محمد حسين ڪاشف
سنڌ جو برک اديب، استاد، محقق ۽ لطيف شناس محمد حسين ڪاشف 3 فيبروري 1930ع ۾ چمبڙ شھر [ضلعي ٽنڊي الھيار] ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو. 1962ع ۾ ‘اديب عالم’ پاس ڪيائين. اڳتي هلي هيڊماستر ٿيو ۽ جنوري 1990ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. علم، ادب، تحقيق ۽ لطيف شناسيءَ سان کيس ابتدا کان وٺي لڳاءُ هيو، جيڪو زندگيءَ جي آخري پساهن تائين جاري رهيو. محمد حسين ڪاشف وٽ هزارين ڪتابن تي مشتمل هڪ لائبريري موجود رهي، جنھن ۾ تاريخ مذهب، تصوف، لطيفيات ۽ علم ادب جي هر موضوع تي سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ناياب ڪتاب موجود رهيا. محمد حسين ڪاشف ادبي دنيا ۾ 1949ع ۾ ‘قوم جا پاسبان’ عنوان سان مختلف اخبارن ۾ مضمون لکيا. هن جي ادبي تربيت مولانا غلام محمد گراميءَ ڪئي. شيخ محمد اسماعيل هن جو تعليم کاتي کان وٺي ادبي دنيا جو همسفر ۽ هم رفيق رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس ۾ ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ريسرچ سينٽر’ جو انچارج رهيو ۽ جڏهن ڪمشنري نظام ختم ڪيو ويو تہ هن کي ڪمشنر آفيس مان ڪمرو خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ۽ تاج جويو سيڪريٽري هئا، جن جي مشوري سان هن اتي پيل قيمتي مواد (خصوصاً شاھہ لطيف جي قلمي نسخن، ڇاپن، رسالن، تصوف وغيرہ بابت ڪتابن تي مشتمل ٻن الماڙين سميت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هڪ ڪمري ۾ آڻي رکيا، جتي ڪيترن مھينن تائين پگهار نہ ملڻ جي صورت ۾ بہ تحقيق ڪندو رهيو ۽ شاھہ لطيف جي رسالي جي سڄاڻي (انسائيڪلوپيڊيا) تي ڪم ڪندو رهيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سُرن تي ڪم مڪمل ڪري ورتائين. علم دوست اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگيءَ اڳتي هلي سندس پگهارن جو تفاوتي بل منظور ڪرايو، پر هيءُ پورهيت اديب ڇھن مھينن تائين چمبڙ کان روزانو حيدرآباد اچي پنھنجو ڪم فرض شناسيءَ سان ڪندو رهيو. محمد حسين ڪاشف لطيف سائينءَ جو وڏو پارکو هو. ان حوالي سان سندس تحقيقي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ڪنڌيءَ ڪئونر ٽڙن (مارچ 1990) (2) لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهہ (2005) (3) شاھہ جي رسالي جي سڄاڻي (ڀاڱو پھريون: 2010ع) (4) شاھہ لطيف جي سڄاڻي (ڀاڱو ٻيو: 2011). شاهہ، سچل ۽ خليفو نبي بخش قاسم: ثقافت کاتي ۲۰۱۲ع ۾ شايع ڪيو. سڀيتا جا سونھان: ثقافت کاتي پاران سيپٽمبر ۲۰۱۲ع ۾ ڇپيو. شاهہ جو ڪلام مقدار ۽ معيار: هن ڪتاب ۾ آيل موضوع “شاهہ جي ڪلام جو مقدار يا معيار”، “شاهہ جي رسالي جي تحقيق ۽ تشريح”، “پلئہ پايو سچ”، “لطيف جي ڪلام جي قلمي نسخن جو اڀياس”، “شاهہ جو رسالو شاهہ جو ڪلام جلد پنجين جو جائزو”، “ٻانھي خان شيخ جي مرتب ڪيل شاهہ جي رسالي جو جائزو”، “عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل شاهہ جي رسالي جو جائزو” ۽ ٻيا آهن.
ان کان سواءِ محمد حسين ڪاشف جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ‘سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم’ (2008) (2) وتايو فقير (ترتيب): هي محمد حسين ڪاشف جو ترتيب ڏنل ڪتاب محترم عبدالقادر منگيءَ (ڪنوينر وتايو فقير ادبي ڪانفرنس) پاران 2006ع ۾ ڇپرايو ويو، جنھن ۾ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مختلف عالمن جا مقالا شامل آهن. هن کي ‘لطيف ايوارڊ’، ‘صدارتي اوارڊ’ (پرائز آف پرفارمنس) سان گڏ مختلف 21 اوارڊ مليا.
آخري عمر ۾ پاڻ دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيو، سندس دل جا چار وال بند هئا، ڊاڪٽرن کيس ٻاهرين ملڪ علاج جو مشورو ڏنو پر هو وسيلن جي اڻ هوند سبب ڊاڪٽرن جي تجويز ڪيل دوائن تي چئن سالن تائين وڏي همٿ سان زندہ رهيو. 13 سيپٽمبر 2012ع تي رات جو مٿس دماغي فالج جو حملو ٿيو. مسلسل ڪوما ۾ رهڻ بعد هن 25 سيپٽمبر 2012ع جي رات جو اٺين وڳي دم ڌڻي حوالي ڪيو، کيس اباڻي قبرستان چمبڙ ۾ دفن ڪيو ويو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل