لعل پشپ

سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ لعل پشپ جو جنم پھرين جنوري 1936ع تي ماھوٽا ۾ ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو پھريون جديد ناول لعل پشپ جو لکيل آھي، جنھن جو نالو آھي. ”هُن جي آتم جو موت“ ۽ ھيءُ اھو ناول آھي، جنھن کي اڄ تائين ڪو بہ سنڌي ناول اورانگهي نہ سگهيو آھي.
لعل پشپ سنڌي ٻوليءَ جو ماڊرن ليکڪ آھي جنھن سنڌي ڪھاڻي ۽ ناول کي جديديت جا رنگ ڏنا. ھُن سنڌي ٻوليءَ کي ويھارو کن ڪتاب ڏنا آھن، جيڪي سڀ جا سڀ ياد رکڻ جھڙا آھن ۽ سنڌ ۾ ٻيھر ڇاپڻ جھڙا آھن. پاڻ 20 سال ”پرھہ ڦٽي“ ميگزين جو ايڊيٽر رھيو. ھُو آخري ڏينھن ۾ پنھنجي ڏهن جلدن تي آڌاريل آتم ڪٿا لکي رهيو ھُئو، جنھن جا پنج جلد شايع ٿيا تہ موت ھُن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو. لعل پشپ 20 مارچ 2009ع تي وڇڙي ويو.

  • جنم: 1936-01-01
  • ورسي: 2009-03-20
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب