الطاف ملڪاڻي

Author Name

 الطاف ملڪاڻي ڪھاڻيڪار، شاعر، محقق، مترجم، ايڊيٽر ۽ پبلشر طور سڃاتو وڃي ٿو، الطاف ملڪاڻي ولد غلام هادي ملڪاڻي 19 اپريل 1967ع تي دادو شهر لڳ ڳوٺ درگاهه ملڪاڻي شريف ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملڪاڻي شريف مان، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪرڻ کانپوءِ زرعي ڪاليج سڪرنڊ مان ٻن سالن جو ايگريڪلچر ڊپلوما ڪورس ڪيو. هن وقت فيلڊ اسسٽنٽ طور زرعي کاتي ۾ ملازم پڻ آهي. 1984ع ۾ ٻاراڻي شاعري ڪرڻ سان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. اڳتي هلي ڪهاڻيڪار طور نالو ڪڍيو. سندس مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ”ساڀيائن کان رٺل سپنا“، 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب ”شانتي“ (اجيت ڪور جي ناوليٽ جو ترجمو) 1999ع ۾ ڇپيو. الطاف ملڪاڻيءَ جو نالو ٻاراڻي ادب جي حوالي سان مشهور آهي. مهراڻ پبلڪيشن حيدرآباد جي سرپرست جي حيثيت ۾ ٻارن لاءِ ڪافي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا اٿس. ٻارن جي مشھور رسالي ”ارچڪ مرچڪ“ جو پهرين نگران انچارج ۽ پوءِ 1997ع ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ٻارن جي مخزن ماهوار”لاٽ“ جو چيف ايڊيٽر (1993ع)، ماهوار ”گلستان“ جو ايڊيٽر (1993ع)، ٻارڙن جي ”سنڌ رنگ“ جو سب ايڊيٽر (1995ع)، ٻارن جي مئگزين ”دوستيءَ“ جو اعزازي صلاحڪار (1995ع) ۽ ”سندباد“ ڪتابي سلسلي جو سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ ماهوار ’سنڌ رنگ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار ’هزار داستان‘ جو سب ايڊيٽر، ماهوار ’ڪينجھر ‘ جو معاون ايڊيٽر ۽ ماهوار ’ڪرزما‘ ڊائجسٽ جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. جڏهن ته صحافتي حوالي سان ’خادم وطن‘، ’ڪاوش‘، ’شام‘، ’پاڪ‘، ’سرواڻ‘ سميت ٻين ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ بطور سب ايڊيٽر پنهنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سندس ترتيب ڏنل هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: ”پلئه پايو سچ“ (شاهه لطيف جي زندگيءَ بابت سوال جواب)، ”سوريءَ سزا وار“ (صوفي شاهه عنايت شھيد جي زندگيءَ بابت سوال جواب)، ”سوري سڏ ڪري“ (لطيف سنگت سنڌ جي ٻارڙن ڏانھن آزاد سمي جا خط). سندس تخليقي ڪتابن ۾: ’در ناياب‘، ’تصوف، عشق ۽ سائين جي ايم سيد‘، ’لطيفي مينو فيسٽو‘، ’داستان حلاج‘، ’عشق ڇاهي‘ شامل آهن. الطاف ملڪاڻي سنڌيڪار جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا، جن ۾: ’جيئن زردشت چيو‘ (نٽ شي)، ’طوفان‘ (رابندر ناٿ)، ’فلسفو ڇا آهي‘ (ليديا ڪور شنوا)، ’رياست ۽ انقلاب‘ (لينن)، ’چوعين لاء‘، ’تلسي داس‘، ’چئي ڀڳت ڪبير‘، ’زندگي جي ڳولا‘، ’عورت، جنس ۽ مذهب‘، ’عورت‘، ’نيرن گلن جي برسات‘، ’مجاز کان حقيقت تائين‘، ’چنگيز خان‘، ’مذهب ۽ ڌرم‘، ’نهج البلاغه‘، ’حضرت علي جا قول‘، ’جي ايم سيد جا قول‘، ’غوث پاڪ جا قول‘، ’راجا ڏاهر‘، ’شيخ سعدي‘ (سوانح حيات ۽ قول)، ’بلا شاهه جا ٻول‘، ’شير خدا جا فيصلا‘، ’خدا جي تاريخ‘، ’محبت جو فلسفو‘ شامل آهن. الطاف ملڪاڻي مخلتف ادبي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي جن ۾: سنڌي ادبي سنگت شاخ وحدت ڪالوني حيدرآباد جو ’سيڪريٽري‘، ٻارن جي دنيا سنگت سنڌ جو ’چيف آرگنائيزر‘، لطيف سنگت سنڌ جو نگران (ضلعو حيدرآباد) ۽ بزم غالب ملڪاڻي جو ”سرپرست اعليٰ“ شامل آهن. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. ادبي خدمتن عيوض کيس مختلف ادارن پاران اوارڊ پڻ مليا آهن جن ۾: مڃتا اوارڊ 1993ع (بهترين معاون ايڊيٽر طور سنڌي ساهت گهر پاران)، بهترين ڪهاڻيڪار سرٽيفڪيٽ (ڪاوش گروپ پاران)، استاد بخاري اوارڊ 2017ع (سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي)، شاهه لطيف اوارڊ 2021ع، (سنڌي ادبي سنگت سنڌ) پاران شامل آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي الطاف ملڪاڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


الطاف ملڪاڻي جا ڪتاب

تصوف عشق ۽ سائين جي ايم سيد، مصنف : الطاف ملڪاڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تصوف عشق ۽ سائين جي ايم سيد
مصنف : الطاف ملڪاڻي
عورت، جنس ۽ مذھب، سنڌيڪار : الطاف ملڪاڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عورت، جنس ۽ مذھب
سنڌيڪار : الطاف ملڪاڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ