رجب آزاد

Author Name

رجب علي ولد محمد بچل سولنگي 15 سيپٽمبر 1961ع ۾ سيتا ننڍي تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. ادب ۾ باقاعدي ابتدا 1979ع کان ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ ڊرامہ نويس، شاعر، ڪھاڻيڪار، نقاد ۽ مقالہ نگار آهي. سندس مزاحيہ شاعريءَ جا ٻہ  ڪتاب “رانڀوٽا”، “ڌمچر” ۽ هڪ ڪھاڻين جو ڪتاب “ڪارو چشمو” ڇپيل آهن. سندس ھڪ تحقيقي ڪاتب ”سنڌي ادبي سنگ ضلو دادو ھڪ تاريخ“ پڻ ڇپيل آھي.  رجب آزاد سنڌي ادبي سنگت جو 1992ع کان سرگرم ڪارڪن آهي ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. رجب آزاد 06 آگسٽ 2017ع جي ٿيندڙ مرڪزي اليڪشن ۾ ضلعي دادؤ لاءِ ضلع رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيو. هو تمام گھڻو فعال رابطا سيڪريٽري رهيو جنھن سنگت ضلعي دادؤ جي سڀني شاخن کي باقاعدي سنڀاليو ۽ هر ڪنهن شاخ جي ميمبر توڙي عهديدار سان ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو. ان کان علاوھہ شاخن ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.
رجب آزاد سنگت ضلعي دادؤ جي حوالي سان بہ ڪجھه پروگرام ڪرايا جن ۾ محترم دين محمد اڪرم ٻورڙائيءَ جي ورسي، نامياري شاعر خليل عارف سومرو جي ڪتاب “روشني آهيون اسين” جي مهورت ۽ سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ کان “قديم شاعري” تي هڪ ادبي ڪچهري منعقد ڪرائي ۽ ان کان علاوه سندس ڪارڪردگيءَ ۾ هڪ مشاعرو بہ شامل آهي. سال 2019ع ۾ سيوهڻ ادبي ڪانفرنس ۾ مقالو پيش ڪرڻ تي کيس بھترين مقالا نويس جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رجب آزاد جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


رجب آزاد جا ڪتاب

ڪارو چشمو، ليکڪ : رجب آزاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪارو چشمو
ليکڪ : رجب آزاد
سنڌي ادبي سنگت  ضلعو دادو هڪ تاريخ، مصنف : رجب آزاد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ
مصنف : رجب آزاد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ