تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

شانگ شا جا ڏهاڙا: ائڊگرسنو

(مائوزي تنگ هلندڙ)

آءٌ، گهڻي وقت کان شانگ شا ڏانهن وڃڻ لاءِ پَر سوئي رهيو هوس. اهو عظيم شهر جيڪو صوبي جي راڄڌاني هئڻ جي ناتي منهنجي گهر کان اٽڪل 34 ميلن جي مفاصلي تي هو. ان لاءِ چيو ويندو هو ته وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ انبوهه ماڻهن جا رهن ٿا، بيشمار اسڪول ۽ گورنر جو تخت گاه پڻ آهي. منهنجي دل سٽون ڏئي رهي هئي ته ڪيئن به ڪري ان شهر ۾ پهچي هسيانگ وارن لاءِ مخصوص ٿيل اسڪول ۾ داخل ٿيان. ان ئي اونهاري ۾ اعليٰ پرائمري تعليم جي هڪ استاد منهنجي چاهت کي مڃتا ڏيندي ٻانهن کان وٺي هلي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. اتان جي استاد هائوڪار ڪئي ۽ شانگ شا ڏانهن روانو ٿيس. آءٌ، واٽ تي اتساهه ۽ شوق ۾ پور پچائيندو، نيم خوفزده ٿي وڃي رهيو هيس ته متان داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي ۽ پاڻ کي همٿ ۽ جرئت سان ڏڍ ڏيڻ اوکو پئي لڳو ته اهڙي عاليشان اسڪول ۾ داخلا ملي چڪي آهي. مون کي خوشي محسوس ٿي، جڏهن بنا ڪنهن رنڊڪ جي داخلا ملي وئي، پر سياسي حالتن ۾ ايڏو ته ڇوهائيءَ سان ردوبدل اچڻ لڳي جو مان، اڌ ورهيه کن ئي ان اسڪول ۾ رهي سگهيس.
مان، شانگ شا ۾ پهرين اخبار عوامي طاقت People's Power) ) پڙهي هئي. اها اخبار قوم پرست انقلابي خيالن جي هئي، جنهن وسيلي ڄاڻ ملي ته ڪينٽون ۾ مانچو گهراڻي خلاف ڪيئن بغاوت پيدا ٿي. ان کان علاوه انهن 72 سورمن جي قتلام بابت آگاهي ملي ته، هُنن ڪهڙيءَ ريت هُينان جي رهواسي وانگ هيسنگ جي اڳواڻيءَ ۾ سِرن جون قربانيون ڏئي اَمرتا ماڻي ورتي. مان سموري دکدائڪ ڪهاڻيءَ کان نه رڳو متاثر ٿيس پر هڪ حوصلو ۽ همٿ پيدا ٿي. ان سموري مواد جي مرتب جو نالو يو¸ يوجن (Yu-Yu Jen) ) هو، جيڪو اڳتي هلي ڪومنٽانگ جو ناليرو اڳواڻ ٿيو. مان ان ساڳي عهد ۾ سن يات سن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ تونگ مسنگ هوئي جي نالي سان خفيه سوسائٽي جي پروگرام ۽ رٿابنديءَ متعلق به معلومات ورتي.
هونئن مجموعي طور ماحول انقلاب جي ابتدائي دور جي ڪنڌي تي بيٺل هو. مان ايترو ته جذباتي ٿي ويو هوس جو ترنگ ۾ اچي هڪ مضمون لکي اسڪول جي ديوار تي چنبڙائي ڇڏيم. اها منهنجي پهرين سياسي لکڻي هئي، جيڪا گهڻي واضح نه پر مبهم ۽ منجهيل هئي. ڇو ته مان اڃان تائين ڪئنگ يو وئي (Kiang Yu wei) ۽ ليانگ چي چائو (Lian Chi- Chao) جي پرڪشش سحر منجهان ٻاهر ڪونه نڪتو هوس. مان انهن جي وچ ۾ اختلافن کي سمجهي ڪونه سگهيو هيس. ان ڪري منهنجي مضمون جو تت هيءُ هو ته، سن يات سن کي جپان منجهان واپس آڻي صدارت جي عهدي تي فائز ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪانگ يو وئي کي وزير اعظم ۽ ليانگ چي چائو کي وزير خارجه مقرر ڪيو وڃي.
پر ڏيهي قابضن جي خلاف، ان زماني ۾ تحريڪ جو اهم مرڪز شزهوان¸ هينڪو(Szechuan-Hanko) جي ريلوائي عمارت هئي. اتان ئي هڪ آزاد پارليامينٽ جي مطالبي جو نعرو گونجيو هو. ان جي موٽ ۾ شهنشاهه محض هڪ صلاحڪار ڪائونسل جوڙڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي. اسان جي اسڪول جا شاگرد ته مذڪوره تحريڪ جا جوش ۽ جنون جي حد تائين طرفدار بڻجي ويا هئا. انهن شاگردن مانچو گهراڻي خلاف ايڏو ته سخت مظاهرو ڪيو جو ڊگهين چوٽين رکڻ واري روحاني عقيدي جي به مٽي پليد ڪري هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هئائون.
مان ۽ هڪ ٻئي دوست ته هڪدم چوٽيون ڪترائي ڇڏيون، پر ٻيا دوست جن اڳواٽ زبان به ڏني هئي ته چوٽيون لهرائي ڇڏيندا سي اوچتو اٺ پير ڊاهي کسڪي ويا. ان جي ردعمل ۾ اچي مان ۽ منهنجن ساٿين اهڙن همراهن کي مار ڪٽ ڪري سندن چوٽيون ڪپي ڇڏيون. اسان جي ان مهم جو لڳ ڀڳ ڏهه ڄڻا شڪار ٿيا. ائين ٿوري ئي وقت ۾ اهڙو ته ماحول جڙي راس ٿيو جو چوٽي رکندڙن تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿيڻ لڳيون. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته سياسي نظريو مورڳو عقيده پرستيءَ ۾ ڪيئن ڦيرڦار آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
مان، چوٽي ڪپرائڻ جي مهم ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو هوس جو هڪ ڏهاڙي، قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ هڪ دوست سان ان مسئلي تي تون ڇا تون ڇا ٿيندي ويرم ئي ڪانه ٿي. ڇو ته قانون گَرُ دوست جو چوڻ هو ته، جسم، چمڙي، وار ۽ ننهن ورثي طور مليل آهن، انهن کي نيست نابود ڪرڻ نه گهرجي. ان راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ آڳاٽي دور جي لکڻين جا حوالا ڏئي چنبڙي پيو. ان جي برعڪس مون ۽ منهنجن دوستن اهڙي خيال آرائيءَ کي رد ڪندي ان کي مورڳو مانچو حڪمرانن خلاف سياسي محاذ آرائيءَ طور استعمال ڪرڻ جو اظهار ڄاڻايو ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو، سڀني جا وات بند ٿي ويا.
جڏهن لي يوان هنگ (Li Yuan- Hung) جي سربراهيءَ ۾ بغاوت ٿي ته هونان ۾ مارشل لا هنئي وئي. ائين سياسي جوڙجڪ ۾ ڇوهائيءَ سان تبديلي اچڻ لڳي. هڪ ڏهاڙي اسڪول ۾ هڪ انقلابي اچي پهتو ۽ پرنسپال جي اجازت سان وار ڪانڊاريندڙ تقرير ڪيائين. ست يا اٺ شاگرد اٿي بيٺا ۽ انقلابيءَ جي تقرير جي مڪمل پٺڀرائي ڪندي مطالبو ڪيو ته، مانچو حڪمرانن کي برطرف ڪري هڪ جمهوري سرڪار جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. اتي ويٺلن منجهان ڪجهه وَري بت بڻجي تقريرون ۽ مطالبا ٻڌي رهيا هئا ۽ موت جهڙي ماٺ ڇانيل هئي، ڇو ته انقلابيءَ جي سحر انگيز تقرير ماحو ل کي پنهنجي گرفت ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو.
مون اها تقرير ٻڌڻ شرط چار يا پنج ڏهاڙا گذرڻ کان پوءِ پڪو پهه ڪيو ته لي يوان هنگ جي انقلابي فوج ۾ شامل ٿيندس. مون ان فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏ هينڪو ڏانهن اسهڻ کان ا ڳ ڪجهه پئسو پنجڙ هم ڪلاسين کان گڏ ڪري ورتو. ائين به ٻڌڻ ۾ آيو پي ته، هينڪو جون گهٽيون پوسل سان ڀريل آهن. ان لاءِ مينهوڳيءَ وارا بوٽ پائي وڃڻ لازم هو. مان اهڙو بوٽ اڌارو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڪ فوجي دوست ڏانهن شهر کان ٻاهران ويو هيس. مون کي فوجي ڇانوڻي جي گارڊن ٻاهر ئي بيهاري ڇڏيو. اتي مون کي هڪ عجيب و غريب چرپر نظر آئي ۽ فوجين کي گولين سان سٿيل ٿيلها ڏئي گهٽين ڏانهن اماڻيو پئي ويو.
باغين جا ٽولا، ڪينٽون¸ هينڪو ريلوائيءَ ڏانهن پيش قدمي ڪري رهيا هئا ۽ ويڙهه جي شروعات ٿي وئي هئي. هڪ چڱي موچاري جنگ، شهر جي ڀتين ٻاهران ٿي رهي هئي. ان کان سواءِ شهر جي اندر به بغاوت جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا. ائين ڏسندي ئي ڏسندي چيني پورهيت مکيه دروازن ڏانهن ڌوڪي آيا ۽ قبضو ڪري ورتو. مان انهيءَ هڪ مکيه دروازي منجهان شهر ۾ ٻيهر داخل ٿي هڪ مٿانهين پوٺي تي بيهي جنگ جو لقاءُ ڏسڻ لڳس. آخرڪار جنگ جي پڄاڻي ٿي ۽ هُوان جو جهنڊو جهولڻ لڳو. اهو هڪ سفيد رنگ جو جهنڊو هو جنهن ۾ هوان جو نشانيون نقش ٿيل هيون. آءٌ پنهنجي اسڪول ڏانهن موٽي آيس، جتي اڳواٽ ئي فوجي محافظن جو گهيرو ٿيل هو.
اڳلي ڏهاڙي هڪ ڦلهڙي طرز جي حڪومت جوڙي وئي. ان ۾ چڱن مڙسن جي تنظيم (Elder Brother’s Society) جا ٻه اهم نمائندا صدر ۽ نائب صدر طور نامزد ڪيا ويا. انهن جا نالا چيائوتا فينگ ۽ چن زائو هسنگ هئا. نئين سرڪار جوهيڊ ڪوارٽر سابقه صوبائي صلاحڪار ڪائونسل جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جي سربراه تان ين ڪائيءَ کي اڳ ۾ ئي برطرف ۽ ڪائونسل کي پڻ تحليل ڪيو ويو هو. اتي ڳولا ڦولها سان اهڙا ثبوت هٿ آيا، جن ۾ مانچو سرڪار کي پارليامينٽ قائم ڪرڻ لاءِ عرضداشتون اماڻيل هيون. اصل دستاويز ته هڪ انقلابي لي هيسو ٿي جي رت سان لکيل هو، جيڪو هاڻي سوويت سرڪار ۾ تعليمي ڪمشنر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. هيسو پنهنجي آڱر کي چهڪ ڏئي، هڪ وفادار ۽ مستقل مزاج انسان جيان عرضداشت لکي هئي. ان جي شروعات ۾ ئي آزي ۽ نيزاريءَ سان لکيل هو ته، ترت پارليامينٽ جو اجلاس سڏايو وڃي. مان پنهنجي رت سان هيءَ لکت وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.
نوان چونڊيل صدر ۽ نائب صدر گهڻو وقت هلي نه سگهيا. اُهي پنهنجي روءِ سوءِ ۾ خراب ماڻهو ڪونه هئا پر اهي ڪنهن حد تائين انقلابي هئڻ جي ڪري غريبن لاءِ دل ۾ درد رکندا هئا، جنهن ڪري انهن جي چال چلت منجهان زميندار ۽ واپاري مطمئن ڪونه ٿيا هئا. ٿورا ئي ڏهاڙا گذرڻ کانپوءِ مان ڪنهن دوست جي ڪانڍ تي اوڏانهن وڃي رهيو هيس ته ٻنهي غريبن جي طرفدارن جا لاش گهٽيءَ ۾ پيل هئا. شان ين ڪائي وارن کي زميندارن ۽ فوج جي پٺڀرائيءَ سان ڪارروائي وسيلي قتل ڪيو ويو هو.
ڪيترائي شاگرد فوج ۾ شامل ٿيڻ لڳا. شاگردن جي فوج کي منظم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، شامل ٿيندڙ شاگردن جي فوج ۾ تانگ شينگ چي پڻ هو. آءٌ ذاتي طور شاگرد فوجي جٿا ٺاهڻ جي حق ۾ ڪونه هيس. ڇو ته ان جوڙجڪ منجهان ئي اڳتي هلي مونجهارا پيدا ٿيڻ جو قوي امڪان هو. ان ڪري مون ريگيولر فوج ۾ شامل ٿيڻ جو پڪو پهه ڪيو ته، جيئن انقلاب لاءِ وڌيڪ سودمند ثابت ٿي سگهان. هن مهل تائين شهنشاه چنگ تخت تان دستبردار ڪونه ٿيو هو ۽ اهو ئي جدوجهد جو ڪارائتو ۽ ڪارگر دور هو.
منهنجي ماهوار پگهار ست يون هئي. هاڻي جيڪا پگهار سرخ فوج ۾ کڻان ٿو ان کان وڌيڪ هئي. بهرحال مان کاڌ خوراڪ تي ماهوار ٻه يون خرچ ڪندو هيس. سپاهين کي پيئڻ لاءِ پاڻي ٻاهران خريد ڪري آڻڻو پوندو هو. پر مان شاگرد هئڻ جي ناتي ايترو پرڀرو وڃي ڪونه سگهندو هيس ۽ اتان ئي ڪنهن پخاليءَ کان ڳنهي وٺندو هيس. منهنجي بقايا پگهار اخبارن ۽ رسالن خريدڻ جي مَد ۾ خرچ ٿي ويندي هئي. انهن اخبارن ۾ رزاني ”هيسانگ“ جيڪا انقلاب کي اجاڳر ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي، سا مستقل طور مطالعي هيٺ رهندي هئي، ان اخبار ۾ سوشلزم متعلق اڪيچار بحث مباحثا شايع ٿيندا هئا. اُتان ئي آءٌ سوشلزم بابت لفظي سٽاءُ ۽ بيهڪ کي سمجهڻ ۽ سوچڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳس. مان ان کان پوءِ ئي سوشلزم ۽ اصلاحات جي باري ۾ دوستن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جي لائق بڻيس. مان ڪجهه اهڙا به پمفليٽ پڙهيا جيڪي ڪيانگ ڪئانگ هُو جا سوشلزم لاءِ لکيل هئا. مون مڪمل جوش ۽جذبي سان سوشلزم بابت پنهنجن دوستن ڏانهن لکپڙهه جو سلسلو شروع ڪيو، پر مون سان سهمت ٿيندڙن ۾ هڪ ئي دوست هو.
منهنجي فوجي جٿي ۾ هُونان جو هڪ کاڻ مزدور ۽ لوهار پڻ شامل هئا، جن سان وڌيڪ ويجهڙائي ۽ چاهت هئي. باقي ته عقل جا اياڻا يا وري شرير سڀاءُ جا مالڪ هئا. مون اڳتي هلي ڪجهه ٻين شاگرد دوستن کي رضامند ڪري ورتو ته، اُهي فوج ۾ شامل ٿيندا. ٿوري وقت ۾ پلاٽون ڪمانڊر ۽ ٻين سپاهين سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. لکپڙهه ڄاڻڻ جي ڪري آءٌ گهڻو ڪري سڀني جي نظر ۾ عزت ۽ احترام لائق ليکيو ويندو هوس. مان انهن کي خطن لکڻ ۽ لکپڙهه جي ٻين ڪم ۾ سندن مددگار بڻجي پوندو هيس.
اڃا تائين انقلاب جي آمد ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه تز ۽ ڪارائتي رٿابندي ڪانه ڪئي وئي هئي. ڇو ته چنگ، اڃا تائين مڪمل طور اقتدار تان هٿ ڪونه کنيو هو. ان کان سواءِ ڪومنٽانگ جي وچ ۾ به سربراهيءَ تان ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. ان ڪري هونان ۾ افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. ڪيترائي ننڍا فوجي جٿا مانچوز ۽ يوان شهي ڪائي خلاف منظم ٿي رهيا هئا، پر هونان واسي متحرڪ ٿيڻ لاءِ تياريءَ ۾ مصروف هئا ته سن يات سن ۽ يوان شهي ڪائي وارن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، جنهن مطابق جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڪر ي”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ وارا هڪ ٿي ويا ۽ نانڪنگ سرڪار تحليل ڪئي وئي. ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته انقلاب جي پڄاڻي ٿي وئي. مان به فوج منجهان مستعفي ٿي ڪتابن ۾ وڃي منهن وڌو. مان هڪ سپاهيءَ طور فوج ۾لڳ ڀڳ 6 مهينا رهيس.
مون اخبارن ۾ اشتهار پڙهڻ شروع ڪيا. ڪيترائي اسڪول نئين سِر کلي رهيا هئا ۽ انهن جي معلومات جو ذريعو اخبارون هيون ته جيئن شاگردن کي متوجه ڪري سگهجي. مون کي خاص اسڪولن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانه هئي. مان پنهنجي سِر به گومگو ۾ ورتل هيس ۽ خبر ڪانه هئي ته مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي. اوچتو نظر منهنجي هڪ پوليس اسڪول بابت اخبار ۾ آيل اشتهار تي پئجي وئي. مان ان ۾ داخلا وٺڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ جو داخلا ٽيسٽ لاءِ تياري ڪيان، هڪ اهڙو اشتهار ڏٺم جيڪو ”صابڻ سازي“ جو فن سيکارڻ بابت اسڪول جو هو. ان ۾ وڌيڪ سهولت هئي ته ڪابه اضافي في وغيره ڪانه هئي. رهائش لاءِ به چڱي چوکي سهولت سان گڏ ڪجهه پگهار ڏيڻ جي به ڪشش شامل هئي.
لاشڪ ته اهو اشتهار، منهنجي لاءِ اتساهه ۽ ڇڪ جو ڪارڻ هو، ان ۾ ائين به ڄاڻايل هو ته صابڻ سازيءَ جي فن سکڻ سان سماج ۾ هنرمند طور عزت ۽ خوشحاليءَ ۾ اضافو آڻي سکيو ستابو ۽ امير بڻجي سگهجي ٿو. آءٌ پوليس اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جو ارادو ملتوي ڪري صابڻ سازيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيس. ان لاءِ نالي ماتر رجسٽريشن في به جمع ڪرائي ڇڏيم.
انهيءَ عرصي دوران قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ هڪ دوست آيو ۽ زور بار ڪرڻ لڳو ته سندس اسڪول ۾ داخلا وٺان. مان هونئن به ان اسڪول متعلق ڪيترائي اشتهار پڙهيا هئا، جنهن ۾ ڪيتريون ئي آسائشون ۽ وعدا به ڪيل هئا. ان کان سواءِ شاگردن کي خاطري ڏنل هئي ته قانون جي تعليم ٽن ورهين جي مدي پوري ڪرڻ کان پوءِ کين اعليٰ عهدي تي پڻ فائز ڪيو ويندو. منهنجو دوست سانده اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندو رهيو. نيٺ لاچار ٿي پنهنجي گهروارن ڏانهن عريضي لکي موڪلي ۽ اشتهار ۾ ڄاڻايل وعدن ۽ خاطرين جو تفصيلي ذڪر ڪندي في موڪلڻ جي گذارش ڪئي. مون پنهنجي لکت ۾ شاندار مستقبل ۽ اعليٰ عهدي ماڻڻ جو ذڪر به شد و مد سان ڪيو هو. ان کان پوءِ مقرر ڪيل هڪ ڊالر في پنهنجي هَڙئون اسڪول ۾ جمع ڪرائي، مائٽن کان ڪنهن مثبت موٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
اوچتو منهنجو ڀاڳ وري هڪ ٻيو ڀيڙو ڏنو. اهو هيئن ته ڪمرشل اسڪول جو اشتهار آيو.مون کي هڪ دوست قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته، ملڪ ۾ هن وقت اقتصادي جنگ عروج تي پهتل آهي. هن وقت اهڙن اقتصادي ماهرن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ڀورا ڀورا ٿيندڙ معاشري جي نئين سر اڏاوت ڪري سگهن. مون کي دوست جي دليل بازيءَ ۾ وزن نظر آيو، سو هڪ ٻيو ڊالر داءُ تي هڻي ڪمرشل اسڪول ۾ داخلا فارم جمع ڪرائي ڇڏيم. مون جيئن فارم جمع ڪرايو ته، بيٺي پير منظور ڪري داخلا ڏني وئي. ان هوندي به اشتهارن کي لڳاتار نظر مان ڪڍندو رهيس.
هڪ ڏهاڙي هڪ اڃا به وڌيڪ اعليٰ قسم جي ڪمرشل اسڪول بابت اشتهار آيو. ان اداري جو انتظام سرڪاري هٿن ۾ هو. ان ۾ اعليٰ تعليم ڏيڻ جو اعلان ۽ تجربيڪار استادن جي موجودگي ڄاڻايل هئي. مون دل ۾فيصلو ڪيو ته هڪ اعليٰ اقتصادي اداري ۾ تعليم حاصل ڪري تجربو ۽ آزمودو حاصل ڪرڻ سڀ کان اهم آهي ۽ ڊالر في ڀري پوءِ پنهنجي پيءُ کي فيصلي کان آگاهي ڏني. هو ته ان فيصلي تي گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيو. منهنجو ابو هونءَ به ڪمرشل ترقيءَ جو اهم طرفدار هو. مان پوءِ به ان اسڪول ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ جالي نه سگهيس.
منهنجي لاءِ نئين اسڪول ۾ سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۽ مسئلو هيءُ هو ته تعليم جو ذريعو انگريزي هئي، جنهن تي مون کي نالي ماتر عبور حاصل هو ۽ اڃا به اهم رنڊڪ هئي ته اسڪول ۾ انگريزي ٻوليءَ جو مورڳو استاد به ڪونه هو، جيڪو رهنمائي ڪري سگهي. اهڙي دلشڪسته صورتحال جي ڪري اسڪول کي ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو ۽ وري به اشتهارن کي پڙهڻ جي خفت ۽ سوداءُ کي لڳي ويس.
منهنجو ٻيو تعليمي طالع آزمائيءَ جو طريقو صوبائي مڊل اسڪول بڻيو. مون معمول مطابق هڪ ڊالر في جمع ڪرائي ۽ دخلا ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. اهو اسڪول ڪشادو ۽ عاليشان هو. جنهن ۾ شاگردن جو تعداد به چڱو خاصو هو. اتان گريجوئيشن ڪرڻ وارن لاءِ عزت ۽ احترام هوندو هو. اتي هڪ چيني استاد، مون کي پڙهائيءَ ۾ مدد پڻ ڪندو هو. ان جو خاص ڪارڻ منهنجو ادبي ذوق هو. ان استاد مون کي هڪ ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنو، جنهن جو عنوان هو: ”اتهاس ۽ شهنشاهيت شناسائي.“ جنهن ۾ پيرائتي نموني بادشاهت جي عادتن ۽ افعالن جا وکا پڌرا ڪيل هئا.
لڳ ڀڳ ان ساڳي دور ۾ هٿيارن جي هڪ سرڪاري ڊپو آفيس شانگ شا ۾زوردار ڌماڪو ٿيو. اتي ڀڙڪندڙ باهه جا الُا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ اسان شاگرد ان لقاءُ کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا هئاسون. اتي مَٽن جي انداز ۾ گوليون ۽ گولا ڦاٽي رهيا هئا ۽ بارود کي باهه وڪوڙي وئي هئي. اسان کي ڄڻ ته ڦٽاڪن جي راند جهڙو مزو پي آيو. هڪ مهيني جي مدي ۾ تان يون ڪائي وارن، يوان شهي ڪائي وارن کي علائقي منجهان ئي نيڪالي ڏئي ڇڏي. هنن آسپاس جي سياسي انتظاميا تي پڻ مڪمل قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ويڙهاند ۽ ڄنڊا پٽ جو نتيجو ائين نمودار ٿيو جو بادشاهت جا پير پختا ٿيڻ لڳا (پر تاج شاهي به ڇوهائيءَ سان ڌرتي داخل ٿيڻ لڳو.)
آءٌ مڊل اسڪول جي پڙهائي واري نظام منجهان ستت ئي بيزار ٿي پيس. ڇو ته پڙهائيءَ جو سرشتو ٻُسو ۽ اعتراض جوڳو هئڻ سان گڏوگڏ سخت قاعدا ۽ قانون پڻ مسلط هئا. مون پڪو پهه ڪيو ته نويڪلائيءَ ۾ پنهنجي منهن مطالعو ڪندس. ان ڪري ڇهن مهينن کان پوءِ اسڪول کي ئي الوداع ڪيم ۽ پڙهائيءَ جو پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ان مطابق هينويان جي ڪتاب گهر ۾مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. آءٌ بنا ڪنهن وقفي جي محنت ۽ ڌيان سان لڳاتار پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو رهيس، جنهن منهنجي ڄاڻ ۽ شعور ۾ چڱو واڌارو ڪيو. آءٌ ڪتب خاني ۾ صبح جو ساجهر ويندو هيس. منجهند جو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ چانورن جي ماني کائي ڇڏيندو هيس. مطلب ته لئبريري جا دروازا بند ٿيڻ تائين مطالعي ۾ محو رهندو هيس.
پاڻمرادو تعليم پرائڻ واري ان دور ۾ ڪيترائي ڪتاب جن ۾ عالمي جاگرافي ۽ تاريخ اهم آهن. اُهي مطالعي هيٺ رهيا. ان ڪري پهريون ڀيرو دنيا جي نقشي جو غور سان مطالعو ڪيم. مان آدم سمٿ جي ڪتاب ”قومن جي دولت“
(The Wealth of Nations)، ڊارون جي ارتقاءِ حيات (Origin of Species) جان اسٽورٽ مل جي ”اخلاقيات“ (Ethics) ) جو ڳوڙهي نموني سان مطالعو ڪيو. مون روسو جي ڪتابن، اسپنسر جي منطق ۽ مونتسيڪو جي قانون بابت لکڻين کي به سنجيدگيءَ سان ويهي پڙهيو. مان سنجيده قسم جي ڪتابن جي زمري ۾ روس، آمريڪا، انگلستان، فرانس ۽ ٻين ملڪن جي تواريخن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ آڳاٽي دور جي يوناني ادب ۽ شاعري جو به ڌيان سان مطالعو ڪيو.
مان اڳتي لاءِ پنهنجي رهائش هيسناگ ضلعي جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيل هڪ عمارت ۾ اختيار ڪئي. اتي رهندڙن ۾ گهڻي ڀاڱي رٽائرڊ فوجي يا اهڙا ماڻهو هئا، جن جي آمدنيءَ جو ذريعو نه هئڻ برابر هو. ان عمارت ۾ شاگردن ۽ سپاهين جي وچ ۾ سدائين ٻڙڌڪ متل هوندو هو. هڪ رات اهو تڪرار ايترو ته چوٽ چڙهي ويو جو مارڪٽ تي وڃي انت ٿيو. جيئن ئي ڪجهه سپاهي اڃا به ڪجهه شاگردن کي خون ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇتا ٿي بيٺا ته مان وڃي حمام خاني ۾ لڪي پيس ۽ رات اُتي ئي رهيس.
منهنجا کيسا به خالي ٿي ويا هئا، مالڪن به رقم موڪلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ عمارت ۾ وڌيڪ رهڻ جيءُ جو جوکو بڻجي پيو ته مٿو لڪائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ شروع ڪيم. مان هاڻي ”مستقبل“ بابت سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ لڳس. مون کي سمجهه ۾ آيو ته پڙهائيءَ جو پيشو اختيار ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ مناسب ۽ مانائتو آهي. مون ان لاءِ وري به اشتهارن پڙهڻ جو وهنوار شروع ڪيو. هڪ اخبار ۾ هُنيان جي ”نارمل اسڪول“ جو شايع ٿيل اشتهار وڌيڪ سودمند لڳو ۽ سمجهه ۾ آيو. اتي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ مناسب رقم تي دستياب هئا. مون کي روايتي طور صلاح ثباب لاءِ ٻه دوست مذڪوره اداري ۾ اچڻ لاءِ زور بار ڪرڻ لڳا ته جيئن سندن مضمون نويسيءَ جي ڪم ۾مدد پڻ ڪري سگهان.
مان پنهنجي گهروارن ڏانهن لکت اماڻي ته جيئن انهن جي رضامندي به شامل هجي. مان پنهنجن مضمونن کي لکڻ ۽ سنوارڻ جي ڪم کان سواءِ ٻنهي دوستن لاءِ به مضمون لکي وٺندو هوس. اهي ٽئي مضمون طمطراق سان منظور ڪيا ويا هئا. ان جو مطلب ته مان ٽي ڀيرا مڃتا لائق بڻجي ويس. هونئن مون کي ڪڏهن به ذهن ۾ وهم گمان ڪونه آيو ته پنهنجن دوستن جي اهڙي مدد ڪري هڪ غير اخلاقي جرم جو مرتڪب ٿي رهيو آهيان، منهنجي لاءِ اهو عمل ڄڻ ته دوستن لاءِ ونگار وهڻ برابر هو.
انت ته آءٌ نارمل اسڪول ۾ لڳاتار پنج ورهيه پڙهندو رهيس ۽ ڪڏهن به پُرڪشش اشتهارن کي اکيون کڻي ڪونه ڏٺم. نيٺ ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. مون کي هونان جي انهيءَ اسڪول ۾ ڪيترائي تجربا حاصل ٿيا ۽ منهنجي سياسي سوچ ويچار به شڪل شبيهه اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. مان ان ئي اسڪول ۾ سڌ سماءُ حاصل ڪيو.
ان نئين اسڪول جي قائدن ضابطن جي ڪنهن حد تائين پوئواري ڪرڻ درست سمجهڻ لڳس، پر هڪ اهم رنڊڪ اها هئي ته نيچرل سائنس کي مزاحمت ۽ مخالفت لائق سمجهڻ شروع ڪيم. آئون سماجي سائنس تي عبور حاصل ڪرڻ جي خفت ۾ مبتلا رهندو آيس. ان ڪري نيچرل سائنس ۾ دلچسپي نالي ماتر رهي ۽ محض پاس ٿيڻ جيتريون مارڪون به ڳيتون ڏئي کڻندو هيس. ان کان سواءِ ڊرائنگ جي لازمي مضمونن کي ذهني طور بار ۽ ٻوجهه ڀائيندو هيس. آءٌ اهڙي طريقه ڪار کي بيڪار ۽ واهيات ليکيندو هيس. آءٌ سدائين سادي ۽ آسان پڙهائيءَ سان انس رکندو آيس ته جيئن سولائيءَ سان ڪم پورو ڪري ماڻهو ڪلاس جي ٻوسٽ منجهان نڪري ٻاهر هليو وڃي.
مون کي ياد آهي ته، هڪ لڱا اڌ سج ۽ اڌ ٽڪريءَ جي ڊرائنگ ڪئي، جنهن کي هڪ سڌي لڪير ۽ ان جي مٿان اڌ گول ڪڍي جان ڇڏائي هئي. ٻيو ڀيرو امتحان جي زماني ۾ بيدي سان مورڳو هڪ اڻ ٺهڪندڙ شڪل ڊرائنگ پيپر تي ٺاهي ان جي هيٺان ”آنو“ لکي ڇڏيم. مان ڊرائنگ ۾ محض 0 4 مارڪون حاصل ڪري ناپاس ٿيس، پر خوش قسمتيءَ سان سماجي سائنس ۾ ايتريون ته سٺيون مارڪون مليون جو گهٽ حاصل ڪيل مارڪن واري ڪسر نڪري وئي.
اتي هڪ چيني استاد به هوندو هو، جنهن کي عرف عام ”يوان ڊگهه ڏاڙهيو“ سڏيندا هئا. اهو صاحب، منهنجي لکڻين تي ٽوڪزني ڪندي انهن کي اخباري بيان بازي چوندو هو. هو ليانگ چي چائو کي مورڳو ڌڪار جي نظر سان ڏسندي کيس اڌ پڙهيل ڄاڻائيندو هو. مان پنهنجن لکڻين ۾ سڌارو آڻڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هين يو جي لکڻين جو وڌيڪ ڳوڙهي نموني اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آڳاٽي دور جي محاوراتي انداز بيان تي چڱو چوکو دسترس حاصل ڪري ورتو. مان سچ پچ ته استاد يوان جو ٿورائتو آهيان جو اڄ به ڪلاسيڪل مضمون نويسيءَ ۾ پاڻ کي ڀَڙ سمجهندو آهيان.
منهنجي حياتيءَ تي جنهن استاد دائمي عڪس نقش ڪيا ان جو نالو يانگ شانگ چي هو ۽ تازو انگلستان منجهان موٽيو هو. ان سان ناتا ۽ رشتا سڄي ڄمار تائين هلندا آيا. هو علم اخلاق پاڙهيندو هو. هڪ مهذب ۽ صاحبِ ڪردار ماڻهو هو. هو اخلاقيات ۾ مڪمل ويساهه رکندڙ ۽ سدائين ڪوشش ۾رهندو هو ته سندس هرهڪ شاگرد اخلاق جو نمونو بڻجي سماج لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي. مان ان ئي استاد جي اثر هيٺ رهندي ”علم اخلاقيات“ جو ڳوڙهي نموني مطالعو ڪيو. ان کان پوءِ مان هڪ مضمون پروفيسر يانگ چانگ چي جي اثر هيٺ ”اخلاقيات متعلق نظريو“ لکيو. انهيءَ مضمون ۾ هُن صاحب 0 0 1 مارڪون ڏئي سڀني کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيو.
هڪ ٻيو استاد تانگ جي نالي سان هو. هن مون کي عوامي مخزن (People’s Journal) جا پراڻا رسالا پڻ ڏنا، جن جو مطالعو ڳوڙهي نموني ڪيم. انهن رسالن جي معرفت ئي تونگ منگ جي متعلق ڄاڻ ۽ سڌسماءُ حاصل ٿيو. هڪ ڏهاڙي عوامي مخزن جي هڪ ڪاپي پڙهي رهيو هوس جنهن ۾ دلچسپ نموني ٻن چيني شاگردن جي سفر جو داستان ڏنل هو ته اهي ٻئي ڄڻا ڪيئن مصيبتن ۽ مامرن کان اڪرندا وڃي تبت جي آخري ڇيڙي تائين پهتا هئا. مون کي به اهڙوئي مثال قائم ڪرڻ لاءِ من ۾ اڻ تڻ ۽ هورا کورا مَچڻ لڳي. پر پئسو ندارد¸ ۽ خيال ڪيم ته پهريائين هونان جو ته مڪمل سفر ڪري وٺان.
ايندڙ اونهاري ۾پيدل ئي پيدل پرڳڻي جي سفر تي نڪري پيس ۽ لڳ ڀڳ پنج ضلعا لتاڙي ويس. مون سان سفر ۾ ساڻ دوست جو نالو هيسائو يُو هو. اسان انهن پنجن ضلعن ۾ سفر ڪرڻ دوران ٽڪو پئسو به خرچ ڪونه ڪيو. اسان کي اجهو ۽ اٽو هارين وٽ آسانيءَ سان ملي ويندو هو. اسان جو آڌرڀاءُ پڻ گرمجوشيءَ سان ڪيو ويندو هو. اهو دوست يعني هيسائو يو جيڪو هم سفر رهيو سو اڳتي هلي ڪومنٽانگ جي هڪ يِي پَئي چِي جي زيردستيءَ ۾ نارمل اسڪول جو اهم آفيسر بڻجي ويو. اڃا به اڳتي هلي هيسائو يو بيجنگ جي عجائب گهر جو ڪسٽوڊين آفيسر بڻجي ويو. اُتان 4 3 9 1ع ۾ همراهه ڪجهه قيمتي نوادرات وڪرو ڪري رقم ساڻ کڻي ڀڄي ويو.
آءٌ پاڻ کي اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪرڻ لڳس، ان لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنم ته اهڙن دوستن ۽ ساٿين جي ضرورت آهي، جيڪي وطن جي ڀلائيءَ لاءِ ساٿ ڏئي سگهن ته رابطي ۾ اچن. مون خاص ڪري اشتهار ۾ ڄاڻايو هو ته اهڙن محنتي کاهوڙي نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي قرباني ڏيڻ جو جوش ۽ جذبو رکندڙ هجن. ان جي موٽ ۾ ٽي مڪمل ۽ هڪ اڌ جواب وصول ٿيا. انهن منجهان هڪ جو نالو لُوچيانگ¸ لِنگ هو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر اڳتي هلي غداري ڪيائين. باقي نوجوان ثابت قدم ثابت ٿيا. اڌوگابرو جواب ڏيندڙ جو نالو لي سان هو. هن منهنجي ڳالهين کي غور ۽ ڌيان سان ٻڌو. ڪنهن به وعدي ۽ خاطري ڏيڻ کان سواءِ روانو ٿيو ته وري موٽي ڪونه آيو.
ان هوندي به مون ٿوري وقت ۾ پنهنجي چوڌاري شاگرد دوستن جو دائرو ٺاهي ورتو. ان ننڍڙي تنظيم ٺاهڻ جو بنيادي مقصد هو ته اسان جي منزل ۽ ماڳ ڇا آهي ۽ چين جي سماج تي ڪيئن اثرانداز ٿي سگهون ٿا. اهو ڄڻ ته سنجيده ماڻهن جوهڪ اهڙو پتڪڙو گروهه هو جيڪو ڳالهين جي وروڪڙن ۾ ذهني طور ڦاسڻ لاءِ تيار ڪونه هو. اهي جيڪو به ڪم يا چرپر ڪندا هئا ته ان ۾ مقصد ۽ معنيٰ سانڀيل هوندي هئي. وٽن ”پيار“ يا رومان پرستيءَ لاءِ وقت ڄڻ ته ڪونه هو.
هو ڪنهن به عورت يا ذاتي مسئلن تي هڪ ٻئي سان ويچار ونڊڻ کان پاسو ڪندا هئا. مان به عورت ۾ ايتري ڪشش محسوس ڪونه ڪندو هوس. هونئن به چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ مائٽن ويهن ورهين جي عورت سان پرڻو ڪرائي ڇڏيو هو. مان ان عورت سان ڪڏهن به گڏ ڪونه گهاريو. مان ان کي ذهني طور پنهنجي زال سمجهڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هيس. هونئن گهڻو ڪري ان عمر ۾ نوجوان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان عورت ذات بابت ٽيڪا ٽپڻي ۽ دلچسپي ڏيکارڻ ۾ شوق جو اظهار ڪندا هئا پر منهنجا ساٿي ته زندگيءَ جي عام رواجي معاملن تي راءِ زني ڪرڻ به وقت جو زيان سمجهندا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري هڪ نوجوان مون سان گوشت خريد ڪرڻ جي موضوع تي ڳالهائي رهيو هو. مان اهڙي خسيس معاملي تي بحث ڪرڻ کان بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. مون کي تپرس ٿو لڳي ته اهو ماڻهو وري ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو. منهنجا ساٿي سدائين بحث مباحثي ۾ اهم معاملن جهڙوڪ: انساني فطرت، چيني سماج، دنيا ۽ سنسار بابت بحث ڪندا هئا.
اسان پنهنجي سڀاءُ ۾ سخت ڪلچر پرست ٿي پيا هئاسين. ان ڪري موڪلن ۾ سئر ڪرڻ لاءِ ٻنين، جبلن جي لاهن چاڙهن، شهرن جي آسپاس، قدرتي چشمن جي سونهن ڏسڻ لاءِ سئر ۽ سفر ڪندا هئاسين. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ وسڪارو شروع ٿيندو هو ته قميصون لاهي مزو وٺندا هئاسون پر مورڳو گرميءَ ۾ شدت ايندي هئي ته به قميصون سرڪائي سج جو سنان ڪندا هئاسين. اڃان به بهار ۾ ته مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو هو. گهلندڙ ٿڌين هوائن جو لطف وٺندي، ان کي ”بهار جو سنان“ سڏبو هو. اسان سخت سرديءَ ۾ به کليل آسمان هيٺ سمهڻ ۽ يخ نديءَ ۾ترڻ جو مزو وٺندا هئاسون. انهن سڀني ڪرتبن کي ”جسماني سکيا“ ليکيندا هئاسون. لاشڪ ته اها جفاڪشي اڳتي هلي لانگ مارچ جي جدوجهد ۾ جيڪا ڏکڻ کان اتر چين تائين ۽ ڪيانگسيءَ تائين ڪئي وئي، مددگار ثابت ٿي.
مان ڪيترن ئي شاگردن ۽ دوستن سان ٻين شهرن ۾ پنهنجن رشتن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. مون ستت ئي محسوس ڪيو ته ترتيب سان تنظيم سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري 1917ع ۾ ٻين دوستن سان گڏجي هِسن¸ مِن جي نالي سان تنظيم جو بنياد وڌوسين. ان تنظيم ۾ ابتدائي طور 70 کان 80 ميمبر شامل هئا. جن مان اڳتي هلي ڪيترائي ميمبر چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني انقلاب لاءِ ناميارا اڳواڻ ثابت ٿيا. انهن منجهان لُومن هن وقت پارٽي جي تنظيمي شعبي جو سيڪريٽري آهي ۽ هُوشو هينگ جيڪو سينٽرل سوويت اداري ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 1935ع ڌاري کيس چيانگ ڪائي شيڪ وارن قتل ڪرائي ڇڏيو. هي ساٿي، هاڻي سرخ فوج جي دسته اول جو اڳواڻ آهي. ڪُوليانگ، مشهور مزدور اڳواڻ جنهن کي جنرل هُو چيئن 1939ع ۾ مارائي ڇڏيو. هسائوچُو چانگ، مشهور ليکڪ جيڪو هاڻي سوويت يونين ۾ قيام پذير آهي. زائي هُو¸ سِنِ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر، جنهن کي 1927ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ قتل ڪرائي ڇڏيو. يي لي¸ يون سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ دغا ڪري ڪومنٽانگ ۾ شامل ٿيو ۽ سرمائيدارانه مزدور تنظيم جو اهم اڳواڻ ثابت ٿيو. هيسائو چن جيڪو پارٽيءَ جي انهن اهم ميمبرن منجهان هڪ هو، جن اوائلي دور ۾ پارٽي دستاويز تي صحيون ڪيون هيون. هو بيمار رهڻ جي ڪري گهڻو وقت جيئرو رهي نه سگهيو. منهنجي حساب موجب ته هسن من ٺاهيندڙن جي اڪثريت 1927ع جي رد انقلاب ۾ مارجي وئي.
انهيءَ زماني ۾هڪ ٻي پارٽي ”سماج سڌار سوسائٽي“ پڻ ٺاهي وئي هئي، جيڪا گهڻي قدر هِسن مِن سان مشابهت رکندڙ هئي. ان سوسائٽيءَ جا به ميمبر ٿوري وقت کان پوءِ ڪميونسٽ بڻجي ويا. انهن منجهان هڪ ين تائي يِنگ هو، اهو به رد انقلاب جي دور ۾چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج هٿان مارجي ويو. لن پيائو، جيڪو هاڻي سرخ فوج جي يونيورسٽيءَ جو صدر آهي سو به ميمبر هو. ان کان سواءِ چيانگ هَائُو، هاڻي گرفتار ٿيل قيدين جي اداري جو سربراه آهي. بيجنگ ۾ سوسائٽي هُون شيش جي نالي سان سڏي ويندي هئي، ان جا به ڪيترائي ميمبر سُرخا بڻجي ويا. ان کان علاوءُ چين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾جهڙوڪ شنگهائي، هينگ چائو، هينڪوِ ۽ ٻين شهرن ۾ به انقلابي گروهه مقامي سطح تي منظم ٿي ويا. اهي پڻ چيني سياست تي ٺاهوڪي نموني اثرنداز ٿيا.
هونئن ان نموني جي تنظيمن، نوجوان ٽهيءَ جي ڪوششن ۽ هڪ مخزن ”نوجوان نسل“ جي لکڻين پڻ سجاڳيءَ لاءِ ڀڀڙ ڀڙڪايو، جنهن جو مرتب چن تُو هسو هو. آءٌ ان مخزن کي ان زماني کان پڙهندو هيس، جڏهن نارمل اسڪول ۾ زير تعليم رهيس. انهن مضمونن منهنجي ذهن ۾ نواڻ ۽ جوش پيدا ڪيو، جو اڳ ۾ ماڊل طور جيڪي به لکڻيون ذهن تي ڇانيل هيون سي ڌوپجي صاف ٿي ويون جنهن ۾ سوشلزم جو عڪس چٽيل هو. ائين کڻي چئجي ته منهنجي ذهن تي اوڻويهين صديءَ جي جمهوري جدوجهد، خيال پرستي ۽ قدامت پرست لبرل ازم واسو ڪري ويٺل هئا جنهن ڪري فوج ۽ سامراج مخالف فڪر جو حامي هيس.
مان نارمل اسڪول ۾ 1912ع ۾ داخل ٿيس ۽ 1918ع ۾ گريجوئيٽ ٿي ويس.