تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

فساد ۽ فسادي: جارج وڊا ۽ جيمس سي- ڊيويز

فسادي لفظ جي مختصر معنيٰ هيئن بيهي ٿي ته ماڻهن جو اهڙو ڇڊو پاڊو گروهه جيڪو اڌوگابري پر منظم نموني پنهنجي احساس ۽ اڌمن جو اظهار طاقت وسيلي ڪري سگهي. اهو گروهه پنهنجي خد و خال ۾ غيرقانوني سوچ ۽ ڇڙواڳي جو مظهر هوندو آهي. اهو، اڻڄاڻائيءَ جو انبوهه وقت جي لحاظ کان غيردائمي ۽ نيم رضاڪارانه روش سان لاڳاپيل هوندو آهي. ان تحريڪ سان وابسته ماڻهن لاءِ ضروري ڪونهي ته کين سڌ هجي ته اهي ڪهڙي مقصد لاءِ پتوڙي رهيا آهن، بس هو ان ڪري تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا آهن ته جنهن حالت ۾ رهن پيا ان ۾رهڻ ڪونه ٿا گهرن.
ٿلهي ليکي فسادين بابت ڪابه تز ۽ ڪارائتي ڇنڊڇاڻ ۽ تورتڪ ڪرڻ محال ۽ عبث آهي. ڇو ته ان لاءِ وقت ۽ مڪان جي ظهور ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ۽ انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ سوچ ۽ ساڃاهه کان ٻاهر آهي ته ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ان تحريڪ سان اوندهه جي غلاف مان اوچتو نمودار ٿي اچي حصو وٺندا ۽ ائين چوڻ ته اڃا به اڻ مندائتو ٿيندو ته اهي فسادي يڪراءُ ٿي ڪنهن به ڦيرڦار لاءِ دائمي ڪردار ادا ڪري سگهندا.
ان هوندي به فسادين جو فڪري۽ علمي مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته فساد جڏهن سماج ۾ بي آراميءَ جي نتيجي ۾ ليڪا لتاڙي چوڌاري ڦهلبا آهن ته بغاوت يا انقلاب جي شڪل ۾ نمودار ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙي اڀار کي عام رواجي يا آئيني جدوجهد جو نالو ڏئي پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ابتدائي طور اسان کي فسادين ۽ غيرفسادين جي وچ ۾ ان سڳ يا سراغ کي سمجهڻ اشد ضروري آهي، ڇو ته ليڪا لتاڙڻ جي سگهه، تيز رفتاري ۽ عام سياسي ردوبدل جي سرواڻي هميشه ٿورائي يا اقليت وارا گروه ڪندا آهن ۽ اِهي چتاءُ ڏيندا آهن ته اهي عام ماڻهن جي مسئلن ۽ مونجهارن جو علاج ضرور ڪري سگهندا. ان ڏس ۾ رڳو هڪ نقطي کي ذهن ۾ رکي کوجنا ڪرڻ سان سڦلائتو نتيجو حاصل ٿيڻ محال آهي ته ڪجهه ماڻهو مڪمل طور جوش ۽ جذبي سان مزاحمت ۾ حصو وٺي رهيا آهن ته ٻيا پري کان سمورو لقاءُ ڏسندي دل ئي دل ۾ ان سياسي هلچل لاءِ دعاگو بڻجي بيٺل آهن.
فسادن جي تواريخ، جاگرافي ۽ ان جا ڪارڻ بحث هيٺ آڻڻ کان اڳ انهن گروهن جي سمجهه ۽ ساڃاهه جو ڪاٿو لڳائڻ ضروري آهي ته اهو هجوم ڪيئن ڦهلجي پنهنجي عمل سان ڳالهه کي حقيقت ۾ بدلائي ٿو، جيڪو عمل ٻين جي وس کان ٻاهر آهي. هڪ فرد گهڻو ڪري هجوم يا انبوهه ۾ پنهنجي ذاتي شناخت ۽ انفراديت کان محروم ٿي ويندو آهي. انهيءَ هجوم يا انبوهه گردي جي هلچل ۾ فرد جي منهن تي هڪ اهڙو محفوظ نقاب چڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين آجو به هوندو آهي.
مطلب ته اهڙو ڪردار جيڪو پنهنجن دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ جي آڏو آزاداڻي نموني ادا ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي. تحقيق! هجوم يا انبوه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان فرد پنهنجي ذاتي حيثيت کان محروم ٿي ويندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سندس ڪلهن تي انفرادي ذميواريءَ جو پيل بار به جهڪو ٿي پوندو آهي پر ساڳي وقت ان جي سمجهه ۽ سچيتائيءَ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ هو پنهنجن جذبن جو اظهار ۽ ٻين سان حصيداريءَ جو ڪارج بنان ڪنهن هٻڪ جي ڪري سگهندو، جيڪو اڳ ۾ هن لاءِ محال هو.
اهڙي مشاهدي جي قوت جيڪا ذهني پيڙا ۽ عذاب ۾ جهڪائي آڻي آزاديءَ جي سوچ ۽ فڪر ڏانهن رجوع ڪري ٿي اُها ساڳئي وقت انفراديت کي ناس ۽ نابود ڪري ٿي. اها مشاهدي جي قوت هڪ اهم عنصر کي نروار ڪري بيهاري ٿي ته گڏيل جدوجهد ۽ انفرادي جدوجهد ۾ڪهڙو فرق آهي ۽ دلجمي يا ذهني تسلي لاشڪ ته گذيل جدوجهد منجهان حاصل ٿئي ٿي. اهڙي ئي هڪ دنگي فساد ۾ حصو وٺندڙ فساديءَ کان سوال پڇيم ته: ”توکي هن جهيڙي ۽ فساد ۾ حصو وٺي ڪهڙو مزو اچي ٿو؟“ ان ماڻهوءَ هڪدم وراڻيو: ”تمام سٺو لڳي ٿو، ڇو ته ڪنهن ڪارج کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ ٻين سان گڏجي هٿ ونڊائي رهيو آهيان!“
ٿامس مينس (Thomas Manns) جو نالو ۽ سندس لکڻيءَ بعنوان "Mario and Magician" جو خاڪو اٽليءَ ۾ فسطائي تجربي جو تجزياتي نچوڙ آهي. ان ناول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سائنسي ۽ منطقي لحاظ سان گروه ڪهڙي ريت مڪمل قابض بڻجڻ جي سگهاري حيثيت حاصل ڪن ٿا. ان ڏس ۾ آر¸ سي¸ مائرس (R.C. (Myers) جي هڪ رپورٽ به مددگار ثابت ٿي آهي.
ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1947ع ۾ ڪميونسٽ مخالف قوتون انفرادي هل هنگامي سان ڪوبه اثرائتو ڪردار ادا ڪري نه سگهيون، پر جڏهن انهن گڏجي گروهه جي شڪل ۾ دنگوفساد ڪيو ته ان جا اثرائتا نتيجا حاصل ٿيا.
II
جڏهن 7 ڊسمبر 1941ع تي پرل هاربر مٿان بمباري ڪئي وئي ته ان سان گڏوگڏ حادثن ۽ اتفاقن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. اهو اسان جي کنيل موضوع ۾ مدد ڪري ٿو ته ڪيئن ترتيب ۽ سٽاءُ سان فساد شروع ٿي ويا. ان کان پوءِ ستت ئي هڪ فيصلو اچي ويو ته انهن سڀني جپاني نسل جي ماڻهن کي هڪدم اولهندي ڪناري کان منتقل ڪيو وڃي.
اڳتي هلي 1942ع ۾ بهار جي موسم وقت انهن جي لڏپلاڻ ڏورانهن علائقن ڏانهن شروع ڪئي وئي. آڪٽوبر 1942ع ۾ منتقلي جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهچي ويو. انهيءَ صورتحال جو زهريلو ردعمل جپانين ۾ ايترو ته اڀري آيو جو ڪيترن ئي نوڪريون ۽ روزگار تياڳي ڇڏيو پر انهن جپانين ۾ هڪ همراهه جيڪو اڳ ۾ آمريڪي بحري فوج ۾ملازم رهي چڪو هو، سو پنهنجي گهر کي ڇڏڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. انت ته کيس زبردستيءَ منتقل ڪيو ويو.
اهڙي هڪ ڪئمپ منزار نالي سان ڪيليفورنيا جي اڀرندي لاهينءَ وٽ لڳل هئي. ان ڪئمپ ۾ پرل هاربر جي پهرين ورسيءَ تي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڪاوڙ جو اصل ڪارڻ هو ته منتقل ڪيل ڪجهه ماڻهن کي جيل اماڻيو ويو هو. ان لاءِ ڪئمپ انتظاميا جو چوڻ هو ته، جيل اماڻيل ماڻهن گڏجي ڪجهه ٻين منتقل ٿيلن کي مارڪٽ ڪئي هئي. جيڪي مخفي طور انتظاميا جا خابرو هئا. بهرحال پهرين مظاهري ۾ خابرو ماڻهن جي لسٽ پڙهي وئي. ان جي نتيجي ۾ انهن مان ڪجهه خابرن تي سخت تشدد ڪيو يو. ان کان پوءِ ڪئمپ جي اڳواڻن، انتظاميا وٽ پهچي گرفتار ٿيلن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.
اڳتي هلي ٻي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهن خابرن کي برغمال بڻايو وڃي. جڏهن هجوم ان فيصلي کي وڌيڪ عملي جامو پهرائڻ لاءِ تحرڪ ۾ آيو ۽ ڪئمپ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سرڪاري خابرن جي ڳولا دوران جوش ۽ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر ٿي ويو هو، ڪاوڙ ۾ ڀريل هجوم کي پوليس اسٽيشن کان پرڀرو رکڻ لاءِ، پوليس پاران ڳوڙها گئس استعمال ڪئي وئي. اهڙي حالت ۾ ماڻهن جو انبوه ڇڙوڇڙ ٿي وري يڪجا ٿيڻ لڳو. هوڏانهن سپاهين بنان ڪنهن اختيار حاصل ڪرڻ جي ميڙاڪي تي فائرنگ شروع ڪئي جنهن ڪري ٻه ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا. ائين ڪئمپ جو سمورو ڪار وهنوار ٺَپ ٿي ويو. ڇو ته ڪئمپ واسين جي اڪثريت ڏک ۽ غم ۾ ٻُڏل هئي. لڳ ڀڳ مهيني کن کان پوءِ ڪئمپ ۾ سڻائتي صورتحال موٽي آئي. انهيءَ واقعي کي تيرهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪئمپ انتظاميا جي هڪ آفيسر ساروڻيون ونڊيندي چيو هو ته ان فساد جي وقت ڄڻ ته ماڻهن جي ذهن ۽ عمل ۾ بجليءَ جا وراڪا نظر اچي رهيا هئا.
اسان ان فساد جي حوالي سان ڪئمپن ۾ رهندڙن لاڏائن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کي ئي وڌيڪ مناسب سمجهيو. ڇو ته انهن جي اڪثريت منزار جي ڪئمپن ۾رهي چڪي هئي، جن کي پنهنجي اصلي پَڊن يعني لاس اينجلس ۾جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ موٽي اچڻ نصيب ٿيو هو. اسان ان علائقي ۾ اهڙن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه کي 1954ع تائين وڌيڪ ترجيح ڏني، جيڪي فسادن جي وقت منزار جي ڪئمپ ۾موجود هئا. انهن جو انگ تقريبن 98 هو. انهن 98 ڄڻن منجهان 26 ڄڻا اهي هئا جن هڪ کان وڌيڪ مظاهرن ۾ حصو ورتو هو. ان طريقيڪار اختيار ڪرڻ سان مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙ 26 ڄڻن ۽ هُل هنگامي کان دور رهندڙ 72 ڄڻن جي سوچ ۽ رسائيءَ ۾ ڀيٽ ڪرڻ سولائي ٿي پئي. منزار جي ڪئمپ ۾ فسادن وقت رهواسين جو انگ اٽڪل روءِ ڏهه هزار هو. جيڪڏهن اسان مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي متناسب حوالي سان ڇيد ڪريون ته شرڪت ڪندڙن جو انگ 2500 چئي سگهجي ٿو.
هتي هونئن شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هجوم يا انبوهه جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي، ڇو ته اهڙو ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه پي مليو جيڪو خاطريءَ سان ٻڌائي سگهي ته، ڪيترا ماڻهو مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، پر پڪي ليکي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪاٿو بيهي ٿو ته چئن ڄڻن منجهان هڪ ڄڻي جي شرڪت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ان هوندي به خوش قسمتيءَ سان ڪجهه پتڪڙا ثبوت ڳولڻ سان ملي سگهن ٿا، جيڪي مظاهرن ۾ شرڪت جي دعويٰ لاءِ پڪي پختي دليل جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. اسان جي ڏنل مثالن ۾ اهي گهراڻا جيڪي ان کان اڳ ۾ وڻج واپار ۾محو هئا، انهن جي زباني اهميت کي معلومات ٿي. ان ڏس ۾ سماجي ۽ اقتصادي هڪ رپورٽ ۾ اثر جيڪي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾مرتب ٿيا، ان جي رپورٽ بلوم ۽ رائمر (Bloom and Riemer) جي نالي سان پڌري ٿي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 72.6 سيڪڙو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن گهرو ڌنڌي ڌاڙيءَ سان واڳيل هئا ۽ باقي 38.2 سيڪڙو نوڪرين ۾ هئا، جن جي گذر سفر جو ذريعو پگهار هئي. ان جي برعڪس اسان جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ پڌرو ٿيو ته 98 ڄڻن منجهان 70 ماڻهن جو گذران گهرو ڪاروبار سان ڳنڍيل هو ۽ 30 ڄڻن کي ڪٽنبي جوڙجڪ جي دائري ۾ڪوبه ڌنڌو ڌاڙي ڪونه هو.
هونئن بلوم ۽ رائمر رپورٽ 1947ع ۾ تيار ڪئي وئي هئي. جڏهن ته اسان جي رپورٽ جون 1954ع کان وٺي فيبروري 1955ع جي وچ ۾ تيار ڪئي وئي هئي. هاڻي اسان جيڪڏهن انهن رپورٽن کي آڏو رکي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ته ڏسڻ ۾ اچي پيو ته 68.6 سيڪڙو اهي گهراڻا هئا جن جو گذران گهرو وڻج واپار تي ۽ 10 سيڪڙو جي گذر جو ذريعو نوڪريون هيون. اهي سڀئي انگ اکر سرڪار پاران ئي ميسر ڪيا ويا هئا. ان ڪري اهي ٽئي نمونا رپورٽن جا جيڪي 1942ع، 1947ع ۽ 1954ع ۾ ترتيبوار تيار ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هڪ ٺهڪندڙ مشابهت نظر اچي ٿي ۽ اسان جي پيش ڪيل رپورٽ جي زوردار نموني پٺڀرائي ٿئي ٿي.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي ته ٻارهن ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ ڪنهن به رپورٽ تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ماڻهن کان ڪيل سوالن جوابن ۾ ڪجهه حقيقتون چٽيون ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. اسان اڳتي هلي محسوس ڪيو ته 1954ع جي نسبت جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اهڙا موقعا وڌيڪ هئا جن اصل حقيقتن کي نروار ڪري بيهاريو. ڇو ته ان زماني ۾ ذهن تي زهريلا ۽ نفرت انگيز جذبا وڌيڪ موجود هئا ته ڪيئن اڇيءَ چمڙيءَ وارن جو عتاب نازل ٿيو هو. پر ساڳي وقت هڪ ٻيو نقطو به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته فسادن جي خاتمي کان پوءِ جانچ ڪرڻ ناممڪن. ان ڪري ڪوبه ثبوت لکت ۽ڇپائيءَ جي صورت ۾ مهيا ڪرڻ وس کان ٻاهر هو.
ان ڪري اسان جي ڪيل ڳالهين ۽ ان جي سهڪاري موٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ کي ڪنهن حد تائين سودمند پورهيو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته اهي سڀئي سوال جواب هڪ آزاداڻي ۽ وڻندڙ ماحول ۾ ڪيا ويا هئا.
اهي ٽي ڄڻا جن سان انٽرويو ڪيوسين، انهن منجهان ٻه ڄڻا ته اهي آمريڪي شهريت رکندڙ هئا، جن جا وڏڙا هجرت ڪري آيا هئا، يعني کين ڏيهي آمريڪي/ جپاني چئجي. انهن مان هڪ ته مٽاسٽا جي وسيلي آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿيو هو. ان همراهه انهن جپانين سان رلي ملي وڃڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪانه ڪئي، جيڪي آمريڪا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيا هئا. اهي گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ به پنهنجي ڌيمي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ مناسب سمجهندا هئا. ان هوندي به اسان فساد ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن ۽ فساد کان پرانهون رهڻ وارن جي وچ ۾هڪ غلطي يا اختلاف راءِ چڱي ريت محسوس ڪيو. اهو هيئن ته جيڪي دنگي فساد ۾ شامل هئا انهن جي يادگيرين ۾ اهي زهريلا منظر ڇانيل هئا ۽ سندن بيان ڪرڻ جي ڏانءَ ۾ ٿوري هيٺ مٿاهين ڏسڻ ۾ پي آئي. ان جي ڪري اسان جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ غلطين کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
البته جيڪو ڪجهه پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ان جي ڦهلاءُ کي هڪ دائري تائين رکيو ويو آهي، جنهن ڪري انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڪجهه ڪوتاهيون يا لاپرواهي به شامل ٿي وئي آهي. ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته هڪ خطرناڪ ۽ جوکائتي علائقي ۾ درست ۽ تز انگ اکر حاصل ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهن. ڇو ته حادثن ۾ اتفاقن سان ڀرپور وايومنڊل ۾ خالص حقيقتون معلوم ڪرڻ ۾ دشواريءَ کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
ان هوندي به ڊسمبر 1942ع جي حادثي ۾ مظاهرن جي نمودار ٿيڻ جواهم سبب هيءُ آهي ته ماڻهن جي اندر ۾ نسلي امتياز جي باهه ٻري رهي هئي. ڇو ته انهن کي خاردار تارن اندر واڙي، چوڪيدار بيهاري، اهڙي آبهوا ۾ گذارو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو، جتي سخت گرمي، سخت سردي، مٽيءَ جا طوفان ۽ تيز هوائون لڳي رهيون هيون. اها مجموعي صورتحال هوبهو اوڻويهين صديءَ جي انهن هارين جي مصيبتن جو هڪ لقاءُ هو، جن اڳتي هلي بغاوت ڪئي هئي. اها حالت 1929ع ۾ ان منديءَ سان به ٺهڪي آئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ کي 1933ع ۾ اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو هو. سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڪري ڄڻ ته فرينچ انقلاب يا روسي انقلاب جي اسرڻ جا آثار پيدا ٿي رهيا هئا.
اسان جيئن مٿي به ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جي موٽ ۾ جيڪا تلخي ۽ نفرت منزار ۾ قيد ٿيل ماڻهن ۾ نمودار ٿي ان جي ردعمل ۾ اهڙن جپانين کي به مارڪٽ ڪئي وئي جيڪي سفيد چمڙيءَ واري انتظاميا سان سهڪار ڪري رهيا هئا.
ان مان ظاهر آهي ته ماڻهن پاران حاصل ڪل ثبوتن جي موٽ ۾ پاڻ هرتو اهڙي صورتحال اڀري آئي جنهن ڪري دنگا ۽ فساد ممڪن ٿي سگهيا. انهن حالتن ۽ سببن ئي دنگي فساد جي وايومنڊل لاءِ سازگار ماحول جوڙيو، پر ائين به ڪونهي ته سموري ڪئمپ جا ماڻهو ذري گهٽ انهن فسادن جي ٻرندڙ باهه ۾ ڪاهي پيا هئا. آخرڪار اهو ڪهڙو جوش ۽ جنون هو، جنهن انهن ماڻهن کي يڪجا ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيڪي وک وڌائي سگهيا. انهن ماڻهن کي به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، جيڪي اهڙي غيرمساوي سلوڪ، نسلي مت ڀيد ۽ ٻين عقوبتن جي باوجود به خاموش ۽ لاتعلق رهيا ۽ ڪنهن به سنئين سڌي قدم کڻڻ کان دور رهيا؟
هونئن اهڙو ڪوبه مضبوط ۽ سگهارو دليل ڪونه ٿو هٿ اچي، جنهن مطابق ڀيٽ ڪري سگهجي ته فساد ۾ حصو وٺندڙ ۽ پرڀرو رهندڙن ۾ ڪهڙو اهم فرق هو. ڇو ته اهڙا ڳپل عنصر آهن جيڪي ٻنهي ڌرين ۾ ساڳي وقت پنهنجي حيثيت ۽ سگهه جي باوجود به نظرانداز ٿيندي نظر اچن ٿا. ان ڪري جيڪو ان حوالي سان سلسلو نظر اچي ٿو اهو ڪنهن وزنائتي اهميت کي نشانبر ڪري ڪونه ٿو بيهاري.
انهن دنگوفساد ڪرڻ وارن جي هڪ عجيب و غريب ۽ منفرد خصلت ڏسڻ ۾ آئي آهي، اها آهي درگذر ڪري ڇڏڻ. هو ڄڻ ته قديم ۽ جديد روايتن جي سنگم تي بيٺل هئا. يعني جپان جي ماضي ۽ آمريڪا جي حال سان واڳيل هئا. جڏهن ته انهن جپانين ۾ 3/1 حصي کان ٿورو گهٽ انگ انهن فساد ڪرڻ وارن جو هو، جيڪي ڄاوا ئي جپان ۾ هئا. جڏهن ته فساد کان پاسيرو رهڻ وارن جو انگ اڌ تائين اهڙن جو هو جن جي پيدائش جپان ۾ ٿي هئي پر دنگي فساد ۾ حصو وٺندڙن ۾ 3/2 حصو انهن جپانين جو هو جيڪي هڪ يا ٻه ڀيرا جپان گهمڻ ڦرڻ ويا هئا ۽ پوءِ موٽي آيا. انهن گهمڻ ڦرڻ وارن منجهان اڌ حصو اهڙن جو هو جيڪي ٻن ورهين کان گهٽ ٽِڪيا هئا. ٻيو اڌ ترسڻ وارن جو مُدو ٻن ورهين کان وٺي سترهن ورهين تي پکڙيل هو. انهن جو جپاني ڪلچر کان نئين سِر متاثر ٿيڻ اوس هو. هوڏانهن دنگي فساد کان پرانهون رهندڙن منجهان اڌ انگ کان به گهٽ جپان سئر سفر لاءِ ويا، پر ستت ئي موٽي آيا ۽ 3/1 حصي کان گهٽ انهن جو انگ هو، جيڪي جپان ويا پر ٻن ورهين کان به گهٽ عرصي ۾ موٽي آيا.
ان مجموعي صورتحال جي حوالي سان ڏسڻ ۾ آيو ته آمريڪي سماج ۾ دنگوفساد ڪندڙ عنصرن ۾ دنگي فساد کان دور رهندڙ عنصرن جي ڀيٽ ۾ ويجهڙائي ۽ ايڪتا وڌيڪ هئي. انهن دنگي فساد ڪرڻ وارن ۾ جنگ کان اڳ ووٽ ڏيڻ جو انگ به غيرفسادين جي نسبت ۾ وڌيڪ ۽ چڱو موچارو هو. ان کان علاوه فساد ۾ ويساه رکندڙ ڌرين جو چوڻ هو ته جنگ کان اڳ پاڙي ۽ آسپاس جي لحاظ کان آباديءَ جو مليل جليل سٽاءُ هو يا وري اڇي چمڙيءَ وارن جي اڪثريت ڇانيل هئي، ان جو به ردعمل اڻٽر هو. انهن فسادين ۾ چڱو خاصو انگ عبادتگاهن يعني پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ گرجا گهرن ۾ (جتي عبادتي رسمون جپاني پادري ادا ڪندا هئا) ويندا هئا. ان جي برعڪس غيرفسادين جو گهٽ انگ چرچ ڏانهن ويندو هو. جيتوڻيڪ ظاهري طور ائين ڏسڻ ۾ پي آيو ته چرچ کان پرانهون رهندڙن جو انگ ئي دنگي ۽ فساد سان واڳيل آهي، پر ائين ڪونه هو. جڏهن ته دنگي فساد ڪرڻ جو انگ 3/1 کان به گهٽ هو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ دنگي فساد مخالف اڌ کان به وڌيڪ هئا، جن ۾ سفيد چمڙي وارن جو چڱو موچارو انگ به موجود هو.
ائين دنگو فساد ڪندڙ هڪ ئي وقت آمريڪي ۽ جپاني ڪلچرن جي وچ ۾ ڦاٿل هئا. هو سدائين جپان ڏانهن اچ وڃ ۾ مصروف هئڻ سان گڏوگڏ ڊگهو عرصو گذارڻ کي ترجيحات ۾ شامل رکندا هئا. ان کان سواءِ جپاني آمريڪا جي ڪلبن ۾ وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا. پوءِ به اهي گرجن ۾ وڃڻ،چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ گهڻي ڀاڱي نسلي لحاظ کان مليل جليل علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. ان جي برعڪس غيرفسادي عنصر ڪنڊائتو رهڻ کي ترجيح ڏيندڙ هئا. ڇو ته اهي غير فسادي ماڻهو ذهني طور اصل آمريڪي رهواسين جي ڀيٽ ۾ شعوري طور پاڻ کي جپاني سمجهندا هئا. جهڙيءَ ريت آئرش ماڻهو هلندڙ صديءَ جي منڍ تائين نيويارڪ ۾ پاڻ کي منفرد يا جداگانه ليکيندا هئا يا وري ڪوريا واسي به جپان ۾ پاڻ کي هڪ ڌار سڃاڻپ سان برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهو سلسلو ڪنهن حد تائين ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ به هلندو رهيو.
دنگو فساد ڪندڙن ۾ هڪ ٻي جداگانه خاصيت هيءَ ڏسڻ ۾ آئي ته اُهي سماجي طور ايترو ته متحرڪ هئا جو ٻين گروهن سان ملڻ جلڻ ۽ واسطا قائم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ جا ماهر هئا. انهن مان لڳ ڀڳ 3 /2 حصو اهڙن متحرڪن جو هو جيڪي ٻين غيرمذهبي تنظيمن جا سرگرم ميمبر هئا. هوڏانهن غيرفسادي ان ڏس ۾ دنگي فساد ڪرڻ وارن جي پنجن منجهان چار ڄڻا ٻڌمندر يا وري گرجا گهر ۾ ويندڙ هئا. جڏهن ته عبادت گهرن ۾ ويندڙ غيرفسادين جو انگ چئن مان ٽن ڄڻن تائين محدود هو.
اسان اڳ ۾ به ٻڌائي آيا آهيون ته هنساوادين ۾ ووٽ ڏيڻ وارن جو انگ هنساوادين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو. هو جنهن زماني ۾ منزار جي ڪئمپ ۾هوندا هئا ته عبادت گاهن ۾ وڃڻ وقت جيڪڏهن کانئن ڪو پڇا ڳاڇا ڪندو هو ته پاڻ کي هنساوادي سڏائڻ ۾ به حجاب محسوس ڪونه ڪندا هئا. ان کان سواءِ ڪئمپ ۾ رهندي به سفيد چمڙيءَ وارن سان لڳ لاڳاپا رکڻ ۾ پڻ متحرڪ رهندا پي آيا.
هونئن جيتريقدر هنساوادين جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر آهي ته ان ڏس ۾ اهي آمريڪي سماج اندر هڪ چڱي موچاري حيثيت رکندڙ هئا. انهن جي ڏهن گهراڻن منجهان ڇهن ڪٽنبن کي جنگ کان اڳ واپار وسيلي ٺاهوڪي حيثيت حاصل هئي، جنهن ۾ زرعي فارم، باغات، هوٽل اچي وڃن ٿا. ائين اهنساوادين کي چئن جي ڀيٽ ۾ ٽن جي سرسي حاصل هئي. ها، پر ساليانو اهنساوادين جي اپت هنساوادين جي ڀيٽ ۾ ٻه هزار ۽ پنج هزار ڊالرن جي نسبت سان هئي.
اسان کي هڪ اهم ۽ وزنائتي معلومات ملي ته دنگوفساد ڪرڻ وارن جي اڪثريت انهن منجهان هئي، جيڪي گهرو ذميوارين کان آجا هئا. انهن هنساوادين جو لڳ ڀڳ اڌ حصو غير شادي شده هو. جڏهن ته اهنساوادي 3 /1 حصي تائين مس هئا. هوڏانهن وري پرڻيل 3 /2 حصو هنساوادين کي اولاد به هڪ يا ٻن تائين محدود هو. ان جي برعڪس اهنساوادين کي چئن کان پنجن تائين ٻار هئا. محض 3/1 حصو شادي شده هنساوادين کي ٻن کان وڌيڪ ٻار هئا ۽ جڏهن ته 3/2 ڀاڱي اهنساوادين جي ٻارن جو به ساڳيو انگ هو. هونئن هنساوادين جي اولاد جوان جماڻ ٿيڻ کان پوءِ مائٽن تي تڪيو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، بنسبت اهنساوادين جي اولاد جي.
جيتريقدر ڄمار جي لحاظ کان ڪاٿو لڳائڻ جو سوال آهي ته اهو طريقو لاشڪ ته مبهم ۽ ڦرندڙ گهرندڙ ڏسڻ ۾ پي آيو. ان حساب سان پوءِ به 26 هنساوادين جي ڄمار جو وچٿرو ڪاٿو 32.6 ورهيه مليو ۽ 72 اهنساوادين جو ليکو چوکو 34.7 جي لڳ ڀڳ ڏسڻ ۾ آيو. ان کان سواءِ ڄمار جي عنصر کي ذهن ۾ رکي ڪنهن به قسم جي وڌيڪ ڀيٽ ڪرڻ ڏکيو ڪارج هو. ڇو ته انهيءَ ڳولا ڦولها جي آڏو نسلي ساڙ، بغض ۽ بين الاقوامي حڪمت عملي رنڊڪ بڻجي بيٺل هئا. ان ڪري ممڪن ئي ڪونه هو ته جپانين بابت آمريڪا ۾ تز ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته: 1907ع ۾ هڪ ٺاهه جپانين ۾ وڌيل شدت ۽ ناراضگيءَ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آندو ويو. اهو هيئن ته نسلي گهٽ وڌائي طور، سان فرانسسڪو جي درسگاهن ۾غيرامتيازي سلوڪ اختيار ڪيو ويو هو. ان وڌندڙ بي آراميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿيوڊور روزويلٽ کي آرڊيننس ختم ڪرڻو پيو. ان جي موٽ ۾ جپان سرڪار کي واعدو ڪرڻو پيو ته آئنده آمريڪا ڏانهن مرد جپانين کي لڏپلاڻ کي روڪيو ويندو. ان حوالي سان منزار جي ڪئمپ ۾ 1942ع ڌاري ڏسڻ ۾ آيو ته 46 جپانين منجهان محض ٻه ڄڻا مليا، جيڪي جپان ۾ ڄاوا هئا.
ان ڪري هتي ائين چوڻ يا پڌرو ڪرڻ به ڏکيو لڳي ٿو ته تناسب جي لحاظ کان ٻيڻ تي اهي ماڻهو هئا جن جا وڏا ا جپان منجهان لڏپلاڻ ڪري آيا هئا. هنسا کان پرڀرو رهيا. بهرحال هڪ اڻپورو نتيجو هڪ ثبوت وسيلي مليو ته اهڙا اٺ جپان واسي جيڪي لڏپلاڻ ڪري آيل هئا ۽ هنسا ۾ شامل هئا ته سندن ڄمار سراسري طور 48.9 جي لڳ ڀڳ هئي. ٻئي پاسي اهنساوادي لاڏائو جپانين جي سراسري عمر 46.5 ڏسڻ آئي. اها ساڳي صورتحال اهنسا ۽ هنساوادي نوجوانن ۾ پڻ موجود هئي.ان کان علاوه اهڙا به انگ اکر مليا ته 34 ورهين کان وڏي ڄمار جا ماڻهو جن جي ڄم ۽ لڏپلاڻ متعلق ڪوبه وزنائتو ثبوت موجود ڪونه هو، انهن بابت ڪابه ڄاڻ ڪونه هئي ته اهي هنسا يا اهنسا ۾ شامل هئا.
جيتوڻيڪ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هنساوادي گهڻي ڀاڱي ننڍي ڄمار جا هئا. انهن مان 4/3 حصو ته 35 کان به گهٽ عمر وارن ۽ اڌ کان وڌيڪ 30 کان گهٽ ڄمار وارن تي مشتمل هو. هوڏانهن 2/1 حصو اهنساوادي به 30 ۽ 35 ورهين جي دائري ۾ شامل هئا. انهن ۾ نوجوانن جي اڪثريت ته غيرشادي شده هئي ۽ جيڪڏهن شادي شده هئا ته به مختصر ٻار هئن ۽ گهڻو تڻو اپت جو ذريعو به پورو سارو هو. پر مجموعي طور ائين چئي سگجي ٿو ته هنساوادي ۽ اهنساوادي ڄمار جي لحاظ کان مختلف انگن اکرن سان ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. ان هوندي به اهنساوادين ۾اهڙن ماڻهن جو انگ نه هئڻ برابر هو، جيڪي شادي شده، آل اولاد وارا ۽ اهڙن گهراڻن سان تعلق رکندڙ هئا جن کي جنگ کان اڳ يا پوءِ گذر سفر جو وسيلو موجود هو ۽ مليل جليل ماحول ۾ رهڻ جا عادي هئا.
ائين به معلوم ٿيو ته هنساوادي ووٽ/ راءِ ڏيڻ جي معاملي ۾اهنساوادين کان اڳڀرا هئا. جيڪڏهن اهڙا پوڙها جيڪي راءِ ڏسڻ جي لائق ڪونه هئا ته به منزار ڪئمپ کان ٻاهر سفيد چمڙيءَ وارن جي معرفت خبرچار لهڻ لاءِ اتاولا هوندا هئا. انهن جي دلي خواهش هوندي هئي ته جنگ ۾ جپان کي سرسي حاصل ٿئي. هنسائي فطري لحاظ کان رلڻا ملڻا ۽ هر ڪنهن ڄمار واري سان ٺهڪي ويهڻ ۾ دير ڪونه ڪندا هئا. پر جيڪي انگ اکر جنگ جي زماني کان اڳ جا مليا آهن، جنهن ۾ گرجا گهر ۾ عبادت لاءِ ويندڙ ۽ غيرحاضر رهندڙن جو تعداد ان نقطي کي رد ڪرڻ يا مڃتا لائق ڪونه سمجهي ٿو ته انهن ٻنهي ڌرين تي ڪو اڃا به ٻيو گڏيل اثر ڇانئجي رهيو هو!
اسان اڳ ۾ به ٻڌائي آيا آهيون ته، هڪ مبهم مثبت طرز جي ويجهڙائي مزڪوره گروهن ۾ اڀري رهي هئي. ائين مجموعي طور هنسائي ۽ اهنسائي گروهن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي ويئي ته پڌرو ڏسڻ ۾ آيو ته هنسائي فڪر رکندڙن ۾ وڌيڪ ڪشش جو مادو هو.

هنسائي فڪر وارا اهنساوادين کان هڪ ٻي نسبت سان به منفرد ۽ يگانه هئا ته ڪنهن به موضوع يا نقطي تي پنهنجي جنگي آزمودي سان ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾ نٽ نٽاءُ ڪونه ڪندا هئا. اهو ردعمل پنهنجي شدت ۽ سگهه سان ان زماني ۾ به نظر آيو، جڏهن سفيد چمڙيءَ وارا کين تڏا پٽي لڏپلاڻ لاءِ زور زبردستيءَ کان ڪم وٺي رهيا هئا. انهيءَ ڪارج جي خلاف شدت سان مزاحمت ڪندڙ ۾ اهي صف اول ۾ بيٺل هئا، جن جو آمريڪي معاشري ۾ سماجي لحاظ کان ڪوبه ڪارائتو اثر رسوخ ڪونه هو. جڏهن ته معاشي لحاظ کان خوشحال طبقو ان کٽراڳ کان پرڀرو هو. جڏهن سوال پڇيو ويندو هو ته جپانين کي سامونڊي ڪنارن کان هٽايو ڇو پيو وڃي ته، 3/1 اهنساوادي هيءُ دليل ڏيندا هئا ته اهڙو قدم نسلي لحاظ کان ڪيليفورنيا جي علائقي جي رهندڙ جپانين ڏانهن دوستاڻو عمل چئي سگهجي ٿو ته جيئن ڪنهن به ”ڀڃ ڊاهه“ جي ڪارروائيءَ کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ اُپاءُ وٺي سگهجن. ان قدم سان نه رڳو جپانين جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر اڃان به جپانين کي نام نهاد دهشت گرديءَ جي نشاني کان بچائي سگهجي ٿو. ان جي برعڪس فوجي نقطه نگاه کان چيو پي ويو ته جپانين کي بچاءَ لاءِ اُپاءَ ضرور وٺڻ گهرجن.
هوڏانهن وري آمريڪي سرڪار جو بيان هو ته آمريڪي عام راءِ جو جپانين ڏانهن مخالفاڻو ۽ جنوني رويو پڻ خوف ۽ ڊپ جي علامت آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سندن وفاداريءَ جي ڪسوٽي ڪئمپن ۾ رهڻ سان لاڳاپيل آهي. اهڙي طرز جي بيان بازي ڪرڻ جا محض ٻه مثال ملي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ اڌ کان به مٿي اهنساوادي پڻ پنهنجن بيانن معرفت پڌرو ڪري چڪا هئا ته سفيد چمڙيءَ وارن جو جپانين ڏانهن مخالفاڻو رويو لڪائي ڪونه ٿو سگهجي. ان ورتاءُ جي لاءِ دليل ڏيڻ خاطر هنساوادي به هڪيا تڪيا بيٺل هئا.
جنگ کان اڳ آگاهي ڏيڻ جي حوالي سان انهن ٻنهي گروهن ۾ ٿورو ٿڪو فرق هو. پر هنسائي هڪ نقطي کي پڌري پٽ ظاهر ڪرڻ ۾ نٽ نٽاءُ کان ڪم ڪونه وٺي رهيا هئا ته پرل هاربر جي واقعي کان پوءِ آمريڪين جي سلوڪ ۽ ورتاءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق اچي ويو آهي. هنساوادين کي ڪئمپن جي اندر رهندڙ سرڪاري چغلخورن بابت ڪچي ڦڪي معلومات هئي. ان ڪري جڏهن انهن سان 1954ع ۾ ميل ملاقات ٿي ته ان زماني ۾ اهي مستقل مزاجيءَ سان اهنساوادين جي مقابلي ۾ پختن پيرن تي بيٺل هئا ته چغلخورن ۽ جاسوسن بابت سندن روش درست ۽ جائز هئي.
ان کان علاوه اسان کي جنگ بابت جپان ڏانهن سندن هڪ تز ۽ ٺهڪندڙ راءِ به ڏسڻ ۾ آئي. اها هيئن ته اهنساوادين جا جيڪڏهن ٻه ماڻهو جپان جي فائدي ۾هئا ته واري هنساودي ٽن جي انگ کان به سوايا ڏسڻ ۾ پي آيا. (اهو تعداد في سيڪڙو جي حساب سان 2 6 ۽ 2 4 بيهي ٿو). جڏهن هڪ سال بعد جهيڙا جهٽا ٿيا ته اميدن آسرن ۾ به لاٿِ آئي، پر پوءِ به هنساوادين ۽ اهنساوادين جي سوچ ۽ فڪر جو تناسب ساڳيو رهندو آيو. جنهن مطابق هنساوادين جي اڪثريت سدائين جپانين جي سوڀ جي آرزومند رهندي آئي.
هڪ اهڙو ڌيان لائق واقعو ڪئمپ ۾ ٿيو، لي بون (Le Bon) ان جي نشاندهي ڪندي ان کي هجوم جي راءِ ۽ فتويٰ سان منسوب ڪري ٿو. منزار جي ڪئمپ ۾ مظاهرن ٿيڻ کان ٽي هفتا اڳ هڪ ٻئي مرڪز پوسٽن ۾ هڙتال ٿي. ان هڙتال جي خبر ظاهر آهي ته، اڏامندي مرڪزن تائين به پهتي، جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر هنساوادين جا ڪن سرلا هئا، جنهن ڪري ڊسمبر جو مظاهرو وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو. جڏهن ته هنساوادين تي ڪو خاص اثر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.

III
اسان کي هاڻي هنساوادين ۽ اهنساوادين جي وچ ۾ مختصر نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ڪهڙي ريت هنساوادين گس گساءُ کان ڪم ورتو، جنهن ڪري ڪنهن به ڪلچرل گروپ سان ڳانڍاپو رکڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا، انهن جو سماج ۾ مضبوط معاشرتي ڏيک ويک به نه هئڻ برابر هو، انهن جون ٻاراڻيون حرڪتون ۽ ڪنهن به ذميواري نڀائڻ کان پاڻ کي آجو سمجهڻ ۽ ڪٽنبي رس رساءَ کان لاپرواه ٿيڻ سبب ڪي مثبت نتيجا حاصل ڪونه ٿي سگهيا.
اهڙي طرز فڪر رکندڙ ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ بي آرامي، ماڻهن کان بيزاري، سماج ڏانهن بنا ڪنهن رک رکاءُ جي سخت گير ردعمل جو مظاهرو هو. اهڙيءَ ريت جيئن مينهن جو وسڪارو امير يا غريب، جوان توڙي پوڙهي، پڙهيل يا اڻپڙهيل مٿان بنا ڪنهن ڀيد ڀاوَ جي ٿيندو آهي. ايئن مجموعي طور سمجهڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه هن مهل تائين وهيو واپريو آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ ”حالتون“ نه پر ”حالتن جي خلاف ردعمل“ آهي، جنهن هنسا ۽ اهنسا کي چٽو ۽ نروار ڪري بيهاريو. ڇو ته هنساوادي عملي طور متحرڪ ماڻهو هئا، جيڪي سماجي محرومين جو اظهار هئا. ان جي ابتڙ اهنساوادي ان سموري عمل ۾ محض تماشائي بڻيل هئا.
ها! پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪجهه ماڻهو عملي دنيا منجهان پير کسڪائي به ويندا آهن، اهي ماڻهو جيڪي ان هلچل دوران جيل ۾ هئا، سي ڪنهن به ڳڻپ کان ٻاهر آهن. ڇو ته اهي بنديخاني ۾ واڙيل هئا، پر انهن کي هنساوادين آزاد ڪرايو ته پوءِ ڳاڻيٽي ۾ اچڻ لڳا پر جڏهن آزاد ٿيندڙن کان پڇيو ويو ته اهي ڪهڙي تهمت تحت جيل ۾ واڙيل هئا ته، انهن مان اڪثريت جو چوڻ هو ته، اهي تاش راند ۾ محو هئا، جڏهن فساد ٿيا ته کين گرفتار ڪيو ويو.
اهڙن عنصرن جي حيثيت کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جيڪي سماجي ڇڪتاڻ جي وايومنڊل ۾ گهرو ذميوارين کان آجا هجن ۽ سندن شموليت کي اتفاقي ڄاتو وڃي. جيڪڏهن ڪو فرد، اقليتي گروهه ۾ ڄائو نپنو هجي ۽ سندس ڪوبه واسطو وسيع تر دوستاڻي سماج سان ڪونه رهيو هجي. ان فرد جو پنهنجي وڏڙن جي ڌرتيءَ تي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ چڱو چوکو وقت گذريو هجي ۽ پوءِ اوچتو پنهنجي جنم ڀوميءَ ڏانهن موٽي اچي ۽ اتان جي وسيع تر سماج جو حصو بڻجڻ لاءِ ڪوشش به ڪري، پر اندر ۾ سانڀيل شعور سندس پيرن ۾ زنجير بڻجي پوندا. هو جيڪڏهن ڪنهن گهٽيءَ منجهان لانگهائو ٿيندو ۽ کيس مظاهري ۾ شرڪت لاءِ سڏ ڏنو ويندو ته في الحال منجهي پوندو ته شامل ٿئي يا نه؟ ته ان مهل سندس ذهن ۾ ڪٽنبي پس منظر، ڌن دولت، (مجبوري، مفاد) حيثيت ۽ امارت ڦرڻ لڳندي.
اسان کي پڻ جانچ دوران اهڙوئي هڪ ڊرامائي مثال ڏسڻ ۾ نصيب ٿيو. هڪ زال زائفان اهڙي هڪ مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويجهو وڃي پهتي پر اوچتو موٽ کاڌي، ڇو ته هوءَ ڳورهاري هئي.
اسان هيل تائين سمورن تفصيلن سان واضح ڪري ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، هڪ وچولي درجي جي ماڻهن جي صف بنديءَ کان سواءِ هو هڪ اهڙي متحرڪ اقليت آهي، جنهن جي هڪ پاسي اڪثريتي ڌر، جيڪا جامد ۽ ساڪن آهي ته ٻئي پاسي متحرڪ ليڊرشپ بيٺل آهي. جيڪڏهن هتي اهو سوال پڇيو وڃي ته انهن سڀني جو مظاهرن ۽ تحرڪ واري زماني ۾ ڪهڙو ڪردار هو، جڏهن ڪجهه هنسا طرفدار هئڻ جي باوجود ماٺ ميٺ ۾ تماشو ڏسڻ ۾مصروف هئا. اسان کي لاشڪ ته اهڙي طرز جا تماشائي به گڏيا جن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ حيلا هلاياسين، پر اُهي نابري واري بيهي رهيا. ان معاملي ۾ مذڪوره وچولو طبقو پنهنجي حيثيت ۽ عمل جي روءِ سوءِ سان وڌيڪ نشانبر ٿي سامهون آيو، جنهن کان سواءِ هلچل جو متحرڪ ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. انهن جي حيثيت پنهنجي جاءِ تي اهڙن رهبرن ۽ رهنمائن کان به سرس هئي. ڇو ته، اهي اُن اڀار ۽ انقلاب جا نقيب هئا ۽ ائين به چئجي ته پنهنجي پُرامن طريقي سان چونڊن جي طور طريقي تي پڻ اثرنداز ۽ اقتدار جي جوڙجڪ ۾ ردوبدل آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهيا.
اسان جي اپٽار ۽ وستار هر اسم کي صاف ڪري الڳ الڳ تجويز جي شڪل ۾ آندو آهي. جڏهن ڪوبه سماج ٻڙڪا کائڻ جي ويجهو هوندو آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سمورو سماج اٿل پٿل آڻڻ لاءِ تحرڪ ڪونه وٺندو آهي، پر ان سماج ۾ هڪ اهڙي اقليت هر اول جوڪم ڏيندي آهي، جيڪا بي انصافي ۽ قدامت پرستيءَ کي شدت سان محسوس ڪندي آهي ۽ هڪ اثرائتي ردعمل جو ذريعو ٿيندي آهي. ائين به ڪونهي ته شدت جو مقصد فردن جي ساڙ ٻاڙ، تباهي جي شڪل ۾ نمودار ٿئي. ان روش منجهان اڳتي هلي فائدو ٿيندو آهي ته اڪثريت جيڪا لاتعلق ٿي بيٺي هوندي آهي سا اقليت جي پٺڀرائي ۽ سهڪار ڏانهن وک وڌائڻ شروع ڪندي آهي، پر اهي پهريائين ته انهن نعرن کان به ونئون ويندا آهن، جن ۾ ”شهنشاهه مرده آباد!“ جو اڀ ڏاريندڙ نعرو به شامل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ وهنوار محض سهپ کان ٻاهر سماجي حالتن جو نتيجو ڪونه هوندو آهي، جنهن ڪري ماڻهو احتجاج ڏانهن مائل ٿيندا آهن، پر ان جي جوهر ۾ وري به فرد جو جيئرو جاڳندو هئڻ ضروري آهي ڇو ته ان ۾ اها سگهه سمايل آهي ته هو برداشت يا سهپ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي رد ڪري سگهي.