سيد رکيل شاھ ڳوٺ فتح پور، علاقو گنداواه رياست قلات (بلوچستان) ۾ 10 مارچ 1846ع تي ڄائو. سندس حسب نسب جو سلسلو حضرت امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو. آباءُ اجداد کان وٺي صوفين جي سرتاج حضرت شاھ عنايت الله شاھ ”شهيد“ جھوڪ واري جا مريد آهن. ننڍي هون کان ئي فقير ۽ درويشن جو صحبتي هو، آخرڪار پاڻ به وڃي فقيري جي درجي تي رسيو. سندس وفات 10 مئي 1940ع ۾ پنهنجي ڳوٺ فتح پور (گنداواھ) رياست قلات بلوچستان ۾ ٿي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد رکيل شاھ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن