سڪندر ھاڙھو

Author Name

سڪندر علي ھاڙھو   ولد معشوق علي ھاڙھو جي پيدائش 3 جون 1987ع تي  ڪالا مڪان ڊرب محلا شھر شھدادڪوٽ ۾ ٿي. پرائمري تعليم جي شروعات پنهنجي آبائي شھر جي پرائمري سردار محمد بخش خان کھاوڙ اسڪول ۾ حاصل ڪئي جنهن کان پوء غربت ھجڻ سبب ڪيتروئي وقت پورھيو ڪندي گذريس پر ھمٿ نہ ھاريندي وقت گذرڻ باوجود ميٽرڪ جي تعليم  شھدادڪوٽ جي سيڪنڊري اسڪول مان ۽ انٽر جي تعليم پنهنجي شھر  شھدادڪوٽ  جي ھائير سيڪنڊري اسڪول مان 2013ع ۾ مڪمل ڪيائين. 

پيشو : مزدوري 
شاعريء ۾ استاد: عبدالله اطھر  
شاعريءَ جي شروعات : 2000 کان 
پسنديدہ صنف: غزل، گيت، وائي 

ڇپيل ڪتاب:

 (1) مينھن ڪڻيون (شاعري) 2017ع ۾ مرڪ پبليڪيشن ڇپيو
(2) روشنيءَ جا رنگ (گڏيل شاعري جو مجموعو) سن 2018ع ۾ مرڪ پبليڪيشن  ڇپيو
(3) پرھ ڦُٽيءَ جا پنڌ (گڏيل  وائين جو ڪتاب) 2019 ۾ شھيد راڻي پبلڪيشن ڇپيو جنهن جو مرتب مبين اڄڻ آهي
(4) پنج آڱريون (ڪھاڻيون) مرڪ پبليڪيشن 2021ع ۾  ڇپيو


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سڪندر ھاڙھو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سڪندر ھاڙھو جا ڪتاب

مينهن ڪڻيون، ليکڪ : سڪندر ھاڙھو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مينهن ڪڻيون
ليکڪ : سڪندر ھاڙھو
پنج آڱريون، مصنف : سڪندر ھاڙھو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پنج آڱريون
مصنف : سڪندر ھاڙھو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ