ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو اصل نالو موتي پُٽ سکر امداد شرما ۽ تخلص پرڪاش آهي۔ سندس جنم 15 مئي 1931ع تي دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو۔ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي پرايائين ۽ انگريزي تعليم لاء کيس سندس ناناڻي گهر ڳوٺ جاتيء موڪليو ويو۔ جتي پنڊت ڪندن آسورام شرما جي مٿس مهرباني ٿي، جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم سيکاري. پنڊت کي سنڌي ناٽڪ سان ڏاڍو چاهه هو، هن جاتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪ کي اوج تي رسايو هو. ”موتي“ هن جي لکيل ۽ هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيل ڊرامي ۾ پارٽ ڪندو هو جو گهڻو ڪري سندس سهڻي شڪل ۽ صورت سبب کيس زنانو ڪردار ملندو هو.
ورهاڱي کان پوءِ موتي پرڪاش به ڀارت هليو ويو، جتي بي.اي (آنرس) ۽ بي.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري 1951ع ۾ ماستري جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ 2002 ۾ رٽائرمينٽ تائين ان پيشي سان واڳيل رهيو. ان دوران هو شاعري ۽ سنڌي ادب سان به واڳيل رهيو ۽ ان سان گڏ دهليءَ ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نيوز سروس ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو. هو 1956 کان 1977 تائين آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس سان لاڳاپيل رهيو۔ هن وقت تائين 29 سال ماستري جي پيشي ۾ گذاري چڪو آهي. م
موتي پرڪاش کي ننڍپڻ کان لکڻ جو چاهه هو، اڃان اسڪول ۾ ننڍو ٻار هو ته ”ٻال سنديش“ نالي (سنڌ ۾) رسالو شروع ڪيو هئائين ۽ پنهنجا گيت ”گلستان“ رسالي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. هن کي ڊرامن لکڻ ۽ هدايتڪاريءَ جو گهڻو چاهه آهي، سندس هڪ سئو کن ڊراما ريڊيو تان نشر ٿي چڪا آهن. 1960ع ۾ هن ڪن ساٿين سان گڏجي بمبئي ۾ سنڌو ڪلامندر جو بنياد وڌو ۽ ان سنسٿا طرفان ورهاڱي بعد پهريون ئي سنڌي اصلوڪو ناٽڪ پيش ٿيو.
موتي پرڪاش نثر توڙي نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هن جا هي ڪتاب شايع ٿيل آهن:
ادينا؛ ڪاڪوڪلو، ڪالندي، انڊر سيڪريٽري (ترجمو)،
رات هڪ طوفان جي (جنهن جي سنڌي فلم به نڪتي هئي)،
پردي اڳيان پردي پٺيان (اصلوڪا ناٽڪ)،
آءُ ته چوريون چنگ (ڪلام جو مجموعو)،
ادبي گل، دل جون ڳالهيون (مضمونن جا مجموعا)
انڌيرو اجالو (ناول)
گلڙن جا گيت (ٻاراڻو ادب ۽ شاعري)
چڻنگ وچ چولي (شاعري)
ڏٺي ڏينهن ٿيام (خاڪا)
سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سفرنامو)
ان کان سواء موتي پرڪاش ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ پڻ لکيا ۽ پيش ڪيا آهن۔ موتي پرڪاش جي گهرواري ڪلا پرڪاش پڻ ڀارت جي سٺي ليکڪا آهي. ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي سندس ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن۔ ڊاڪٽر موتي پرڪاش 4 آگسٽ 2015ع تي ديهانت ڪري ويو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي موتي پرڪاش جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن