ممتاز مھر

نامياري ڪھاڻيڪار ۽ نقاد ممتاز مھر سکر ۾ پوليس عملدار محمد سلمان مھر جي گهر  ۾  9 مارچ 1942ع تي جنم ورتو، 1966ع  ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي. صحافت پڻ ڪيائين. پاڻ بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار هو. سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاريءَ ۾ سندس تنقيدي مضمون تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. ڇپيل ڪتابن ۾ ”زندگيءَ جو وهڪرو (ڪھاڻيون) 1977ع،   ”ويچار“ (ادبي تنقيد) 1980ع،  ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر“ (تنقيدي جائزو) 1983ع، "منزل" (ڪھاڻيون) 1983ع  ۽ ”جڏهن مان چوهٺ جو هوندس“ (ڪھاڻيون) 2010ع ۽ ان سان گڏ ڪيترائي مضمون ۽ ڪھاڻيون مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل اٿس. ھن عمر جي آخري حصي ۾ پنھنجي آتم ڪٿا پڻ لکي، جيڪا عوامي آواز اخبار ۾ قسطوار شايع ٿي.
ممتاز مھر، دم جي تڪليف سبب زندگيء جا آخري پساه پورا ڪيا ۽ 24 جنوري 2026ع تي اسان کان وڇڙي ويو.
 

  • جنم: 1942-03-09
  • ورسي: 2026-01-24
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image