نصير مرزا

Author Name

ناميارو شاعر، نثرنگار ۽ براڊڪاسٽر نصير علي ولد ناصر علي بيگ مرزا، 20 جولاءِ 1955ع تي ٽنڊي ٺوڙھي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. نصير اڃا ٽن سالن جو هو جو سندس والد ناصر بيگ مرزا گذاري ويو. والد جي وفات کانپوءِ هن جي سڄي تربيت والدہ محترمہ شريف النساءَ ڪئي.  نصير مرزا شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. اٺين ڪلاس ۾ نثار حسيني سندس ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو، جنهن لاءِ نصير مرزا جو چوڻ آهي تہ ”ان پيار بہ ڏنو ۽ ادبي تربيت بہ ڪئي.“
نصير مرزا ايم اي (صحافت) 1980ع ۽ ايم اي (سنڌي) 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان ڪئي. ايم اي جي دوران سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو ”شيخ عزيز“ سندس استاد رهيو. نصير مرزا پھرين هڪ هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، پوءِ پبليڪيشن آفيسر ۽ 1983ع کان ريڊيو پاڪستان سان پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت سان لاڳاپيل رھيو. هي پنھنجي ٻولي ۽ پيشي سان وابستگي جو ثبوت ڏيندي لاتعداد علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. ڪيترائي فنڪار پڻ متعارف ڪرايا اٿس. کيس موسيقيءَ بابت پڻ سٺي ڄاڻ آهي. هن موسيقي واري شعبي ۾ رهي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ڪيترن ئي شاعرن جون ڪافيون، گيت، غزل وغيرہ رڪارڊ ڪرايا آهن.
نصير مرزا کي ننڍي هوندي کان ئي علمي ۽ ادبي ماحول مليو. سندس شروعاتي لکڻيون ۽ شاعري ”پيغام“ رسالي ۾ شايع ٿيون. جيڪو عبدالواحد آريسر، جي ادارت هيٺ نڪرندو هو. انھي وقت نصير مرزا جو تخلص ”شاد“ هوندو هو. نصير مرزا جو پھريون ڪتاب ٻاراڻي شاعري جو مجموعو ”ڌرتيءَ جا تارا،“ 1979ع ۾ ٻارن جي عالمي سال جي حوالي سان ڇپيو. جنهن کي ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ ۽ ’نيشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان‘ پاران انعام ۽ ايوارڊ مليا.
نصير مرزا هڪ ئي وقت شاعر، نثر نويس، مرتب ۽ محقق آهي. سندس نثر نھايت سگهارو ۽ ماکي جي مٺاڻ جھڙو آهي. اڪثر لکندڙ ۽ پڙهندڙ سندس نثر جا مداح رهيا آهن. نصير مرزا جي ڇپيل ڪتابن کي ٻن حصن ۾ورهائي سگجهي ٿو. پھريون سندس اصلوڪيون تحريرون، نثر توڙي نظم ۾، ٻيو: سھيڙيل يا مرتب ڪيل.

اصلوڪا ڪتاب:
ڌرتي جا تارا (ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو) 1979ع 
خوشبوء جي سنگ سنگ (شعري مجموعو) 1980ع 
سفر من اندر (سفرناما) 1985ع
خيمي ۾ شام (انٽرويو، خاڪا ۽ تاثرات) 2002ع 
ٿي نہ سگهيس شاعر (شاعري)، 2007ع 

نصير مرزا جو سھيڙيل ڪم 

نادر بيگ مرزا جون ڪھاڻيون (1992ع سنڌالاجي پاران ڇپرايو ويو)
اڇو پکي واءُ ۾: حفيظ شيخ  (ڪھاڻيون ناول ۽ ٻيو مواد) 1997ع ۾ شايع ٿيو.
ڇھہ ڇھہ پيسا ٻہ ٻہ پايون ( ڪشچند ’بيوس‘ جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري) 1998ع ۾ ڇپيو.
سامي سج وڙاءُ (شيخ اياز بابت تحريرون) 1998ع
ڌرتي سارو ديس (چونڊ سفرناما) 1995ع
سڏ-پڙاڏو (غلام رباني آگري جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا تي لکيل ليک) ساٿي مرتب-1992ع
نيڻن ۾ ڏياريون (شبير هاتف جي شاعري-ساٿي مرتب) 
سھڻو سڏائي ٿو پاڻ (ممتاز مرزا جي لکڻين جي سھيڙ 2005ع). 
جيجي زرينہ بلوچ (زرينہ بلوچ بابت ليک)، 
منھنجو خواب محل (تبسم عروج قاضي جي شعري مجموعي جي سھيڙ)، 2008ع
ع ق شيخ ڪوھُ ڪاف شيخ (فن ۽ شخصيت) 2010ع
ريڊيو حيدرآباد (يادگيريون، ٽي جلد) 2010
ريڊيو حيدرآباد البم (ريڊيو حيدرآباد جي تصويري تايخ) 2012ع
ريڊيو حيدرآباد ڪئٽالاگ (2012ع)
سچ جي ڳولا (ٽيڪم مٽائي جي ڪتاب جي سھيڙ)، 
دٻلي ٿي ڇڻڪي (ٻاراڻي شاعري چونڊ ريڊيو ڪلام) 2010ع
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (شخصيت ۽ فن) 2006ع
قليچ البم (مرزا قليچ بيگ جون تصويرون) 2009ع
مرزا قليچ بيگ، فن اور شخصيت (اردو)
جيئن سو تارو صبح جو (آغا سليم جون لکڻيون) 2015ع
مراد صاحب (2014ع)
ڊپٽي صاحب (2014ع)
منھنجو سائين (2015ع)
قلم جنين جي ھٿ ۾ (2014ع)
خاتون اول ڪھاڻيڪار ثميرہ زرين (ڪھاڻيون، فن ۽ شخصيت)، 2018ع
پيڙا جو پڙلاءُ خيرالنساءَ جعفري (لکڻيون، فن ۽ شخصيت)
بينجي جو بادشاھ  (استاد بلاول بيلجم فن ۽ شخصيت) 2011ع
طارق ڪتاب (طارق عالم ابڙو فن ۽ شخصيت) 2011ع
حميد سنڌي : ايندو نہ وري ھي وڻجارو (ساٿي مرتب)
حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان (ڪھاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ٻيون لکڻيون) مرتب
اسان جو قلم ھڪ علم (حميد سنڌي جي شخصيت) 2015ع
حجاب سراپا حجاب (رشيدہ حجاب جي شخصيت ۽ فن) 2019ع
قليچ ڊراما (2019ع)
بلبل خوش گفتار
لوڪ ڪھاڻيون
يا حسين ابن علي (مرزا حسين علي قلي بيگ) مرتب

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نصير مرزا جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


نصير مرزا جا ڪتاب

جيجي (زرينہ بلوچ _ شخصيت ۽ فن)، مُرتب : نصير مرزا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جيجي (زرينہ بلوچ _ شخصيت ۽ فن)
مُرتب : نصير مرزا
حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان، مصنف : نصير مرزا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
حميد سنڌي؛ ھڪ اڻٿڪ انسان
مصنف : نصير مرزا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ