پوءِ ڍاوا ۽ پورهيت : ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس
آزاد انسان ۽ غلام، امير ۽ مسڪين، نواب ۽ نوڪر، هنرمند ۽ آڙهتي/ ڀلاڻو، جن کي مختصر لفظن ۾ پيڙيندڙ ۽ پيڙهجندڙ چئي سگهجي ٿو، سي هڪ ٻئي سان منهن مقابل بيٺل نظر اچن ٿا. انهن جي هڪ مبهم ۽ لڪل ويڙهاند هلندي پئي اچي. جڏهن اها ويڙهه ظاهر ٿي مٿي ايندي آهي ته ان جي سدائين، پڄاڻي يا ته انقلاب وسيلي سماج جي نئين سر صف بنديءَ جي صورت ۾ يا مورڳو هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪندڙ طبقن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿيندي آهي.
اسان تواريخ جو قديم دور کان پيرو کڻنداسين ته پڌري پَٽ ڏسڻ ۾ ايندو ته سماج جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ منجهيل ۽ هڪ ٻئي سان درجه بنديءَ جي تهن ۾ ويڙهيل رهندي پئي اچي. انهيءَ احاطي ۾ قديم رومي سلطنت ۾ پڻ رئيس، فوجي جوڌا ۽ ڏتڙيل/غلام نظر اچن ٿا. ان جي برعڪس وچولي دور ۾ مها جاگيردار، ٻانها، واپاري مفادپرست، ماهر، ڪاريگر، سيکڙاٽ، کيت غلام پڻ اهڙي فرمانبردارانه درجه بنديءَ جو هڪ مثال نظر اچن ٿا.
جڏهن ته جديد پوڍائو (Bouregeois) سماج جيڪو جاگيرداري جي تباه ڪاريءَ کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي، ان ۾ ايتري سگهه ۽ قوت ڪانه هئي، جو طبقاتي تڪرار ۽ وڇوٽين جو خاتمو آڻي سگهي. ان سماج پنهنجي ردوبدل جي عمل وسيلي طبقاتي جوڙجڪ جو هڪ نئون رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو. استحصال جا نوان طور طريقا ايجاد ڪيا. پوڍائي سماج پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد جي پراڻن گُرن کي ميساري نوان نمونا اختيارڪيا.
ها، ائين برابر ٿيو ته پوڍائي سماج جي عهد ۾ سندس خدوخال ۾هڪ صاف ۽ چٽي ڦيرڦار اُڀري آئي. اهو هيئن ته تڪرار، نفرت ۽ ڇڪتاڻ جي طور طريقن کي وڌيڪ آسان ۽ سولو بڻائي ڇڏيو. مجموعي طور سماج ٻن جداگانه ۽ مخالفانه ڪئمپن ۾ورهائجي ويو، يعني ٻن اهم طبقن جي سڃاڻپ اڀري آئي، جيڪي هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سانباهو پڻ ڪري رهيا هئا. انهن مان مراد آهي: پوڍائو ۽ پورهيت.
وچولي دور ۾ کيت غلاميءَ جي طبقي منجهان ئي ابتدا ۾ شهرن اندر آزاد شهريءَ جي تصور جو سگهارو اڀار ٿيو. انهن آزاد شهرين جي ڪک منجهان ئي پوڍائي طبقي جي اوسر ٿي.
هوڏانهن آمريڪا جي دريافت ۽ راسِ اميد (Cpe of good hope) جي چوڌاري چڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ پوڍائي طبقي جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري جا کوڙ سارا رستا کلي ويا. جهڙيءَ ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني، چين جي مارڪيٽ، آمريڪا جي بيٺڪيت، بيٺڪن سان واپار/ ڏيتي ليتي جي وهنوار ۾ ترقي ۽ جنس جي خريد و فروخت عالمي واپار ۽ جهاز رانيءَ جي وسيع تر ڦهلاءَ، صنعت ڪاري/ ڪارخانيداري جو بڻياد بڻجي وئي. لاشڪ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته، اهو پنهنجي دور جوهڪ اهڙو انقلاب هو، جنهن جي آمد سان جاگيردارانه سماج جا پير اکڙجڻ لڳا ۽ هڪ نئين ترقي لاءِ راه هموار ٿيڻ لڳي.
اڃا هڪ ٻي اڳڀرائي نمودار ٿي ته جاگيردارانه طرز جي ڪارخانيداري جنهن ۾ پيدوار جي ذريعن تي هڪ مخصوص واپاري طبقي جي هڪ هٽي قائم هئي، اتي محدود طرز جي حدبنديءَ کي لتاڙي نَون مارڪيٽن/ منڊين جي ڳولا شروع ٿي وئي، ڇو ته پيداوار يا اپت جي طور طريقن ۾به ردوبدل اچي رهي هئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ هٽي قائم ڪيل طبقي کي جديد طرز جي اپت جا طرفدار برطرف ڪري رهيا هئا. اهڙي ريت پورهئي جي شڪل شبيهه ۾ پڻ مختلف صنعتي ادارن ۾ هڪ نئين ردوبدل اچي رهي هئي.
انهيءَ وچ ۾ مارڪيٽ سازيءَ جو عمل طلب ۽ گهرج جي موٽ ۾ ترقي ڪرڻ لڳو. ان ڪري ڪوبه ڪارخانيدار پنهنجي پيداوار جي عمل منجهان مطمئن ڪونه هو پر ان سموري عمل ۾ روح ڦوڪڻ جو ذريعو ٻاڦ مشين بڻجي آئي، جنهن مورڳو صنعتڪاريءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پيداوار جي پراڻي طريقي جي جاءِ اجگر جهڙين ٻاڦ انجڻينSteam Engine) ) والاري، جديد صنعت سازيءَ کي فروغ حاصل ٿيو ۽ هڪ صنعتي وچولو طبقو پيدا ٿيو، جيڪو ڪروڙين رپين سان پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق راند ڪرڻ لڳو. اهو وچولو طبقو آرماڙ صنعت سازيءَ جو سردار ۽ سرواڻ هئڻ سان گڏوگڏ جديد طرز جو پوڍائو ڪلاس بڻجي ويو.
جديد صنعت سازيءَ هڪ عالمي مارڪيٽ کي جنم ڏنو. ان جي لاءِ ابتدائي طور پيڙهه پٿر جو ڪم آمريڪا جي ڳولا هئي. انهيءَ نئين مارڪيٽ ڳولي لهڻ سان واپار ۾ بي حساب اضافو آيو. مطلب ته سمنڊ وسيلي جهازراني ۽ مواصلاتي ڏس ۾ رستن جو استعمال وڌيو.
اها ترقي سنئون سڌو صنعت جي واڌاري تي به ساڳي نسبت سان اثرانداز ٿيندي وئي، جيئن جيئن مواصلات، جهاز راني ۽ واپار جو ڦهلاءُ وڌڻ لڳو، انهيءَ ساڳي حساب ڪتاب سان پوڍائي طبقي جي خوشحالي ۽ سرمائي/ پونجيءَ ۾ به واڌارو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري انهيءَ طبقي پنهنجي معاشي سگهه سان وچولي دور جي محدود واپاري طبقي کي ڌڪي پوئتي اڇلائي ڇڏيو.
اسان کي هتي هڪ صورتحال اکين آڏو چٽي نظر اچي ٿي ته ڪيئن جديد پوڍائو طبقو ترقي جي مختلف مرحلن منجهان لانگهائو ٿيندو ۽ انقلاب جا سلسليوار ڏاڪا اُڪرندو اپت ۽ مٽاسٽا جي ذريعن تي اثرانداز ٿيو هو.
ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته پوڍائي طبقي جي ترقيءَ ڏانهن پيش قدميءَ جو مقصد محض اقتصادي خوشحالي نه پر پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌائڻ به هو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ اهو ساڳيو طبقو جاگيردار جي استحصال ۽ جبر جو شڪار بڻبو رهيو هو، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ واڻيو وڪال بڻجي خوشحال ۽ منظم ٿيڻ جو عقل سکي ويو. پر جيئن ئي شهري سماج سان سندس لڳ لاڳاپو ٿيو ته آزادانه جمهوري ماحول کان واقف ٿيو (جيئن جرمني ۽ اٽليءَ ۾). ان کان سواءِ فرانس ۾ عام ماڻهن جو ساڃاهه وند طبقو وجود ۾ آيو، جيڪو فرمانروا کي ٽئڪس ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي ڪتب ۽ ڪارج بابت به پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ ته قدم به قدم پوڍائي طبقي جي سگهه ۽ ساڃاهه ۾ ايتري پيش رفت ٿيندي رهي جو هو اڌوگابري جاگيردارانه نظام يا مڪمل بادشاهت ۽ ان سان ٻانهن ٻيلي بڻيل نواب ۽ رئيس طبقن کي پنهنجي ٻل ۽ شعور سان ڪنڊائتو ڪندو ويو. اڃا به جديد صنعت ۽ جديد مارڪيٽ سازيءَ ۾ جيئن ڦهلاءَ ٿيڻ لڳو ته پوڍائو طبقو وڌيڪ پير پختا ڪرڻ لڳو. جديد رياست جي سٽاءُ ۾ سندس ڪردار واضح ٿيڻ لڳو. ان هوندي به سياست جي سگهه سندس دسترس کان ٻاهر هئي. پوءِ به اها هڪ ڪمزور اداري طور جوڙجڪ جي ابتدائي عمل منجهان لانگهائو هئي، جيڪا ڪنهن حد تائين پوڍائي طبقي جي مفادن جي نگران هئي.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان نه هئڻ گهرجي ته پوڍائي طبقي تاريخ ۾ پنهنجو انقلابي ڪردار نڀايو آهي. اهو هيئن ته پوڍائي طبقي کي جيئن ئي لڱن ۾ ساهه پيو ۽ ساڃاه حاصل ٿي ته ان جاگيردار طبقي کي ملياميٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ سردارن ۽ تونگرن جي پٽڪا ڊاهه ڪري ڇڏي. انهيءَ طبقي پنهنجي وت وس کان ٻه قدم اڳتي وڌي جارحاڻي نموني جاگيردارن چواڻيءَ: کين مليل فطري آسائشن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي.
اهڙي ڪنهن به ربط کي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جي وسيلي ماڻهو جي ٻئي ماڻهو مٿان برتري ۽ بالادستي رهندي پئي آئي. اهڙي برتري رکندڙ ذهنيت جا ماڻهو ٻين کي ظالمانه نموني گولو غلام ۽ اپت جو ذريعو سمجهندا هئا. انهيءَ اٿل پٿل جي ڪري مذهبي بدعت پرستي ۽ ظاهري شان شوڪت به ٻوڏ آيل وهڪري ۾ لڙهي ويا. ان طبقي پنهنجي همٿ ۽ مرادنگيءَ سان انساني ذهن جي مٿان چڙهيل زنگ کي لاهي خود غرضي ۽ مطلب پرستيءَ جي دنيا منجهان ٻاهر آندو. انهن ذاتي مال خزاني کي مٽاسٽا جي شڪل ۾ آڻي روان دوان ڪيو. ان کان جيڪي بي شمار مونجهارا شعوري آزاديءَ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺل هئا، انهن کي ڪنڊائتو ڪندي لاشعوري آزادي جو احساس ڏياريو، اها آهي آزاد تجارت.
انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ کي هڪ لفظ ۾ سهيڙيندي ائين کڻي چئجي مذهبي ۽ سياسي نقابن جي پوئتان جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو هو، ان کي نشانبر ڪري بيهاريو. ان جي متبادل طور حياءُ حجاب کان وانجهيل طريقو يعني جارحانه طرز جو استحصال آندو ويو.
مطلب ته پوڍائو طبقو پاڻ کي شريفانه دائري ۾ بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ ڏيک ويک ۾دٻدٻي، عزت ۽ احترام جو اهڃاڻ نظر اچي رهيو هو. ان صورتحال ڊاڪٽر، وڪيل، پادري ۽ شاعر کان وٺي سائنسدان تائين سڀني کي اجورو حاصل ڪندڙ پورهيت جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ پوڍائي طبقي پنهنجي مطلب ۽ منشا لاءِ ڪٽنبي لڳ لاڳاپن کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ ان حد تائين جو گهرو انس ۽ محبت کي محض ڏوڪڙ ۽ پئسي پنجڙ جي رشتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ پوڍائي طبقي پنهنجي سگهه ۽ ساڃاهه سان آڳاٽي دور جي رنڊڪن کي لتاڙي اڳتي وڌڻ جو گر حاصل ڪيو ۽ هڪ سست ۽ ڪاهل سماج ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ جي لائق ٿيو. ان طبقي پهريائين ته عملي طور ڪري ڏيکاريو ته ماڻهو جو متحرڪ ٿيڻ کيس بلندين تي ڪيئن پهچائي ٿو. ان هڪ اهڙو اچرج ۾ وجهندڙ لقاءُ ڪري ڏيکاريو جو ان اڳيان مصر جا اهرام، رومن شان شوڪت ۽ گوئٿڪ گرجا گهرن جي سونهن ۽ سوڀيا تڇ بڻجي ويا. انهن پنهنجي چڙهائي ۽ فتح مندي ماڻڻ ۾ ماضيءَ جي قومن ۽ مذهبي جنون کي مات ڏئي ڇڏي.
هونئن ته پوڍائي طبقي جو جياپو جدوجهد ۽ ردوبدل سان ئي ڳنڍيل آهي. انڪري سدائين پيداوار جي ذريعن کي نت نڪور طور طريقن سان وڌائڻ ۽ لڳ لاڳاپن کي سموري سماج تي اثرانداز ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ مصروف رهيو. ان لاءِ پيداوار جي پراڻن ۽ مدي خارج طور طريقن کي متروڪ ڪري جدت پيدا ڪرڻ صنعت ڪار طبقي لاءِ مرڪزي نقطي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي. ائين بنان ڪنهن رنڊڪ جي پيداوار جي جديد طريقن جو استعمال سماج ۾ ڪنهن به مداخلتي قوت کي پرانهون رکڻ، دائمي طور غيريقيني صورتحال جو خاتمو ۽ احتجاج جي حالتن کي قبضي هيٺ رکڻ جي مد ۾پوڍائو طبقو آڳاٽي دور جي حالتن کان هڪ جداگانه ۽ نرالي حيثيت اختيارڪري بيٺو هو. آڳاٽي دور کان هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا ڄڻ ته جموديت جو ڪارڻ بڻجي پيا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي جيڪي نوان واسطا قائم ٿي رهيا، اهي به ڄڻ ته پهچ ۽ رسائيءَ جي مد ۾ مدي خارج بڻجي رهيا هئا.
مطلب ته جيڪي لاڳاپا مضبوط ۽ سگهارن بنيادن تي بيٺل هئا سي به وکرجي رهيا هئا ۽ جن کي تقدس ۽ احترام جو غلاف ويڙهيل هئا سي مورڳو ناستڪي فڪر ۽ سوچ کي اڳڀرو ڪري رهيا هئا. حضرت انسان هڪ نواڻ سان ڏيٺ ويٺ ڪري رهيو هو ته زندگيءَ جي گهارڻ لاءِ ڪهڙا اتم ۽ اعليٰ اصول وجود ۾ اچي رهيا آهن.
پوڍائو طبقو پنهنجي پيداوار جي کپت لاءِ لڳاتار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مارڪيٽ/ منڊيءَ جي ڳولا ۾ سرگردان هو. ان ڪري هو سڀ ڪنهن جاءِ تي ڊاٻو هڻي ويهڻ جو قائل بڻجي ويو ته جيئن پنهنجن واسطن کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارج مند بڻائي سگهي.
ان ڪري پوڍائي طبقي پنهنجي استحصال کي مارڪيٽ جي شڪل ۾ قائم رکڻ لاءِ ۽ عالمي سماج تائين پيداوار کي پهچائڻ سان گڏوگڏ سوچ ۽ فڪر کي به عالمگير سطح سان لاڳاپي ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ پوڍائي طبقي ۾ رجعت پرست فڪر ۽ سوچ به سانڀيل هئي. ڇو ته جنهن صنعت ڪاريءَ جي بنياد تي سندس پير کُتل هئا ان جي اندر ۾ قومي تعصب ۽ ساڙ به موجود هو. اڳتي هلي مورڳو قومي بنيادن تي صنعت ڪاري جي ديوار ۾ ڏارون پوڻ لڳيون، ان جي جاءِ تي صنعت ڪاريءَ جو هڪ نئون نظام والار ڪري رهيو هو. اهو نئون نظام ڄڻ ته مهذب قومن لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو سوال بڻجي پيو. ڇو ته هاڻي ڪارخانن ۾ڪچي مال جي استعمال لاءِ ڏيهي وسيلن تي تڪيو ڪرڻ جي بجاءِ پرڏيهين کان سستو مال آڻڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ٿيڻ ڪانه لڳي. ڇو ته هاڻي ڪارخانن جي پيداوار مقامي سطح کان وڌي وڃي عالمي سطح تائين پهتي هئي. ان ڪري قدامت پرست صنعت ڪار پيداوار کي مقامي سطح تائين محدود رکڻ جو حامي هو. ان جي برعڪس نئون صنعت ڪار پيداوار کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رسائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو.
ساڳي ريت قدامت پرست قوم پرستي مقامي زمري ۾ ايڪانت جي صورت ۾ هڪ محدوديت جي قائل هئي، پر اسان ڏٺوسين ته قومي فڪر سوچ جو دارومدار ليڪا لتاڙي عالمي سطح تائين قومي ڦهلاءَ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. جهڙيءَ ريت مادي طور طريقن ۾ ڦيرڦار اچي رهي هئي، ساڳي صورت دانشوري ۽ ڏاهپ جي ڏِس ۾ به ظهور پذير ٿي رهي هئي. ڇو ته اڳ ۾ ڏاهپ ۽ دانشوري ڪنهن هڪ مخصوص گروهه جو ورثو ۽ ميراث سمجهي ويندي هئي، سا هاڻي پنهنجي جوهر ۾ گڏيل ميراث جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. ائين ٿلهي ليکي هڪ طرفي قومي بالادستي ۽ ساڙ جي سوچ لاءِ ميدان محدود ٿيڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾مقامي سطح جي ادب منجهان عالمي سطح جو ادب نڪري نراور ٿيو.
مطلب ته پوڍائي طبقي تيزيءَ سان پکڙجندڙ آمدورفت جي وسيلن ۽ پيداوار جي جديد نمونن سان نه رڳو قومن جي وچ ۾ رابطي جي ويجهڙائپ کي وڌيڪ ممڪن بڻائي ڇڏيو پر ڪنهن حد تائين وحشي جيوت گذاريندڙن کي به مهذب بڻائڻ ۾ هٿ ونڊايو.
هتي چين جو ئي مثال وٺو جن کان انهن مال جي خسيس اگهن تي خريداريءَ لاءِ هٿيارن پنهوارن جي ظالمانه طريقن سان استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه لڄ محسوس ڪانه ڪئي. ان لاءِ ڪاهه ڪندڙن جي دعويٰ هئي ته اهي غيرمهذب ۽ وحشي ماڻهن کي مهذب بڻائڻ گهرن ٿا. جڏهن ته چين واسي اهڙي عمل کي ڌڪار ۽ نفرت لائق سمجهڻ لڳا.
ان ڪري گهڻي ڀاڱي سڀني قومن جي مٿان هڪ دٻاءُ ۾ واڌارو اچي ويو ته اهي به پاڻ کي فنا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پوڍائي طبقي جي پيداواري اصولن جي پيروي ڪن. انهن کي دٻاءُ ۽ طاقت وسيلي سمجهائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا ته پوڍائي طبقي جو طريقه اقتصاديات ئي نجات جو رستو آهي. ها ايترو ممڪن آهي ته صنعت ڪاري انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ ٿورو گهڻو مقامي سطح تي رودوبدل آڻي سگهي.
پوڍائي طبقي پنهنجي حڪمرانيءَ کي جارحاڻي انداز ۾ شهرن تائين محدود ڪيو هو. ان حوالي سان ڪيترائي نوان شهر جوڙي راس ڪيا ويا جنهن ڪري آباديءَ جي لحاظ کان ڳوٺن جي نسبت شهرن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ائين ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جو هڪ چڱو موچارو انگ شهرن ۾ لڏپلاڻ ڪري آيو ته ملڪ جو ڪار وهنوار ۽ دارومدار شهرن تائين محدود ٿي ويو. ڄڻ ته نيم مهذب معاشري جا ماڻهو مهذب معاشري ۾ داخل ٿي رهيا هئا. مختصر لفظن ۾ ته پورهيت ۽ پوڍائي جي نالن سان ٻه جداگانه قومون هڪ ئي ڇت هيٺان اُسري ۽ نسري رهيون آهن، يعني مشرق ۽ مغرب!
هاڻي پوڍائو طبقو پنهنجي حرفت ۽ هنر جي وسيلي ماڻهن جي آباديءَ کي يڪجا ڪرڻ ۽ پيداوار جي ذريعن ۾ ردوبدل آڻڻ سان دولت جي انبارن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ان ڪري انسانن جي هجوم کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، پيداواري ذريعن ۾ مرڪزي طريقه ڪار اختيار ڪرڻ ۽ دولت کي ڪجهه هٿن ۾ محدود ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪيا آهن. ان جي نتيجي ۾ هڪ جارحانه طرز جي سياسي مرڪزيت وجود ۾ آئي آهي. ڪنهن حد تائين آزاد يا وري ڦلهڙي طرز جي صوبائي خودمختياري پر انهن جي جداگانه مفادن، قانونن، حڪومتن، ٽئڪس جو آزاد طريقه ڪار هوندي به کين زور زبردستيءَ هڪ قوم جي شڪل ۾آندو. ان لاءِ هڪ مضبوط سرڪار، هڪ قانوني ضابطو، هڪ قومي مفاد، هڪ سرحد ۽ هڪ ٽئڪس وصوليءَ جو طريقه ڪار مڙهيو ويو.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان ڪونهي ته گذريل سئو سالن کان پوڍائي طبقي پنهنجي حاڪميت جي وسيلي اهڙيون ته آرماڙ ۽ پربت جهڙيون تبديليون پيداوار جي طور طريقن ۾ آنديون آهن، جيڪي اڳ ۾ محض هڪ طلسماتي ڪرشمو ليکيون وينديون هيون. فطرت جي اجهاڳ قوتن کي ماڻهن جي هٿ وسيڪو بڻائڻ، ديوقامت مشيني ايجادون، ڪارخانا، علم ڪيميا، زراعت، آگبوٽ جي ايجاد، ريلوائي، برقي تار جو ذريعو، وسيع/ وشال کنڊن جي زمين کي پوکي راهيءَ لاءِ سنوارڻ ۽ سڌارڻ، آبپاشيءَ جو سرشتو سڌارڻ، ماڻهن جي انبوهن کي هڪ جادو جي طلسمي چڪر منجهان ٻاهر ڪڍي اچڻ (جيڪي صدين کان هڪ اگهور ننڊ ۾ غلطان هئا،) کي آئنده سماج جي اڏاوت جو هڪ اهم پرزو بڻجڻو آهي.
اسان کي چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پيداوار ۽ ڏيتي ليتيءَ جا ذريعا جيڪي اڳتي هلي پوڍائي طبقي جي اوسر لاءِ بڻياد بڻيا سي سڀئي جاگيردارانه سماج جي هنج ۾ پلجي جوان ٿيا. اهو هيئن ته پوڍائو طبقو، پيداوار ۽ مٽاسٽا جي ذريعن ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو هڪ اهڙي جاءِ تي پهتو جتي جاگيردارانه سماج جا مروج پيداوار جا ذريعا، جهڙوڪ زرعي پيداوار، زمين جي مٿان جاگيردار جي حاڪميت سندس پيش رفت آڏو رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بڻجي بيٺا. انت ته انهن هڪ زوردار ردعمل ڪري ڏيکاريو. ان کان سواءِ پوڍائي طبقي وٽ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه بچيو هو.
اهڙيءَ طرح انهن آزادانه چٽاڀيٽي مروج ڪرڻ سان گڏوگڏ سياسي ۽ سماجي ردوبدل لاءِ آئيني ذريعا اختيار ڪرڻ جو ڏس پتو به ڳولي ڪڍيو. ائين سياسي ۽ اقتصادي طور هڪ طاقتور پوڍائو طبقو وجود ۾ اچي ويو.
انهيءَ سموري تحريڪ کي اسان پنهنجي اکين آڏو پير کوڙيندي ڏٺو آهي. جديد پوڍائو سماج جنهن جو پيداوار جي مد ۾ سنئون سڌو ڳانڍاپو مٽاسٽا ۽ ملڪيت مال جي اصولن تي رکيل آهي، ان سماج پنهنجي طلسم ۽ مانڊاڻ وسيلي مٽاسٽا جو هڪ وسيع طريقه ڪار وجود ۾ آندو آهي. هاڻي ائين به پيو محسوس ٿئي ته جنهن جادوگر پنهنجي هنر ۽ حرفت وسيلي سماج لاءِ هڪ اجگر اُپايو آهي، اهو سندس ئي سحر ۽ جادو جنتر جي اثر منجهان نڪري هڪ ڀوائتي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ائين چوڻ درست آهي ته ڪجهه ڏهاڪا پوئتي صنعت ۽ واپار جا ادارا تواريخي پس منظر ۾ اڀري آيا هئا. پيداوار جي طور طريقن ۾ به تواريخي حوالي سان جديديت اچي وئي آهي، جيڪا مروج پوڍائي سماج جي لاءِ سنئين سڌي للڪار بڻجي رهي آهي.
هتي ايترو ٻڌائڻ ئي مناسب ٿيندو ته تجارتي بحران جنهن انداز سان نمودار ٿي رهيو آهي، ان مورڳو پوڍائي سماج کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي ۽ مورڳو خوفائتي صورتحال جنم وٺي رهي آهي. انهيءَ مجموعي بحراني صورتحال نه رڳو مروج پيداواري طور طريقن کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، پر ان کان اڳ جي قائم ڪيل پيداواري طريقن کي به تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. انهيءَ بحران منجهان جيئن آڳاٽي زماني کان وٺي دستور رهندو اچي پيو ته هڪ اهڙي وچڙندڙ بيماري نمودار ٿيندي جنهن ڪري واڌو پيداوار يعني کپت جي نسبت ۾ اپت وڌيڪ جنم وٺندي. ائين اوچتو محسوس ٿيندو ته سماج پوئتي ڀاڄ کائي ماضيءَ جي وحشي دور ڏانهن وڃي رهيو آهي. اهي سڀئي بڇڙايون، برايون ڏُڪار ۽ عالمگير لڙائيءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿينديون رهيون آهن، جنهن ڪري خريد و فروخت ۾ زوال ايندو آهي ۽ نتيجي ۾ صنعت ۽ واپار شڪست و ريخت جو شڪار ٿيندا آيا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ائين ڇو ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته تهذيب پنهنجي عروج جي اڌ نقطي تائين پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ صنعت ۽ واپار جا طريقا به اوج ماڻي ويٺا آهن. ان حوالي سان جيتريقدر پيداواري قوتن جو تعلق آهي ته حالتون انهن جي وس ۽ وت کان ٻاهر وڃي رهيون ۽ اُهي پوڍائي سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحالي ۾ ڪوبه ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ عاجز بڻجي پيون آهن. ڇو ته اهو طبقو پنهنجي جاءِ تي ايترو ته سگهارو ۽ طاقتور بڻجي رهيو آهي، جو حالتن جون زنجيرون جيڪي سندن پيرن ۾ جڪڙيل آهن، انهن کي جيڪڏهن ستت ئي لاهي ڦٽو نه ڪيو ته پوءِ پوڍائي سماج ۾ اهڙي خوفائتي بي يقني ۽ عدم تحفظ جي فضا پيدا ٿيندي، جيڪا مورڳو پوڍائي سماج جي وجود ۽ ڌن دولت جي انبارن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي. ائين به ڏسڻ ۾ اچي پيو ته پوڍائي سماج پنهنجي ڌن دولت جي مڳي مستيءَ ۾ اچي جيڪي حالتون پيدا ڪيون آهن، ان ڪري ڌرتي پڻ انهن لاءِ تنگ/ سوڙهي بڻجي رهي آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوڍائي سماج ۾ اهڙي اهليت يا قابليت آهي جو بحراني ڪيفيت کي قابو ڪري سگهندي؟ ڇو ته هڪ پاسي اهو طبقو پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي پيداواري قوتن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ لاءِ وسئون نه پيو گهٽائي. هوڏانهن اضافي مارڪيٽ قبضي ڪرڻ لاءِ اصلوڪن رهواسين جي ڦرلٽ ۽ لتاڙ ڪرڻ ۾ پڻ اڳ اڳرا بڻجي رهيا آهن. انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ چئي سگهجي ٿو ته تباهي ۽ برباديءَ جي لاءِ رند ۽ رستا هموار ٿي ٿي رهيا آهن ۽ اميد جو اهڙو ڪرڻو ڏينهون ڏينهن الوپ ٿي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ تباهيءَ کي روڪي سگهي.
مختصر لفظن ۾ ته پوڍائي طبقي جيڪي هٿيار پنهوار، جاگيردارانه سماج کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا هئا، اهي ئي هٿيار نئين رنگ روپ سان سندس خلاف استعمال ٿيڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ان ڪري پوڍائو طبقو پنهنجي حماقتن جي ڪري به انهن زنگجي ويل هٿيارن جي يڪجا ٿيڻ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو سمجهي ٿو. اهي قوتون ڪنڌ کڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون آهن، ڇو ته هو انهن قوتن کي صف بندي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي، جن کي سندس جياپي لاءِ موت جو سنيهو بڻجڻو آهي. ان منجهان منهنجي مراد آهي: جديد پورهيت طبقو!
اسان وٽ جنهن نسبت سان پوڍائي طبقي جي سرمائي/پونجي ۾ واڌارو ٿيو آهي، ساڳي نسبت سان پورهيت طبقي جي قوت ۽ ترقي ۾ به اضافو ٿيو آهي. ائين کڻي چئجي ته جديد پورهيت طبقي جو اڀرڻ. يعني اهڙو طبقو جنهن جي جياپي جو دارومدار پورهئي تي ئي آهي ۽ ٻيو طبقو جيڪو اهڙي پورهيت جي ڳولا ۾ سرگردان آهي، جيڪو سندس سرمائي ۾ اضافو ڪري سگهي. اهي پورهيت جيڪي پاڻ کي هڪ جنس طور واپار جي شڪل ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، اهي چٽاڀيٽيءَ جي لاهن چاڙهن کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي بحران جي به پت وائکي ڪري رهيا آهن.
مشين جي وڌندڙ ڪارج ۽ پورهئي جي ونڊ ورڇ مورڳو پورهيت جي انفرادي ڪردار کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري پورهئي لاءِ ڇڪ يا ڪشش ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي. ائين پورهيت ڄڻ ته مشين جو هڪ پرزو بڻجي ويو آهي ۽ سولائيءَ سان پنهنجي ڌن ۾ مست ۽ مگن بڻجي ڳَهي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت پيداوار جي خرچ ۾ ماڻهو جو حصو يا پورهيو محدود ٿي رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ پورهيت جي پورهئي/ اجرت ۾ لاٿ اچڻ جي سبب گذر سفر جا وسيلا محدود ۽ تنگ ٿي رهيا آهن. پر جنس جي قدر و قيمت ۽ ان تي خرچ ڪيل پونجيءَ جو مقدار ۽ پيداوار ساڳيا ئي آهن. ان حالت ۾پورهئي/ محنت ۾ ته ڪراهت ڏيندڙ حد تائين واڌارو ايندو پر ٻي پاسي اجرت ۾ لاٿ ايندي.
بهرحال جيئن جيئن مشين جي ڪتب ۾ اضافو ايندو ويندو ته ساڳي نسبت سان پورهيت جي مٿان مزدوريءَ جو بار چڙهندو رهندو. مطلب ته پيڙجندو رهندو.
جديد صنعتڪاري، موروثي طور مليل ننڍڙن ورڪشاپن کي سرمائيدارانه نظام جي پٺڀرائيءَ سان اجگر جهڙن ڪارخانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان ڪري ڪارخاني ۾ مزدورن جو چڱو موچارو انگ گڏ ٿيڻ لڳو ۽ اهي سپاهين وانگر منظم ٿيڻ لڳا. اهي ڄڻ ته هڪ خانگي ڪارخاني جي اهڙي فوج بڻجي ويا آهن، جن جي نگهباني ۽ نظرداري ڪرڻ جو ڪم مقرر ٿيل آفيسر ۽ معتبر ڪري رهيا آهن. اهي مزدور نه رڳو پوڍائي طبقي جا گولا غلام بڻجي ويا آهن، پر پوڍائي رياست جا به مطيع ۽ فرمانبردار پڻ. اُهي ڪلاڪن ۽ منٽن جي حساب سان مشين جا پرزا، نگهبانن ۽ نظرداري ڪندڙن جي نظرن جو شڪار ۽ انفرادي طور به پوڍائي طبقي جي پيڙا ۽ عذاب جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. اهو جبر ۽ ڏاڍ جو سلسلو جيئن جيئن وڌندو ويندو ته موٽ ۾ وڌيڪ نفرت انگيز ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو رهندو.
ان کان سواءِ اڳتي هلي جديد صنعت وڌيڪ ترقي يافته ٿيندي ته سخت پورهئي جي گهرج ۾به لاٿ اچڻ شروع ٿيندي ۽ نئين پورهيت طور عورت جاءِ والارڻ لڳندي پر پورهيت طبقي ۾ جنس ۽ ڄمار جي لحاظ سان ڪابه سماجي ردوبدل ڪانه ايندي. انهن سڀني کي عمر جنس جي تفريق کي پاسيرو رکي پورهيت طور استعمال ڪيو ويندو.
آخرڪار اهڙو وقت به ايندو جو پورهيت کي جيڪا اجرت رقم جي شڪل ۾ ملي رهي آهي ۽ عارضي طور کيس استحصالي هٿن کان بچائيندي اچي پئي، سا به بند ٿي ويندي. ان ڪري کيس پوڍائي طبقي جي طفيلي عنصرن جهڙوڪ: زميندار، دوڪاندار ۽ وياج خور جو به محتاج ٿيڻو پوندو.
اهڙيءَ طرح وچولي طبقي جو سهڪاري يا ساٿي جهڙوڪ: ننڍڙو واپاري، دوڪاندار، هنرمند ۽ هاري آهستي آهستي پورهيت طبقي جو حصو بڻجي ويندا. ڇو ته سندن معمولي سرمايو ڪنهن به حالت ۾ اٿاهه صنعت جي مقابلي ۽ محاذ آرائيءَ جي سگهه ڪونه ٿو رکي. ائين پکڙجندڙ سرمائيداريءَ جي گپ چڪ منجهان کين پاند آجا ڪرائڻ محال ۽ مشڪل ٿي پوندا. ان ان پوءِ سگهارو بڻجي ويل پوڍائو طبقو/ سرمائيدار ماڻهن جي ڪنهن به طبقي کان پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق ڪم وٺي يا ڀرتي ڪري سگهندو.
ساڳئي وقت پورهيت طبقو به ترقيءَ جي مختلف مرحلن منجهان گذرندو. ڇو ته سندس پهرين اوسر ۾مقابلو پوڍائي طبقي سان ٿيو هو. اهو هيئن ته پهريائين ته سندس سڃاڻپ هڪ انفرادي مزدور طور ٿي، پوءِ وري ڪارخاني جي مزدور طور، بعد ۾ واپاري طبقي سان جيڪو هڪ علائقي تائين محدود هو ۽ اهو به لڳ ڀڳ سندس استحصال جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو. پر انهن پنهنجي حملي جي ابتدا مروج پوڍائي سماج ۽ پيداوار جي حالتن خلاف ڪرڻ جي برعڪس پيداوار جي اوزارن خلاف ڪئي. انهن پيداوار جي اوزارن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جيڪي سندن خيال موجب مقابلي جو ڪارڻ هئا، انهن ڪارخانن کي تيلي ڏئي ڇڏي. اهي پنهنجي سگهه ۽ ڌڪار جي وسيلي پورهئي جي پراڻي دور کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي خفت ۾مبتلا ٿي ويل هئا.
هونئن، هاڻي ۽ آئنده لاءِ پورهيتن جي فتحمنديءَ جو باب کلي ويو، پر في الحال ان فتح کي عارضي سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سندس حقيقي سوڀ ماڻڻ جو سواد ترت نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ سانڀيل ڪونهي پر يونين سازيءَ جي وسيع ڄار ڦهلائڻ سان وابسته آهي. انهيءَ يونين سازيءَ جي مهابي سندن هڪ ٻئي سان ويجهڙائي ۽ رابطو پيدا ٿيندو، جيڪو جديد صنعت ڪاريءَ جي ڪري کين لازمي طور ورثي ۾مليو آهي.
ائين مختلف علائقن جا ورڪر هڪ ٻئي سان وڌيڪ لاڳاپي ۾ ايندا. اهو ئي هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ جو ڪارج جنهن جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، کين مقامي سماج کان مٿي آڻي هڪ تسبيح ۾ پوئي ڇڏيندو. ڄاڻايل سڀني طبقن کي هڪ قومي جدوجهد جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن پيش رفت جو ڪارڻ ٿيندو. پر هتي سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به طبقاتي جدوجهد جو بنيادي مقصد سياسي جدوجهد هوندو آهي. يونين سازيءَ جي برڪت ماڻڻ سان گڏ وچولي/قرون وسطيٰ جا شهري آزادي ماڻڻ لاءِ ڀڳل ٽٽل رستن ۽ رابطن سان حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا هئا. پر اڄ جي جديد پورهيت کي ريلوائي سرشتي جو احسانمندي مڃڻ گهرجي، جنهن کيس هڪ جدت سان ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ان هوندي به هڪ ٻي پيچيده صورتحال به نمودار ٿي رهي آهي. اها هيئن ته پورهيت طبقي جي تنظيم سازي، جنهن کي اڳتي هلي هڪ سياسي پارٽيءَ جي شڪل اختيار ڪرڻي آهي، اها انهن جي ورڪرن جي وچ ۾هڪ ٻئي خلاف چٽاڀيٽي ۽ تڪرار ۾ واڌارو آڻي رهي آهي. پوءِ به ان تحريڪ کي اهڙن لوڏن منجهان نڪري هڪ سگهاري ۽ طاقتور حيثيت حاصل ڪرڻي آهي. ڇو ته وقت ۽ حالتون ورڪرن کي مجبور ڪنديون ته اهي پوڍائي طبقي جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ انتشار منجهان فائدو وٺي پاڻ کي سگهارو بڻائين. ان جو مثال هيءُ آهي ته انگلستان ۾ پوڍائي طبقي کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾بل پيش ڪيو ويو آهي.
بهرحال، مجموعي طور پراڻي سماج جي بيهڪ ۾ ذميوار طبقن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ تڪرار کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. اها صورتحال پورهيت طبقي لاءِ وڌيڪ ترقي ماڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو باعث ٿيندي. ان ڪري ئي پوڍائو طبقو پاڻ کي هڪ جنگ جي ميدان ۾ ڦاٿل عنصر جيان سمجهي رهيو آهي. اهو هيئن ته سندس پهرين محاذآرائي نواب ۽ تونگر طبقي سان ٿي، پوءِ وري پنهنجي ئي طبقي سان ٿي، جيڪو مفادن جي لحاظ کان سندس صنعت ڪاريءَ جي آڏو رنڊڪ ٿي بيٺو. انهن رنڊڪن کي هٽائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ کان ٻاهران به پوڍائي طبقي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي. انهن سڀني جنگين ۾ پوڍائي طبقي لاءِ ٻيو ڪوبه رستو آخر ۾ ڪونه بچندو ته پنهنجي بقاءُ لاءِ پورهيت طبقي کان مدد طلب ڪري. ان جو مطلب ٿيو ته پورهيت کي سياسي ميدان ۾ آڻي بيهارڻ. انهيءَ لحاظ کان پوڍائو طبقو ايترو ته مجبور ٿيندو جو پنهنجي هٿن سان پورهيت طبقي کي سياسي ۽ تعليمي شعور ڏيندو. انجو مطلب ٿيو ته پوڍائو طبقو، پورهيت طبقي کي انهن هٿيارن سان مسلح ڪندو، جيڪي اڳتي هلي سندس پڄاڻيءَ جو ڪارڻ ٿيندا.
اسان اڳ ۾ ئي ڄاڻائي آيا آهيون ته حڪمران طبقا، صنعتڪاريءَ ۾ ترقي اچڻ سان گڏوگڏ پورهيت طبقي کي به شڪ وارين نظرن سان گهوري رهيا آهن ۽ کيس پنهنجي جياپي لاءِ ٿورو ٿڪو دڙڪو به سمجهي رهيا آهن. اهي سڀئي حالتون لازمي طور پورهيت طبقي کي وڌيڪ روشن خيال ۽ ترقي پسندانه سوچ ڏانهن وٺي وينديون.
انت ته جڏهن طبقاتي جدوجهد پنهنجي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ته ساڳي وقت حڪمران طبقي ۾ به ڦڙڦوٽ جو عمل شروع ٿي ويندو، جيڪو سموري مدي خارج سماج تي اثرانداز ٿيندو ۽ هڪ پرتشدد تحريڪ جا آثار به نمودار ٿيڻ لڳندا. انهيءَ زماني ۾ حڪمران طبقي جوهڪ پتڪڙو حصو مورڳو پنهنجي طبقي کان ڌار ٿي انقلابي طبقي جو ساٿ ڏيندو. مطلب ته ان طبقي سان سهڪار ڪندو جيڪو مستقبل جو نقيب بڻجندو. اهو ساڳيو ئي لقاءُ جو ورجاءُ ڪندو، جيئن اڳ ۾ امير ۽ تونگر طبقي جي هڪ مختصر حصي ڌار ٿي پوڍائي طبقي سان ساٿ ڏنو هو. ائين ساڳيءَ طرح پوڍائي طبقي جو هڪ جُز جدا ٿي پورهيت طبقي سان ساٿ ڏيندو، خاص ڪري پوڍائي طبقي جو نظرياتي حصو ڌار ٿيڻ کي ترجيح ۾ شامل ڪندو، جيڪو پنهنجي سمجهه ۽ ڏاهپ وسيلي ايندڙ اٿل پٿل کان ڀليءَ ڀت واقف ٿي چڪو آهي.
هونئن اهي هڙئي طبقا جيڪي پوڍائي طبقي سان مهاڏو اٽڪائڻ جي دعويٰ ڪري ر هيا آهن، انهن ۾ سچو ۽ کرو انقلابي طبقو پورهيتن جو آهي. ان ڪري اڳتي هلي مهاڏو اٽڪائڻ جي هام هڻندڙ طبقا زوال جو شڪار ٿي جديد صنعت ڪاريءَ جي ڪاراڻ ۾ گم ۽ غائب ٿي ويندا، ڇو ته رڳو پورهيت طبقو ئي انهيءَ اٿل پٿل مان سرفراز ٿيڻ جي اهليت رکي ٿو.
ان ڪري هيٺيون وچولو طبقو، ننڍڙو پيداواري طبقو، دوڪاندار، هنرمند، هاري، سڀئي پنهنجي جياپي لاءِ پوڍائي طبقي جي خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿيندا ته جيئن وچولي طبقي جو بچ بچاءُ ڪري سگهجي.انهن جدوجهد ڪندڙن کي انقلابي چوڻ بجاءِ قدامت پرست چوڻ درست ٿيندو. بلڪ کين رجعت پرست چوڻ ۾ به ڪو هرج ڪونهي، ڇو ته اُهي تاريخ جي اڳتي وڌندڙ ڦيٿي کي پوئتي هلائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر جيڪڏهن ان طبقي منجهان ڪوبه ڇاتيءَ تي هٿ هڻي انقلابي هئڻ جي دعويٰ ڪندو ته ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ هوندو ته اهو پورهيت طبقي کي فتحمنديءَ جي ويجهو ۽ اثرائتو ڏسي پسي رهيو هوندو. انڪري اهي نه رڳو پنهنجي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا پر مستقبل جي مفادن جو بچاءُ به ڳوليندا پر انهن لاءِ هڪ ئي رستو بچندو ته پنهنجي مفادپرستانه سوچ ۽ فڪر کي تياڳ ڏئي پورهيت طبقي جا ساٿاري بڻجي وڃن.
هوڏانهن انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ جيڪو ”خطرناڪ طبقو“ اڀري رهيو آهي، ان کي ”سماجي ڄار“ (Lumpen Proletarian) جو اهڙوطبقو چئي سگهجي ٿو، جيڪو پراڻي سماج جي پکڙيل ڄار کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري انقلابي ويس پائي جاءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ جڏهن به حالتون پنهنجي لاءِ سازگار سمجهندو ته اکيون ڦيرائي وڃي رجعت پرستن جو سهڪاري ٿيندو.
جيتريقدر سماجي صورتحال جو سوال آهي ته پراڻو ۽ مدي خارج سماج، پورهيت طبقي جي سامهون گهڻو وقت سينو ساهي نه سگهندو. ڇو ته پورهيتن وٽ ڪوبه مال ۽ ملڪيت ڪونهي. ان جا پنهنجي ڪٽنب سان اهي ڳانڍاپا به ڪونه رهندا، جيڪي پوڍائي طبقي جا پنهنجي گهر ۽ خاندان سان چهٽيل/ چنبڙيل آهن. ڇو ته جديد صنعتي پورهيت لاءِ سرمائي جي پيهه ۽ بار لڳ ڀڳ انگلستان، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا ۾ يڪسان آهن، جيڪو کين هڪ مخصوص قومي ڪردار جي چوغي لاهڻ لاءِ مجبور ڪندو. ان ڪري قانون، اخلاقيات ۽ دين ڌرم يا پوڍائي طبقي جون ڪٽر روايتون جن جي پويان لڪي راتاها هڻي پنهنجو طبقاتي بچاءُ ڪري ٿو، سي سڀئي ثانوي حيثيت اختيارڪري وينديون.
اسان جي آڏو ڪيترائي مثال موجود آهن ته سماج ۾ اهڙا طبقا جيڪي مٿاهون پد رکندڙ آهن، سي پنهنجن مفادن خاطرن سماج کي زير زبر ڪري سڀ ڪجهه پنهنجي هٿ وسيڪو ڪندا آيا آهن. اهڙي صورتحال ۾پورهيت طبقو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي نه سگهندو، جيستائين پنهنجن اڳوڻن طور طريقن ۽ واهپي ۾ ايندڙ طريقه ڪار کان دستبردار نه ٿيندو. ڇو ته انهن وٽ اهڙي ڪابه وٿ ۽ وکر ڪونهي جو اهي پاڻ کي ڪنهن هڪ جاءِ تي محدود ڪري ڇڏين. ان ڪري سندن ذميواريءَ ۾ شامل آهي ته گذشته بچ بچاءَ جي طريقن کي نگهوسار ڪري ڦٽو ڪن. ان لاءِ ڪنهن به دل جمعي طرح انفرادي ملڪيت جي تصور جو خاتمو ضروري آهي.
هتي هڪ اهم نقطو ڌيان طلب آهي ته اڳوڻيون تحريڪون پنهنجي تواريخي پس منظر ۾ اقليتن جون تحريڪون هيون يا ائين کڻي چئجي ته اقليتن جي مفادن سان ٺهڪندڙ هيون. ان جي برعڪس پورهيتن جي هلچل شعوري طور آزاداڻي ۽ اڪثريت جي تحريڪ آهي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ اڪثريت جي مفادن جي هلچل چئي سگهجي ٿو.
هونئن به پورهيت طبقي کي اسان جي سماجي بيهڪ ۾ مورڳو هيٺين طبقي طور ڄاتو وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ پورهيت طبقي لاءِ مٿي اچي پنهنجي حاڪميت ڪرڻ لاءِ هڪ ئي دڳ آهي ته ان طبقاتي سماج ۾ ٿرٿلو مچائي ته جيئن سندس اڀري اچڻ جا آثار نمودار ٿين.
ابتدائي طور بيهڪ جي لحاظ کان پورهيت طبقي جي پوڍائي طبقي خلاف هلچل قومي تحريڪ جو هڪ حصو هوندي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته پورهيت طبقو پنهنجي ملڪ اندر رهندڙ پوڍائي طبقي سان حساب ڪتاب کي چڪتو ڪري.
پورهيت طبقو پنهنجي اوسر ۽ ترقيءَ جي مختلف مرحلن مان جيئن گذرڻ شروع ڪندو آهي ته مروج سماج ۾ پردي پويان گهرو لڙائيءَ جا آثار به نمودار ٿيڻ لڳندا. ان حد تائين جو مذڪوره گهرو لڙائي اڳتي هلي انقلاب جو سنيهو بڻجي ويندي ۽ پورهيت پنهنجي سگهه سان پوڍائي طبقي کي برطرف ڪري هڪ نواڻ جو پيڙهه پٿر رکندو.
جيتوڻيڪ، اسان اڳ ۾ به ڄاڻائيندا آيا آهيون ته هرهڪ سماج جو بڻ بڻياد محڪوم ۽ حاڪم طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي رکيل هوندو آهي، پر ڪنهن به طبقي کي محڪوم بڻائڻ لاءِ ڪجهه معروضي حالتن جو هئڻ ضروري آهي ته جيئن انهن کي مجموعي طور محڪوم بڻائڻ جو جواز موجود هجي. مثال طور غلاماڻي دور ۾ غلام محڪوم رهندو آيو، پر ان اڳتي هلي پاڻ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. ساڳي ريت پوڍائي طبقي پڻ جاگيردارانه سماج جي خلاف پاڻ کي صف بند ڪيو ۽ اڳتي هلي هڪ طاقتور طبقي جي صورت اختيار ڪئي پر ان جي برعڪس موجوده جديد مزدور طبقو، پاڻ کي جديد صنعتڪاريءَ جي لحاظ کان منظم ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ مورڳو ٻڏتر جي گهيري ۾ آهي. ان حد تائين جو سندس جياپو به هڪ سواليه نشان بڻجي پيو آهي.
مطلب ته پورهيت طبقو محتاجي ۽ ڪنگال پڻي جي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. ان ۾ محتاجي جاجيوڙا دولت جي اوسر ۽ ماڻهن جي وڌندڙ انگ جي مقابلي ۾ گهٽجي رهيا آهن. جڏهن ته هڪ ٻي صورتحال به چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته پوڍائي طبقي جي وس ۾ ڪونهي ته دائمي طور هن سماج ۾ جيئرو رهي سگهي ۽ نه وري پنهنجا شرط شروط مڙهي سماج کي پنهنجو هٿ وسيڪو ڪري سگهندو. ڇو ته هڪ اصول مطابق غلام جڏهن آقا جي پالڻ ۽ بار ڍوئڻ کان تنگ ٿي پوندو آهي ته پوءِ ان لاءِ هڪ ٻيو دڳ اختيارڪرڻ کان سواءِ چارو ڪونه رهندو آهي. ساڳيءَ ريت مروج سماج به پوڍائي طبقي جي هٿن منجهان کسڪي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سماج ۾ سندس جياپي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن.
پوڍائي طبقي جي جياپي ۽ اثر رسوخ لاءِ هڪ ئي رستو وڃي بچيو آهي ته پنهنجي ڌن دولت ۾ اضافو ڪندو رهي. ان لاءِ سندس ضرورت آهي ڏهاڙي اجرت تي مزدور جو پورهيو خريد ڪرڻ! ڏهاڙي اجرت جي ڪري مورڳو مزدورن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي اڻ ٽر بڻجي ويندي. صنعتڪاريءَ جي ترقيءَ ۾ لاشعوري طور پوڍائي طبقي جو ڪردار بڻجي ٿو پر ساڳي وقت پورهيت طبقي ۾ ويڳاڻپ جي تصور جو خاتمو ايندو. ان ڪري پورهيتن ۾ منظم ٿيڻ ۽ انقلاب لاءِ صفبندي ڪرڻ جو موقعو مهل ويجهو اچي پوندو. جديد صنعتڪاريءَ جي ترقيءَ سبب پوڍائي طبقي جا جيڪي پير کتل آهن، انهن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿيندي. اهڙي ريت پوڍائو طبقو پنهنجن هٿن سان پاڻ لاءِ کڏ کوٽيندو. مطلب ته ان جو زوال ۽ پورهيت طبقي جي فتح ۽ ڪامراني اڻ ٽر آهن.