گل محمد سومرو

پروفيسر گل محمد سومري جو جنم 20 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ لقمان ضلع خيرپور ميرس ۾ ٿيو. پاڻ ھڪ ناليوارو تعليمدان، ليکڪ، شاعر ۽ دنيا جي مشھور پبلشنگ اداري آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان جو سنڌي مضمون جو مصنف ۽ ٽرينر پڻ آھي. گذريل 26 سالن کان سنڌ جي گاديءَ واري ھنڌ ڪراچيءَ ۾ ھڪ استاد جي حيثيت سان بيڪن ھائوس اسڪول سسٽم ۾ ذميواريون سر انجام ڏئي رھيو آھي ۽ شام جي وقت پريڪٽيڪل ڪوچنگ سينٽر ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رھيو آھي. 
تعليمي لحاظ کان پروفيسر گل محمد سومرو شروعاتي تعليم ڳوٺ لقمان خيرپور ميرس مان حاصل ڪئي، اھڙي طرح ميٽرڪ ”ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور“ ۽ انٽر ”سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس“ مان حاصل ڪئي. بي ايس سي (اسٽيٽسٽڪس) ۽ ايم اي ”سنڌي“ جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان حاصل ڪئي. جنھن کان پوءِ ھمدرد يونيورسٽي ڪراچي مان بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪري، اقرا يونيورسٽي ڪراچي مان ايم فل ايجوڪيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ايم ڦل ۾ تحقيقي مقالو (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ ليجنڊ تعليمدان) تي تحقيقي ڪم ڪيل آھي.
پروفيسر گل محمد سومرو نصابي توڙي ادبي 14 ڪتاب  لکيا آھن، جن ۾ 8 نصابي (سنڌي) ڪتاب آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان پاران ڇپيل آھن. جيڪي سنڌ جي مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙھايا وڃن ٿا. نصابي حوالي سان ھڪ ڪتاب ”سنڌ جي سُرھاڻ“ (ڏھين درجي جي شاگردن لاءِ) پڻ ڇپجي چڪو آھي. ان کان سواءِ 5 ادبي ڪتاب لکيا آھن. انھن ڪتابن ۾ (1) اڻپوري خواھش (ڪھاڻيون) 2022، (2) خيالن جي خوشبو (شاعري) 2024، (3) مايا (ڪھاڻيون) 2025، (4) حقن کان محروم (مضمون) 2025، (5) منھنجو فرض لکڻ (مضمون) 2025 شايع ٿي چڪا آھن. پروفيسر گل محمد سومرو آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول ٽيچرس ائسوسيئيشن جو سرواڻ آھي. روزاني اجرڪ اخبار ڪراچي جو چيف ايڊيٽر ۽ روزاني آجيان اخبار شڪارپور ۾ اعزازي ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رھيو آھي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو ميمبر پڻ آھي. 
مڃتا ايوارڊ
پروفيسر گل محمد سومرو کي تعليمي خدمتن ۽ ادبي ڪارڪردگين جو قدر ڪندي مختلف تعليمي ادارن ۽ تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آھن. جن ۾ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (2005) دي ايجوڪيٽر اسڪول، بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (2007) ميٽروپوليٽن اڪيڊمي ڪراچي، بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (2016) چنيوٽ اسلاميه پبلڪ اسڪول ڪراچي، بھترين ڪالم نگار (2022) روزاني ايڪتا اخبار، بھترين ليکڪ ايوارڊ (2023) گلوبل مائينڊ ھيومنٽيريئن)، بھترين استاد جو ايوارڊ (2025) ”ايجوڪيشن اينڊ ڪلچر سمٽ“، بيسٽ ايجوڪيشنسٽ ايوارڊ (2025) وزنري ڪلچر سمٽ، بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (2025) آسان ڪيريئر)، شاھين پاڪستان ايڪسيلينس ايوارڊ (2025) آسان ڪيريئر پاران 2026 ۾ انفليوئنسر ۽ ليڊر ايوارڊ ۽ بھترين ڪارڪردگيءَ تي بيشمار سرٽيفڪيٽ مليا آھن، جن ۾ تازو ھن سال 2026 ۾ بيڪن ھائوس اسڪول سسٽم پاران سائوٿرن ريجن ۾ سنڌي سبجيڪٽ جي ساليانن امتحاني نتيجن ۾  نمايان ۽ بھترين نتيجا اچڻ تي بھترين ڪارڪردگيءَ جو سرٽيفڪيٽ مليو آھي.

  • جنم: 1976-02-20
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image