سڪندر مگسي

Author Name

سڪندر مگسيءَ پھرين مارچ 1964 ع تي استاد محمد سچل ولد استاد پير بخش مگسي جي گهر ۾ سومر ڏينھن باک ڦٽي مھل اک کولي.
سندس گھراڻو ٽن پيڙهين کان  استادي گهراڻي سان  واڳيلُ هئڻ ڪري کيس تعليم جهڙي نعمت حاصل ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ بادل مگسي مان سن1969 کان 1974 تائين استاد عبدالخالق مگسي ۽ استاد علي بخش مگسي کان حاصل ڪيائين جيڪي پنهنجي علائقي جا بهترين استاد هئا. ان کان بعد 1974 ۾ تعلقي گهوٽڪي جي بهترين اسڪول ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي م داخل ٿيو ۽ 1979 ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ڪيائين. اهو دور سياسي افراتفري جو دور هو ملڪ ۾ ضيا جي سنگين مارشل لا هئي انڪري سندس تعليم سخت متاثر ٿي هر طرف هو جو عالم هو ڪاليج يونيورسٽي اڪثر بند هيون بقايا تعليم جي پرائيويٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان حاصل ڪيائين جنهم 1982 ۾ انٽر 1984 ۾ بي اي 1986ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1988پي ٽي سي ايليمينتري ڪاليج سکر بي ايڊ 1990 سکر ڪاليج آف ايجوڪيشن ۽ ايم ايڊ سال2000 ۾ آف ڪئمپس ڪاليج ميرپور مان حاصل ڪئي.
شاعري جي شروعات سن 1986ع کان ڪيائين پهرين تخليق ڪجهه بيت عبرت مئگزين جي ۾ ڇپيا ان کان پوءِ اهو سلسلو هلي پيو. ان کان بعد هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار ساهت سٿ صفحي ۾ ڪيئي سال اڳ اهو سلسلو هلندو رهيو. سال 1992 ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جو ميمبر سارنگ بحيثيت سيڪريٽري جي ڪيترائي سال ذميواري نڀائي 1994 ۾ ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ آڊيٽر جي اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو ورتو پر هڪ ووٽ تان ناڪام ٿي ادبي سنگت جي قافلي جو هڪ عام ڪارڪن ٿي پنهنجي حصي جو ڪم جاري آهي جاري سن 2008م پهريون ڪتاب آرس جو ڀڳو هوندء ڇپيو جيڪو سچائي اشاعت گهر دڙو ڇاپيو جنهن ۾ شاعري جا اسم شامل آهن. ان کان پوءِ شاعري جو سفر ته جاري آهي جنهن ۾ چار مسودا ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن پر ڪتاب نه ڇپجي سگهيا آهن.
هن وقت سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي شاخ ۾ هڪ عام ميمبر جي حيثيت سان پنهنجو ادبي سفر جاري رکيو پيو اچي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سڪندر مگسي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سڪندر مگسي جا ڪتاب

آرس جو ڀڳو ھوندءِ، مصنف : سڪندر مگسي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
آرس جو ڀڳو ھوندءِ
مصنف : سڪندر مگسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ