خاتون جنت ۽ حضرت عليرضه
مڪي کان هجرت ڪري مديني ايندي ٻاويهه مهينا اچي ٿيا هئا. سيده عائشه جي رخصتي ساڍا چار مهينا پوءِ جي ڳالهه آهي. سيده سچي سانئڻ خاتون جنت بي بي فاطمھرضه آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڀني کان لاڏلي ۽ ننڍي نياڻي اڻويهين سالن ۽ هڪ مهيني جي اچي ٿي هئي.
اها صفر 3 هجري جي ڳالهه آهي.
بدر جي جنگ کٽندي پوڻا ٽي مهينا گذري چڪا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي آسمان مان خاتون جنت جي شاديءَ جو اشارو گهربل هو.
اشارو اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم، پنهنجن هٿن سان پاليل نپايل پنهنجي محبوب عليرضه کي گهرايو.
پنجويهن سالن جو سُهڻو سيبتو جوان عليرضه حاضر ٿي ويو.
جنهن بدر جي ميدان ۾ امير حمزه سان گڏجي قريشي سردارن کي اک ڇنڀ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. اهي ٽيئي وليد، عتبه ۽ شيبه انهن ٻنهي جي هٿان مُئا هئا. علي هو به سخي. مال غنيمت مليس ته غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيائين ۽ پاڻ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو. ڪڏهن ڪنهن يهوديءَ جي کوهه تان ڀريل پاڻيءَ جا ٻه ڏٻا ڀري ڪانواٺي ڪلهن تي رکي، سوا ڪلو ميٽر پري ان يهودي جي کجين جي باغ کي پاڻي ڏيندو هو، شام جو يهودي سورهن کجيون ڳڻي سندس هٿ جي تريءَ تي رکندو هو. اٺ پاڻ کائيندو هو ۽ اٺ کڻي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کيس پيغام پُڄرايو ته عليءَ کي چئو ته بنت رسول خاتون جنت جو سَڱ گهري.
سيدنا عليءَ جو چهرو حيا جي ڪري ڳاڙهو ٿي ويو.
حڪم هو.
حاضر ٿيو- سيده اُم سلمه جو حجرو آهي.
دروازو کلي ٿو.
سامهون ٻنهي جهانن جو سردار آقا صلي الله عليھ وسلم ويٺا هئا.
بدر جي فاتح جون ٽنگون رڦڻ لڳيون.
حضرت علي سائينءَ جي زبان مان لفظ نڪرڻ کان نابري واري بيٺا. دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيس، اکيون حيا سبب هيٺ جُهڪيل هيس، ساهه هيٺ مٿي ٿي رهيو هئس.
آقا صلي الله عليھ وسلم ويهڻ جو چيس.
حجرو به صفا ننڍو هو.
خاتون جنت به اُتي ئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم عليرضه کان پڇيو:
ڪجهه چوندين؟
جي- هو رڳو ايترو چئي سگهيو ۽ زور زور سان ساهه کڻڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪيا- ۽ پنهنجي نياڻي خاتون جنت کان پُڇيائين.
ڌيءَ! هن توسان شاديءَ جو پيغام آندو آهي.
خاتون جنت شرم ۽ حيا جي ٻُوٽي بڻجي ڪنڌ جُهڪائي خاموش ويٺي رهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ٽي ڀيرا پُڇيو.
پوءِ پُڇيائين: ڇا تنهنجي خاموشيءَ کي هائوڪار سمجهان.
خاتون جنت پهريون ڀيرو هلڪي اک کڻي پنهنجي پياري پيءُ کي ڏٺو. سندس نيڻن ۾ ماهه ڪامل ۽ آسمان جي ستارن جي چمڪ هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي جواب ملي ويو.
عليرضه کان پُڇڻ لڳو.
تو وٽ شاديءَ جي خرچ لاءِ ڇا آهي؟
عليعه سوچ ۾ پئجي ويو.
وٽس هو ته ڪجهه به نه.
رڳو هڪ تلوار ۽ ڍال.
هڪ مجاهد وٽ ڀلا ٻيو ڪهڙو اثاثو هوندو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي اُن شينهن کان واقف هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر هئي ته عليرضه ڪڏهن به مدافعتي جنگ نه وڙهندو آهي. جيڪڏهن وٽس ڍال هوندي آهي ته به هو ڪنهن جو وار پنهنجي ڍال تائين اچڻ نه ڏيندو آهي. هو صرف سراپا تلوار آهي ۽ سندس تراڙ جي اڳيان هر ڍال بيڪار آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”تلوار ضروري آهي. ڍال ۽ زرهه وڪڻي اچ. تنهنجو محافظ خدا آهي.“
زرهه چئن سئو اسي درهمن ۾ وڪي ويئي.
اُن مان حق مهر ادا ٿيو.
اُن مان وليمو به ٿي ويو.
چيو وڃي ٿوته اهو پنهنجي دور جو شاندار وليمو هو.
گهر کي سانئڻ عائشه ٺاهيو جوڙيو...
ڇڻڪار ڪيائين.
چادرون وڇايائين.
خوشبو وکيريائين.
پوءِ کاڌو رڌو ويو، جيڪو سڀني کاڌو.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاران ڏاج به ضروري هو.
جيڪو ڏنو ويو.
کجين جي ڦڙن سان واڻيل هڪ کٽَ
چمڙي جو وڇاڻون
گڏوگڏ ٻه جنڊَ
هڪ پنهنجي اَٽي پيهڻ جي لاءِ ۽ ٻيو اهل صفا جي مانيءَ جي لاءِ- ٺِڪر جو هڪ مَٽ، هڪ وهاڻو، جنهن ۾ کجيءَ جا ڦڙا ڀريل هئا، جن کي سَٽي ڪُٽي نرم ڪري ڀريو ويو هو. اُن سان گڏ کوهه تان پاڻي ڀري اچڻ جي لاءِ هڪ چمڙي جي مشڪيزه.
ته جيئن خاتون جنت کي ياد رهي.
ته قيامت تائين خدا جي رستي تي نڪرندڙ، آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلامن کي اُڃ جي سختيءَ ۾ انهن جي در تان ئي پاڻي جا ٻه ڍُڪ ملندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جا ئي ظاهري طور تي ڪلمي گو، هڪ ڏينهن سانئڻ فاطمھ جي سڄي اولاد کي درياءُ جي ڪنڌيءَ تي اُڃيو ٻَڌي ماري ڇڏيندا.
بس اهو ئي ڏاج هو.
اها هئي شادي... خاتون جنت ۽ شير خدا جي.
هونئن ماني ته ڏاڍي سُٺي هئي، پر ٿوري هئي.
کائڻ وارا ڇُلنگيون ٿي اچڻ لڳا.
ڪهڙي ڳالهه جو ڊُپ هُئن.
آقا صلي الله عليھ وسلم دستر خوان تي ويٺا هئا.
سَڄو جهان به پهچي وڃي ها ته به ماني نه کُٽي ها.
سڀني ڍؤ ڪري ماني کاڌي.
ڏينهن گُذرڻ لڳا.
جَنڊ هلندو رهيو.
گهر ۾ خدا ٻارڙا ڏنا.
17 هين رمضان 3 هجريءَ تي سيدنا حسن جي پيدائش ٿي. يارهن مهينن کان پوءِ 4 هين هجريءَ ۾ سيدنا حسين عليھ السلام دنيا ۾ اک پَٽي- الله تعاليٰ زينب ۽ مُحسن به ڏنا. سچي سانئڻ خاتون جنت جا جَنڊ پيهي پيهي هٿ ئي زخمي ٿي پيا.
هڪ ڀيرو ڪنهن جنگ ۾ ڪيترائي ٻانها ۽ ٻانهيون مسلمانن آنديون. گهڻيون تڻيون جنگيون به ته عليرضه ئي کٽندو هو، پر پنهنجوحصو پتي گهڻو ڪري غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سيده جي هٿن ۾ جنڊ پيهڻ سبب ٿيل ڦلڻن کي ڏسي چيائين. رسول الله صلي الله عليھ وسلم وٽ وڃ، شايد اسان کي ڪو ٻانهون يا ٻانهي ملي وڃي. سچي سانئڻ ڳچ دير تائين هٻڪندي رهي، اُٿي ٿي بيٺي وري ويهي ٿي رهي، نيٺ همت ڪري ويئي. پر آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ڪا تقاضا ڪري نه سگهي، ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ وات کوليائين ٿي، پر وري هيڏي هوڏي ڏسي ڪنڌ نوائي ڪجهه سوچڻ ٿي لڳي.
آقا صلي الله عليھ وسلم سمجهي ويا.
خاموش رهيا.
شام ٿي ويئي. سيده خالي هٿين موٽي آئي.
رات ٿي ته آقا صلي الله عليھ وسلم سيده جو دروازو کڙڪايو. سيده پيءُ جي خوشبو ته گهٽيءَ جي مُهڙ وٽ ئي سُڃاڻي ورتي هئي. ڊوڙندي آئي، زخمي هٿن مان دروازي جي ٽاٽ جو پردو هٽايائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم اندر گهڙي آيا.
اکين ۾ محبت جا ڏيئا.
رات روشن ٿي ويئي.
فرمايائون: توکي اُن کان سُٺي شئي نه ڏيان، جيڪا تون سوچي گُهرڻ آئي هُئينءَ؟
سيده عرض ڪيو: بلڪل... بلڪل...
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو:
سُمهڻ کان اڳ 33 ڀيرا سبحان الله، 33 ڀيرا الحمد الله ۽ 34 ڀيرا الله اڪبر پڙهي پوءِ سُمهندي ڪر.
پوءِ سيده اِهو پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو.
خدا ٻانهي ۽ ٻانهيءَ جي سهوليت کان بي نياز ڪري ڇڏيو.
پر گهر ٻار جا روزانو جا خرچ.
مٿان وري مديني وارن کي اها خبر هئي ته هِن در تان ڪڏهن به ڪوبه خالي نه ويو آهي.
هڪ ڀيري سچي سانئڻ گهر جي اندر جَنڊ جي گَهر گَهر ۾ ڪڻڪ پيهي رهي هئي. دروازي تي هڪ سواليءَ صدا هنئي.
آواز آيو.
اي خاتون جنت ڪيترن ئي ڏينهن کان بُکيو آهيان.
سانئڻ سيده تڪڙي اُٿي ۽
دروازي وٽ وڃي چيائين. اڃا اَٽو پيهي رهي آهيان. ڳوهينديس ته تنهنجي لاءِ به ماني پچائينديس.
سائل جي آواز ۾ بي صبري هئي.
چيائين: سانئڻ اوسيئڙو ڪندس ته مري ويندس. هينئر ڪجهه مليم ته جان بچي وينديم.
سچي سانئڻ هڪ گهڙيءَ ۾ پنهنجي گهر جي ننڍي ڪوٺيءَ ۾ پيل هر شئي جي باري ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا سوچيو. ڪابه اهڙي شئي نه هئي جيڪا هڪدم اُن سواليءَ جي ڪم اچي سگهي ۽ جيڪو سائل وڪڻي پنهنجي مرضيءَ جي ماني وٺي کائي سگهي. نيٺ سيده پنهنجي مٿي تي پيل چادر لاٿي.
اها چادر جنهن جي قسمت تي آسمان به ناز ڪري.
اها چادر جنهن تي ڪائنات جي هر سُهڻي شئي قربان.
جنهن جي حرمت بي ڪنار.
جنهن جي سڳورپَ هر سڳورپَ کان مٿانهين.
سانئڻ پنهنجي مٿي تان چادر لاهي سواليءَ کي ڏيئي ڇڏي.
چيائين: يهودي ڪرياني وارو هن جي بدلي ۾ توکي ججهي ماني ڏيندو. سوالي اها کڻي يهودي دڪاندار وٽ ويو. اها چادر ڪڏهن اُن ئي دڪان تان سيده خريدي هئي. هُن سڃاڻي ورتي.
چيائين: سچ ٻُڌائي. هيءَ چادر ته بنت رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي آهي.
سائل اقرار ڪيو ۽ سڄي ڪهاڻي ڪري سُڻائي.
يهوديءَ جو روح ڏڪي ويو.
جسم ٻيرا ٻيرا ٿي ويس.
اکيون لڙڪن سان ڀَرجي ويس.
وات مان لفظ به نه اُڪليس.
سائل کان چادر وٺي ادب سان پنهنجي مٿي تي رکيائين.
هن جيڪي کاڌي پيتي جون شيون گهريون سي ڏنائينس.
پوءِ سانئڻ جي چادر ادب سان پنهنجي مٿي تي رکي سڌو سيده جي دروازي تي پهتو ۽ رُئندي سُڏڪندي در کڙڪايو. سيده دروازي جي ٽاٽ جي جهروڪي مان کيس ڏٺو ۽ پُڇيو: ڇو پيو روئين؟
يهودي دڪاندار سيده جي چادر ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڪنڌ جهڪائي اڳيان وڌائي، هن کان ڪجهه ٻوليو نه ٿيو. بس روئندو رهيو ۽ رئندي چيائين.
’سانئڻ! اڄ آءٌ اوهان جي محترم والد جي دين تي ايمان آڻيان ٿو، جنهن جي نياڻي هڪ سائل جي لاءِ پنهنجي مٿي تان چادر لاهي سگهي ٿي، ڌيئڙي! منهنجي خبر پنهنجي محترم والد تائين پهچائي ڇڏج. مون تنهنجي الله ۽ تنهنجي رسول کي ڌيءَ جي سخاوت سبب سُڃاتو، جنهن جي نياڻيءَ جو اهو مقام هُجي، اهو پاڻ ڪيڏو نه وڏو ۽ عظيم رتبي جو هوندو ۽ مٿس خدا ڪيترو نه مهربان هوندو.
ڌيءَ ٻُڌ... ۽ ان جي شاهد رهجان. آءٌ اقرار ٿو ڪريان
لا الھ الا الله محمد الرسول الله
گهر جو خرچ سيدنا عليءَ جي ٿوري مزدوري سان هلندو هو. هڪ ڀيري سيده ڪنهن ضرورت جي لاءِ سيدنا علي کي سندس باغ مان مليل ڪجهه ڦلدار ٻوٽن جون چڪيون وڪڻڻ جي لاءِ موڪليو ته جيئن گهر جي گهرج پوري ڪري سگهجي. سيدنا علي ويا، وڪيائون ۽ بازار ۾ بيهي پئسا ڳڻڻ لڳو.
هڪ سوالي ڀريان بيٺو کيس درهم ڳڻيندو ڏسي رهيو هو، جنهن جي جهنڪار سبب سندس اندر جي ضبط جا سڀ ٻنڌڻ ٽٽي پيا. هو خودداري ۽ عزت نفس کي لتاڙيندو وکون کڻندو سيدنا عليءَ وٽ آيو ۽ زارو قطار رُئندو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳو. سيدنا پُڇيس، ڇا ٿيو؟ هو پنهنجي وارتا ٻڌائڻ لڳو، چيائين: قرضي آهيان. قرض ڏيندڙ ڪافي وقت کان تپائين پيا، مون کان ڪجهه به نه پيو ٿئي، اڄ شام تائين سندس آخري مُهلت آهي. قرض نه ڏنم ته هو مون کي منهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيندو. آءٌ هتي بيٺو شام تائين جو اوسيئڙو ڪريان، نيٺ شام کي به ته اچڻو ئي آهي. پر ويندس ته پهچڻ وارو هوندو، زالهنم کي گهران ڪڍي ڇڏيندو، هوءَ اميد سان آهي. ٻارڙو ڄمڻ وارو آهي، ٺڪاڻون نه هوندو ته شايد هو به مري وڃي.
سيدنا عليرضه درهم ڳڻيندي ڳڻيندي بيهي رهيو.
هٿن جي ٻنهي مُٺين ۾ ڀريل درهم کيس ڏيکاريندي چيائين: هنن مان ڪم هلي ويندو؟
سواليءَ جي چهري تي اولهه پاسي ٻُڏندڙ سج ڄڻ ته ٻيهر اُڀري آيو. شام جي ڌنڌلڪي ۾ ڄڻ صبح جي اَڇاڻ هن جي منهن تي ظاهر ٿي ويئي. هن جي حالت اها ٿي ويئي، ڄڻ ڪو دفنائجڻ مڙهه اُٿي ويهي رهي.
چيائين: هي سڀ منهنجي لاءِ؟
هائو، وٺ ۽ قرض مان جند ڇڏائي.
سيدنا ٻنهي هٿن ۾ جهليل درهم هن جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيا.
هو گوڏن ڀر ويهي رهيو.
چيائين: سَيدي! جيئن ئي سهوليت ٿي، اهو قرض موٽائي ڏيندس.
سيدنا علي وري به خالي هٿين.
گهر ڪهڙو مُنهن کڻي وڃي ها.
ٻارڙا بکُيا سمهي رهيا هوندا.
ڦِڪائيءَ سبب گهر نه ويا.
مسجد نبويءَ ۾ آيا ۽ اُن جي پٽ تي ليٽي سمهي پيا. ٿوري دير کان پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ڏيئو کڻي مسجد جي فرش تي ڪجهه ڳولهڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏسي ورتس.
فرمايائين: ”اُٿ ابو تراب.“
[تراب مٽيءَ کي چئبو آهي ۽ ابو پيءُ کي]
ان رات آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا عليءَ کي مٽيءَ جو پيءُ قرار ڏنو.
اها مٽي جيڪا ڳوهي، ڪڏهن اسان جي پيءُ آدم عليھ السلام کي ٺاهيو ويو هو.
اها مٽي جنهن جي اندر هر ڪا شئي وڃي، پنهنجو پاڻ کي فنا ڪريو ڇڏي. اها مٽي جنهن مان هر باغ، هر گل، ٻوٽو، هر ميوي جو وڻ ڦُٽي نڪري ٿو. اها ئي مٽي، جنهن ۾ اِهي سڀئي نمڪيات ۽ جُزا آهن، جيڪي اسان جي يا هِن ڌرتيءَ جي ڪنهن به تخليق ۾ پاتا وڃن ٿا ۽ جيڪو جنهن ۾ آهي، اهو ئي ان مٽيءَ جو حصو بنجي وڃي ٿو.
اُن مٽيءَ جو پيءُ... ابو تراب عليرضه کي چيو ويو.
چيو وڃي ٿو ته سيدنا علي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو بي خبر سُتو پيو هو، پر سُمهڻ واري کي ۽ اهو به مٽي ۾ ڀڀوت سمهڻ واري کي ”مٽي جو پيءُ“ جڏهن ٻنهي جهانن جو سردار آقا صلي الله عليھ وسلم چوي ته معنيٰ جي بَرکا ته پري تائين وسندي رهي. لفظن جي اندر لڪيل سڀني انڊلٺي رنگن مان ڪنهن ٻي جي ڳجهه جي خبر پوي ٿي.
مٽيءَ کي جيڪڏهن سيدنا عليءَ جو اولاد بنائي، کيس ان جو پيءُ چيو ويو ته ڳجهه نبري ويو.
مٽيءَ تي به اڄ سندس ئي راڄ ٿي ويو.
باقي ڇا وڃي بچيو.
مٽي پنهنجي پيءُ جي نه ٻڌي ته ناخلف... ناجائز... ٻُڌي ته فرمانبردار.
اُن ڪري ته ماڻهو کيس ڪشور ڪشا، مشڪل ڪُشا ۽ لڄ پال مڃين ٿا.
آقا صلي الله عليھ وسلم وانگر سيدنا علي جي محترم ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب کي به مڪي جي سردارن به هڪ لقب ڏنو هو.
ابو الاآب.
پاڻيءَ جو پيءُ. جڏهن سندس هٿان ٻيهر زم زم جي لڀجڻ کانپوءِ خيبر جي وارياسن رستن ۾ سندس هلندڙ اُٺن جي پيرن جي دٻاءَ سبب بنجر خشڪ زمين مان چشما ڦُٽي نڪتا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي.
پاڻي ۽ مٽي ٻنهي جا پيءُ سيدنا هاشم جي اولاد مان آهن ۽ ’حوض ڪوثر‘ جو ساقي اسان جا آقا صلي الله عليھ وسلم آهن.
اها سڀ الله جي عطا ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو ڪرم آهي.
سيده جو ساٿ ۽ سندس عظيم الشان ٻارن جي مٿانهين هنڌ جو دليل به آهي.
عيد جو ڏينهن هو.
بَدر جي جنگ کانپوءِ عيد ملهائڻ جو حڪم مليو هو.
ملهائي ويئي.
پوءِ هر سال ملهائبي رهي.
اهڙي ئي هڪ عيد هئي.
آقا جي آڱرين کي جهلي حسنين وک وک هلي رهيا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم کي مَٿن پيار آيو ۽ ٻنهي کي کڻي ڪُلهن تي ويهاريائون.
ماڻهن، آقا صلي الله عليھ وسلم جي سوارن کي آقا جي ڪُلهن تي سوار ڏٺو ته پنهنجي پنهنجي سوارين تان لهي ادب سان پويان پويان هلڻ لڳا. گهٽيءَ جا ٻارڙا به اهو سُهڻو نظارو ڏسي خوش ٿيا. مُحبت مان اڳيان پويان ڀڄڻ ۽ هلڻ لڳا. هڪ ٻن بُزرگن جي اکين مان ته لڙڪ ڳڙهي پيا. هڪ سياڻي ويجهو اچي حسن ۽ حسين کي چيو:
”ٻارو! اوهان جي سواري ته لاجواب آهي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم مُرڪيا ۽ فرمايائون:
”سوار به ته لاجواب آهن.“