منصور قادر جوڻيجو

Author Name

ليکڪ، پبلشر، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن منصور قادر جوڻيجي جو مڪمل نالو عبدالقادر ولد محمد يوسف جوڻيجو آهي. هن 15 مئي 1958ع ۾ ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي مُلان اسڪول مان پرايائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. هن ايم. ايس. سي (فزيالاجي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 84-1983ع ۾ ڪئي. سنڌ نيوز ۽ مهراڻ اخبارن ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. مختلف اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو. هن خانگي طرح 80 واري ڏهاڪي ۾ پبلشنگ جو ڪم شروع ڪيو ۽ سندس پهريون ڪتاب ’فلسطين جي قومي جنگ‘ هو. منصور قادر جوڻيجو 1990ع ۾ سنڌ جي نگران حڪومت ۾ وزير تعليم جو او. ايس. ڊي رهيو ۽ ٻيو ڀيرو 2003ع کان 2006ع تائين وزارت تعليم ۾ پرسنل اسٽاف آفيسر رهيو. ان کانسواءِ اجرڪ پبليڪشن، مارئي فائونڊيشن، مڌرلئنڊ پبليشرز ۽ آڪاش پرنٽرس ۽ پبلشرز نالي ادارن جو بانيڪار رهيو. هن ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن، جن جو تعداد 30 ٿيندو، جن مان اهم ڪتاب هيٺيان آهن: (1) ’بنگال جو لطيف‘ (رابندر ناٿ ٽئگور 1983ع)، (2) ’بغاوت ۽ آزادي‘ (خليل جبران ترجمو: 1991ع)، (3) ’فلسطين جي قومي جنگ‘ (1982ع)، (4) ’جرنيل هوش محمد شيدي‘ (1993ع)، (5) ’شيخ اياز: تاريخ جي ڪٽهڙي ۾‘ (2000ع)، (6) ’سنڌ ورهاڱو ۽ سازشون‘ (2002ع)، (7) ’سنڌ جا شهيد‘ (1985ع)، (8) ’سنڌي ٻوليءَ جا شهيد‘ (1985ع)، (9) ’دنيا جا عظيم فلسفي‘ (2004ع)، (10) ’حر تحريڪ‘ (2004ع)، (11) ’جناح پور تقسيم سنڌي ڪي سازش‘ (1994)، ”تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين“ ( 2019ع)
ان کان سواءِ هن محترمه حميده کهڙو جا هيٺيان ڪتاب ڇپايا ۽ ترتيب ڏنا: (1) تاريخ جو پلاند، (2) محمد ايوب کهڙو: جرئتمندانه سياسي زندگي (2000ع)، (3) سنڌ ماضي حال مستقبل (2006ع)، (3) ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو: عدالتي بيان (1990ع).

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي منصور قادر جوڻيجو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


منصور قادر جوڻيجو جا ڪتاب

تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين، سنڌيڪار : منصور قادر جوڻيجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين
سنڌيڪار : منصور قادر جوڻيجو
ماڪ ڦڙا لڙڪ ڦڙا، مصنف : منصور قادر جوڻيجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماڪ ڦڙا لڙڪ ڦڙا
مصنف : منصور قادر جوڻيجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ