڪيون، اکين جي شيشن تي آسمان جا ستارا لٿا. مُرڪيا، اکين جي روح ۾ سڄي عمر جي محبت جي ڪڪر ۾ عشق مصطفيٰﷺ جي وِڄ کڙي ۽ اکين مان لڙڪ ڦڙو ڦڙو ٿي ڪرڻ لڳا. چپ ڪجهه چوڻ کان بيهي رهيا. هڪ ٻن گهڙين جي ماٺار کانپوءِ چيائين:
”ٻه سفيد ڏاچيون مون ٻٻر جا پلڙا کارائي مَچائي مواڙ ڪري ڇڏيون آهن.“
آقاﷺ فرمايو
”آءٌ پنهنجي ڏاچيءَ جي قيمت ادا ڪندس.“
اهو ڪو عام سفر نه هو.
آقاﷺ هديو يا تحفو وصول ڪندي هٻڪندا نه هئا، پر اُن مهل معاملو سرڪاري هو. سرڪاري ڊيوٽي ۾ ڪنهن تحفي جي گنجائش نه رکڻ جو اصول آقاﷺ کي ڏيڻون هو. جيڪو پاڻ ڏيئي ڇڏيائين.
نه ته صديق اڪبر جي سڄي زندگي آقاﷺ جي حق جي پيغام لاءِ وقف هئي. جنهن مهل سيدنا ابو بڪر صديق ايمان آندو ته وٽس چاليهن هزار درهمن جي روڪڙ رقم موجود هئي. هُن ٻانها آزاد ڪرايا. مڪي جي مفلس ۽ غريب مسلمانن جي مدد ڪندي، هجرت جي اُن ڏينهن تائين وٽس رڳو ڇھه هزار درهم بچيا هئا. اهي به هن پاڻ سان سفر جي خرچ پکي لاءِ کنيا. پهريون اسلامي خليفو ٿيو ۽ وفات وقت سندس ذاتي اثاثو صفا ٻُڙي هو.
وٽس ڪائنات جو ڪو وڏو خزانو هو ته
هم سفر رسول اللهﷺ جو خاص سفر هو.
سفر جا سڀئي معاملا طئي ٿيا.
طئي اهو ٿيو ته رات جي ٽين پهر ۾ آقاﷺ ايندا ۽ سيدنا ابوبڪر جي گهر کان سفر جي شروعات ڪبي. سيدنا ابوبڪر اڳ ۾ ئي ڪيترا ڀيرا هجرت جي موڪل گهري چڪا هئا. پر آقاﷺ فرمائيندا هئا.
ابوبڪر تڪڙ نه ڪر
شايد اُن سفر ۾ توکي ڪو هم سفر ملي وڃي.
اهڙو هم سفر
جنهن جي سفر جي حد ته خدا جي سڀ کان مُحترم ملائڪ جبرائيل عليه السلام تي به هڪ هنڌ تي ختم ٿي وڃي ٿي.
اُن جي هم سفري
الله الله
سيدنا ابوبڪر جون اکيون ڇو نه خوشيءَ سان ڀرجي اچن.
هُن جو روح وجد ۾ هو. پر کيس رات تائين سفر جا سڀ بندوبست ڪرڻا هئا.
سڀ بندوبست سُهڻي نموني ٿيو.
رات اچي سَھڙي
سازشي قاتل ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ آقاﷺ جي گهر جو نيزا کڻي گهيرو ڪري اچي بيٺا.
آقاﷺ کي هاڻ پنهنجي ڀائيٽي، ساٿي ۽ اولاد وانگر پاليل سيدنا عليرضه سان ڳالهائڻون هو. ان وقت سيدنا علي چوويهن سالن جو هو. کيس گُهرائي سڄي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائين:
”منهنجي چادر اوڍي
منهنجي بستري تي
ليٽي پئج
تنهنجو ڪير وار به ونگو نه ڪندو
۽ اهي امانتون، جيڪي شهر وارن
مون وٽ رکرايون آهن
کين موٽائي
مون وٽ هليو اچج.“
آقاﷺ جي حسن ۽ اخلاق ته ڏسو.
اِهي جيڪي آقاﷺ کي (نعوذبالله) قتل ڪرڻ جي لاءِ گهيريو بيٺا هئا، تن جون امانتون گهر ۾ پيون هُيون. ڇو ته دشمنيءَ جي حد هوندي به شهر وارن کي خبر هئي، يقين هو ته آقاﷺ وٽ رکيل امانتون هر حال ۾ محفوظ آهن.
رات جو ٽيون پهر ويجهو اچي رهيو هو.
ابوجهل قاتلن جي منڊليءَ ۾ پنهنجي شيطاني سوچ جي آخري حد تائين سوچي ويٺو هو، کيس اُن گهڙيءَ قريشن جي هر قبيلي جو نيزي بردار پنهنجي ڪمان ۾ ڏسي تڪبر جو وڏو بخار چڙهيو هوندو. پنهنجن سڀني بشنين ۽ بدمعاش فسادين کي ڀَڙڪائڻ ۽ پنهنجي ڪنهن نفرت ڀري سوچ کي سوچيندي مسخري پڻي واري انداز ۾ کلندي چيائين ”محمدﷺ جو خيال آهي ته جيڪڏهن اوهين سندس پيروي ڪندا ته عرب ۽ عجم جا بادشاھ ٿي ويندا. مرڻ کانپوءِ اوهانکي جنت ملندي، ايمان نه آڻيندا ته مارجي ويندا.“ اهو چئي هُن ٽهڪ ڏنو، ڇو ته سندس گمان ته ڇا کيس يقين جي حد تائين مغالطو هو ته نعوذ بالله اها آقاﷺ جي زندگيءَ جي آخري رات آهي. هو شيطاني کل ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو.
”هو اهو به چوي ٿو ته مرڻ کانپوءِ اوهين دوزخ جي باھ ۾ سڙندو.“
جنهن مهل ابو جهل اهو سڀ چئي رهيو هو.
آقاﷺ پنهنجي گهرمان نڪتا
آقاﷺ ابوجهل جي چيل ڳالهه ٻڌي ورتي
سندس ٽوڪَ واري کل به ٻڌي ۽ فرمايو
”هائو، آئون اهوئي چوان ٿو
۽ تون به انهن مان آهين، جيڪو دنيا ۾ منهنجي ساٿين جي هٿان قتل ٿيندين ۽ مرڻ کانپوءِ دوزخ جي باھ ۾ سَڙندين.“
پوءِ آقاﷺ مٽيءَ جي چپٽي کنئي ۽ انهن ڏانهن اُڇلي ۽ انهن جي وچان ئي بي ڊپا ٿي قرآن پاڪ جي دل سوره ياسين پڙهندا نڪري آيا.
اُن گهڙيءَ آقاﷺ جي زبان مبارڪ تي سوره ياسين جي هيءَ آيت هئي.
”اسان هُنن جي اڳيان ڀت ۽ پويان
ديوار کڙي ڪري ڇڏي
پوءِ
مٿان ڍڪي ڇڏيوسون
تنهن ڪري هو ڏسي نه رهيا هئا.“ ]سوره ياسين 98[
نه رڳو اهو پر آقاﷺ جي هٿان مَٿن اڇليل مٽيءَ جي چپٽيءَ کي قرآن ۾ پنهنجي هٿ سان منسوب ڪري ڇڏيو ۽ فرمايو
”اها مٽي اوهان نه پر اسان مَٿن اُڇلي هئي.“
مُشرڪن جو مقابلو رڳو رسول اللهﷺ سان نه هو، پر سڌو سنئون خدا سان هو ڇو ته خدا پنهنجي رسول کي چئي چڪا هئا.
”تون هرگز غم نه ڪر.. اسان توسان گڏ آهيون.“
ابوجهل ۽ سندس جاهل ساٿي نيزا کڻيو آقاﷺ جي گهر کي گهيرو ڪريو بيٺا هئا ته هڪ واٽ ويندڙ همراھ وٽن آيو ۽ کين چيائين ته اوهين جنهن جي اوسيئڙي ۾ بيٺا آهيو ، اُهو ته هينئر ئي اوهانجي وچ مان نڪري منهنجي اکين اڳيان لنگهي ويو ۽ ويندي ويندي اوهان سڀني تي مِٽيءَ جي مُٺ به اڇلي هليو ويو. ابوجهل ۽ سندس ساٿي اُن واٽهڙوءَ جي ڳالهه ٻڌي سخت حيران ٿيا. پوءِ پنهنجي منهن ۽ مٿي تي هٿ گهمايائون ته اُڇلايل مٽي پنهنجن وارن ۽ ڏارهين ۾ ڏٺائون.
هو ڇرڪيا.
آقاﷺ جي گهر جي اندر جنهن ڪمري ۾ کين گمان هو ته آقاﷺ اُت سمهندا آهن، اُن جي هڪ جهروڪي مان اندر جانچيائون. اونداهي ڪمري ۾ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ آقاﷺ جي بستري تي سندس ئي چادر اوڍڻ وارو گهري پُرسڪون ننڊ ۾ ستل هو. هو پوءِ ٻيهر تيار ٿي پهري تي بيهي رهيا. ديوار يا دروازو ٽپڻ عربن ۾ قتل کان به وڏو ڏوھ سمجهيو ويندو هو. هو ته قتل جي ارادي سان آيا هئا. گهر ۾ عورتن جي موجودگيءَ ۾ ڀت ٽپي قتل ڪرڻ جهڙو وڏو ڏوھ ڪيئن ڪن ها.
هو صبح تائين اُتي ئي بيٺا رهيا.
هيڏانهن آقاﷺ سيدنا ابوبڪر جي گهر پهتا.
سيدنا تيار ويٺا هئا.
ٻي گهڙيءَ هو ٻيئي گهر جي پويان روانا ٿيا، جتي ٻه سفيد ڏاچيون تيار بيٺيون هيون. سيدنا ابوبڪر جي وڏي نياڻي سانئڻ اسماءَ، جنهن جي وهي ستاويهه سال هئي، تنهن سفر لاءِ ناشتو تيار ڪري ڇڏيو هو. آقاﷺ ۽ سيدنا ابوبڪر کي جلدي روانو ٿيندي ڏسي هٿ ۾ پنهنجي ڊگهي قبا تي ٻڌل پير جي مُرين تائين ربن نما ڪمر پوش کولي اُن مان ڏوري ٺاهي، آقاﷺ جي ناشتي وارو ٿلهو ٻڌو ۽ ”ذات النطاتين“ جو خطاب ماڻيو. پوءِ جڏهن سيدنا ابوبڪر جي نابينا پيءَ ابوقحافه سيده اسماء کان پڇيو ته اوهان جو پيءَ سڀ ملڪيت مڏي پاڻ سان کڻي ته نه ويو آهي، اوهان لاءِ به ڪجهه ڇڏيو اٿس يا نه. ته سيده اسماء جنهن طاق تي سيدنا ابوبڪر پنهنجي ميڙي چونڊي رکندو هو ، ان ۾ ڪجهه پٿريون رکي، ان جي مٿان رومال وجهي پنهنجي نابينا ڏاڏي جو ان تي هٿ ڦيرايو ۽ چيو ڏاڏا اسان وٽ گهڻو ڪجهه آهي.
سانئڻ اسماءَ ڪوڙ ڪو نه چيو هو.
جنهن جي پيءُ کي آقاﷺ جي هم سفري ملي ويئي هجي.
اُن کي باقي ٻي ڪهڙي شئي کپي
آقاﷺ دريءَ مان نڪري پنهنجي چئن سئو درهمن ۾ خريد ڪيل سفيد ڏاچيءَ تي سوار ٿيا.
اُن ڏاچي جو نالو ”قصويٰ“ هو.
ٻي ڏاچيءَ تي سيدنا ابوبڪر پنهنجي پويان پنهنجو پُٽڙو عبدالله ويهاريو.
ٻنهي ڏاچين جو مُنهن اتر اولهه ۾ يثرب شهر جي بدران، اُن جي مخالف طرف ڏکڻ اوڀر ۾ يمن طرف هو.
مڪي شهر کان پري ويندي آقاﷺ جي دل غمگين هئي، پاڻ سڳورن فرمايو، ”اي الله! تو مونکي هن شهر مان ڪڍيو، جيڪو مونکي سڀني شهرن کان محبوب هو. هاڻ مونکي اُن شهر ۾ رهائج، جيڪو توکي سڀني شهرن کان وڌيڪ محبوب هجي“.
آقاﷺ مڪي کان ٻاهر وڃي رهيو هو.
مڪي شهر کان ساڍن چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 759 ميٽرن جي مٿانهينءَ تي هڪ جبل آهي.
جبل ثور
مٿانهينءَ جي لحاظ کان مڪي جي ٻي پاسي واري جبل نور کان به 120 بلند. ان جبل جي بلنديءَ تي به هڪ غار آهي. اُن وقت به ايتري هئي، جيتري اڄ آهي. منهن هڪ گز ويڪرو، ان جي ٻي پاسي اڌ وال جو سوراخ، ڇت ڇهن فوٽن کان به ٿورو گهٽ، قد وارو ماڻهو اُڀو ٿي بيهيءَ ته مٿو ڇت کي وڃي لڳي، اندر ايتري جاءِ مس آهي، جو ٻه ڄڻا مُشڪل سان ٽنگون پکيڙي ليٽي سگهن ٿا.
غار حرا وانگر اها غار ثور به خدا جي طرف کان”ٽيلر ميڊ“ لڳي ٿي.
بلڪل سائيز تي ٺهيل.
غار حرا جي اندر گنجائش ئي هڪ جي آهي.
۽ غار ثور ۾ فقط ٻن ڄڻن جيتري جاءِ.
غار تائين پهچڻ جي لاءِ پهرين رات جي وڳڙي ۾ چڙهندي ٻئي سفيد ڏاچيون واپس موڪليون ويون. جن کي سيدنا ابوبڪر جو پُٽڙو سيدنا عبدالله واپس وٺي ويو.
عبدالله جي پويان سيدنا ابوبڪر پنهنجي غلام عامر بن فهيره تي هڪ ڪم رکيو هو ته هو پنهنجي ٻڪرين جو ڌڻ اُن ئي رستي تي ڪاهي، بظاهر ايئن لڳي ته هو ٻڪريون پيو چاري، پر ان جو مقصد ڏاچين جي پيرن جي نشانن کي ڊاهڻ هجي، ان ئي سبب جي ڪري عامر بن فهيره کي سيدنا ابوبڪر، سيدنا بلال بن رباح سان هجرت ڪرڻ نه ڏني. سيدنا ابوبڪر اڳ ۾ ئي سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو هو.
پُٽڙي عبدالله تي اهو ڪم رکيل هو ته هو شام جو ڪنهن نموني سان اچي مڪي جون سڀئي اهم خبرون چارون کين سُڻائيندو.
دشمنن جي چالن کان واقف ڪندو.
عامر بن فهيره روزانو عبدالله جي قدمن کي ڊاهڻ جي لاءِ اُن ئي هنڌ تي ٻڪرين جو ڌڻ چاريندو وتندو ۽ روزانو غار ۾ اچي کين ٻڪرين جو تازو کير پياريندو. هنن ڪجهه ڏينهن اُتي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ايستائين جيستائين کين ڳولهڻ وارا ٿڪي نه پون يا پنهنجي ڳولا جو رخ ٻي پاسي نه ڪن.
اُن کانپوءِ ئي اصل سفر شروع ٿيڻون هو.
اُن سفر ۾ کين جيڪو رستو ڏسيندڙ مليو هو.
اهو مسلمان نه هو
مُشرڪ هو.
هو به آقاﷺ جي دشمن عاص بن وائل جو حليف .
پر هو ايترو ته اعتبار جوڳو هو، جو آقاﷺ پنهنجي زندگيءَ جي سڀني کان اهم سفر ۾ ، سڀني کان خطري واري رستي تي، سفر لاءِ پنهنجي زندگيءَ سڄي مملڪت ۽ سلطنت جي سلامتيءَ جي لاءِ مٿس اعتبار ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو.
اهو ڪافر مُشرڪ ۽ راھ ڏيکاريندڙ وفادار عبدالله بن اريقط هو.
اهوئي عبدالله بن اريقط جنهن طائف جي سفر تان واپسي تي مڪي جي پندرهن سردارن وٽ وڃي، آقاﷺ جي لاءِ پناھ جي درخواست ڪئي هئي.
اُن عبدالله بن اريقط کي انهن ٻنهي سڳورين هستين کي هزارين دشمن اکين کان بچائي پنج سئو ڪلوميٽر پري يثرب پهچائڻون هو.
هو مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هر پهاڙي، ٽڪري، لڪ، ريگستان، ۽ کوھ کان واقف هو. کيس سندس ان فن ۾ ڀَڙ هئڻ جي حوالي سان ”ماهر خيريت“ چيو وڃي ٿو، يعني خيريت سان پهچائڻ وارو.
عبدالله بن اريقط کي غارثور وٽ تڏهن اچڻون هو، جڏهن آقاﷺ پاران کيس سفر جو اشارو ملي ها. تڏهن جڏهن سيدنا ابوبڪر جو پٽڙو عبدالله ’آل ڪليئر‘ جو اشارو ڏي ها.
پر اُن رات اڃا جبل ثور جي بلنديءَ تي موجود غارثور تائين پهچڻون هو.
ڏاچيون واپس موڪليون ويون.
پهاڙ جون سنگلاخ ڇِپون، ڪٿي ڪٿي نوڪدار پٿر، ڪٿي کاهيون،ڪٿي پير ڌرڻ جي جاءَ به نه. ڪٿي ترڪڻ هئڻ سبب تِرڪي هزارين فوٽ هيٺ گهري کڏ ۾ ڪرڻ جو ڊپ، تنهن کانسواءِ ويراني، رستي ۾ ڪو به موذي جانور به ٿي سگهيو ٿي.
اونداهي رستي تي جبل جي خطري واري رستي تي گڏ هلندڙ سيدنا ابوبڪر جي بي چيني، اشتياق ۽ پريشاني ڏسڻ وٽان هئي.
ڪنهن مهل سيدنا ابوبڪر احترام ۾ ٻه وکون پويان هلڻ ٿي لڳو.
ڪنهن مهل هٻڪي اڳيان وڌي ٿي ويو.
ڪنهن مهل آقاﷺ جي ساڄي پاسي ٿي ٿيو،
ته ڪنهن مهل وري تڪڙو کاٻي پاسي ٿي ٿيو.
اهو ڏسي آقا پُڇيو:
ايئن ڇو پيو ڪرينءَ ابوبڪر!
اونداهي رات ۾ سيدنا ابوبڪر جي اکين ۾ ماھ ڪامل جي مُحبت جو نور چمڪيو.
اکيون ڀِڄي ويس
ڪنڌ جون نسون ڦونڊجي آيس
چپ ڪجهه چوڻ کان اڳ ڄمي ويس..
ڪجهه گهڙيون ايئن ئي ٻُڏ تر ۾ رهيو
پوءِ هوريان هوريان عرض ڪيائين
”يارسول اللهﷺ جنهن پاسي کان خطري جو گمان ٿو ٿئي، اُن پاسي ٿو ٿيان.“
آقاﷺ فرمايو:
”ابوبڪر! توکي پنهنجي جان جو خطرو ڪونهي.“
سيدنا ابوبڪر جي جسم جو ٻيرو ٻيرو فداڪاريءَ جي وجد ۾ ڦڙڪيو. نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سندس ڄڻ ارمان جاڳي پيا ۽ هوريان هوريان چيائون.
”آقاﷺ -
هيءَ جان ته قربان ٿيڻ جي لاءِ آهي.“
غار اچي وئي.
پهرين سيدنا ابوبڪر اندر گهڙيو ،
اطمينان ڪيائين ته اندر ڪو موذي جانور ته ڪونهي.
مٿي جي پَڳهه لاهي، فرش جي پٿرن کي صاف ڪيائين.. غار جي ڪُنڊن پاسن جي سوراخن کي پنهنجي پَڳهه جي ٽڪرن سان بند ڪيائين.
جڏهن اطمينان ٿيس ته عرض ڪيائين.
”آقاﷺ هاڻ اندر اچو.“
غار جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪو سوراخ رهجي ويو.
اُتي ڪنهن موذي جانور جي چرپُر محسوس ٿي ته ان سوراخ تي پنهنجي کُڙي رکي ڇڏيائين.
آقاﷺ ٿڪل هئا.
سيدنا ابوبڪر، آقاﷺ جي لاءِ پنهنجي سيني کي وهاڻو ڪري سمهاري ڇڏيو.
هوڏانهن غار جي ڏر ۾ چر پر ڪندڙ نانگ سيدنا ابوبڪر کي ڏنگ هڻي ڪڍيو.
سور سبب سيدنا جو سڄو جسم ڏڪيو. پر هُن ڪابه چر پر نه ڪئي.
ته ڪٿي آقاﷺ جي اک نه کلي وڃي.
سور ته نيٺ سور آهي،
سيدنا ابوبڪر جي اکين مان لڙڪ ڳڙي اچي آقاﷺ جي چهري مبارڪ تي پيا.
آقاﷺ جي اک کلي ويئي.
پُڇيائون، ڇا ٿيو ابوبڪر .
ابوبڪر کي سور وسري ويو .
آقاﷺ جي ننڊ ڇو خراب ٿي.
عرض ڪيائين، آقاﷺ اوهان سمهي رهو.
پر توکي ڇا ٿيو آهي. تنهجو بُت ڇو پيو ڏڪي؟
عرض ڪيائين.
کُڙيءَ تي ڪنهن موذيءَ ڏنگي وڌو آهي.
آقاﷺ کڙيءَ تي آڱر سان پنهنجو لعاب مبارڪ هنيو ۽ اُن ئي گهڙي سڄو درد ويندو رهيو. پوءِ سڄي زندگي سيدنا ابوبڪر کي کڙي ۾ وري سور نه ٿيو.
صبح ٿيو.
اها رات 27 صفر، چوڏهن نبوي سال بمطابق 15 آگسٽ 622 هئي. جڏهن آقاﷺ هجرت جي لاءِ مڪي مان نڪتا.
اِها گذري ويئي.
ڏينهن جو عبدالله بن ابوبڪر مڪي مان خبرون کڻي اچي پهتو.
خبر پئي ته ابوجهل ۽ سندس ٽولي پرھَ ڦٽڻ تائين آقاﷺ جي گهر جي دروازي تي انتظار ڪيو. پوءِ بي صبريءَ وچان عربن جي صديون پراڻي رسم ، عزت ۽ ناموس جي تحفظ جي رسم ٽوڙي، دريءَ جا طاق کولي ڪمري ۾ گهڙيا ۽ چادر کڻي ڏٺائون ته حيران ٿي ويا.
بستري تي سيدنا علي مُرتضيٰ سڪون سان سُتا پيا هئا.
کيس جاڳيائون.
پُڇيائون. هُو ڪيڏانهن ويو؟
سيدنا عليرضه شايد پنهنجي سڄي زندگيءَ جي خوشي اُن گهڙيءَ تي واري ڇڏي. اطمينان سان چيائين، ’هو ته هليو ويو.‘
ابوجهل ۽ سندس ڀاڙيتو ٽولي جي وات مان گڦَ وهڻ لڳي. سندن اکين ۾ سڄي جهان جا شيطان اچي نرت ڪرڻ لڳا. سندن مُٺيون ڀڪوڙجي وري کُلڻ لڳيون ۽ هو بَڪ بَڪ ڪرڻ، دڙڻ ۽ داڦڻ لڳا.
سيدنا عليءَ پاسو ورايو ۽ سمهي پيا. سمهڻ کان اڳ کين چيائون.
’اوهان آقاﷺ وٽ جيڪي امانتون رکرايون هيون، انهن کي موٽائڻ خاطر هِتي ترسيو آهيان. وڃو، سڀني کي چئو ته جن جن جون امانتون آهن، سي مون کان اچي وٺي وڃن.‘
اهي سڀئي قاتل شايد پنهنجين امانتن جي باري ۾ سوچيندا اوڏانهن نڪري ويا.
ٻاهر اچي هنن وري اچي ڪَٺ ڪيو.
چوڌاري ماڻهو ڊوڙايا ويا.
مڪي کان ٻاهر ويندڙ هر رستي تي گهوڙن تي سوار تلوار بردار جٿا موڪليا ويا. ابوجهل ڊوڙندو سيدنا ابوبڪر جي گهر ويو.
سيده اسماء دروازي تي آئي.
ابوجهل رڙ ڪئي تنهنجو پيءُ ۽ سندس دوست ڪٿي آهن.
سيده اسماءَ وٽ اُن جو ڪو جواب نه هو .
چُپ رهي.
ابوجهل عربن جي تهذيب کي ٿڦڙ هنيو.
ايتري زور سان ٿڦڙ ستاويهن سالن جي سيده جي ڳل تي هنيو ، جو سندس ڪَن ۾ پيل والي ڪري پئي.
ابوجهل ٻيھر سڀئي ساٿي گڏ ڪيا.
هن ڀيري طئي ٿيو ته اعلان ڪيو وڃي ته جيڪو به نعوذبالله رسول کي زنده يا مُرده جهلي ايندو، اُن کي هڪ انسان کي قتل جي برابر ڏني ويندڙ ’ديت‘ کان وڌيڪ هڪ سئو ڳاڙها اُٺ ڏنا ويندا.
مڪي ۾ ڄڻ لاٽريءَ جو اعلان ٿي ويو.
جنهن وٽ جيڪا به سواري هئي، هو اُن تي چڙهي پنهنجي ڀاڳَ کي آزمائڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
ابوجهل ۽ سندس ساٿين مڪي کان مديني ويندڙ سڀني رستن جي ڊوڙ پنهنجي ڀاڳَ جي مٿان وڌي.
جنهن رات 27 صفر 14 نبوي سال 14 آگسٽ 622ع تي جڏهن آقاﷺ ۽ سيدنا ابوبڪر مڪي مان نڪتا هئا، اهو جمع جو ڏينهن هو. ان رات کانسواءِ ڇنڇر ۽ آچر، ٽئي راتيون آقاﷺ ۽ سندس دوست ان ئي غار ۾ گذاريون.
ٽي رات کان پهرين ڏينهن لڙڻ کان اڳ ابوجهل، ابوسفيان بن حرب ۽ اُميه بن خلف پنهنجن ساٿين سان گڏ ان علائقي جي سڀ کان وڏي پيريءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي نڪتا.
عربستان ۾ پيري گم ٿيل پيرن جا نشان به ڳولهي وٺندا آهن.
اهو پيري ڪو عام پيري نه هو.
پنهنجي ڪم ۾ ڀَڙ هو.
هو ٻَڪرين جي قدمن ۾ گم ٿيل سفيد ڏاچين جي پيرن کي سُڃاڻندو، کين بلڪل اُن هنڌ جبل ثور تي، غار ثور وٽ وٺي آيو.
اُتي بيهي چيائين
هتان کان اڳيان پويان، کاٻي ساڄي ڪيڏانهن به نشان نٿا وڃن.
هِتي ئي ٿي سگهن ٿا.
سامهون غار هئي.
هو سڀ آقا ۽ سيدنا ابوبڪر جي ايترو ته ويجهو پهچي چڪا هئا. جو سندن سڀ ڳالهيون هو ٻُڌي رهيا هئا.
اُنهن مان هڪ چيو
سامهون غار ۾ وڃي ڏسئون ٿا.
سيدنا ابوبڪر گهٻرائجي ويو.
چيائين.
جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جُهڪي پنهنجي پيرن طرف ڏٺو ته اسين نظر اچي وينداسين.
آقاﷺ فرمايو
”اُلڪو نه ڪر... خدا اسان سان گڏ آهي.“
پوءِ فرمايائون
”اسين اهي ٻه آهيون جنهن جو ٽيون خدا آهي.“
پوءِ ٻاهر بيٺل دشمنن جون پاڻ ۾ ڳالهيون ٻُڌڻ لڳا.
ڪجهه قدم غار ڏانهن وڌيا.
پوءِ هڪ ڳرو ٿڪل پراڻو آواز آيو
ڳالهائڻ وارو اُميه بن خلف هو.
چيائين هن غار کي ته ڏسو
هن تي مڪڙيءَ جي ڄار ته محمد (ﷺ)جي ڄمڻ کان به پراڻي آهي.
هيڏانهن ڏسو
ڪبوترن جي جوڙي ۽ اُنهن جو آکيرو ته بلڪل غار جي مُنهن وٽ آهي.
ڪبوتري ته بيدن تي ڇار ويٺي آهي.
اڳيان هي بيٺل وڻ ته ڪيترا سال پراڻو ٿو لڳي.
هلو هتان
وقت نه وڃايو.
هُن ڪاوڙ ۽ نفرت مان پيريءَ کي ٺونٺ هنئي ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
اسانجو خواھ مخواھ وقت برباد ڪيئي.
پوءِ هو ڪنهن ٻي پاسي نڪري ويا.
ٻي رات جي آخري پهر ۾ آچر تي ’بني الديل‘ جو عبدالله بن اريقط ٻئي سفيد ڏاچيون کڻي پهچي ويو. ساڻس گڏ عامر بن فهيره هو. حضرت عبدالله بن ابوبڪر سندس ٻڪريون واپس مڪي ڪاهي ويو. خود عامر بن فهيره سيدنا ابوبڪر جي پويان ويٺو. اڳيان آقاﷺ جي ڏاچي قصويٰ هئي ۽ ٻنهي ڏاچين جي واڳ جهلڻ وارو، هڪ خدا کي نه مڃيندڙ، رڳو آقاﷺ جو شيدائي عبدالله بن اريقط سونهون بڻيو اڳيان هلي رهيو هو.
آقاﷺ کي جهلڻ جي لالچ وارو اعلان هن به ٻُڌو هو.
جيتوڻيڪ سندس مزدوري يا انعام جيڪو آقاﷺ يا سيدنا ابوبڪر طئي ڪيو هوندو، اهو پڪ سان هڪ سئو ڳاڙهن اٺن کان گهٽ هوندو. پر تاريخ جي صفحن ۾ شايد خدا کي اهو لکرائڻون هو ته سندس سڀ منڪر ايترا خراب نه هوندا آهي.
ڪي ايترا ته سٺا هوندا آهن، جو اسان جي اڳواڻ جي رهبريءَ جا فرض به انهن جي هٿان پورا ڪيا ويندا آهن.
پوءِ ته سڄو عرب ’عبدالله بن اريقط‘ سميت مسلمان ٿي ويو.
پر اُن سفر ۾ عبدالله بن اريقط ڪمال مهارت سان رهنمائي ڪئي.
پهرين هو جبل ثور کان مڪي کان جدي ايندڙ سمنڊ جي ساحل طرف ويو. پوءِ ساحل کان ٿورو پهرين هو اُتر طرف مُڙيو. رستي ۾ مديني ويندڙ رستي کي ڪَٽي، ان جي رستي اُتر طرف پري تائين هليو ويو. پوءِ اڳيان ”امج“ واري جاءِ تان مديني ويندڙ رستي کي ڪٽي ٻيهر ساحلي پٽيءَ طرف ويو . ايئن هو انگريزي لفظ ايس جي مٿان ايس ٺاهيندو، مديني جي روايتي رستي جي ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ”رابعه“ جي هنڌ وٽان ”بدر“ تائين ساحلي پٽيءَ تي روايتي رستي کان گهڻو پري، اطمينان سان اُن سڳوري قافلي کي وٺي ويندو رهيو. پوءِ باقي رستو به هن ساحل طرف ئي رکيو.
هو انهن رستن کان واقف هو.
هڪ خدا جو مُنڪر
پر منهنجي آقاﷺ جي سهڻي اخلاق ۽ امانت جو غلام .
اُن جي پيرويءَ ۾ ڇا ٿيو، اهو عظيم ترين سفر، شايد آقاﷺ اهو اصول لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ته سڀني انساني قدرن مان وڏو قدر انسانيت آهي.
مذهب، دنيا داري ۽ ديني معاملن کان به وڌيڪ
جنهن جو بنياد امانتداري
سچ
وعدي کي پورو ڪرڻ
۽ اندر جي نفس جي هر چوٽَ کان مٿانهون ٿي، ڪنهن انسان جي اُن فن ۽ پيشي وراڻي مهارت جي قدر شناسيءَ سان لاڳاپيل آهي.
پوءِ ڀلي اهو ڪير به هجي
اهو عزت جي قابل آهي
رستي ۾ سيدنا ابوبڪر هڪ اُٺن جي وڳَ جي دراڙ کان کير وٺي آقاﷺ کي پياريو.
پوءِ ڪجهه ٻڪرارن کان کير وٺي آيو.
اڳيان رستي ۾ پوءِ ٻه واقعا ٿيا.