مسرور پيرزادو

Author Name

مسرور پيرزادي جو ڇٺيءَ جو نالو گلزار علي آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان پيرزادو ۽ امڙ جو نالو بھشت خاتون آهي. هن 15 مئي 1976ع تي ڪراچيء جي جناح اسپتال ۾ جنم ورتو. ڪراچي ۾ وٽنري ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿو. مسرور پيرزادي شاعريءَ جي شروعات يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ ڪئي. سندس شاعري معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. سندس شاعري ۾ موزونيت ۽ فڪري عنصر موجود آهي، جنهنڪري ادبي حلقي ۾ هن مڃتا ماڻي ورتي آهي. هن غزل جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان ۾ جدت جو عنصر پڻ وڌيڪ ملي ٿو. هن مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ چئنلن تي صحافي ۽ ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. سندس اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪالم پڻ ڇپيل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مسرور پيرزادو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


مسرور پيرزادو جا ڪتاب

منفرد، ليکڪ : مسرور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منفرد
ليکڪ : مسرور پيرزادو
چاندني تو سوا نه ٿيندي، ليکڪ : مسرور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چاندني تو سوا نه ٿيندي
ليکڪ : مسرور پيرزادو
سِپُون سُوجهي ڪڍيون، ليکڪ : مسرور پيرزادو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سِپُون سُوجهي ڪڍيون
ليکڪ : مسرور پيرزادو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ