ذوالفقار سيال

Author Name

برک شاعر ،اديب ،ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد ،تعلقي باقراڻي ،ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .خانداني لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار ۽ تعليم يافته خاندان سان آهي .هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي .لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم .بي .بي .ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي ،چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين .آر .ايم .او( ايڊمنسٽريشن )ايل .ايم .سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ( 1989ع-1988ع )رهيو .ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد ،ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم .ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو به رهيو .
ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي .سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن ‘۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون.چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو( 1976ع-1974ع )جو ايڊيٽر۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت ‘مخزن جو چيف ايڊيٽر( 2008ع- 2006ع )رهيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو .ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل .ايم .سي جو سيڪريٽري ٿيو .هو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ،سٺو ڪمپيئر به آهي ۽ ٽي .وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي .هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن( ’ڪن ۽ ڪنارا ‘،’پرهه کانپوءِ ‘،’غازي عبدالقيوم شهيد ‘،’درد ڪو جو زبان ملي ‘)۾ اداڪاري به ڪئي آهي .
هـن جــي شـاعــريءَ جــا چــار ڪــتاب:( 1 )’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا ‘،(2 )’ڳاڙها هٿ پيلا چهرا ‘،(3 )’چهرا چنڊ گلابن جھڙا ‘۽( 4 )’بارش کانپوءِ ‘ڇپيل آهن ،جڏهن ته سندس ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ذوالفقار سيال جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ذوالفقار سيال جا ڪتاب

آئينا ۽ عڪس، ليکڪ : ذوالفقار سيال

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
آئينا ۽ عڪس
ليکڪ : ذوالفقار سيال
بارش کانپوءِ، مصنف : ذوالفقار سيال

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
بارش کانپوءِ
مصنف : ذوالفقار سيال
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ