حبيب اللہ صديقي

Author Name

مشهور تعليم دان، شاعر ۽ عالم، ڊاڪٽر حبيب الله ولد قاضي ڪريم بخش صديقي، 17 شوال 1355هه/ پهرين جنوري 1937ع تي جمعي جي ڏينهن، سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم، سنڀاليندڙن جي سرڪاري نوڪريءَ سبب سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جهڙوڪ: ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان، ٻڍاپور ۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ حاصل ڪيائين، جتان 1953ع ۾ مئٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين، جنهن بعد ٿرڙي محبت، سيتا روڊ ۽ پاٽ ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو ۽ پاٽ ۾ خانگي ثانوي اسڪول قائم ٿيڻ بعد ان سان وابسته رهيو. ان دوران ٽي. ڊي، بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان پاس ڪيائين ۽ پنهنجي ڳوٺ جي وليج ڪائونسل جو چيئرمئن ۽ تعلقي ۽ ضلعي ليول تي ٺاهيل ڪاميٽين جو ميمبر ۽ ائڊوائيزر ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ آمريڪا مان آيل هڪ محقق ڊاڪٽر جان هونيمن سان سندس تحقيق Education and Career Specialization in a West Pakistan village of Renown ۾ خاص مددگار ٿي رهيو. 1962ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو ۽ مڊل اسڪول ڪَڪڙ، ضلعي دادو ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتان ستت بدلي ڪري سپروائيزر پرائمري اسڪولز (A.D.I.S) ڪري سيوهڻ تعلقي ۾ رکيو ويو. حبيب الله صديقيءَ خانگي طور تي اعلي تعليم جاري رکندي، ايم. اي مسلم هسٽري (سيڪنڊ پوزيشن) ۽ ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن) ۾ پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ کان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1972ع ۾ سڌي ڀرتيءَ ذريعي سب ڊويزنل ايجيوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو، ان کان سواءِ پرنسپال ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس ۽ پرنسپال اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو جي عهدن تي عهدن تي پڻ رهيو. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سنڌ جي مايه ناز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ 1988ع کان سيپٽمبر 1990ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. فيبروري 1991ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’باب الاسلام سنڌ'>تاريخ باب الاسلام سنڌ‘ (1996ع، ٻه ڇاپا)، (2) Education in Sindh past and present (1987)، (3) علامه آءِ. آءِ. قاضي (1989ع)، (4) ’درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي‘ (1981ع) ۽ (5) ’رچنائون‘ (1986ع)، (6) ’وارداتون‘ (2007ع)، (7) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو پهريون: 2007ع)، (8) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو ٻيو: 2008ع)، انسان جي تاريخ جي مختلف بابن تي مهراڻ اڪيڊمي طرفان ڌار ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، (9) Pieces & Sugar Candy (1997) (مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’مصريءَ جون تڙون‘ جو ترجمو: 1997ع) ۽ ٻيا شامل آهن. تازو HEC طرفان سندس تحقيقي ڪتاب Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province (2008) تي کيس ٻه لک روپيا معاوضو ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح تي سندس لکيل ڪتاب (2010ع) Son of the Desert تي کيس بين الاقوامي مڃتا ملي آهي. سندس جاري تحقيق م تاريخ ’باب الاسلام سنڌ‘ (ڀاڱو ٻيو) کان سواءِ ’ڊيولپمينٽ آف صوفيئزم اِن سنڌ‘، ’مارشل ٽريڊيشن اِن سنڌ’، ’پرائيويٽ پيپرس آف علامه آءِ. آءِ. قاضي‘ ۽ هڪ انشائيه بعنوان ’انسان ۽ زندگي‘ هڪ ئي وقت هلي رهيا آهن. حبيب اڪيڊميءَ پاران پنهنجا ۽ ٻين ڪيترن اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) ڪيئي ڪهاڻيون (2009ع)، (2) منظوم سوانح عمريون: شاهنواز ’مسافر‘ (2007ع)، (3) ڪڙيون مٺيون ڳالهيون (2009ع).

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حبيب اللہ صديقي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


حبيب اللہ صديقي جا ڪتاب

انسان جي تاريخ (حصو پھريون)، مصنف : حبيب اللہ صديقي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسان جي تاريخ (حصو پھريون)
مصنف : حبيب اللہ صديقي
انسان جي تاريخ (حصو ٻيو)، مصنف : حبيب اللہ صديقي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسان جي تاريخ (حصو ٻيو)
مصنف : حبيب اللہ صديقي
انسان جي تاريخ، مصنف : حبيب اللہ صديقي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انسان جي تاريخ
مصنف : حبيب اللہ صديقي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ