تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

قديم ۽ جديد سياست جو جائزو: ارسطو

[b]جذبن جو احساس
[/b]انقلاب جي آمد جو مکيه ڪارڻ جنهن جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ شهر واسي ڪندا اچن پيا، اهو طريقه ڪار اڄ جو نه پر صدين کان جاري آهي. اهي ماڻهو جيڪي مساوات جا قائل آهن، سي لازمي طور تڪرار ۽ چٽاڀيٽي جي محور ۾ داخل ٿيڻ گهرندا، ڇو ته انهن جي ذهن ۾ ويهجي ويندو آهي ته جيڪي ڪجهه کين حق ملڻ گهرجي، سو ٻين جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر آهي. ان جي برعڪس جيڪي عدم مساوات يا پنهنجي برتريءَ کي قائم دائم رکڻ جا حامي آهن، انهن جي سمجهه مطابق: اهي پاڻ ئي مصيبتن ۾ ورتل آهن ۽ جيڪي ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي، سو سندن حق ۽ مان مرتبي جي هروڀرو لائق ڪونهي پر ڪنهن قدر گهٽ آهي. (اهڙي قسم جي خواهشن جو اظهار جائز به ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ان کي ناجائز به ليکيو ويندو آهي) هونئن به جڏهن مصيبتن جا ماريل ويڙهاند جي دائري ۾ داخل ٿيندا آهن ته ان جو مطلب هيءُ هوندو آهي ته اُهي به مساوي حق رکن ٿا. جڏهن يڪسان مرتبي جا مالڪ آهن ته پوءِ اهي به اوترائي مٿانهان ۽ معتبر آهن. ان ڪري ئي هتي ان نقطي جو وستار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته اهي ڪهڙا احساس ۽ اڌما آهن، جيڪي ماڻهن کي جدوجهد لاءِ اتساه ڏين ٿا:

[b]مقصد[/b]
انهيءَ سموري چٽاڀيٽيءَ جو مکيه مقصد هيءُ آهي ته اُهي هڪ جهڙو مانُ حاصل ڪري سگهن ۽ سندن مخالفن کي جرئت ۽ همٿ ٿي نه سگهي ته سندن مانَ ۽ شان ۾ گستاخيءَ جي لاءِ سينو ساهي سگهن. مطلب ته اهي مخالف يا سندن حامي ڪنهن کي به نقصان ۽ ڇيهو رسائڻ جي طاقت کان وانجهيل هجن.

[b]سبب ۽ حالتون
[/b]هتي انهن سببن ۽ حالتن جي اپٽار ڪرڻ لازمي آهي جن ۾ جوش، جذبو ۽ جولان ڪنهن هڪ دڳ ڏانهن رخ اختيار ڪري ٿو. ان جي ڪري اهڙي اظهار جي ڪيفيت کي ڪجهه پتڪڙو ۽ غيرڌيان طلب به ڄاڻائين ٿا ته ٻيا وري ان کي چوٽ تي چاڙهي بيهارين ٿا. هونئن ظاهري طور ٻئي ڌريون هڪ ئي زبان منجهان ڳالهائين ٿيون، پر سندن طرز بيان جداگانه آهي، ڇو ته مقصد ۽ ان جي حصول جو جذبو ماڻهن جي جولان ۽ جنون کي هڪ ٻئي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اُڀاريندو آهي. اهو سڀ وهنوار محض ان لاءِ نه هوندو آهي ته اُهي صرف پنهنجي لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خفت ۾ ورتل هوندا آهن، جيئن سدائين چوندا ايندا آهن، پر هو مخالف ڌر جي ڪنهن مطالبي کي حقيقي ۽ ڪنهن کي مورڳو بي واجبي سمجهندي وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تڪرار کي اڀاري مٿي آڻيندا آهن. ان کان سواءِ ٻيا به سبب به ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ: ڊپ، بي ادبي، جارحاڻو تسلط، اختيارن جو ليڪو لتاڙڻ، سازش، لاپرواهي، لاتعلقي ۽اکيون ٻوٽي واردات ڪرڻ پڻ ان زمري ۾ اچي وڃن ٿا.

[b]اقتدار جي منشا ۽ مراد کي هٿ وسيڪو رکڻ لاءِ بي مروت ۽ طاقتور بڻجڻ جو سوداءُ
[/b]اقتدار ۽ اختيارن جي استعمال لاءِ جڏهن ماڻهو اکيون ٻوٽي حرص جي گهوڙي تي سوار ٿي ويندا آهن ته پوءِ ماڻهن ۾ چرپر ۽ هڪ ٻئي خلاف زور آزمائيءَ جو رجحان ان حد تائين سِر تي سوار ٿي ويندو آهي جو آئين ۽ اصولن جي خلاف به صف بندي ٿيندي نظر ايندي آهي.
هتي سمجهڻ گهرجي تي خسيس طرز جي املاڪ تي هٻڇ به ڪو ممڻ مچائي وجهندي آهي. هيستائين ان نقطي جي ذري گهٽ وضاحت ٿي وئي ته عزت ۽ اقتدار لاءِ طاقت جو حصول ڪيئن ڇڙوڇڙ ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ بڻجي ٿو. ڇو ته ماڻهو جيڪي منتشر هئڻ جي ڪيفيت منجهان لانگهائو هوندا آهن، سي هڪ ٻئي جي پڳ لاهڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن، ۽ ڌارين جي آڏو گوڏن ڀر جهڪيل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عزت ۽ مان جو حصول فضول ۽ بيڪار هوندو آهي. جڏهن ماڻهن جي اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ بي وفائي ۽ دغا ڏيڻ جا کورا ٻرندا هجن، اهو سمورو وهنوار هڪ ٻئي کي مسترد ۽ ميسارڻ جي عمل سان واڳيل هجي.
ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ اهو گروه مبتلا هوندو آهي، جيڪو غلط ۽ ناجائز طور طريقن سان مسلط ٿيل هوندو آهي ۽ اهي به ماڻهو جزا ۽ سزا جي خوف کان ڪڏهن به آجا ڪونه ٿي سگهندا آهن، بلڪ غلط طريقن جي ڪري مصيبتن ۾ ورتل هوندا آهن. ردعمل ۾ اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن، جنهن منجهان محسوس ٿيندو آهي ته اهي ايندڙ مصيبتن ۽ عذاب کان بچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. ان جو مثال هيءُ آهي ته ڪيئن روڊس Rhodes) ) جا چڱا مڙس پنهنجي ئي عوام خلاف گڏ ٿي بيٺا هئا، ڇو ته مروج قانون جيڪو سندن مفادن جو تحفظ ڪري رهيو هو ان جي حمايت ۾ پير کوڙي بيٺا هئا.
گروه بنديءَ جو هڪ ڪارڻ توهين يا هتڪ ڪرڻ پڻ آهي، ڇو ته اهو عمل سنئون سڌو سرڪار تي هلان/ حملو ڪرڻ ليکيو ويندو آهي. اهو هيئن ته امراءُ شاهيءَ جي سرشتي ۾ اهي ماڻهو جن جو حڪومتي وهنوار ۾ حصو پتي نه هئڻ برابر هوندو آهي، سي وڌيڪ منفرد نظر ايندا آهن. ڇو ته اهي پنهنجي سوچ ۽ ساڃاه مطابق پاڻ کي هڪ سگهاري ڌر سمجهندا آهن. هوڏانهن جمهوريت طرفدار قوتون ڀڃ ڊاهه ۽ ڇڙواڳيءَ جي وايومنڊل کي پنهنجي هتڪ ۽ بي عزتي سمجهڻ لڳنديون آهن. اهڙو ئي مثال آهي ته جڏهن ٿيبس ۾جنگ جي نتيجي ۾ جمهوريت کي تهس نهس ڪيو ويو ته ان جي جاءِ هڪ خراب ۽ بدڪار سرڪار اچي والاري. ائين ساڳي ريت جڏهن ميگرائنس (Megarians) کي شڪست ڏئي نيست و نابود ڪيو ويو ته ان جو ڀراءُ لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي اچي ڪيو. ساڳي نموني ساريڪس (Syracuse) ۾ گيلو جي ظلم ۽ بربريت جي ڪري ۽ روڊس جي عام ماڻهن ۾ ظلم ۽ جبر جي احساس بعد سينو ساهي اٿي بيهڻ.
آئين ۽ قانون ٻڌائين ٿا ته انقلاب ان ويل اڻٽر بڻجي ويندا آهن، جڏهن غير مساوي اوسر ۽ واڌ ٿيڻ لڳندي آهي. جهڙيءَ ريت انساني جسم مختلف عنصرن جو هڪ مجموعو آهي. انساني جسم جي سڀني حصن لاءِ ضروري آهي ته ترتيب سان انهن جي واڌ ويجهه ٿيندي رهي ته جيئن بيهڪ برقرار رهي سگهي، پر جيڪڏهن بيهڪ ۾ اڻ برابري ٿيندي ته سمورو سٽاءُ برباد ٿي ويندو. جيڪڏهن جسم ۾ پيرن جي جاءِ ٻانهون اچي والارين ۽ باقي جسم ٻن حصن ۾ ورهايل هجي ۽ ڪڏهن ته مورڳو سمورو جسم هڪ جانور جي شڪل اختيار ڪري وڃي ۽ اهو جسم صفاتي طور قدڪاٺ ۾ اڻ گهڙيو مادو بڻجي پوي. انهيءَ حوالي سان رياست جي جوڙجڪ به مختلف عضون جو ڳٽڪو آهي. انهن منجهان ڪوبه اڍنگي نموني پکڙجڻ شروع ڪري، جيئن ڪنهن آئيني ۽ جمهوري رياست ۾ غريب ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن جو انگ وڌڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اتفاق ۽ حادثا نمودار ٿيندا آهن، جيڪو وهم ۽ گمان ۾ ئي ڪونه هوندا آهن.
اهڙوئي هڪ حادثو تيرنتم (Tarentum) ۾ ظهور پذير ٿيو، جڏهن ايراني جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ستت ئي هڪ آئيني ۽ جمهوري سرڪار جو قيام عمل ۾ آيو. پر اوچتو ئي ليپي گيانس (Laphygians) وارن معتبرن ۽ عالمن کي قتل ڪري جمهوري سرڪار جو ڍينگو ئي ڍير ڪري ڇڏيو ۽ ساڳي ريت آرگوس Argos) ) ۾ نالي قبيلي کي اسپارٽن ملياميٽ ڪري ڇڏيو. ڪليمونس (Cleomoenes) جي شهرين کي دٻاءُ وجهي ڌارين جي رهائش لاءِ کين مجبور ڪيو ويو ۽ اڃا به اٿينس جو مثال آهي ته جڏهن انهن لاءِ زمين جي تنگي جو تباه ڪندڙ مسئلو پيدا ٿيو ته انهن وٽ معتبرن ۽ عالمن جو انگ نالي ماتر وڃي رهيو، جيڪو رهواسين کي ايندڙ آپدائن ۽ مصيبتن بابت ڄاڻ ڏيئي ڪنهن گڏيل عمل لاءِ يڪجا ڪري سگهي.
ان کان پوءِ جيئن ئي اسپارٽا وارن سان جنگاڻ ٿي ته منهن ڏيڻ لاءِ ڪابه معقول ۽ مضبوط رٿابندي ڪيل ڪانه هئي ۽ اهڙي طرز جو وهنوار جمهوري رياستن ۾ٿيندو رهندو آهي، پر محدود پئماني تي. ڇو ته جڏهن امير وڌيڪ امير ٿيڻ لڳندا آهن ۽ سندن مال ملڪيت ۾ بي تحاشا اضافو ٿيندو آهي ته سرڪار تي امراءُ شاهي ۽ سياسي وارث قبضو ڪري ويندا آهن.
آئيني زمري ۾ ته ڪڏهن وري تڪرار جي غيرموجودگي ۾ به انقلاب نمودار ٿيندا آهن، مورڳو چونڊن جي نالي ۾ پڻ سازشون جنم وٺنديون آهن. ان جو مثال هيرئا آهي، (اتي ماجسٽريٽن جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏيڻ بدران نامزدگيءَ جي عمل کي هٿي ڏني وئي، ڇو ته ماڻهن چوند عمل کي اجايو سجايو ۽ کٽراڳ ڄاڻايو هو). اهو سڀ ڪجهه لاپرواهي ۽ لاتعلقيءَ جو اظهار هو. ائين ماڻهو انهن صاحبن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪي آئين جا پاسبان ۽ پاسخاطري ڪندڙ نه هجن، پر اقتدار تي قابض ٿي ويهي رهن. جڏهن ته هڪ چونڊيل ماجسٽريٽ هيري ڪلوڊورس جو مثال آهي ته ان اوريس ۾ماڳهين امرا شاهيءَ جو انت آڻي جمهوري راڄ جي قيام لاءِ راه هموار ڪئي ۽ آئين جي بالادستيءَ کي مٿانهون ڄاڻايو.
هتي ٻئي سبب جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تي ڪيئن محدود دائري ۾ ردوبدل اچي ٿي. ان منجهان منهنجي مراد هيءَ آهي ته جڏهن ماڻهو ادارن ۾ ايندڙ هڪ اهم ردوبدل کي معمولي ۽ تڇ جهڙو سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جو مثال اهو آهي ته آمبريشيا (Ambracia) ۾ امارت/ مال ملڪيت جي صنعت کي محدد ڪيو ويو. جنهن ڪري ماڻهو جڏهن سرڪار وهنوار هلائڻ لاءِ ڪرسيءَ تي براجمان ٿيو ته سندس خزانو ئي خالي هو ته پوءِ عمل ڪرڻ لاءِ به متحرڪ ٿيڻ جي رفتار ٻڙيءَ برابر هئي.
ان کان سواءِ ڌارا ڌار نسلي ٽولن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي به گروه بندي جو هڪ اهم ڪارڻ آهي، ڇو ته جوهر ۽ جمال ۾ يڪسانيت جو هئڻ اهم آهي ۽ محض ماڻهن جو انبوه ڪنهن به رياست جي سگهاري جوڙجڪ جو ڪارڻ نه ٿا بڻجي سگهن پر جيڪڏهن اهڙي رياست وجود ۾ اچي وڃي ٿي ته به گهڻو وقت جالي ڪونه سگهندي. ان ڪري جيڪڏهن ڪي رياستون وري هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرائي هڪ بوتو ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿيون ته انهن ۾ ويڇابندي ٿيڻ اڻٽر آهي. مثال طور: آڪيئنس (Achaeans) کي توريزينوس (Troezniaous) سان سائبرس (Sybaris) ۾ آباد ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي مورڳو صورتحال اهڙي پيدا ٿي جو آڪيئنس ايترا ته طاقتور بڻجي پيا جو اتان توريزيئنس کي هڪالي ڪڍي ڇڏيائون. اهو ئي هڪ مکيه ڪارڻ هو جيڪو سائبرس جي زوال جو بنيادي سبب بڻيو.