تنوير جوڻيجو

Author Name

مشهور افسانہ نگار، محقق، سنڌيڪار ۽ شاعرہ محترمہ تنوير جوڻيجو ڌيءُ صدرالدين جوڻيجو 6 فيبروري 1954ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي شھر مٺيءَ ۾ ڄائي. ايم .اي سوشيالاجيءَ ۾ ڪيائين. تنوير جوڻيجو پنھنجي پروفيشنل زندگيءَ جي ابتدا 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽ ويلفيئر آفيسر طور ڪئي. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات (سوشالاجي) شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. سڄي ڄمار انھيءَ شعبي سان سلھاڙيل رهي. نوڪريءَ دوران ساڳئي ئي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. آخر ۾ هن شعبي جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن طور رٽائر ڪيائين.
سندس ڪھاڻين جو موضوع سنڌي عورت سان سماج ۾ ٿيندڙ ويساهه گهاتيون آهي. ان کان سواءِ سماجيات تي مضمون ۽ ڪتاب لکيل اٿس. هن سماجيات (sociology) جي لغت پڻ ترتيب ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿي چڪي آهي. 2004ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ ‘ جي عنوان سان ڇپيل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل عورتاڻي ادب جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. 
تنوير جوڻيجو ادبي دنيا ۾ پنهنجو هڪ خاص مقام رکي ٿي. هن هيٺيان ڪتاب لکيا آهن

امرت منجھ ڪڙاڻ (ڪھاڻيون)، 1978ع
عيبن هاڻي (ڪھاڻيون)، 1981ع
ٻارن لاءِ چونڊ ڪھاڻيون (ترجمو) 1985ع
ڌمڪ ڌم (ٻارن جا گيت ـــ ترجمو)
قديم آثارن وارا ماڳ (تحقيق) 1986ع
سماجيات جا اصول (تدريس) 1981ع
سماجيات جي لغت
عورت، سماج ۽ ڏاڍ، 2004ع

تنوير جوڻيجو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف پروگرامن ۾ هڪ ميزبان ۽ ليکڪا طور حصو ورتو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي تنوير جوڻيجو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


تنوير جوڻيجو جا ڪتاب

امرت منجهہ ڪڙاڻ، مصنف : تنوير جوڻيجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
امرت منجهہ ڪڙاڻ
مصنف : تنوير جوڻيجو
عيبن ھاڻي، مصنف : تنوير جوڻيجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عيبن ھاڻي
مصنف : تنوير جوڻيجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ