علي محمد ”درد“ سولنگي

Author Name

علي محمد ’درد‘ ولد مير محمد سولنگي 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد، ڦلجي اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ ڦلجي اسٽيشن هاءِ اسڪول مان، ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ڪيائين. ان کان سواءِ پي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس پڻ ڪيل اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاران ڪئي. سندس شاعري، مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. علي محمد سولنگي شاعر، نثر نويس سان گڏ پبلشر ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. هن دادو شهر مان ’خوشبو‘ مئگزين جاري ڪئي. بعد ۾ ’نئين خوشبوءِ‘ مئگزين جاري ڪيائين. جنهن جا ڪيترا شمارا جاري ٿيا، ان کانسواءِ ماهوار ’سونهن‘ اسلام آباد جو سب ايڊيٽر، ماهوار اردو رسالي ’دوستي‘ جو باني پڻ رهيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. علي محمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ آهي. هن 2012ع ۾ ثقافتي ادبي فورم دادو جو بنياد وڌو. هيءُ قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ٻار گلن جا هار (ٻاراڻي شاعري: 2005ع)، چاهتن جا گلاب (شاعري) 2006ع، چاهتن جي موٽ (شاعري) 2008ع، هڪ شام جو الميو (ڪهاڻيون) 2012ع، موتين داڻا (ٻارن لاءِ شاعري) 2017ع، وڃائجي ويل رنگن جو احساس (شاعري) 2020ع، قدر منجهہ ڪنار (پروفائل انٽرويو) 2021ع، منھنجي سنڌ لڙھي وئي (وايون) 2022ع قابل ذڪر آهن. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڪتاب ’ٻار گلن جا هار‘ تي 2005ع اوارڊ، ماهوار هالار طرفان سرٽيفڪيٽ، روزاني فاسٽ ٽائيم لاڙڪاڻي طرفان بهترين شاعر اوارڊ شامل آهن. هيءَ هن وقت دادو ۾ رهائش پذير آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي علي محمد ”درد“ سولنگي جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


علي محمد ”درد“ سولنگي جا ڪتاب

وڃائجي ويل رنگن جو احساس، مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
وڃائجي ويل رنگن جو احساس
مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي
قَدرُ منجهہ ڪِنار، ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
قَدرُ منجهہ ڪِنار
ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي
موتين داڻا، مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
موتين داڻا
مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي
منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي، ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي
ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي
سھڻا ٻار، مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سھڻا ٻار
مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي
ڪاش!، مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪاش!
مصنف : علي محمد ”درد“ سولنگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ