امين ارباب

Author Name

شاعر، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر محمد امين (امين ارباب)، ڳوٺ علي محمد نھڙيي تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي، ايم اي صوفي ازم ۽ ايل ايل بي آهي. عملي صحافتي زندگيءَ جي شروعات روزاني عبرت حيدرآباد کان بطور نيوز ايڊيٽر ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وڏي عرصي تائين هفتيوار ادبي پروگرام ”سڳنڌ“ جي ڪمپيئر طور ڪم ڪيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مشھور صوبائي پروگرام ”تارن ڀري رات“ هن جي اڄڪلھہ سڃاڻپ بڻيل آهي. امين ارباب ڪجهہ وقت زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊهاڪ تي ليڪچرر ۽ اسلام آباد سينيٽ ۾ ايڊيٽر آف ڊبيٽ جي عارضي عھدي تي رهيو. لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ۾ او ايس ڊي، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن ۾ بطور ڪلارڪ ۽ هن وقت سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ ڊپٽي مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مھراڻ ٽي وي تي ڪيترو ئي وقت ”نيوز ڪاسٽر“ ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪيومينٽريز پڻ رهيو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتي منھنجي سرتي“ (شاعري)، ”در کليو ئي رهيو“ (ريڊيائي افسانا)، ’لڙيو پئي لاڙ تان سورج“ (ٽي وي ڊاڪيومينٽريز) ۽ ”آئون، آواز ۽ ريڊيو“ (ريڊيائي گفتگو) شامل آهن. امين ارباب صحافت دوران محترمہ بينظير ڀٽو سميت ڪيترن ئي سياستدانن جا انٽرويو ڪيا. صحافتي سفر دؤران مختلف ملڪن جا دؤرا ڪندي کيس ايران جي صدر رفسن جاني کان صدارتي اوارڊ بہ مليو. هن شاھہ لطيف جي سر ڪاموڏ تي بھترين تحقيقي ڊاڪيومينٽري بہ ٺاهي جنھن تي کيس سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان لطيف اوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه محترمہ بينظير ڀٽو جي پھرين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ٽي وي اسٽوريز جو مقابلو ڪرايو ويو، جنھن تي مھراڻ ٽي وي تي نشر ٿيل، هن جي اسٽوري پھريون انعام حاصل ڪيو. امين ارباب جي ٽي وي اسٽورين ۾ ڪي اهڙيون بہ هيون جن تي عدالتن پاڻ مرادو نوٽيس ورتا ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امين ارباب جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


امين ارباب جا ڪتاب

ڌرتي منھنجي سَرتي، مصنف : امين ارباب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڌرتي منھنجي سَرتي
مصنف : امين ارباب
در کليو ئي رھيو، مصنف : امين ارباب

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
در کليو ئي رھيو
مصنف : امين ارباب
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ