جوهر بروهي

Author Name

’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم بروهي آهي، هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دوره تفسير جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي تعليم مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، هن مدرسه عربيه فريد آباد، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيه انور الرحمان دريا خان مري نواب شاهه مان ديني تعليم پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ”دعوه ڪورس“مڪمل ڪيو. ان دوران مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو تفسير پڙهيو ۽ تجويد ۾ استاد قاري محمد مدنيءَ وٽ تعليم پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريد آباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي.

جوهر بروهي 1972ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. ان حوالي سان براهوي ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون براهوي شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو براهوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري براهوي قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.

جوهر بروهي پنهنجي قلم ذريعي براهوي قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي براهوي ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر بروهي ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، ان حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهي. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي ، ان کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ و سرپرست اعليٰ ۽ براهوي پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (براهوي شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (براهوي نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (براهوي شاعري: 1991ع)، (5 روشنائي (براهوي شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (براهوي شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) براهوي تخليقڪار اور سوانح (2000ع)، (14) امام العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي براهوي شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي جوهر بروهي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


جوهر بروهي جا ڪتاب

نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا، ليکڪ : جوهر بروهي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا
ليکڪ : جوهر بروهي
روشني ئي روشني، ليکڪ : جوهر بروهي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
روشني ئي روشني
ليکڪ : جوهر بروهي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ