ھري موٽواڻي

Author Name

نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، پبلشر ۽ ايڊيٽر هري نارايڻ سنگهہ موٽواڻي جو جنم 30 نومبر 1929ع ۾ لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ ٿيو. هري موٽواڻي رڳو چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي سگهيو ۽ پنھنجي ناني سان گڏ هردوار (Haridwar)  هليو ويو، جتي ڪپڙي جو دڪان هلائڻ لڳو. ھندستان جي ورھاڱي بعد اڳتي هلي بمبئي (ممبئي) ۾ لڏي ويو، جتي پنھنجو ڌار ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺڻ لڳو.

ھري موٽواڻيءَ جا ناول:
ابو“ 1988ع ۾ ڇپيو. ابو ورهاڱي جي درد جو سنڌي ۾ پھريون ناول آهي.“ ابو ناول تي هري موٽواڻي کي ”هارمني“ ايوارڊ (قومي ايڪتا) ڏنو ويو.
اجهو“ 1990ع ۾ ڇپيو، جنھن جو تاڃي پيٽو، ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ سنڌي جيوت آهي. ناول بابت هري موٽواڻي لکي ٿو ”مان ڪافي عرصي کان محسوس ڪري رهيو هوس تہ اسان سنڌين سان هتي اهڙو وهنوار ڪيو پئي ويو، ڄڻ اسان کي هتي مھرباني طور اجهو ڏنو ويو هو! ان ڪري جڏهن تڏهن غير سنڌين اسان سان زورايون پئي ڪيون آهن هر هنڌ! اديب ۽ فنڪار، جيڪو پنهنجي جاتي جوهڪ انگ آهي. اهو جڏهن جاتي تي ٿيل ڏاڍايون پاڻ تي ٿيل ڏاڍايون محسوس ڪرڻ ٿو لڳي، تڏهن هن جي قلم جنبش ۾ اچي ٿو ۽ هو پنھنجي قلم سان ان جبر خلاف احتجاج ڪري ٿو“. انهي ناول تي هري موٽواڻي کي ”ساهتيہ اڪيڊمي“ جو انعام ڏنو ويو.
پاڻيارا پکي“ 1993ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ۽ انھيءَ جو ماحول ۽ پسمنظر هري موٽواڻي جي ڳوٺ ”ڌامراهہ“ جو هو. انھيءَ ناول ۾ هن ڳوٺاڻي ماحول کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ٻاهر نڪرڻ جو رستو“ 1995ع ۾ ڇپيو. اهو ناول هري موٽواڻي جي ٽنھي ناولن کان مختلف آهي، جنھن ۾ سيڪس جي اُپٽار آهي. 

ٻيا ڪتاب:

جڙيل جن سان جند: (سنڌ جو سفرنامو) 1988ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. اهو سندس 1987ع جي سنڌ ياترا جي ڪٿا آهي. 
خوددار: ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جيڪو 1991ع ۾ ھندستان ۾ ڇپيو.
 آخري پنا: هري موٽواڻيءَ جي آتم ڪھاڻي آهي، جيڪا 1997ع ۾ هند ۾ ۽ ساڳئي سال سنڌ ۾ پڻ ڇپي.

هري موٽواڻي جا ٽي ناول ”ابو“ ”اجهو“ ۽ ”پاڻيارا پکي“ راجسٿان ۽ ممبئي يونيورسٽين تي ٽيڪسٽ بڪ طور منظور ٿيل آهن. 
هري موٽواڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ”ماهوار ڪونج“ رسالي جو جاري ڪرڻ هو. اهو رسالو هن 1960ع کان شروع ڪيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. ڪونج جو پھريون رسالو ڊسمبر 1960ع ۾ ظاهر ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر موهن ڪلپنا ۽ ٻانھن ٻيلي گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا هئا. هري موٽواڻي انھيءَ جو پبلشر هو، پر ڪجهہ رسالن نڪرڻ کانپوءِ، موهن ڪلپنا رسالي کان ڌار ٿي ويو ۽ اهو رسالو هري موٽواڻي هلائڻ شروع ڪيو. ”ڪونج“ جو هندستان ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي مقام آهي. انھي رسالي جي ذريعي هري موٽواڻي ڪيترن ئي ليکڪن کي باقاعدہ ليکڪ بڻايو، تنھن کانسواءِ ڪونج پاران ڪيترائي نوان سلسلا پڻ شروع ڪيا ويا. جھڙوڪ ”آئيني جي اڳيان“، جنھن ۾ هر پيڙهيءَ جي اديب جو سيلف پورٽريٽ ڇپيو. اڳتي هلي اهي سيلف پورٽريٽ ساڳئي نالي ”آئيني جي اڳيان“ سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. ڪونج پاران سھڪاري ناول ”يوجنا“ ۾ گوبند مالھي کان شروع ڪري موهن ڪلپنا تائين آخري قسط پھتي. اهو سنڌي ادب ۾ تہ ڇا پر سڄي ادبي تاريخ ۾ نئون ۽ انوکو تجربو هو. ان جون ڌار ڌار قسطون لکندڙ ٽن پيڙهين جا ليکڪ هئا. اهڙي طرح جيئرن اديبن تي ”شخصيت نمبر“ ڪڍڻ جي روايت بہ ”ڪونج پبليڪيشن“ شروع ڪئي، تنھن کانسواءِ ڪونج پبليڪيشن پڻ قائم ڪيائين، جنھن پاران هڪ سئو کان بہ وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا ڇپايا ويا آهن. انھن مان ڪيترن ئي ڪتابن کي ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ پڻ مليا. مٿين ادبي ڪم کانسواءِ ’ڪونج ٿيٽر‘ ۽ ’ڪونج فلمس‘ وجود ۾ آندائين. ڪونج ٿيٽر پاران ناٽڪ ”ننڊ نہ ڪر نادان“ پيش ڪيو ويو ۽ ڪونج فلمس پاران ”هو جمالو“ نالي سنڌي فلم پروڊيوس ڪيائين، جنھن ۾ ديش پريم ڏيکاريو ويو، جنھن سبب مھاراشٽر، راجسٿان ۽ ڪن ٻين هنڌن تي وندر ڍل معاف ڪئي ويئي.
 ھري موٽواڻي 7 مئي 2006ع تي دل جي دوري سبب وڇڙي ويو

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھري موٽواڻي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ھري موٽواڻي جا ڪتاب

آخري پنا، ليکڪ : ھري موٽواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
آخري پنا
ليکڪ : ھري موٽواڻي
خوددار، مصنف : ھري موٽواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
خوددار
مصنف : ھري موٽواڻي
اَجهو، مصنف : ھري موٽواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اَجهو
مصنف : ھري موٽواڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ