فقير محمد لاشاري جي والد جو نالو محمد حسن لاشاري هو. هو 4 سيپٽمبر 1951 تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ وارهه هاء اسڪول مان 1968 ۾ پاس ڪيائين. هو ڳوٺ جو واحد ماڻهو هو جيڪو 1968 ۾ به انگريزي اخبار گهرائي پڙهندو هو. گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾ بي اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس 1974ع ۾ ۽ لاڙڪاڻي مان 1979ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شروعات ۾ هو استاد ٿيو پر سياست ۾ گهري دلچسپي هجڻ ڪري مدلل بحث ڪندو هو. ڪجهه وقت هن اخبارن لاءِ وارهه مان رپورٽنگ به ڪئي پوءِ اتان ئي صحافي لڏي ۾ لاڳاپا شروع ٿيس. شروع ۾ هن سياست ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي ڪم ڪيائين.
هن اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن سندس لکڻين کي گهڻي موت ڏني. سندس قلم ۾ هڪ لوچ ۽ سوچ سمايل هئي جيڪا پڙهندڙ کي جلد متاثر ڪندي هئي. 1972 ۾ ڪراچي اچڻ کانپوء هن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي سان به پاڻ ملهايو ۽ 7 سال سنگت سان گڏ رهيو ۽ ان سان گڏ لاشاري صاحب مختلف مضمون، ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيون. ان دوران هن جا مضمون ۽ لکڻيون گهڻو مشهور ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻي هو ف م لاشاري طور مشهوري ماڻي چڪو هو. فقير محمد لاشاري پنهنجي صحافتي سرگرمين جي شروعات هڪ اردو اخبار جي رپورٽنگ سان ڪئي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي اخبارن، رسالن جو ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر رهيو.
صحافت ۾ رهندي فقير محمد لاشاري جي ادب دوستي، ادبي ڄاڻ، ڏيهه ۽ عالمي حالتن تي عبور کي محسوس ڪندي روزانو عوامي آواز ۾ کيس چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عوامي آواز ۾ پهچڻ شرط سندس جا ايڊيٽوريل سنڌي صحافت جي جان بڻجي ويا ۽ هر هڪ سنجيده ادب سياست جو شعور رکندڙ سنڌين محسوس ڪيو ته عوامي آواز اخبار به هاڻي سنڌي صحافت ۾ قابل اعتماد نالو، تحريڪ ۽ جدوجهد جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. لاشاري سال 1979ع ۾ هلال پاڪستان ۾ ملازمت ڪئي ۽ سال 1988ع ۾ عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد خبر پڙهي ته لاشاري عوامي آواز جي ايڊيٽرشپ تان پاڻ استعيفا ڏني. دراصل هو آزاد سوچ ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. سندس صلاحيتون ڪنهن حڪم جون محتاج ڪونه هيون. هن روزانه جاڳو ۾ پنهنجا ايڊيٽوريل لکيا. اخبار ۾ اهڙا ته ايڊيٽوريل لکندو رهيو جو اڪثر ماڻهو صرف ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ ئي اخبار خريد ڪندا هئا.
هن ادب ۾ 800 کان وڌيڪ مضمون لکڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ادب ۾ سال 1985ع ۾ ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتي جي دانهن“ 1988ع، ”سنڌ جا سور“ 1988ع، ۽ ”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق تائين“ 1993ع جهڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪيا، ف م لاشاري جي ادب جو تجزيو ڪبو ته سندس مضمون ۽ تقرير ۾ فلسفو گهڻو هوندو. ڇاڪاڻ ته هو پئسي وارن اديبن وانگر خيالن جي عياشي نه ڪندو هو. پر هو هيٺئين ڪلاس جي حالتن کي دنيا جي انقلابن ۽ فلسفن ساڻ ملائيندو، ٻڌائيندو هو. تنهن ڪري عام پڙهندڙ شروع شروع ۾ سندس مضمون آساني سان نه سمجهي سگهندو هو. پر لاشاري ان کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ عام حوالا ۽ تشبيهون ڏيندو هو.
نه صرف صحافت پر هن ادبي ميدان ۾ ڪهاڻيون به لکيون. انکانسواء هو هڪ بهترين نقاد پڻ هو.صحافت ۾ رهندي هن جو قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن هو پاڻ به ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو. کيس خريدڻ جي گهڻي ڪوشش ٿي، هن کي ڌمڪايو ويو ، لالچايو ويو پر سندس قلم آزاد رهيو. هن صحافت کي جديد لاڙا ڏنا ۽ سچ جو ساٿاري رهيو، صداقت جو پيغام بهادري سان ڏيندو رهيو..
هن بحيثيت صحافي نيپال، برطانيه، آمريڪا جا پڻ سفر ڪيا ۽ انهن پرڏيهي سفرن تي هن ڪتاب پڻ لکيا. فقير محمد لاشاريءَ جا 9 ڪتاب لکيل آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي ف م لاشاري ، ڊاڪٽر اسماعيل اوٺيجو، جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو سان گڏ 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا جنهن ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ ف م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو زخمي ٿي پيا (جڳديش ملاڻي به ڪجهه ڏينهن کانپوء وفات ڪري ويو). کيس اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض 1995ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران ستاره امتياز ڏنو ويو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فقير محمد لاشاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن