احسان بدوي
پروفيسر احسان بدوي، سنڌي ٻوليءَ جو بهترين اديب، شاعر ۽ نقاد ھو. سنڌ جي مشھور اديب ۽ اھل قلم، پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند ھو. ھن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو، سندس والد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو.
احسان بدوي مارچ 1926ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سي. اينڊ ايس. (چيلاسنگهه بجاج اينڊ سيتلداس) گورنمينت ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ ھو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن تہ ان ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ھو، ان ڪري سنڌ حڪومت، پنھنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور رکيو تہ اھي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي. اي آنرس فارسيءَ ۾، سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم دوران، شمس العلماءِ علامه دائودپوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي. اي پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيو، ۽ اڳتي ھلي سينيئر ڪلرڪ بڻيو. علم ۽ ادب سان چاھ ھئڻ جي ڪري اردوءَ ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. ھيءُ پھريون سنڌي شاگرد ھو، جنهن اردوءَ ۾ ايم. اي ڪئي ھئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پڻ ايم. اي ڪيائين.
آخرڪار، پنھنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ (اڳوڻي پرنسپال ايس. ايم، ڪاليج ڪراچيءَ) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرآباد چئي، ايس. ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو، جتي 15 سال خدمت ڪيائين.
احسان بدوي سنڌي ادبي سنگت سان بہ وابستہ رهيو. تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس ڪتاب: (1) ’تنقيد ۽ تنقيدنگاري‘، (2) ’ڊان ويسٽ‘، (3) ’انقلاب جو فلسفو‘، (4) ’منتخب ڪلام سانگي‘ (5) ’سانگي‘ فن ۽ شخصيت، اھم آھن. سندس انداز بيان سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو ھو. ھن ھڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22 نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
- ورسي: 1965-11-22
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل