زبيدہ ميتلو
نامور شاعرہ ۽ ڪھاڻيڪار زبيدہ ميتلو، 31 جولاءِ 1955ع تي قنبر ۾ پير محمد ميتلي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ثانوي تعليم نائين ڪلاس تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهي، مئٽرڪ قنبر ھاءِ اسڪول مان ڪيائين. مئٽرڪ بعد گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پڙهڻ وئي، جتي شبنم موتي ۽ ٻين جي ساٿ ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. ھن ايم. اي (نفسيات ۽ سوشيالاجي) جي مضمونن ۾ ڪئي. ان کان علاوہ
ٽائيپ رائيٽنگ، اسٽينوگرافي، ڊرائنگ، لائبرري سائنس ۽ ڪمپيوٽر وغيرI جا ڪورس بہ ڪيائين.
زبيدہ ميتلو ’چائيلڊ اينڊ سوشل سائيڪالاجي‘ عنوان تي ايم. فل جو مقالو لکيو. ھن نيپال مان 1990ع ۾ ايڊمنسٽريٽو ٽريننگ بہ ڪئي. زبيدہ ميتلو جو شمار سنڌ جي بھترين شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. ھوءَ تعليمي ماھر ۽ استاد بہ آھي. ھن نوڪريءَ جي شروعات 1982ع ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، زونل آفيس حيدرآباد کان ڪئي. 1983ع ۾ ڪميشن پاس ڪري سائيڪالاجيءَ ۾ ليڪچرر طور ’ابن رشد گرلس ڊگري ڪاليج ميرپور خاص‘ ۾ مقرر ٿي ۽ 1984ع ۾ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آئي. 1985ع کان 1988ع تائين ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ بہ ڪم ڪيو. 1992-1988ع دوران مھراڻ يونيورسٽي ’پبلڪ اسڪول ڄامشوري‘ ۾ پرنسپال ٿي رهي. 1993-1992ع دوران ھن مھراڻ يونيورسٽيءَ جي لائبرري ۾ لائبريرين طور ذميواريون نڀايون. 1995ع کان وٺي مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ’ڊرينيج اينڊ اريگيشن انسٽيٽيوٽ‘ ۾ ايڊمن آفيسر طور ڪم ڪري رهي آھي.
زبيدہ ميتلو لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. ھن سڀ کان اڳ ۾ ڪھاڻيون لکيون. کيس مصوريءَ سان پڻ لڳاءُ ھو. ھن باقاعدي مصوريءَ جي شروعات 2001ع کان ڪئي. ھن 88-1986ع دوران ’عبرت، مئگزين‘ ۾ مستقل ڪالم لکيا. 12 کن ڪھاڻيون بہ لکيون اٿس. ھوءَ انٽرنيٽ تي رسالن ۾ مضمون لکندي رهندي آھي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏات ڏوھاري‘ 2001ع ۾ ڇپيو آھي، جنھن تي کيس ’اڪيڊمي ادبيات‘ سال جي بھترين ڪتاب جو انعام ڏنو. ’پاڪستان سائيڪالاجيڪل ائسوسيئيشن اسلام آباد‘ سان (90-1980ع) بہ وابستہ رهي آھي. ھن نيپال ۽ انگلينڊ جا دورا بہ ڪيا آھن.
- جنم: 1955-07-31
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل