محسن ڪڪڙائي

سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد شاهه ”تراب“ لڪياري ولد حافظ ابراهيم شاهه 4 جولاءِ 1937ع تي ڪڪڙ- دادو ۾ جنم وٺي، سنڌ ۽ هنڌ ۾ شاعر ’محسن ڪڪڙائي‘ جي نالي سان سڃاڻپ ۽ مشهوري ماڻي. پاڻ پرائمري تعليم کان پوءِ اديب سنڌي، اديب عالم- اديب فاضل، بي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ جا امتحان پاس ڪيائون ۽ 40 سال تعليم کاتي ۾ هڪ اُستاد ۽ منتظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. محسن ڪڪڙائي گھڻو عرصو سيڪنڊري استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ ۾ رهيو. هن شاعريءَ جي شروعات 52-1951ع ۾ ڪئي. سندس شمار نظم ۽ غزل جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. 
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ 1. امنگون، 2. ليلا جا خط، 3. سوري چيو سچ، 4. سونهن جي ساڃاھ ۽ 5. ڪنهن جي ماٺ ميار شامل آھن. سندس اڃ ڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري، انار ڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٺڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪراءِ اولياءِ سنڌي، اربيلا عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوانِ محسن ۽ ٻيا شامل آهن.
محسن ڪڪڙائي جو ڪلام ريڊيو پاڪستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پڻ نشر ٿيندو رهي ٿو سندس غزل ۽ قومي نغما به تمام مشهور اٿس هن جي شاعري نظم جو اثر ٻين ملڪن تائين به پهتو آهي سندس هڪ لکيل نظم جو ترجمو ڀارت ۾ چوڏهن زبانن ۾ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪين نه آهي اهو ترجمو ڀارت جي مشهور ادبي اداري (ڀارتيه گيانپيٺ ساهتيه اڪيڊمي ) پاران ڪرايو ويو محسن ڪڪڙائي رڳو سنڌي زبان جو شاعر ناهي هن اردو زبان ۾ به پنهنجي ڏات جو اظهار شاعري جي صورت ۾ ڪيو آهي محسن ڪڪڙائي کي اهيو به اعزا حاصل آهي ته سندس سنڌي زبان وارو ڪلام اردو زبان جي زينت بڻجي ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي سندس ترجمي وارن ڪتابن جا نالا هن طرح آهن ڪتاب ( موج موج مهراڻ ۽ مهراڻ ڪي ڦول ) منجهه ڇپجي چڪا آهن محسن ڪڪڙائي پنهنجي ڏات منجهان پنهنجي شاگردن کي پڻ ڏات جي ڏيئن سان روشناس ڪرايو جن ۾ وفا ناٿن شاهي ، ريڊيو جو ديوانو لسنئر مشهور شاعر مرحوم ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، آثم ناٿن شاهي ، ساحر ٿهيم ، مارو جمالي کي شاگردي جا سڀ گر سيکاري شاعرن جي صنف ۾ پاڻ ڀريو ڪري بيهاريو .  محسن ڪڪڙائي 2 اپريل 2005 ۾ وفات ڪئي.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image