شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

بيت

اول ﷲ عليم چوان، جو صاحب رب ستار،
آ مير محمد مصطفيٰ، ڪل نبين جو سردار،
چارئي يار نبيءَ جا، آهن امت سندو آڌار،
اصلئون اصحابي، سڀئي هئا دلبر ديندار،
هي ڪل ٻڌو ڪن ڏئي، ڪري عرض عيبدار،
تہ ٻہ هزار ٻاويھہ ۾، هيءُ عجب ٿيو اسرار،
اچي وڏو مينھن پيو، ڪڪرن ڪارونڀار،
سئو سالن ۾ ڪونہ ڪو اھڙو ٿيو آزار،
اٺو سڄو آگسٽ مھينو، ٿيا ٻنيون ٻارا تار،
اچي اوهيرن ڪئي، واءُ سان وارو وار،
وڏي ٻوڏ اچي وئي، چوطرفئون چوڌار،
شھر، ڳوٺ ٻڏي ويا، سي بي حد بي شمار،
وري ماڻھن هڪ ٻئي سان ڪئي جا اهڙي ڪار،
پنهجو پاڻي بہ ٻين ڏي پيا، ڀڃي ڇڏين بدڪار،
ڪچي پڪي جاءِ ڪا، ڪا نہ بچي ڪا يار،
سڀئي ڊاهيندو اچي پيو، ڀتيون هو ڀوتار،
ماڻھو پڻ مري ويا، ڪي ٻڏي ۽ ڪي بيمار،
وري پاڻي رخ رکيو، پيو شھر ڪري شڪار،
الائي تہ ڪٿان اچي پيو، ڪاهيندو ڪپار
ناٿن شاھہ جو خيرپور، پڻ ٻڏي ويو ٻيھار،
ميھڙ، جوهي جي مٿان، پيو هر هر ڏئي لامار،
نوَ نوَ ڀيرا نئين وهي، پئي کائي وڏي خار،
پئي لالڻ لوڙھيندي وڃي، وڻ ٽڻ وڏا ڏار،
۽ ٻيو مال متاع گهڻو، خود رڍن سوڌا ريڍار،
لاش بہ ڪيئي ڪينڪي، سي نڪري ٿيا نروار
ڪير بہ ڪنھن جو ڪونہ ٿيو ڪنا سي ڪمدار
ايم پي اي، ايم اين اي سڀ گم ٿي ويا غدار،
مڙئي سنڌ ھلي پئي، بس ﷲ سندو آڌار،
مان “بيوس” بي هٿيار، آهي ﷲ تنھنجو آسرو.

****

بيت

وسي پيو وڏ ڦڙو، هيءَ جانب سندي جوڙ،
بادل وڏن برجن سان، ٿي ڊڪي ڪئي ڊوڙ،
اوهيرن اچي ڪئي، اڄ “بيوس” ٻوڙان ٻوڙ،
ڪڪرن ڪڍي ڪوڙ، ماريو هن مجبور کي.

ماريو هن مجبور کي، ويو گهر ڪيرائي گهاٽ،
چيڙھہ بہ بچي ڪينڪي، ڪريا سان ڪڙڪاٽ،
لوڙهي کٽون هنڌ، ٽپڙ، ورتئون پنھنجي واٽ،
غمن جا گهيراٽ “بيوس” بخش عليءَ مٿان.

ادا ايڏي عمر اٿو، ڪنھن ايڏو مينھن ڏٺو،
سارو سارو ڏينھن ۽ پئي ساري رات اٺو،
پاڻي پاڻي چئوطرف، اچي ڪيائين ڪٺو،
“بيوس” اڳ سٺو، ائين نہ ڪنھن عذاب هو.

هن مند واري مينھڙي، صفا پيئاري ڇڏيا پيڄ،
بيماريون بہ وڌڻ لڳيون، ٿيا گهڻا ڊپ ۽ ڊيڄ،
“بيوس” بخش علي چوي، ويا وسري نچڻ ڇيڄ،
هاڻي ڀيڄ، ڀيڄ! ڪو ڪري تہ ڪاوڙ ٿي لڳي.

ڏکيا ڏسن ڏينھڙا پيا، ماروئڙا مھندار،
اچي نڪتو اوچتو، پاڻي تارئون تار،
“بيوس” تن کي ٻوڙيو ڪميڻي ڪمدار،
ڪامل قربدار، هنجون هاريندا هليا.

هڪ گهر مان ٿي پيا دربدر، ٻيون ٻڏل ٻنيون ۽ کيت،
ٽيون ٻچڙا جن جا ويا ٻڏي، ساري مال متاع سميت،
خوشيون ايئن وهي وين، جيئن مٺ مان وهي ريت،
هي “بيوس” منھنجا بيت، هن دانھون درد وندن جون.

الا اٻوجهن جو جيئڻ ڏکيو آھي،
سارا دشمن دائمي، ڪو بہ سڄڻ ناهي،
نيٺ تہ سجاڳي ڪندا، ڊوھہ سڀئي ڊاهي،
انھن جو آھي، “بيوس” ﷲ ۾ ئي آسرو.

ﷲ ۾ آھي آسرو، باقي آھي ڪم خلاص،
پٽي ۽ کائي ويا، هو ماڻھوءَ سندو ماس،
اڃا بي ماڻھو مرن، پيا “بيوس” باسن باس،
هتان پوري ڪانہ ٿي، ڏسجن تڏھن اداس،
پوري ڪندا پياس، بس عالمي امداد اچي.

ڪچا جن کي ڪين ٿيا، سي پڪا ڪيئن ٺاهين،
سائين هي تنھنجا ٻانھڙا، ڀلا ڪنھن کي سھائين،
ڪي گهرن کان بي گهر ڦرن، ۽ ڪئمپن ۾ آھين،
ڪنھن در سي دانھين، “بيوس” بخش علي چوي.

ماروئڙا مسڪينڙا، پر نازڪ تن جو نينھن،
ماندا گهڻا ٿي پيا، سڏجن جيڪي شينھن،
“بيوس” لڳا ٿا ڦرن، سي راتيان توڙي ڏينھن،
بند ڪر مولا مينھن، ٻاجهہ ٻانھن تي ٿئي.

ٻاجه ٻانھن تي ٿئي، منھنجا محب، مٺا، منٺار،
ڍڪج ڏوھ، ڏنگائيون، او سائين رب ستار،
“بيوس” چئي برسات کي تون روڪج روڪڻهار،
دوست، پرين، دلدار، آھي تو ۾ منهجو آسرو.

سدا آگم ساھہ سان، ٿا جيڪي ڏک ڏسن،
اکيون آديسين جون، پيون وهن ۽ وسن،
جهڙي تهڙي حال ۾، پيا “بيوس” پرين پسن،
بادل جيئن برسن، ويجها ٿين وصال کي.

وري ڪٽ نوان نوان، وايون ٿيون تہ بتال،
رستا روڊ ختم ٿيا، پڻ ملڻ ٿي ويو محال،
“بيوس” ماروئڙا ڦرن، تون ڀلا ڪج ڪو ڀال،
جيئڻ آھي جنجال، منھنجي ماروئڙن جو.

منھنجي ڌرتيءَ کي الا، ڪيئون ڪيئن تباھہ،
ٻوڏ تہ ڪڏھن سوڪ ۾، ڪڍي رکيئون لاھہ،
سک سان سمھڻ ئي نہ ڏئي “بيوس” اها باھہ،
هر پاسي اونداھہ، سنڌ کي گهرجي سوجهرو.

الا اوطاقون ويون، ويا هليا گهر ۽ گهاٽ،
اڳ ٻين کي پاليندڙ هئا، اڄ غمن جا گهيراٽ،
ڪڻو ڪڻي کان ويوڇڄي، بک ۽ اڃ اساٽ،
ورتي وري واٽ، سورن “بيوس” سنڌ جي.

****