مشتاق ڀرڳڙي

Author Name

ڪھاڻيڪار، شاعر ، ڪالم نويس ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙيءَ جو پورو نالو مشتاق علي ولد محمد ڇُٽل ڀرڳڙي هو. هن 16 سيپٽمبر 1974ع تي اٺين شاخ لڳ جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم وزيرآباد اسڪول دادو  ،مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو، بي .ايس .سي، استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو، جڏهن تہ بي .اي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ ڪيائين. ادبي لحاظ کان هو سٺي ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
هن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. سندس ڪھاڻين جا ٻہ ڪتاب” پاڇي“ (1999ع) ۽ ”سفر“ (2009ع) ڇپيا. سندس مضمونن، ڪالمن ۽ خاڪن جو ڪتاب ”لفظ نہ آهن کيڏوڻا“ (2005ع) ۽ شاعريءَ جو ڪتاب” موکيءَ مٽ اپٽيا“ (ڏهن شاعرن سان گڏ :2005ع) ڇپيل، نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب ”ائين ئي جيئندا رهون ٿا“2007ع ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه اڃان ٻہ ڪتاب هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ آڻڻ پئي چاهيا انهن ۾ ”اتفاق“ جي نالي سان هڪ ناول بہ هيو ۽ ٻيو پنهنجي دوستن ڏانهن سندس لکيل خطن جو مجموعو ”منجهان سڪ سبيل“ هيو.  سندس ٻہ ماهي ”رم جهم“ دادو جا ڪجهه پرچا ايڊٽ پڻ ڪيا هئا. 
مشتاق ڀرڳڙي 18 جولاءِ 2007ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مشتاق ڀرڳڙي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مشتاق ڀرڳڙي جا ڪتاب

پاڇي، مصنف : مشتاق ڀرڳڙي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پاڇي
مصنف : مشتاق ڀرڳڙي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ